سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :19

سلام ۽ سنيها

محترمي ايڊيٽر صاحب

السلام عليڪم. پڙهندي هڪ فقرو هٿ لڳو اٿم.

’اطهر چيو – ”بي انداز ۽ ڳاڻاٽي کان ٻاهر ڪتبا مليا آهن، پر ڪنهن به دڙي تان اها مهر نه ملي آهي، جيڪا ’موهن جي دڙي‘ جي زبان جي ڪنجي ثابت ٿئي. ان ڪنجيءَ جي نه ملي سگهڻ ڪري، اسان جي تهذيب، دنيا جي ’قديم ترين زبان‘ جي املهه ورثي کان محروم رهجي ويندي“.

مون چيو – ”مرده زبانن کي ڳولڻ وارا! اڄ تنهنجي آڏو، جيڪو جيرين جاڳندين زبانن کي قتل ڪيو ٿو وڃي، ان جي باري ۾ تنهنجي ڇا راءِ آهي؟“

(ڪرشن چندر – موهن جي دڙي جو خزانو)

ٿي سگهيوَ ته ’پنجابي گلڊ‘ جي شهادت تي ايڊيٽوريل نوٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکندا.

-تنوير عباسي

محترمي تنوير صاحب عباسي -  وعليڪم السلام. اوهان جو انتخاب ڪيل. علمي ٽڪرو پهتو. ’زبان‘ جي باري ۾ نهايت فڪر انگيز خيال آهي. ’پنجابي گلڊ‘ جي شهادت، ٻن زوروارين ڌيرين جي باهمي ڪشمڪش جي ڪري ٿي گذريو. ان جا اسباب تفصيل سان ڪين آيا آهن. هڪ ذريعي کان معلوم ٿيو آهي ته ’پنجابي گلڊ‘ اصولي طور ختم نه ڪئي ويئي آهي، البته ان جا موجوده عهديدار ۽ اراس ڪين هٽايا ويا آهن، جيئن انهن جي جاءِ تي ڪي ٻيا چونڊي سگهجن. انهن تي الزام اهو هنيو ويو آهي ته هنن ’پنجابي زبان‘ جي سلسلي ۾، ملڪ جي ’قومي زبان‘ اردوءَ متعلق ڪي ناشائسته لفظ استعمال ڪيا آهن. اگر اهو سچ آهي ته پوءِ ايتري ڳالهه تي ، افهام تفهيم کان ڪم وٺن ها ته غلط فهمي دور ٿي وڃي ها. تبادله خيالات کان پوءِ، ڀلي ته ڪنهن هڪ اڌ ماڻهوءَ تي تاديبي ڪارگذاري ڪن ها. تنبيهه ڪري ڇڏن ها. ۽ آئينده لاءِ احتياط کان ڪم وٺڻ جو تاڪيد ڪري ڇڏين ها، ته منهنجي خيال ۾ اهو درست قدم ڪوٺجي ها. ان جي مقابلي ۾ پوري گروپ، کي نااهل قرار ڏئي ’گلڊ‘ کي ٽوڙي ڇڏڻ بلڪل سخت قدم چئي سگهجي ٿو. اهو گويا علائقائي زبانن جي آزاديءَ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ ’جهاٽڪي‘ جي رسم کي زنده ڪرڻ جي مترادف آهي. اگر اهو سلسلو ’جائز‘ رکيو ويو ته پوءِ پشتو، گجراتي، ملتاني، سنڌي ۽ بلوچي متعلق به اهڙي ناخوشگوار فيصلي جي توقع رکي سگهجي ٿي. بهرحال تفصيل جو انتظار آهي. ٻنهين طرفن کان اڃان ڪابه پڌرائي ڪانه آئي آهي. – والسلام – غ. م گرامي.

محترمي ايڊيٽر صاحب – ’مهراڻ‘ حيدرآباد سنڌ.

السلام عليڪم – ’مهراڻ‘ 26ع جو 4 جلد مطالع ڪيو ويو. ’مهراڻ‘ پنهنجي معياري روايت کي قائم رکي، سنڌي ادب ۾ مثالي نقش قائم رکيو آهي.

هن صحبت ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ۽ فن متعلق عرض ڪرڻو آهي.

ريڊيوپاڪستان، حيدرآباد جي پروگرام، سنڌي خبر چار، ڳوٺاڻي ڪچهري، راڳ رنگ متعلق اخبارن ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ۽ ’مهراڻ‘ ۾ راڳ متعلق، چڱي مفصل انداز ۾ سندن ياددهائي ڪئي ويئي آهي. اگر راڳ جو معيار ايترو ڪري چڪو آهي ته پوءِ اهو افسوسناڪ امر ٿيندو. سنڌ جي هڪ ئي ريڊيو اسٽيشن آهي. ان تي اگر سنڌي راڳ کي صحيح ۽ شڌ نموني ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو ڪو انتظام نه رهيو ته پوءِ رڳو ’خبرن‘  لاءِ ته ريڊيو جي خاص ضرورت نه آهي. خبرن چارن، ۽ محفلن ۽ مجلسن، ڊرامن ۽ ڪچهرين لاءِ ته اخبارون ۽ رسالا به ڀريا پيا آهن.موجوده فلمن ته ڊرامي جي فن کي زندهه ۽ سستو ڪري ڇڏيو آهي، هر ڪو غريب غربو پيو فلم ڏسي. ريڊيو لاءِ اهو ضروري آهي ته خالص سنڌي تهذيب ۽ سنڌي راڳ کي سنڌي فن موجب ترتيب ڏين ۽ پوءِ نشرڪن. اهو به افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته خاص سنڌي راڳڻيون به فلمي طرز تي ڳايون ٿيون وڃن. ڇا ڀيروي ۽ ڪوهياري، راڻي ۽ تلنگ کي سنئون سڌو، مروجهّ لئي ۽ ڌُن ۾ نٿو ڳائي سگهجي ڇا؟  ائين ڪرڻ سان ته ٻڌندڙن جا ڪَنَ، ان غير سنڌي فن جو ڄاڻندڙ ۽ سمجهندڙ! ان لاءِ ريڊيو وارن کي خالص سنڌي راڳ ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي.

اڄ ته ’ڪل جديد لذيذ‘ جي مصداق، نوان نوان فنڪار ڳولي هٿ ڪرڻ گهرجن. هن وقت تائين، سالن کان ٻه چار فنڪار ئي ٻڌندا پيا اچون، سونو خان، ابراهيم، روبينه، مصري فقير، خادم سروري، فقير امير بخش، صادق علي، جمن، مولي ٻائي، خميسو بينن وارو، مصري بينن وارو، نارو ڀڳت، پريتمداس، زرينه بلوچ، گل حسن شاهه، سشيلا مهتاڻي، عبدالغفور وغيره ته لازمي طور پيا ڳائين، ڪڏهن ڪڏهن ڪو هڪ اڌ نئون آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

اهو ته چڱو ٿيو، پر سنڌ ته اڃا به فنڪارن سان ڀري پيئي آهي، ڪيئي باذوق ۽ سريلا فنڪار اڃا تائين ريڊيو تي نه آيا آهن. انهن کي ڇو نه ٿو موقعو ڏنو وڃي. يا اهي اچن ٿا ته انهن کي هروڀرو ناپاس ڇو ٿو ڪيو وڃي. اهڙن ۾ ڪهڙي فني ڪوتاهي آهي جو هو ريڊيو تي اچي نٿا سگهن!

ان طرح ريڊيو وارا فوت شده شاعرن جو ڪلام ته نشر پيا ڪن، پر جيئرن سان جهيڙو لڳو اچين! مزو اهو آهي ته ريڊيو وارا ڪنهن به هڪ اصول جا پابند ڪين ٿا رهن. فوت شده بزرگن ۾ لطيف، سچل، بيدل، مصري شاهه ۽ زمان شاهه، رکيل شاهه جو ڪلام نشر ٿئي ٿو، پر ٻين فوت شده شاعرن ، حمل، بلبل، بيڪس، ٻڍل، خادم، واصف، نياز، قليچ، مراد فقير،حامد، حافظ حيات شاهه، حافظ شاهه ٽکرائي مخلص ۽ صغير جو ڪلام يا ته مورڳو اچي ئي ڪونه ٿو، پر جي اچي ٿو ته تمام ٿورو! ۽ ڪنهن هڪ اڌ جو.

ان طرح زنده شاعرن ۾ سنڌ جا سڀ مشهور ۽ وڏا شاعر، نظرانداز ڪيا ويا آهن، طالب الموليٰ، خليل، سرشار، اياز، رشيد لاشاريءَ، احسن، ضياء، خواب، حامي، شيخ راز، احسن الهاشمي پارن جو ڪلام ڄڻ ته قابل توجھ آهي ئي ڪونه!

ان جي مقابلي ۾، پير محمد، پياسي، ۽ محمدجمن هالي، جو ڪلام پيو ٻڌجي، ان طرح ڪڏهن ڪڏهن مشهور شاعر جو ڪلام به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، باقي ٻين شاعرن جو ڪلام ڪڏهن به نشر نه ٿيو آهي. وري ريڊيو جي ملازمن منظور نقويءَ، مظهرحسين ’جوش‘ محمد خان غنيءَ ۽ خادم سروريءَ جو ڪلام به نشر ٿيندو رهي ٿو. ان جي مقابلي ۾ ٻيا ڪيترا شاعر آهن جن جو ڪلام به نشر ڪرڻ جي لائق آهي، انهن کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي؟

زندهه شاعرن جي مسئلي تي سوچڻ لاءِ اردوءَ وارن جومثال به اڳيان رکڻ جهڙو آهي جتي غالب ۽ مير، جو ڪلام نشر ٿئي ٿو، اتي فراق، فيض، جوش، احسان دانش، جو ڪلام به باقاعدي نشر ٿئي ٿو. آخر سنڌ جي وڏن ۽ مشهور شاعرن، ڪهڙي ٻلي ماري آهي جو سندن معيار، پير محمد پياسيءَ ۽ جمن هالي کان به ڪريل تصور ڪيو ٿو وڃي؟

نئي ٽهيءَ ۾ تنور عباسي، امداد حسينبي، شبير هاتف، نياز همايوني، بشير مورياڻي، شمشيرالحيدري، شعبان بخت، ’محسن‘ ڪڪڙائي، بردو سنڌي، پروانو ڀٽي، تاج بلوچ وغيره اڃا ان لائق نه بنيا آهن جو سندن ڪلام ريڊيو تان نشر ٿي سگهي؟ جڏهن اردو نشريات ۾ اردو جي نوجوان ۽ ترقي پسند شاعرن جو ڪلام، لاهور ۽ ڪراچيءَ سوڌو نشر ٿي رهيو آهي.

اگر ائين چيو وڃي ته نون شاعرن جو ڪلام ععياري نه آهي، ته پو اهو سندن چوڻ ناڪافي ٿيندو. سنڌ جي مشاعرن ۾ انهن جي شرڪت لازمي سمجهي وڃي ٿي، انهن  جو ڪلام داد به سڀني کان زياده حاصل ڪري ٿو. ٻيو ته ’مهراڻ‘ جنهن احتياط ۽ فني صحت سان انهن جي ڪلام کي شايع ڪري ٿو، اهو خود پنهنجي جاءِ تي هڪ دليل هي، ’ادب‘ ۽ شاعريءَ سان، جيترو تعلق ’مهراڻ‘ جو آهي، اهو ظاهري آهي. سنڌي ادب جي نمايده ۽ معروف شاعرن ۽ اديبن جو ڪلام منجهس جنهن فني اعتبار سان چپجي ٿو، اهو سَنَد جو درجو رکي ٿو. نه معلوم ’ريڊيو‘ وارن وٽ ڪهڙا قدر ۽ معيار آهن، جن کي اڳيان رکي، نون شاعرن جو ڪلام نشر نٿو ٿي سگهي.

اگر چيو وڃي ته نون شاعرن جو ڪلام نٿو ملي سگهي، يا نوان شاعر ، ريڊيو تي اچڻ شايد پسند نه ٿا ڪن، ته پوءِ اهو به توجهه طلب مسئلو آهي. آخر ريڊيو وارا، انهن کي پنهنجي تعلقات ۾وٺڻ کان ناڪامياب ڇو رهيا آهن؟ ان جا اسباب ڪهڙي آهن، ڪجهه ته ان تي به روشني وجهڻ گهرجي.

ان طرح ڊراما به گهڻو ڪري، اردوءَ تان ترجمو ڪري نشر ڪيا ٿا وڃن. ڇا سنڌيءَ ۾ ڪو ڊرامه نويس نه رهيو آهي ڇا؟

رڪارڊن جي سلسلي ۾ پڻ اهائي شڪايت هلندي اڇي. هميشه پراڻا رڪارڊ وڄايا وڃن ٿا. چندر، جيوڻي، ڪنور ڀڳت، ابراهيم ، سونا خان ورهين کان ٻڌندا اچون. حالانڪه ٻين ڪيترن نون فنڪارن جا پڻ سٺا سٺا رڪارڊ ملي سگهن ٿا.

اڳ ڳوٺاڻي ڪچهري، نهايت وندرائيندڙ هوندي هئي. فتح خان جو ڪردار نهايت دلچسپ ۽ روح پرور هوندو هو. هاڻي ان کي تمام محدود ڪيو يو آهي. منجهس اها اڳين لذت ۽ ڪشش آهي ئي ڪانه. ان ۾ بازار جا اگهه ٿا ٻڌائين، ته ڪڏهن زراعت جي مسئلن تي ٿي گفتگو ٿئي. ڪڏهن ڀاڄين پوکڻ ۽ فصلن جي پيداوار تي ٿي ڪچهري ٿئي. ڪڏهن ڪچهريءَ ۾ ڪافيون آهن ته ڪڏهن دهلن جا دس، ڪڏهن مرثيا ته ڪڏهن مولود، سنڌي ڪچهريءَ جو روح ته موجودئي نه ٿو نظر اچي. وري به عاقل جي اوطاق، ڪجهه نصيحت آميز ۽ وندرائيندڙ پروگرام چئي سگهجي ٿو، پر اهو به اهل علم ۽ مهذب طبقي لاءِ موزون آهي. باقي ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۽ جمهور جي آواز جو ڪو حال ڪونه آهي.

بهرحال، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن لاءِ في الحال اهي چند گذارشون عرض رکجن ٿيون.

محمد عثمان، ’ناطق‘

چمبڙ (سنڌ)

وعليڪم السلام : اوهان جو مراسل شايع ڪيو ويو آهي اميد ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جا منتظمين اوهان جي ڏنل مشورن تي غور ڪندا.

ريڊيو تان نشر ٿيندڙ  راڳ متعلق اسان جي گذارشات کي اوهان پسند ڪيو آهي، ان لاءِ شڪريه ادا ڪريون ٿا. اسان ته نهايت محبت آميز انداز سان، ريڊيو وارن جي توجهه تي ڪي حقيقتون آنديون هيون. شڪر آهي ته منتظمين جي پاران پروگرام ۾ ڪجهه نه ڪجهه اصلاح ڪئي وئي آهي. هن دور ۾ ’سنڌي راڳ‘ مڙيئي پسنديده انداز ۾ نشر ڪيو وڃي ٿو.

هڪ اڌ فنڪارن کان سواءِ، باقي سڀ ٺيٺ سنڌي راڳڻيون ڳائن ٿا. جي فنڪار، فلمي طرزن ۾ ڪافيون ڳائن ٿا، انهن جي اختراع جو داد ضرور ڏيڻ گهرجي. پر مناسب ائين آهي ته سنڌي ڪافيون، سنڌي طرزن ۾ ڳايون وڃن، جيئن سنڌي فن، زنده رهي ۽ دائمي طور هلندو اچي. انهن طرزن کي اخذ ڪرڻ کانپوءِ، ممڪن آهي ته نوآموز ۽ نومشق ڳائڻا، راڳ جي فن کان ئي ناآشنا رهجي وڃن ۽ رڳو فلمي طرزون ڳائيندي، پنهنجون صلاحيتون وڃائي ويهن.

نون فنڪارن متعلق اوهان جو مشورو به واجبي آهي، پر جيستائين ’صوفي اثرات‘، ۽ ’صوفي انداز‘ جو سوال آهي، اهو هڪ فني مسئلو آهي، ڪيترن سٺن ڳائڻن جي آواز ۾ ڪي اهڙيون خاميون لڪل رهن ٿيون، جي ميڪافون تي اچي، وڌيڪ ظاهر ٿين ٿيون. ڪي ’گهُڻا‘ ٿين ٿا ۽ ڪي نڪ مان ڳائن ٿا. ڪن جي آواز ۾ ’ڪرختگي‘ ٿئي ٿي، ڪن جو آواز ’ملائم‘ ۽ تمام نرم ۽ ’جهيڻو‘ ٿئي ٿو. ميڪرافون تي اچي انهن جي فن ۽ آواز جي حيثيت ۾ جڏهن ’خارجي اضافو‘ ٿئي ٿو، تڏهن اهو آواز ’ناقابل سماعت‘ ٿي وڃي ٿو. ريڊيو وارن جو اهو عذر به ڪنهن حد تاين معقول مڃڻ گهرجي. باقي هو پاڻ نون ڳائڻن کي ڪيتري قدر پنهنجي تعلقات ۾ آڻڻ ۾ ناڪامياب ٿيا آهن. ان جي تفصيل جي ڪا خبر نه آهي. سال ۾ اگر هڪ اڏ نئون فنڪار پيدا ڪيو وڃڃي ٿو ته پوءِ ان کي به غنيمت تصور ڪرڻ گهرجي.

ٻيو ته سٺا سٺا ڳائڻا، خود ريڊيي تي اچڻ کان ڪيٻائن به ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته ’فن‘ جيستائين محدودهوندو، تيستائين سندن شهرت ۽ مقبوليت قائم رهندي، گهڻي ٻڌڻ کان پوءِ ڳائڻا رواجي ۽ سستا بنجي ٿا وڃن، جنهن ڪري کين عام ماڻهو پسند نه ٿا ڪن. ان ناپسنديءَ جو اثر سند معاش تي به پوي ٿو. ممڪن آهي ته ڪي ڳائڻا ان نڪته نظر سان به ريڊيو وارن جو ساٿ نه ٿا ڏين.

باقي باجو ڪلهي تي ۽ پڪواز ڳچيءَ ورا ته سوين ملندا، جي فني طرح ان قابل نه آهن ته هو اچي ’سنڌي راڳ‘ جي نمائندگي ڪن – تاهم ريڊيو وارن کي اها پرزور گذارش آهي ته هو وسيع القلب ٿين، سٺن سٺن ڳائڻن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن. سنڌ ۾ واقعي سٺن ڳائڻ جي ايتري ڪمي ڪانه آهي. جو چئجي ته نوان ڳائڻا ملي ئي نٿا سگهن. ان طرح سازنده به نوان نوان آڻڻ گهرجن.

فوت شده شاعرن متعلق اوهان جو چوڻ واجبي آهي. بيشڪ حمل، بلبل، نجفي، واصف، قليچ، سانگي، بيڪس، ٻڍل، خادم، مراد، حافظ حامد، مخلص، صغير، حافظ شاهه جو ڪلام ڳائڻ جهڙو آهي. انهن  جي وارثن کان اجاز ت ورتي وڃي، ته اهو مسئلو حل ٿي ويندو.

زنده شاعرن ۾ پڻ سنڌ جي مشهور معروف شاعرن جو ڪلام گهٽ ٿو نشر ڪيو وڃي. ان متعلق ڪي به اسباب معلوم ٿي نه سگهيا آهن. البته ايترو آهي ته زنده شاعرن کي معاوضو ڏيڻو پوي ٿو ۽ انهن کان هميشه جي لاءِ ڪلام جا حق واسطا وٺڻاپون ٿا، ۽ اهو ايترو گهڻو به نه آهي. لهٰذا ممڪن آهي ته زنده شاعر، ان ٿور معاوضي تي ڪلام ڏيڻ کان ڪيٻائيندا هجن. جڏهن ته اهو سنئون سڌو ريڊيو وارن جي پاليسي ميٽر سان وابسته سوال آهي. ممڪن آهي ته ان جو اطمينان بخش جواب انهن وٽان ملي سگهي.

باقي پير محمد ’پياسي‘ ۽ محمد جمن هالي ۽ ٻين نوآموز ۽ غير معروف شاعرن جو ڪلام نشر ٿي رهيو آهي، ته ان تي عجب نه کائڻ گهرجي. جڏهن وڏا شاعر پيا ڪيٻائيندا تڏهن ضرور ٻِين کي ئي وارو ملندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ريڊئي وارن کي نه پنهنجو معيار ڪيرائڻ گهرجي ۽ نه ڪو سنڌي شاعرن مان فقط هڪ اڌ اهڙن شاعرن کي آڻڻ گهرجي، جن جي ڪلام ۽ معيار متعلق سنڌي ادب ۾ ڪوبه خاطر خواهه مقام معلوم ٿي نه سگهيو آهي. دوستانه تعلقات به وڏي شيءِ آهي، پر فن جي خدمت ڪندي انهن کي نظر اندا زڪرڻ گهرجي. سنڌ جا اديب ۽ شاعر، ان چيز کي واقعي ڪڏهن به پسند نه ڪندا هوندا.

سنڌي شاعرن جي نئين ٽهيءَ ۾ بيشڪ قابل قدر شاعر آهن، انهن جو ڪلام نشر ڪرڻ جي لائق آهي. ممڪن آهي ته اهي خود به پسند نه ڪندا هجن، يا ڪي اهڙيون فني رڪاوٽون هجن، جي حل ٿي نه ٿيون سگهن، بهرحال ريڊيو وارن کي به انهن جي تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ سوچڻ گهرجي، ۽ نوجوان شاعرن کي پڻ ريڊيو وارن سان هر طرح تعاون ڪرڻ لاءِ وک وڌائڻ گهرجي، معاوضي جي مسئلن کي ايتري ترجيح نه ڏيڻ گهرجي.

ڊارمن متعلق اسان کي به ساڳي شڪايت آهي، سنڌ ۾ ڊرامه ڏانهن تمام گهٽ توجهه ڏنو وڃي ٿو. لاچار ترجمن تي ئي اڪتفا ڪرڻي پوي ٿي.

ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ واقعي اڳيون ’رس ۽ رهاڻ‘ عدم پيدا آهن. فتح خان جو ڪردار، انداز بيان، ۽ صوتي اثرات، نفسياتي حيثيت،. توڙي، مجلسي آداب جي خيال کان نهايت جاندار ۽ پسنديده آهي. ان کي نهايت محدود رکيو ويو آهي. مناسب ائين آهي ته اڳ وانگر کيس آزاد رکيو وڃي، ان طرح ئي سندس ’فن‘ مان سامعين محظوظ به ٿيندا ۽ وندر ۽ رهاڻ جو حق به ادا ٿيندو. جمهورجي آواز جي آڙ ۾ هڪ بهترين فن کي ختم ڪيو ويو آهي، جو بلڪل نامناسب آهي. ان ڪچهريءَ ۾، اڳ وانگر لطائف ۽ ظرائف بيان ڪرڻ گهرجن. زرعي مسئلن ۽ معلومات لاءِ ڪو ٻيو ائٽم پيدا ڪرڻ گهرجي.

عاقل خان جي اوطاق، نهايت سهڻو ائٽم آهي، پر ان کي سليس سنڌي انداز ڏنو وڃي ته بهتري، ان ۾ شرفاءَ ۽ مٿئين طبقي جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ؛ معاملن ۽ مسئلن متعلق ئي زياده تر ترجماني ڪئي وڃي ٿي. ۽ عاقل خان جنهن انداز ۾ گفتگو ڪري ٿو، اهو ڊرامائي انداز زياده آهي. ممڪن آهي ته ماڻحن جي دلچسپي قائم رکڻ لاءِ اهوانداز اختيار ڪيو ويو هجي. تاهم ايترو ضرور چئبو ته فتح خان، ۽ عاقل خان جي آوازن ۾، فطري رنگ هئڻ گهرجي ۽ نه تڪلف سان آواز کي بدلائڻ گهرجي. بهرحال، ريڊيو وارا، پنهنجي حال آهر جو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان کي به غنيمت سمجهڻ گهرجي.

ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.

غ. م گرامي

جناب ايڊيٽر صاحب ”مهراڻ“ حيدرآباد.

ڪجهه ڏينهن ٿيا جو هڪ صاحب مون سان شاهه ڀٽائيءَ جي روضي جو ذڪر ڪندي اهڙو اظهار ڪيو هو ته جڏهانڪر اوقاف کاتي وارن روضي جي سنڀال جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، تڏهانڪر حالتون بهتر ٿيڻ بدران پاڻ وڌيڪ خراب ٿيون آهن. تازو، منهنجو ڀٽ شاهه تي وڃڻ ٿيو، سو موقعي جو فائدو وٺي، مٿينءَ شڪايت جي حقيقت معلوم ڪرڻجي ڪوشش ڪيم. جيئن ته ڀٽ شاهه تي منهن جو قيام فقط چند ڪلاڪ هو، ان ڪري مون کي گهڻي خبر چار ته پئجي ڪين سگهي، بهرحال، جيڪي چند چيزون مان معلوم ڪري سگهيس، انهن مان مٿينءَ شڪايت جي تصديق ٿئي ٿي. آءٌ اهي ڳالهيون هيٺ بيان ڪريان ٿو:

1-      روضي جي مهڙ واري ورانڊي ۾ پهرينءَ ڪام کي اڏوهي لڳي آهي ۽ غالباً اها ڀڄي به پيئي آهي.

اڳي دستور هوندو هو ته ورانڊي جي ڪامن ۽ پٽين جي سال بسال چڱيءَ طرح صفائي ٿيندي هئي ۽ انهن کي وارنش لڳندو هو، جنهن ڪري اڏوهي جو خطرو به گهٽ رهندو هو  ڇت به سهڻي چمڪندڙ لڳندي هئي، افسوس آهي جو گذريل ٽن سالن کان ڪامن توڙي پٽين کي وارنش ڪونه لڳو آهي.

2-     ساڳيءَ طرح روضي جي اترئين ورانڊي ۾ گارڊرن جو رنگ پڻ لهي ويو آهي ۽ انهن تي مٽي چڙهيل نظر اچي ٿي، نه انهن جي صفائي ٿئي ٿي ۽ نه وري انهن کي نئون روغن هنيو وڃي ٿو.

3-     جنهن ڪمري ۾ تربت مبارڪ آهي، انهي جي ڀتين تي جيڪي گل ٻوٽن جا نقش و نگار آهن سي عدم توجهه سبب جهڪا ٿي ويا آهن، ناسي رنگ جا ڪيترا گل ٻوٽا ته بلڪل ميسارجي ويا آهن.

4-     تربت مبارڪ جي مٿان جيڪا ڪاٺ ي ڇٽي آهي، انهي جي اڳ ۾ سال بسال صفائي ٿيندي هئي، پر هاڻي اهو ڪم پڻ بند آهي، نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڇٽيءَ تي مَرُ چڙهي وئي آهي، جنهن ڪري ان تي اُڪريل سفيد وليون۽ گل ڍڪجي ويا آهن.

5-      روضي تي روشنائيءَ جي بندوبست لاءِ آڳاٽو مرحوم و مغفور نواب ڄام ڪانڀو خان وارن اليڪٽرڪ موٽر رکايو هو ۽ وائر فٽنگ ڪرائي هئي، هينئر جڏهن ڀٽ شاهه ۾ بجلي آئي ته روضي ۾ نئين سر وائر فٽنگ نه ڪرائي وئي، بلڪه پراڻيءَ کان ڪم ورتو ويو. مون کي ٻڌايو ويو ته پاور تيز هئڻ ڪري پراڻي وائر فٽنگ ۾ ڪيترن جاين تي باهه لڳڻ جا واقعا ٿيا آهن، مون پاڻ ڏٺو ته سامهون واري ورانڊي ۾ اترئين طرف جي سئچ بورڊ وٽ باهه لڳڻ جا نشان هئا.

6-     مسجد شريف ۾ اليڪٽرڪ وائر ۽ سئچ بورڊن جي حالت نهايت خراب آهي، لڳ ڀڳ سڀ سئچ بورڊ پٽيل آهن، اوڀر طرف واري ڀت ۾ جي ٻه سئچ بورڊ آهن سي ته اهڙي حالت ۾ لٽڪي رهيا آهن جو انديشو آهي ته خدانخواسته جيڪڏهن بيخبريءَ ۾ ڪنهن جو هٿ تارن کي لڳي ويو ته ڪو خطرناڪ حادثو ٿي پوندو.

7-     روضي وانگر مسجد شريف ۾ پڻ ديوارن تي گل ٻوٽن جا نقش و نگار آهن، پر افسوس آهي جو اهي پڻ بي توجهيءَ سبب خسته حال ٿي ويا آهن، خاص ڪري اوڀر طرف واري ڀت جي حالت ابتر آهي.

8-     جنهن جاءِ ۾ لنگر تيار ٿئي ٿو، سا هن وقت زبون حالت ۾ آهي، ڀتيون ڳري ويون آهن، ڇت ضعيف آهي.

ڀٽ شاهه ۾ زيارت لاءِ ايندڙ عام خاص ماڻهو درگاهه ۽ لنگر جي خرچ لاءِ دل کولي نذرانو ڏيندا رهن ٿا، مون کي ٻڌڻ ۾ آيو ته هڪ جمعي کان ٻئي جمعي تائين سراسري ٻه اڍائي سو روپيا نذرانو جمع ٿي وڃي ٿو، اهو سمورو پئسو اوقاف کاتي وارا کڻي وڃن ٿا، خبر ناهي ته انهيءَ هوندي به ڇاجي ڪري روضي جي سنڀال ۽ مرمت ۾ غفلت ڪئي وڃي ٿي؟ هئڻ ته ائين گهرجي ته نه فقط سنڀال ۽ مرمت جي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪين ٿئي پر پاڻ ڪي نوان اُپاءَ وٺي روضي جي عمارت کي وڌيڪ ديده زيب ۽ آرامده بڻايو وڃي، مثلاً اونهاري ۾ ڀٽ شاهه ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي، تنهن ڪري روضي ۾ خواه مسجد شريف ۾ بجلي جي پکن جو انتظام ڪرڻ کپي، اهڙيءَ ريت ٻيون ڪيتريون ئي ترقيءَ جون اسڪيمون سوچي عمل هيٺ آڻي سگهجن ٿيون، غلام رباني.

محترمي ايڊيٽر صاحب

السلام عليڪم:

شوق، ملاقات ۽ زيارت بعد روشن ٿئي ته سماهي ”مهراڻ“ نظر نواز ٿيو، اوهان جو اداريو حسبِ دستور جنهن تعميري، اصلاحي، ارتقائي ۽ افادي وعت ۽ وسعت جو حامل آهي، تنهنجو لفظن ذريعي موازنو ڪرڻ مون لاءِ نهايت ئي مشڪل آهي، چنانچه متذڪره چند لفظن تي اڪتفا ڪندي مودبانه ۽ مخلصانه دادِ تحسين پيش ڪريان ٿو، جو اميد ته قبول پوندو. رسالي ۾ منهنجي ڪافي شامل ڪرڻ لاءِ به ٿورائتو آهيان، اميد ته آئينده به فراموش نه ڪندا، ڪجهه ڪافيون موڪليان ٿو بقول اوهان جي ۽ ٻين اهلِ فن ۽ دانشمندن جي، ڪافي ۽ راڳ پاڻ ۾ ايتري قدر مربوط ۽ ڳنڍيل آهن جو ٻنهي کي هڪ ٻئي کان جدا هرگز نٿو ڪري سگهجي. تنهن ڪري ڪافيءَ ۾ وزن کي ملحوظ ڪونه رکندو آهيان، انهي ڪري ممڪن آهي ته وزن ڪرڻ جي صورت ۾ منهنجيون ڪافيون گهٽ وڌ نظر اچن، ليڪن انهن کي اگر راڳڻين جي لحاظ سان پرکيو ۽ پرجهيو ويندو ته انشاءَالله تعاليٰ پوريون ۽ ٺيڪ نظر اينديون، ان هوندي به اوهان جي نظر اصلاح ٿيندي رهندي ته اها سعادتمندي سمجهندس. باقي غزل وغيره لاءِ آئون ڪنهن به قسم جي باور ڪرڻ کان معذور آهيان، ڇو جو پنهنجي موزون شاعريءَ کان اڃا تائين خاطر خواهه نموني ۾ مطمئن نه ٿي سگهيو آهيان.

ارسال شده غزلن مان نمبر پهريون مون بحر مضارع کي محذوف ڪري لکيو آهي، ليڪن صاحبِ فن شعراءِ ڪرام جو چوڻ آهي ته اهو وزن ئي ڪونهي؟ ممڪن آهي ته هن کان اڳ اهو وزن رائج نه هجي، ليڪن سوال پيدا ٿو ٿئي ته انهي وزن (مفعول، فاعلاتن، مفعول فاعلا) تي شعر لکڻ ۾ ڪهڙو عيب ۽ هرج آهي؟ دورِ حاضره ۾ جڏه قافيه پيمائي ۽ وزن جي پابندي کي ڪا به اهم حيثيت ڪانه ٿي ڏني وڃي ۽ آزاد شاعريءَ کي پڻ همٿايو پيو وڃي، تڏهن ڪنهن مقرر وزن مان ٻه اکر ڪيرائي ڇڏڻ يا وڌائي ڇڏڻ واري معمولي ترميم کي گوارا ۽ قبول ڪرڻ کان عار ۽ انحراف ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ آخر ته بحر مضارع کي محذوف ڪرڻ سبب ڪو ته وزن ضرور رهي ٿو، جنهن جي پابنديءَ ۾ شعر موزون ڪجي ٿو، پوءِ ڀلا اهڙيءَ شيءِ کي جيڪا وزن جي پابنديءَ سان لکي وڃي ٿي نا موزون ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ شاعري لاءِ سڀني مقرر وزن قسامِ ازل کان ته وديعت ڪونه ٿيا آهن جو انهن جو صحيفن وانگي احترام ڪيو وڃي؟ آخر ته اهي مقرر وزن ۽ پابنديون به اڳ جي انسانن جا ئي تجويز ڪيل ۽ ٺاهيل آهن ۽ جڏهن اهو صحيح آهي ته پوءِ اڄ جي انسانن کي پورو حق آهي ته اهي حالتن ۽ واقعن ۽ وقت جي تقاضائن جي پيش نظر انهن ۾ تبديليون ۽ ترميمون ڪندا رهن.

۽ هي امر نهايت ئي مسرت خيز آهي ته اداره ”مهران“ جدت پذير ادب جي سرپرستيءَ کي پنهنجو اساسي ۽ منصبي فرض سمجهي هر دور ۾ انهيءَ فرض کان لائقِ تعريف نموني ۾ سبڪدوش ٿيندو آيو آهي.

چنانچه ”مهراڻ“ جي انهيءَ پاليسيءَ جي تحت غزل نمبر پهريون اشاعت لاءِ موڪلي رهيو آهيان، ”مهراڻ“ ذريعي پنهنجي تفصيلي راءِ کان آگاهه ڪندا ته مهرباني.

وڌيڪ آداب

نيازمند عبدالڪريم پلي

محترمي عبدالڪريم پلي صاحب

وعليڪم السلام:

نوازش نامو مليو، ياد فرمائيءَ جو شڪريو، ’مهراڻ‘ ۽ ان جي معيار کي اوهان پسند ڪيو آهي، ان لاءِ به شڪريو، اوهان غزل جي وزن ۾ جدت کان ڪم ورتو آهي ۽ بحر مضارع کي محذوف ڪري لکيو آهي ۽ اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ’صاحب فن شعراءِ ڪرام جو چوڻ آهي ته اهو وزن ئي ڪونه آهي‘.

ڀاءُ، علم عروض هڪ مستقل فن آهي، جو صدين جي تجربن ۽ عرقريزيءَ کان پوءِ فن جي استادن ۽ قادرالڪلام انشاءَ پردازن مرتب ۽ مدون ڪيو آهي، اڄ تائين هزارين شاعر نه پر لکين، انهن اصولن جا پابند رهندا آيا آهن، عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي شاعرن جو ڪلام شاهد آهي.

جدت پسندانه طبع به تحسين جي لائق آهي، پر ان سان گڏ فن ۽ ان جي افاديت کي مقدم رکڻ گهرجي، بهترين اضافا ڪري سگهجن ٿا، پر فن سان بغاوت جو ته ڪو جواز پيدا ٿي نٿو سگهي.

ان مان منهنجو مطلب اهو نه آهي ته فن کي ڪو واقعي صحيفن وارو تقدس حاصل ٿيل آهي! ائين بلڪل نه سمجهڻ گهرجي، پر عرض رڳو ايترو آهي ته ’فن‘ ۾ اضافا به فني طور ڪرڻ گهرجن ۽ انهن اصولن ۽ تجربن جو احترام ضرور ڪرڻ گهرجي، جي صدين کان پيدا ٿيا آهن ۽ اڄ تائين هلندا اچن.

ان سلسلي ۾ آزاد شاعريءَ کي وچ ۾ نه آڻڻ گهرجي، آزاد شاعري خود موزون ۽ مترنم آهي، ان جا ارڪنَ مختصر ۽ مربوط آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه اديب نه ڪو آزاد نظم کي صحت سان لکي سگهن ٿا ۽ نه ڪو پڙهي سگهن ٿا.

اوهان جو تجربو، قابل قدر آهي، اميد ته ان فن جا ڄاڻو، پنهنجي خيالن کان ضرور مستفيد ڪندا ۽ ڪا آخري راءِ قائم ڪندا_ غ. م. گ.

گمبٽ، 22 فيبروري 1963ع

محترمي گرامي صاحب سدا سلامت،

السلام عليڪم_ توهان جي رسالي ”مهراڻ“ جو سال 1962ع جو آخري چوٿون پرچو، ٽيو ڏينهن پهتو اٿم، پرچو هن دفعي ٿورو دير سان شايع ڪيو اٿوَ، پر مهيني ڏيڍ جي دير گذريل پرچن جي ڪيترن مهينن جي دير کان وري به بهتر، رسالو ڪافي دلچسپ مواد سان سينگاريل آهي، جنهن لاءِ مبارڪ هجيوَ.

پرچي ۾ ڪيترن دوستن جو ڪلام ۽ مضامين پڙهي مسرت ٿي، پر شڪايت اٿم ته ساندهه ٻٽي دفعا منهنجو موڪليل ڪلام وغيره قابلِ اشاعت نه سمجهيو اٿوَ. آءٌ گذريل ٻاويهن سالن کان سنڌي ادب جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪندو رهيو آهيان، منهنجي افسانن جو پهريون مجموعو ”نئون اُفق“ اٽڪل ست سال اڳ سنڌي ادبي سنگت سکر ڇپايو هو. منهنجو پهريون ناول ”نئون سفر“ اٽڪل ڇهه سال اڳ اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان ڇپرايو هو، اميد ته اهي ٻئي ڪتاب توهان صاحبن جي نظر مان گذريا هوندا. منهنجي ذاتي ڪلام جو به ڪافي مجموعو ڪٺو ٿي چڪو آهي.

فطرتاً مان سَستي شُهرت کان ڪناره ڪشي اختيار ڪندو رهان ٿو، منهنجي خيال ۾ ڪنهن شاعر، اديب ۽ فنڪار جي فن ۽ تخيل کي فقط ڍنڍوري پٽڻ وارن جي غوغاءَ سبب فوقيت ڏيڻ درست ناهي، وقت سڀ کان بهتر جج ۽ محتسب آهي، اگر ڪنهن جي فن ۽ تخليق ۾ عالي صلاحيت، اصليت ۽ پائيداري ناهي ته اُهي ڪيتري به هٿرادو شُهرت جي باوجود وقت جي تيز وهڪري ۾ آخر لڙهي هميشه لاءِ نابود ٿي ويندا ۽ ايندڙ نسل انهن کي ياد ئي نه ڪندا. مگر اهو فن ۽ تخليق جنهن ۾ مذڪور وصفون آهن سو باوجود همعصرن جي بي اعتنائي، بغض ۽ بيقدريءَ جي ڪري به جٽادار ثابت ٿيندو ۽ آخر ايندڙ نسل ان جو ضرور قدر ڪندا ۽ داد ڏيندا رهندا. شيڪسپيئر. غالب ۽ خود اسان جي سونهاريءَ سنڌ جي شاهه عبداللطيف رحه جا مثال اسان اڳيان آهن. انهن جي فن ۽ ڪلام جو سندن زندگي ۾ اهڙو قدر نه ٿيو جھڙو پوءِ. آءٌ پنهنجي لاءِ ڪنهن به قسم جي هام هڻڻ نٿو چاهيان. فقط توهان کي التجا آهي ته وقتي منهنجين ناچيز تخليقن کي به پنهنجي شاندار مهراڻ اندر شايع ٿيڻ جو موقعو ڏئي مشڪور ڪندا رهو ته وڏي مهرباني. منهنجو مقصد فقط پنهنجي پياري مادري زبان ۽ ان جي ادب جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ نه ڪو ٻيو. مان اردو رسالا يا ڪتاب تمام ورلي ڪڏهن پڙهندو آهيان، البت انگريزي ادب جو ڪافي وسيع مطالعو اٿم، پر هر ڳالهه ۾ مغربي تهذيب جي انڌي تقليد جي فائدي ۾ ناهيان، مون وٽ پنهنجا لکيل ڪافي مضمون، افسانه، ناٽڪ، شعر وغيره موجود آهن، اگر موقعو ڏيندا ته ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو رهندس.

حقيقت ۾ سول جج ۽ ماجسٽريٽ هئڻ جي حيثيت ۾ علمي ۽ ادبي مشغلن لاءِ تمام ٿورو وقت بچي ٿو، تنهن هوندي به پنهنجي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ڪافي ڪوشش ڪندو رهان ٿو.

آئونُ نظم ۾ چاهي نثر ۾ ترجمي ۽ نقالي جي سخت برخلاف آهيان، هميشه طبعزاد ۽ اصلي تخليق پيش ڪرڻ جي اصول تي پابند رهندو آيو آهيان، اردو ادب جي نقالي، جنهن پٺيان ٻيا ڪيترا سنڌي اديب ڊوڙي رهيا آهن، اسان جي زبان ۽ ادب کي ڪو فائدو پهچائي ڪونه سگهندي.

آئون موزون شاعريءَ جو دلداده آهيان، علم عروض جو مطالعو شروعات ۾ مرحوم محمود ”خادم“ جي ڪتاب ”رياض بلاغت“ تان ڪيو هئم ۽ ڪيترن سالن کان موزون شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪندو پيو اچان. شعر جي ذري گهٽ هر صنف، غزل، نظم، قطعه، وائي ۽ مثنوي وغيره ۾ طبع آزمائي ڪئي آٿم. تنهن کان سواءِ بيت، دوها، ڪافي، وائي، گيت، سانيٽ، ترائيل، لِمرڪ وغيره صنفن کي به آزمايو اٿم. ڪجهه آزاد نظم به لکيا اٿم.

تنهن ڪري ڏک اٿم ته توهان منهنجي ڪلام کي ته نظرانداز ڪيو آهي، پر ٻي طرف ڪيترن شاعرن جا بحر ۽ وزن کان ڪريل شعر شايع ڪيا اٿوَ.

مثال: گوورڌن محبوباڻيءَ جو گيت:

”او پونم جي رات سهاڳڻ، ڪر سورهن سينگار!“

بلڪل غير موزون آهي.

ٻين به ڪيترن شاعرن جي ڪلام جا ڪافي مصرعا وزن کان ڪريل نظر پيا اچن، پر مان هن باري ۾ وڌيڪ چوڻ مناسب نٿو سمجهان.

توهان پنهنجي مذڪوره پرچي ۾ هڪ طرف ته محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ صاحب جو مقالو ”پنهنجي شاعري“ شايع ڪيو آهي، ٻي طرف ”تبصره“ جي عنوان هيٺ بهار ادب (سانگهڙ) جي پبليڪيشن ۾ ”خليل“ صاحب جي شايع ڪيل ڪلام “حمد باري تعاليٰ“ جي دلچسپ نموني جراحت ڪئي اٿوَ. اگر خليل صاحب جنهن کي ’استاد الشعراءَ‘ جو شرف حاصل آهي، پنهنجي موزون ڪلام ۾ اهڙيون غلطيون ڪري ته پوءِ اسان جهڙن نوجوانن کي ڏوهه ڏيڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ انصاف کان دور ليکبو. مذڪوره اشاعت ۾ منهنجو مضمون ”منگول“ پڻ شايع ٿيل آهي جو توهان پسند ڪيو آهي.

في الحال هن سان گڏ پنهنجو هڪ ناچيز غزل موڪليان ٿو، جو اميد ته پسند پوندو، اگر منهنجي رهبري ۽ همت افزائيءَ لاءِ خط رستي ڪجهه لکي موڪليندا ته وڏي مهرباني.

توهان جو نياز ڪيش،

غلام علي کوکر (سول جج) گمبٽ

 

محترمي، مسٽر غلام علي کوکر صاحب، وعليڪم السلام، اوهان جو خط پهتو، حوصله افزائيءَ لاءِ شڪريو، اوهان جي خيالن ۽ علمي خدمتن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.

اوهان سستي شهرت کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي آهي، ان کي نيڪ قدم سمجهو، وقتي شهرت هر حال ۾ زوال پذير آهي، ”وقت“ واقعي وڏو منصف آهي، اهو ”فن“ جو زندگي بخش آهي، زندگيءَ سان وابسته آهي، زندگيءَ جو ترجمان آهي، جنهن ۾ انساني فڪر و نظر جي تطهير لاءِ مواد آهي، جنهن سان انساني ضمير ۾ تابندگي ۽ روشني پيدا ٿئي، جنهن سان انسان ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي طور احساس پيدا ٿئي، جنهن سان فڪر ۾ شائستگي ۽ عمل ۾ پختگي پيدا ٿئي اهو ادب يقيناً صالح ۽ لازوال رهندو.

باقي رهيو سنڌ جو سوال، سنڌ ۾ ڪهڙو ادب زندهه رهندو؟ ان لاءِ اڳ ۾ سنڌ جي تهذيبي ۽ تمدني، مذهبي ۽ روحاني طور جائزو وٺڻ گهرجي، هت اسلام عالمگير قدرن سان آيو آهي، مگر افسوس اهو آهي ته هتي جي ماڻهن اسلام جي صحيح فڪر ۾ نشوونما حاصل نه ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو علمي ۽ عملي طور هن قوم ۾ جهل ۽ اخلاقي زوال زياده پيو نظر اچي. تصوف ۾ روحانيت، هن قوم جا بنيادي ۽ تخليقي عنصر آهن، انهن جي صحيح طور استعمال سان هن قوم جي ذهني پاڪائي پيدا ٿي سگهي ٿي، پر اهو ڪم ڪير ڪري؟ هن دور ۾ ته هر انسان توائي ٿي چڪو آهي، ذهن ۽ فڪر جي لحاظ سان هڪ انڌيرو ڇانئجي ويو آهي ۽ ماڻهو پيا ٿاڦوڙا هڻن، خدا ڪري اسان جا اديب ڪجهه متوجهه ٿين.

اسان هر ڪنهن شاعر ۽ اديب جي حوصله افزائي ڪريون ٿا ۽ اوهان جون چيزون به شايع ٿينديون آيون آهن، پخته ڪلام ۽ افادي ادب جي اشآعت لاءِ اسان اوهان جي تعاون کي احترام جي نظر سان ڏسون ٿا. والسلام: غ. م. گ.

 

محترم ايڊيٽر ’مهراڻ‘ حيدرآباد، سنڌ.

السلام عليڪم: ’مهراڻ‘ ۾ ’ڀونئر ڀري آڪاس‘ تي اوهان جو ڪيل تبصرو مطالع ڪيو ويو. اوهان جنهن عالماڻه ۽ ناقدانه حيثيت سان بحث ڪيو آهي، اهو قابلِ قدر آهي، پر گستاخي معاف، اوهان به يڪطرفو بحث ڪيو آهي، اوهان شيخ اياز جي فني معائب متعلق ڪابه نشاندهي نه ڪئي آهي، اهو به ظاهر آهي ته شيخ اياز کي ايتري شهرت فقط ’مهراڻ‘ ئي ڏني آهي، ورنه ’مهراڻ‘ کان اڳ، شيخ اياز، شهرت ۽ مقبوليت جي ان مقام ٿي ڪين هو.

شيخ اياز جي شعور ۽ نظريات متعلق اخبارن ۾ جي سخت تنقيدون اچي رهيون آهن، اميد ته اهي اوهان به مطالع ڪيون هونديون، ’نئين زندگيءَ‘ ۾ کيس ’شاهه ثاني‘، سڏڻ جي جا تحريڪ، مبهم ۽ لاشعوري طرح هلي چڪي آهي، ان جو رد عمل سنڌ جي اهل علم طبقي ۾ نهايت شديد صورت اختيار ڪري چڪو آهي، اوهان جي ان متعلق راءِ ڪهڙي آهي؟ آخر اهڙن بي مغذ ۽ غير افادي دعوائن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ممڪن آهي ته اوهان جي ’تبصري‘ کي به ان دعويٰ لاءِ دليل قرار ڏنو وڃي.

محمد حسين ’ڪاشف‘ چمبڙ (سنڌ)

وعليڪم السلام: جواباً عرض آهي ته شيخ اياز متعلق ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيل تبصرو، ’نئين زندگيءَ‘ جي مضمونن کان گهڻو اڳ جو آهي، ’اياز‘ جي فن متعلق مون غير جانبداراڻه طور محض فني ۽ علمي جائزو ورتو آهي. اياز جي ’نظريات ۽ معتقدات‘ سان ناقد جو ڪوبه واسطو نه هئڻ گهرجي. ان اصول جي وضاحت، هن پرچي جي ’گذارش‘ ۾ مون تفصيل سان ڪئي آهي. باقي رهيو سندس ’شاهه ثانيءَ‘ هئڻ جو سوال، ته ان متعلق سندس ’معذرت ۽ اعتراف‘ به شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ اياز پاڻ کي شاهه جو ’سوالي ۽ پانڌيئڙو‘ سڏيو آهي ۽ شاهه جي اڳيان ’جهولي‘ ڪري بيهڻ ۾ مسرت محسوس ٿو ڪري، جيتري قدر مون کي معلوم آهي اهو هي آهي ته ايازَ ڪڏهن به اهڙي دعويٰ نه ڪئي آهي، البته ’پيرن کي خليفا‘ ئي کڻندا آهن، اگر ڪو دوست، پنهنجي ذاتي پسند تي اياز کي شاهه ثاني سمجهي ٿو ته پوءِ ان کي مڃڻ لاءِ باقي دنيا ته مڪلف نه آهي.

’نئين زندگيءَ‘ جي مدير تي لازم هو ته هو احتياط کان ڪم وٺي ها، ۽ اهڙي متنازع فيہ ۽ اختلاف انگيز مسئلي کي شايع نه ڪري ها، ايئن ڪرڻ سان نه هوند ’ايازَ‘ کي ڪو لوئي ها ۽ نه ٻين کي ڪو هدف ملامت بڻائي ها. باقي رهيون تلخ جوابي تنقيدون، ان لاءِ اهو عرض آهي ته اهي دوست غلطيءَ کي غلطين سان ميسارڻ ٿا گهرن، جو ناممڪن آهي.

باقي ايازَ جي فن ۽ شاعريءَ جو مقام ته ڪنهن کان به ڳجهو ڪين آهي. اياز اڇو آهي يا ڪارو، مومن آهي يا ڪافر، بهرحال شاعر ته آهي! ۽ سندس فن ۾ لغزشون به آهن، ان کان ڪير ٿو انڪار ڪري؟ غلطين کان ته وڏا وڏا قادرالڪلام شاعر به بچي نه سگهيا آهن.

منهنجي خيال ۾ اهلِ فن کي سندس فن کي مطالع ڪرڻ گهرجي ۽ ’خذما صفادع ماڪدر‘ تي نظر رکڻ گهرجي ها. اياز هڪ رند شاعر آهي ۽ جمال پسند_ بس. هو نه ڪنهن نظريي جو مبلغ آهي ۽ نه ڪنهن مشرب کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهي. سندس فن ۾ ’قديم روايات ۽ جديد قدرن‘ ٻنهين جو سنگم آهي، تنهن ڪري نه ڪو هو قديم آهي نه ڪو جديد، بلڪ ٻنهي کان متاثر ۽ ٻنهين جو جامع. باقي جن کي کيس لوئڻ جو شوق آهي، اهي هوند ’سچل‘ کان وٺي قلم کڻن ته چڱو، منهنجي نظر ۾ اهڙا اختلافي بحث مباحثا نه افادي آهن ۽ نه ادبي ۽ فني. فقط والسلام: غ. م. گرامي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com