اسدالله شاهه ’بيخود‘ حسيني
ايران ۾
جديد ادب جي ارتقاءَ
]”ايران
۾ جديد ادب جي ارتقاءَ“ هڪ محققانه ۽ معلومات افزا
مقالو آهي، جو اسان جي نوجوان اهل قلم، سيد
اسدالله شاهه الحسيني، ليڪچرر شعبه فارسي سنڌ
يونيورسٽي، جي علمي ڪاوش ۽ وسعت مطالع جي بهترين ۽
قابل قدر پيداوار آهي.
ايران ۽ سنڌ جا تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ ديني روابط هڪ مسلمه
حقيقت آهن. فارسي ادب ۽ زبان جو اثر نه فقط اسان
جي ادب تي پيو آهي، پر ان سان گڏ اسان جي تهذيبي ۽
ديني، تمدني ۽ ادبي ميلاقات تي به ڪافي اثر رهندو
آيو آهي.
فارسي زبان جو ”ديني معيار“ عربيءَ کان پوءِ سڀني ٻين ڌارين
زبانن کان وڌيڪ موجود رهندو آيو آهي. اسان جي ديني
مدرسن جي نصاب ۾ صدين کان دوايه ۽ ٽوايه کان وٺي،
ڪريما، پندنامئه گلستان ۽ بوستان، يوسف زليخا جو
پڙهڻ ڄڻ ته لازمي امر رهندو آيو آهي. ايراني شاعرن
جي آمد کان پوءِ اسان وٽ نهايت عظيم فارسيدان ۽
صاحب ديوان شاعر پڻ پيدا ٿيندا آيا آهن، تنهن ڪري
ايران کي سمجهڻ اسان لاءِ لازمي امر آهي.
هن مقالي ۾ فاضل مقاله نگار، ايران جي سياسي ۽ سماجي ديني ۽
تهذيبي پسمنظر سان گڏ، ملوڪيت پسند مطلق العنان
دور ۽ ان سان گڏ ملائيت جي گهرين سازشن جي پڻ
نشاندهي ڪئي آهي.
ايران مذهبي طور شخصيت پرست ملڪ آهي ۽ مجوسيت جي افڪار ۽ نظريات
۾ بادشاهه کي وڏي حيثيت حاصل آهي. اسلام کي قبول
ڪرڻ کانپوءِ به اها شخصيت پرستي، مختلف النوع
حيثيتن سان زنده رهندي آئي آهي. ان جو اثر مذهبي
طور، ايران کان ٻاهر به موجود آهي، ان طرح ايران
جي سرزمين حسن آفرين ۽ جمال پسند آهي، ان ڪري
شاعري، بالخصوص تغزل جي دنيا ۾ ايرانين جي نازڪ
خيالي، بين الاقوامي روايت بڻجي چڪي آهي. سعدي،
حافظ، خيام، فردوسي، جامي ۽ رومي جي بين الاقوامي
شهرت کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. خود جرمن مفڪر
۽ شاعر گوئٽي جي شاعريءَ ۾ به ايرانيت موجود آهي،
ايران جي نازڪ مزاجيءَ ۽ نازڪ خياليءَ جي ڪري،
تصوف ۾ اشراقيت پيدا ٿي. بلڪه عرب ۾ پيدا ٿيل دين
جي ٺوس حقائق ۽ معارف کي پڻ ”تاويلات ۽ تعبيرات“
جو اهڙو نازڪ ۽ نفيس لباس پهرايو ويو، جنهن کي
مطالع ڪرڻ کانپوءِ بخوبي اندازو ٿو ٿئي ته ايران
پنهنجي بنيادي ۽ جبلي خصوصيات جو هر خيال سان
پابند رهندو ٿو اچي، حتاڪه مذهب ۽ دين ۾ به سندن
نازڪ مزاجيون ۽ موشگافيون هڪ رنگين ۽ دلچسپ فلسفو
بڻجي چڪيون آهن ۽ شاعري ته آهي ئي ايرانين جي!.
’ايران‘ جا نازڪ مزاج شاعر ۽ اديب ظلم ۽ استبداد جي مقابلي ۾
مذهبي علماءَ ۽ مطلق العنان حڪمن جي خلاف ڪيئن صف
آرا ٿيا؟ اهو هڪ رنگين، پر خوني ۽ انقلاب انگيز
داستان آهي.
ايران جي تباهيءَ جا سبب، انهن جو معاشي پسمنظر، مذهبي گروه
بندين جا اختلاف، نون نون مذهبن ۽ نظرين جي
پيدائش، انقلاب پسند گروه جي دعوت، انهن ۾ عالمن ۽
اديبن جي شموليت، ايران جي مسئلن ۾ ڌارين قومن جي
مداخلت، استبداد کان جمهوريت تائين مسلسل جدوجهد ۽
جهاد جو داستان، هن مقالي جا اهم ۽ توجهه طلب حصا
آهن.
نهايت خوشي ٿئي ٿي، جڏهن فاضل مقاله نگار جي طرز تحرير ۽ اسلوب
بيان ۾ اجمال آهي، ۽ ان سان گڏ واقعات ۽ نتائج جو
هڪ مربوط ۽ مسلسل پيرايئه بيان موجود آهي.
ايران جي اديبن ۽ شاعرن ۽ مذهبي پيشوائن تي سيد جمال الدين
افغانيءَ جي اثرات کي پڻ نمايان حيثيت سان بيان
ڪيو ويو آهي. ۽ آخر ۾ ضميما پيش ڪيا ويا آهن. اميد
ته ٻيءَ قسط ۾ ان موضوع سان تعلق رکندڙ باقي مباحث
۽ نتائج کي فاضل مقاله نگار پيش ڪري، سنڌ جي اديبن
۽ شاعرن جي جمود ۽ تعطل، برودت ۽ بي توجهيءَ لاءِ
علمي مهميز جو سامان پيدا ڪندو. جيئن هو به سنڌي
ادب جي جديد ارتقاءَ تي ڪو محققانه بحث لکي سگهن.
شڪ نه آهي ته هيءَ تحرير جديد طرز، نگارش جو هڪ مرقع آهي. ان جو
داد اهي ئي ڏئي سگهن ٿا، جن ڪڏهن اهڙي سنگلاخ زمين
۾ پير رکيو هوندو_ غلام محمد گرامي[.
ايران ۽ سنڌ جا تعلقات نهايت قديم آهن ۽ اٽڪال اڍائي هزار سال
ٿيا، هخامنشي بادشاهه ڪوروش ڪبير
(1)
(550-529
ق.م) سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان سلسلي ۾ ڪيترائي ايراني
سنڌ ۾ وارد ٿيا. داريوش بزرگ (دارا) (522-482
ق.م) جي زماني ۾ ته ذري گهٽ سڄو مغربي پاڪستان ۽
مشرقي پنجاب ايرانين جي قبضي ۾ هو.(2) لازم آهي
ته فاتح قوم پنهنجا اثرات مفتوح قوم تي ڇڏي، ۽ ان
سان گڏ مفتوح ۽ مغلوب قوم کان به ڪجهه حاصل ڪري.
’تاثر ۽ تبادله‘ جو اهو فني ۽ علمي انتقال هر تهذيب، تمدن، ادب
۽ ثقافت جي تاريخ ۾ موجود آهي. دنيا جي وڏن وڏن
عالمن ان فن تي مستقل بحث ڪيو آهي.
هت ايران ۽ سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تهذيبي، باهمي اثرات
متعلق ڪجهه اجمالي تذڪرو ڪرڻو آهي، جنهن متعلق
سنڌي ادب ۾ ڪا هيڪڙ ٻيڪڙ تحرير مس ملي سگهندي.
ان کان ڪير انڪار ڪري سگهندو ته ايران ۽ سنڌ جا تعلقات خود هڪ
مستقل موضوع آهي، جنهن تي اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ڪا
تحقيق ڪانه ٿي آهي، هونئن به اسان جي رسم و رواج،
رهڻي ڪهڻي، معاشرت ۽ مذهب، زبان ۽ ادب، موسيقي ۽
تصوف تي ايراني روايات ۽ ثقافت جو گهرو اثر آهي.
اسان جا پراڻا مذهبي ۽ تاريخي درسي ڪتاب فارسيءَ ۾
آهن. ان طرح سان تغزل ۽ خصوصاً عروضي شاعريءَ جون
سڀ صنفون ۽ صوفيانه شاعري تي فارسي اثرات اڄ به
موجود آهن.
هندستان ۾ غزنوين جي دور کان به اڳي فارسيءَ جو ٿورو ڪي گهڻو
اثر رهندو پئي آيو آهي. ڪيترا ايراني بزرگ سنڌ ۾
به وارد ٿيا. شيخ علي هجويري معروف به داتا گنج
بخش لاهور ۾ ئي مدفون آهي ۽ سندس علم تصوف تي لکيل
فارسي ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ تصوف جي تاريخ ۾، تاريخي
۽ فني حيثيت سان اوليت جي حيثيت رکي ٿو، ۽ اڄ به
اهل ذوق جي وجدان ۽ بصيرت جي تربيت لاءِ پارس جي
حيثيت رکي ٿو. ايران جو مشهور و معروف شاعر مسعود
سعد سلمان لاهور ۾ ئي زندگي گذاريندو هو. مغلن جي
دور ۾ ته فارسي سڄي ملڪ ۾ پکڙيل هئي ۽ فارسي ۽
هنديءَ جي امتزاج سان اردو ظهور پذير ٿي ۽ مزي جي
ڳالهه اها آهي ته اردو جو ’مولد‘، بقول سعد سلمان
ندوي، سنڌ ئي آهي.(1)
اسان وٽ سعدي، حافظ، خيام، ملا عبدالرحمان ’جاميءَ‘ کان سواءِ
ٻين ايراني شاعرن جو تمام گهٽ مطالعو ڪيو ويو آهي.
فقط اهي شاعر جيڪي هندستان جي مغليه درٻار سان
وابسته رهيا، انهن جي ڪلام تائين توجهه رهندو آيو
آهي، مثلاً ’عرفي‘ شيرازي متوفي 999هه/90-1591ع(2)،
’صائب‘ تبريزي م، 1080 هه/70-1669ع(1)
ابو طالب ’ڪليم‘ همداني م، 1061هه/1651ع(2)
’طالب‘ آملي م، 1036هه/27-1626(3)،
’نظيري‘ نيشاپوري م، 1021هه/13-1612ع(4)،
وغيره، انهن بزرگن کي پنهنجي وطن ايران ۾ ايتري
شهرت حاصل نه ٿي سگهي، جيتري هندستان ۾.
اسان وٽ اڄ تائين فارسي زبان به اهائي لکي، پڙهي ۽ اُچاري ٿي
وڃي، جيڪا مغلن ۽ ٽالپرن جي دورن ۾ رائج ٿي هئي،
حالانڪ ان کانپوءِ ان زبان ۾ ڪيترائي علمي ۽
لساني، لغوي ۽ انشائي ڦيرا گهيرا آيا آهن. روزمرهه
جي اصطلاحات ۽ محاورات ۾ ڪيتريون تبديليون اچي
ويون آهن. نوان لفظ ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪيترا عربي ۽
غير فارسي لفظ متروڪ ڪيا ويا آهن ۽ ڪي وري دوباره
استعمال ۾ آندا ويا آهن. پر اسان وٽ اهي لفظ ۽
محاورا انهي ئي نموني ۾ پيا استعمال ٿين، جيئن
سوين ورهيه اڳ ٿيندا هئا. مثلاً اسان وٽ ’تنقيد‘
آهي جا ڪنهن ڪتاب وغيره تي ڪبي آهي، مگر جديد
فارسي ۾ ’تنقيد‘ معنيٰ ڪنهن تي نڪته چيني ڪرڻ
وغيره. ادبي تنقيد لاءِ ”انتقاد“ استعمال ٿئي ٿو.
”تعارف“ جو لفظ ڪنهن ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ڪرائڻ کي
چوندا آهيون. ايراني ’تعارف ڪردن‘ تڪلف ڪرڻ واري
مفهوم ۾ استعمال ڪندا آهن. ’معرفي ڪردن‘ معنيٰ
سڃاڻپ ڪرائڻ آهي. ’نگران بودن‘ معنيٰ ڪنهن جو
انتظار ۽ اوسيئڙو ڪرڻ، پر اسان وٽ نگران(1)
معنيٰ سنڀاليندڙ ۽ پاسبان وغيره آهي. ”من براي شما
چند دقيقه صبر ڪردم“، آءَ اوهان لاءِ ڪجهه وقت
ترسيس، اسان وٽ ’صبر‘ انهيءَ معنيٰ ۾ ڪتب ڪونه ٿو
اچي.(2)
اچارن ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي. ’ي‘ ۽ ’و‘ مجهول استعمال ئي ڪونه
ٿا ٿين(3)،
۽ نه وري ’ي‘ مجهول لکي وڃي ٿي. جديد فارسيءَ ۾
لکڻ جي حيثيت سان شيرڪ شينهن ۽ شِيرڪ کير ۾ ڪوبه
فرق ڪونهي. ٻي شِير ڪري ڳالهائجن ٿا. ’ن‘ غنه به
اچارڻ ۾ اچي ٿو ۽ ’ن‘ تي هميشه نقطو لکبو آهي. ’ن‘
جي اڳيان جيڪڏهن ’الف‘ آهي ته پوءِ الف کي بلڪل
’و‘ وانگر اچارين ٿا. مثلاً چوندا آهن ”ما مهمون
داريم“ يعني اسان وٽ مهمان آهن. ’ن‘ جي اڳيان ’و‘
هوندو ته ’پيش‘ (-ُ(
وانگر اچارين ۽ ’ي‘ هوندي ته ’زير‘ (ـــِ) وانگر
اچارين. مثلاً ’همين‘ کي ’هَمِن‘ ۽ ’چُون‘ چوندا(4)
جديد ايراني نظم ۽ نثر ته خصوصاً نئون روپ وٺي چڪو آهي. نوان
معيار، خيال، رَوَشون ۽ محاورا استعمال ۾ آيا آهن،
ڪيترا يورپي ٻولين جا لفظ مستعمل ٿي ويا آهن، جن
جي اسان مان تمام ٿورن کي خبر هوندي. ايترو ڦيرو
ڇو آيو، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان ’جديد ادب‘ جي
موجوده تشڪيل کان گهڻو پوئتي وڃي، ان جي پيدائش جا
اسباب و علل ڳوليون ۽ گذشته ادوار جو علمي جائزو
وٺون ۽ ايران جي عثقافتي، معاشي، سياسي، علمي ۽
ادبي زندگي جو گهرائي سان مطالعو ڪريون. انهيءَ ئي
خيال کي مدنظر رکي اسان ملا عبدالرحمان جاميءَ جي
وفات 18- محرم 898هه، 9 نومبر 1492ع کان پوءِ جي
زماني تي تبصور ڪري اصل موضوع تائين پهچنداسون.
مولانا جامي جي لاءِ اڪثر سخن سنج حضرات جي راءِ آهي ته هو وڏي
۾ وڏو آخري ڪلاسيڪي شاعر هو. کانئس پوءِ نهايت گهٽ
وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن ـــــــ ”تو ان گفت
بزرگترين شاعر و اديب قرن نهم و آخرين شعراي بزرگ
متصوفه است که اسم اورا ميتوان در رديف انوري
وسعدي و جلال الدين و حافظ و خيام و فردوسي برد و
بعد از و شعراي بزرگ در ايران بندرت ظهور نمودند“(1)
It may be remarked that Persian poetry after Jami degenerated
into an art of versification. the poets depended
too mutch on early patterns and did not go
beyond the conventional forms of the Qasida,
Ghazal and Mathnewi, with their respective
themes and imagery. Muhtasham of Kashan
developed the Marthiya while DAwari, Qa’ani and
Yaghma revived some older forms of poetry, such
as Musammat, Tarji-band and Mustazad. Beyond
that they made no original contribution to
poetry”
(1)
”اهو يادرکڻ گهرجي ته جامي کان پوءِ فارسي شاعري
زوال پذير ٿي وڃي تڪ بندي تائين پهتي. شاعري فقط
نالي ۾ ٿيندي هئي. شاعر، قصيدي، غزل ۽ مثنوي ۾
متقدمين جي اختيار ڪيل روش تي تمام گهڻو مدار
رکندا هئا ۽ ڪڏهن به انهن قائم ڪيل حدن ان اڳتي نه
وڌيا. مضمون ۽ تخيل جي لحاظ سان ڪابه جدت نه
آندائون. محتشم ڪاشانيءَ مرثيي کي ترقي ڏني ۽
’دوري‘، ’فاّني‘ ۽ ’يغما‘ شعر جي ڪن پراڻين صنفن
جهڙوڪ ’مسمّط‘، 1’ترجيع بدن‘ ۽ ’مستزاد‘ کي فروغ
ڏنو. انهيءَ کان وڌيڪ هنن شاعري ۾ ڪو تخليقي اضافو
ڪونه ڪيو.)
’جاميءَ‘ جي زماني ۾ ئي ايران ۾ مختلف حڪمران هئا. سڄو ملڪ
ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهايل هو. تان جو ’صفوين‘
جو دور آيو. شاهه صفي الدين اردبيلي رحه جي اولاد
مان شاهه اسماعيل پنهنجي ترڪ مريدن جي مدد سان ملڪ
تي ڇانئجي ويو. 905هه ۾ تبريز ۾ سندس تاجپوشي ٿي
۽ 234 سال صفوين جي ايران تي حڪومت رهي. شاهه
اسماعيل ۽ سندس اسماعيل اولاد شيعه مذهب جا هئا ۽
ايران ۾ شيعيت جي ترويج لاءِ مـﺂثر قدم کنيائون.
انهي ي مذهبي بنياد تي شاهه اسماعيل ۽ سندس پين کي
سنت جماعت سان تعلق رکندڙ ازبڪن، افغانن ۽ ترڪي
عثمانين سان جنگيون ڪرڻيون پيون. جنگي مصروفيتن ۽
شيعيت سان والهانه محبت جي ڪري صفوين جو شعر و
شاعري ڏانهن ڪو خاص توجهه ڪونه رهيو. شاهه طهماسپ
۽ شاهه عباس جي نالي چون ٿا ته شاعرن کي چيائون ته
اسان جي مدح نه ڪريو، باقي امامن جي تعريف لکو.
ڪيترا شاعر دلشڪستا ٿي پيا ۽ سوچيائون ته انعام
ڏيندا بادشاهه، سي پنهنجي مدح پسند نٿا ڪن، باقي
امام روڪڙ ته ڏيندا ڪونه! ڪيترن مشهورمعروف شاعرن
انهيءَ بيقدري جي ڪري دربار مغليه هندستان ڏانهن
رخ رکيو(1)
صفوين جي انهيءَ عقيدت ۽ امامن سان محبت ۽ غلو جي ڪري ايران ۾
مذهبي شاعريءَ ۽ مرثيه گوئي کي خوب فروغ مليو.
شاهه طهماسپ جي درباري شاعر ’محتشم‘ ڪاشانيءَ
انهي فن کي نهايت ڪمال تي پهچايو. سندس مرثيا
نهايت مـﺂثر ۽ رقت انگريز آهن.
صفوين جي دور ۾ مذهبي تاليفن کي چڱو فروغ مليو. اڳي مذهبي ڪتاب
اڪثر عربيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، پر هاڻي گهڻو ڪري
فارسي ۾ به تاليف ٿيڻ لڳا. جامع عباسي شيخ بهائي
حليـﺒ المتقين، ابواب الجنان قزويني ۽ ٻيون ديني ۽
اخلاقي تاليفون وجود ۾ ايون ۽ اڪيلي ملا باقر
مجلسيءَ پنجاهه کن ڪتاب ۽ رسالا، ۽ شيخ بهائيءَ
اٺاسي ننڍا وڏا ڪتاب ۽ رسالا لکيا هئا.
انهي کان سواءِ سفوين، خصوصاً شاهه عباس نقاشي ۽ عمارت سازي جي
فن کي زور وٺايو ۽ ملڪ ۾ خصوصاً پنهنجي تختگاهه
’اصفهان‘ ۾ نهايت سهڻيون سهڻيون عمارتون
ٺهرايائين. رضاي عباس ۽ سندن ساٿين جهڙا ماهر
ڪاريگر، شاهه عباس جي زير عاطفت پنهنجي فن جي خدمت
ڪندا رهيا.
(1)
صفوين جي دور ۾ جيتوڻيڪ ادبي انحطاط هو ۽ شاعرن جي پرگهور ڪانه
ٿيندي هئي، تڏهن به هو ادب کان صفا بي بهرا ڪونه
هئا، ۽ ڪي بادشاهه ۽ شهزادا جهڙوڪ سلطان ابراهيم،
شاهه عباس ثاني، القاص ميرزا(2)،
شاه طهماسپ وڏي ذوق جا مالڪ هئا ۽ شعر به چوندا
هئا. سام ميرزا ته هڪ تذڪره شعراء به لکيو. شاهه
اسماعيل ترڪي زبان جو سٺو شاعر هو. سندسن ڪلام جي تدوين ۽ اٽالين زبان ۾ ترجمو لنڊن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽
منهنجي استاد تورخان گنجئي تبريزيءَ ڪيو آهي، جو
شايع ٿي چڪو آهي.
تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ايلخان (هلاڪو خان ۽ سندس پويان) مغلن جي
ايران تي تسلط کان وٺي فارسي زبان، جا ڪي قدر
غزنوين ۽ سلجوقين جي دور ۾ پنهنجو قديم رنگ بدلائڻ
لڳي هئي، سا هينئر هڪ چيستان بنجي چڪي هئي. خاص
ڪري مورخن زبان کي ايترو ڏکيو ۽ غير مستعمل عربي،
فارسي، ترڪي ۽ مغليه لفظن سان پنهنجا صفحا ڪارا
ڪري ڇڏيا، جن جي سمجهڻ لاءِ دماغ سوزيءَ ۽ عرق
ريزيءَ جي ضرورت هئي. مقصد لکڻ جو هوندو ته فلاڻو
بادشاهه فلاڻي تاريخ تي شڪار ٿي ويو ته ان جي جاءِ
تي ٻه ٻه ٽي ٽي صفحا زيان ڪيا ويندا هئا. ڪيترا
ايلخاني ۽ ترڪي انتظامي ۽ ٻيا لفظ، جيئن يُرت،
يَساولي، يرببغ، قشلاق، بيلاق وغيره فارسيءَ ۾
داخل ٿي ويا. شاعرن به گهٽايو ئي ڪونه، عجيب غريب
۽ استعارا ۽ ڪنايا، دور از فهم تشبيهن ۽ تخيلات جو
آڻڻ عام رواج ۾ داخل ٿي ويو هو، معنيٰ جو خيال گهٽ
پر لفظن جي ظاهري زيب و زينت ۽ تراش خراش ڏانهن
توجهه زياده هو. ”نظم و نثر فارسي تنزلِ صريحي
نمود و سخن فارسي بقيه لطافت و بساطت قبل از مغول
را باخت و عبارت پردازي و زيور و زينت هاي زايد
لفظي بيشتر استعمال شد و مضامين مبتذل و نازڪ
ڪاريهاي زننده در شعر معمول گرديد. و در اغلب
احوال شاعر و نويسنده هم خود را به تشبيهات و جناس
و ايهام و استعاره مصروف و نظرش را بافڪار غريب و
معافي عجيب معطوف داشت. و صدها شاعر و نثر نويس و
مولف در ايران ظهور کرده. و پيروي ازين سبڪ ڪه
اَنرا ’سبکہ هندي‘ نام داده اند نمودند و توان گفت
سخن پردازانِ هندي درين طرز بيشتر از گويندگانِ
ايران غلو ڪردند و بزينت و طنطنهء الفاظ و باريڪي
وپيچا پيچي معاني پرداختند“.(1)
انهيءَ هوندي به چند ايراني يا هندستان ۾ رهندڙ ايراني شاعرن ۽
ڪن هندستاني شاعرن جي ڪلام ۾ حسن معنيءِ ۽ حسن
خيال موجود آهي. صائب، عرفي، ڪليم، نظيري، فيضي
وغيره هندستان ۾ ۽ بابا فغاني شيرازي متوفي 925هه/1519ع(2) هاتفي خرجردي جاميءَ جو ڀائٽيو م، 927هه/21-1520ع(2) هلالي جغتائي 935هه/1528ع، وحشي بافقي م، 991هه/1538ع(2) زلالي خوانساري م، 1024هه/1615ع(2)وغيره جو ڪلام گهڻي ڀاڱي شيرين ۽ دلنشين آهي.
انهي زماني جي زبان ۽ فارسي شعر جي اندازي لڳائڻ لاءِ ’وحشي‘
بافقيءَ جي هڪ مشهور معروف مسدس جو انتخاب پيش ڪجي
ٿو، جنهن کي سوز گداز، پختگي، چستي، رواني،
استعاري، ڪنايي، محاوري ۽ حسن بيان جي لحاظ سان
فارسي شاعريءَ جي بهترين نظمن ۾ شمار ڪري سگهجي
ٿو:
دوستان شرح پريشاني من گوش کنيد،
دستان غمِ پنهاني من گوش کنيد،
قصہ بي سرو ساماني من گوش کنيد،
گفتگوي من و حيراني من گوش کنيد؛
شرح اين آتشِ جانسوز نگفتن تاڪي،
سو ختم سو ختم اين راز نهفتن تاڪي.
روزگاري من و دل ساڪن ڪوئي بوديم،
عاشق خوي بتِ عربده جوئي بوديم،
عقل و دين باخته، ديوانہ روئي بوديم،
بستہ سلسلہ سلسلہ موئي بوديم؛
ڪن در ان سلسله غير از من و دل بند نبود،
يڪ گرفتار از ابن جمله ڪہ هستند نبود.
نرگس غمزه زنش اين همه بيمار نداشت،
سنبل پرشکنش هيچ گرفتار نداشت،
اينهمه مشتري و گرمي بازار نداشت،
يوسفي بود دلي هيچ خريدار نداشت:
اول اُنڪس ڪه خريدار شدش من بودم،
باعثِ گرمي بازار شدش من بودم.
عشق من شد سبب خوبي و رعنائي او،
داد رسوائي من شهرت زيبائي او،
بسڪ ددم همه جا شرح دلارائي او،
شهر پرگشت زغوغاي تماشائي او:
اين زمان عاشقِ سرگشته فراوان دارد،
ڪي سروبرگ من بي سروسامان دارد.
چاره اينست و ندارم به ازين راي دگر،
ڪه دهم جاي دگر دل بدلاراي دگر،
چشم خود فرش ڪنم زير ڪفِ پاي دگر،
برڪفِ پاي دگر بوسه زنم جاي دگر:
بعد ازين راي من اينست وهمين خواهد بود،
من بر اين هستم والبته چنين خواهد بود.
پيش او يار نو و يار ڪهن هر دو يڪيست،
حرمت مدعي و حرمتِ من هر دو يڪيست،
قولِ زاغ و غزل من چمن هر دو يڪيست،
نغمہ بلبل و فرياد زغن هر دو يڪيست:
اين ندانسته ڪه قدر همه يڪسان نبود،
زاغ را مرتبہ مرغ خوش الحان نبود.
چون چنين است پي ڪار دگر باشم به،
چند روزي پيء دندار دگر باشم به،
عندليبِ گل رخسار دگر باشم به،
مرغ خوش نغمہ گلزار دگر باشم به:
نوگلي ڪوڪه شوم بلبل دستان سازش،
سازم از تازه جوانانِ چمن ممتازش.
مدتي در رهِ عشق تو دويديم بس است،
راه صد باديہ درد بريديم بس است،
قدم از راه طلب باز ڪشيديم بس است،
اول و آخر اين مرحله ديديم بس است:
بعد ازين ما وسر ڪوي دلاراي دگر،
با غزالي بغزلخواني و غوغاي دگر.
تو مپندارڪه مهر از دل محزون نرد،
آتش عشق بجان افتد و بيرون نرود،
وين محبت بصد افسانه و افسون نرود،
چه گمانِ غلط است اين نرود چون نرود:
چند کس از تو و ياران تو آزرده شود،
دوزخ از سر ديء اين طايفه افسرده شود.
اي پسر چند بڪام دگرانت بينم،
سرخوش و مست زجام دگرانت بينم،
مايہ عيش مدام دگرانت بينم،
ساقي مجلس عام دگرانت بينم.
توچه داني ڪه شدي يارچه بي باڪي چند،
چه موسها ڪه ندارند هوسناڪي چند.
يار اين طايفہ خانه بر انداز مباش،
غافل از لعب حريفان دغلباز مباش،
ميشوي شهره باين فرقه هم آواز مباش،
از تو حيف است باين طايفه دمساز مباش.
به ڪه مشغول باين شغل نسازي خود را،
اين نهِ ڪاريست مبادا ڪه بيازي خود را.
در ڪمينِ توبسي عيب شماران هستند،
سينهء پرڪينه ز تو عيب شماران هستند،
داغ برسينهء تو سينه شماران هستند،
غرض اينست ڪه، در قصد تو ياران هستند.
باش مردانه ڪه ناگاه قفائي نخوري،
واقف کشتي خود باش ڪه پائي نخوري.
گرچه از خاطرِ ’وحشي‘ هوسِ روي تو رفت،
شد دل آزرده و آزرده دل از ڪوي تو رفت،
از دلش آرزوي قامت دلجوي تو رفت،
با دل پرگله از ناخوشي خوي تو رفت.
حاش لله که وفاي تو فراموش کنم.
سخن مصلحت آميز ڪسان گوش کنم.(1)
ٻارهين صديءَ جي وچ ڌاري پيدا ٿيل شاعر سيد احمد ’هاتف‘ اصفهاني
به پنهنجي زماني ۾ فارسي زبان کي اڳوڻي حيثيت ڏيڻ
لاءِ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو، غزل، قطعات، رُباعيون،
قصيدا، ترجيع بند، قطعات تاريخ وغيره چيا اٿس،
جيڪي نهايت پختا آهن. پنهنجي نظم ۾ سعدي ۽ حافظ جي
پيروي ڪئي اٿس، معاصر شاعرن جهڙوڪ ’صباحي‘ ۽ ’آذر‘
صهيبعي سان مشاعرا ڪندا هئا. 1198هه ۾ وفات
ڪيائين،(1)
سندس ٻه غزل نموني طور پيش ڪجن ٿا:
در کوي او(2)
قاصد بخاڪ برسر ڪويش فتاده ڪيست،
بر خاڪه آستانهء او سر نهاده ڪيست.
چون برسمد آيد و خلقيش در رڪاب،
همراه او سواره ڪدام و پياده ڪيست.
در ڪوي او عزيز ڪدام است وڪيست خوار،
در بزم او نشته ڪه و ايستاده ڪيست.
عزت ز محرمان بر او بيشتر ڪراست،
دارد ڪيسڪه حرمت ازيشان زياده ڪيست.
آنڪس ڪه ساغر مي نابش دهد ڪدام،
و انڪس که ميستاند از و جام و باده ڪيست.
اغيار سر نهاده فراغت بپاي يار،
محروم تر ز ’هاتف‘ از فتاده ڪيست.
خاک شهيدان(2)
گفتم نگرم روي تو، گفتا بقيامت،
گفتم روم از ڪوي تو، گفتا بسلامت.
گفتم چه خوش از ڪار جهان، گفت غم عشق،
گفتم چه بود حاصلِ ان، گفت ندامت.
هر جا ڪه يڪي قامت موزون نگرد دل،
چو سايه بپايش فگند رحل اقامت.
در خلد اگر پهلوي طوبيم نشانند،
دل ميڪشدم باز به ان جلوه قيامت.
عمرم همه در هجر تو بگذشت ڪه روزي،
در بر ڪنم از وصل تو تشريف ڪرامت.
دامن زڪفم ميڪشي و ميروي امروز،
دستِ من و دامان تو فرادي قيامت.
امروز ز بس پيش تو خارند پس از مرگ،
بر خاکِ شهيدانِ تو خار است علامت.
نا صح ڪه رخش ديده ڪف خويش بريده است،
هاتف به چه رو ميکندم باز ملاحت.
ٻارهين صدي هجريءَ جي آخر کان وٺي ڪيترن شاعرن ’سبڪ هندي‘ ۽
مغليه دور جي ٻوليءَ کان گريز ڪيو ۽ قديم طرز
ڏانهن دوباره مائل ٿيا. انهيءَ تحريڪ جو مرڪز
اصفهان هو، جتي سيد احمد ’هاتف‘ اصفهائيءَ کان
سواءِ سيد محمد ’شعله‘، سيد علي مشتاق، ميرزا محمد
نصير ’عاشق‘، لطفعلي بيگ ’آذر‘، سليمان صباحيءَ
انهيءَ ۾ خاص بهرو ورتو ۽ سليس ۽ پختي زبان ۾ شعر
چيائون.(1)
صفوين جي حڪومت جي ڪمزوريءَ ملڪ ۾ ڄڻ افراط و ترفريط جو عالم
پيدا ڪري ڇڏيو. بادشاهه هاڻي فقط نالي ماتر وڃي
رهيو هو. مغرب ايران ۾ ترڪن جو قبضو هو ۽اتر ۾ روس
غالب هو. افغانن جو به ملڪ تي چڱو تسلط هو. تان جو
افشار قبيلي جو هڪ سپاهي نادر بن اماقلي زور وٺندي
وٺندي شاهه طهماسپ ثاني صفويءَ جي خدمت ۾ آيو
۽سندس سپهه سالارا قتحعلي خان قاچار کي پنهنجي
راهه مان ڪڍي، شاهه جي سپاهه جو ڪمانڊر ٿي ويو ۽
آهستي آهستي سموري ايران مان ڌارين کي تڙي
ڪڍيائين. 1148هه / 1732ع ۾ نادر ’دشت مغان‘ ۾
ايران جي ڪيترن اميرن، بزرگن ۽ ملڪ جي چڱن مڙسن کي
گهرايو ۽ هنن جي روبرو پنهنجي ڪيل خدمتن جو اعلان
ڪيائين ۽ شاهه طهاسپ ثاني (جنهن کي نادر معزول ڪري
سندس ننڍڙي پٽ عباس ميرزا کي تخت تي ويهاريو هو،
پوءِ عباس ميرزا جلد ئي وفات ڪري ويو) کي سلطنت
حوالي ڪرڻ لاءِ مشورو ڏنائين. مگر سڀني اميرن کيس
زور ڀريو ته بادشاهت تون سنڀال، جيئن ايران جي
آزادي برقرار رهي سگهي، نادر چاليهن ڏينهن تائين
انڪار ڪندورهيو ۽ نيٺ هيٺين شرطن تي ايران جو شاهه
ٿيڻ قبول ڪيائين.
ايراني ٽن خليفن تي لعن طعن نه ڪندا.
ايراني ماڻهو سنت جماعت مذهب قبول ڪندا، ڇاڪاڻ ته شاهه اسماعيل
جي زبردستيءَ جي ڪري شيعيت کي ايران تي مڙهيو ويو
۽ ان کان پوءِ ملڪ ۾ شيعه سني فساد، قتل ۽ خونريزي
ٿيندي رهي آهي، جنهن ڪري ملڪ جي انتظام۽ امن
برقرار رهي نٿو سگهي.(1)
سلطنت نادر جي خاندان ۾ رهندي ۽ صفوين جي حق حقوق جي ڪابه ڳالهه
وچ ۾ نه ايندي.(1)
اٽڪل هڪ لک ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ اهي شرط منظور ڪيا ويا ۽ نادر
کي اياران جو شاهه چوندِو ويوي. نادر شاهه پنهنجي
زماني ۾ افغانستان، هندستان وغيره ۾ فتوحات جو
سلسلو جاري رکيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سفاڪي ۽ خونريزيءَ جي
انتها تائين پهچي ويو. سندس سخت گيريءَ جي ڪري
سندس خاص ماڻهو به بيزار ٿي پيا. نيٺ قوچان جي
قبيلي تي حملي جي وقت قوچان کان ٻن فرسنگن جي
مفاصلي تي رات جو کيس 1160هه / 1747ع ۾ ڪن دشمنن
قتل ڪري ڇڏيو.(2)
نادر جي قتل کان پوءِ ور ي ملڪ ۾ بيچيني ۽ بدامني جو دور دورو
رهيو. ماڻهن جو امن ۽ چين ختم ٿي چڪو هو. بهرحال
سالن جي لڙاين کان پوءِ ڪريم خان زند برسراقتدار
آيو. جيتوڻيڪ انتظامي امور ۾ ڪريم خان بلڪل مطلق
العنان هو. تڏهن به پاڻ کي بادشاهه جو خطاب نه
ڏنائين. ڪريم خان بذات خود هڪ نيڪ انسان هو ۽ رعيت
جي خوشحاليءَ لاءِ گهڻو ئي پاڻ پتوڙيائين. 1193هه
/ 1779ع ۾ سلهه جي بيماريءَ ڪري وفات ڪيائين(3)
ڪريم خان جي وفات کان پوءِ وري به اهي لاٽو اهي چگهه. تان جو
1610هه/ 1792ع ۾ آقا محمد خان قاچار ايران جو مالڪ
بنجي ويو ۽ ايران جي حڪومت 1344هه / 1925ع تائين
قاچار خاندان جي قبضي ۾ رهي.(1)
آقا محمد خان نهايت ضعيف ۽ نحيف هو. سندس شڪل پيرسن زال جهڙي
هئي. ڏاڙهي مرڳو ڄائي ئي ڪانه هيس. ننڍڙي هوندي ئي
نادرشاهه جي ڀائٽي عليقلي خان کيس ’مقطوع النسل‘
ڪري ڇڏيو. طبعاً نهايت سنگدل ، سفاڪ ۽ خونريز هو،
ايتريقدر جو پنهنجي ڀائرن سان به بدسلوڪي ڪندي نه
گسندوهو. هڪڙي ڀاءُ جون اکيون ڪڍارايائين، ٻئي کي
قيد ڪيائين، ٽئي کي روس ۾ پناهگزين ٿيڻو پيو ۽
چوٿين کي مارائي ڇڏيائين. نيٺ کيس 1212هه ۾ قتل
ڪيو ويو.(2)
محمد شاهه کان پوءِ سندس ڀائٽيو فتح علي شاه تخت تي ويٺو. فتح
علي شاهه جي زماني ۾ انگريز – فرينچ رقابت زور
ورتو. انگلينڊ جي پاران مالڪم جوبرٽ ۽جنرل گارڊن
1800 -1808ع تائين ايران ۾ سفير ٿي آيا. روس جي
بيجا مداخلت به جاري رهي. انگريزن، ايران – روس
جهڳڙي کي پنهنجي مفاد جي خلاف سمجهي ٺاهه جون
ڳالهيون شروع ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ ’گلستان‘ وارو
معاهدو ٿيو. ايران کي انهيءَ معاهدي جي ڪري قره
باغ، گرجستان، شڪي، شيروان، داغستان، دربند، باد
ڪوبه، گنجه ۽ طوالش جو ڪجهه حصو روس کي ڏيڻو پيو.
وري به روس ۽ ايران ۾ دشمني جاري رهي. ايرانين ۾ روس سان مقابلي
ڪرڻ جي قوت ڪانه هئي. آخرڪار انگريزي سفير سرجان
مئڪڊ ونلڊ جي وساطت سان ايران ۽ روس جي درميان
1243هه/ 1828ع ۾ ’ترڪن چاي‘ وارو معاهدو ٿيو، جنهن
مطابق ’گلستان‘ واري معاهدي کان علاوه ارمنستان ۽
ايروان روس جي حوالي ڪيا ويا ۽ بحر اخضر ۾ ڪشتين
جي آمدرفت جو قبضو به روس کي مليو. ايران ۾ روسي
مجرمن تي مقدمي هلائڻ جو حص به روس کي مليو. جنگين
۾ پيل نقصانن جي ڪري روس ايران کان ڏهه ڪروڙ تومان
گهريا.(1)
1821ع ۾ ترڪيءَ سان لڙائيءَ جو آغاز ٿيو ۽ 1823ع ۾ روم واري
معاهدي تي اها لڙائي ختم ٿي.
فتح علي شاهه جي دور جي خاص ڳالهه آقا محمد خان جي مکيه صلاحڪار
حاجي ابراهيم ۽ سندس خاندن جي 1800ع ۾ مڪمل تباهي
هئي.
شاهه جو وڏو ۽ لائق فرزند عباس ميرزا ڇائيتاليهن سالن جي عمر ۾
فوت ٿي ويو ۽ انهيءَ صدمي کي فتح علي شاهه برداشت
ڪري نه سگهيو ۽ پوري سال کان پوءِ اٺهٺ سالن جي
عمر ۾ 1250هه ۾ فوت ٿي ويو.
فتح علي شاهه سخت عياش هو. روايت موجب کيس پنج سـﺂ پنجاهه پٽ
ڌيئون ۽ پوٽا ڏهٽا هئا. عياشيءَ جي اها حد هئي جو
سخت مصيبتمن جي وقت به لهو و لعب ۾ مشغول رهندو
هو. طبيعت نهايت رنگين هيس. شاعرانه ذوق جو مالڪ
هو. ڪيترا عالم فاضل، شاعر ۽ اديب سندس دربار کي
زينت بخشيندا هئا. پاڻ به چڱو شاعر هو ۽ سندس
اولاد مان به ڪيترا شاعر ٿيا. سندس هڪ فرزند محمود
ميرزا هڪ تذڪرهء شعراء لکيو جيڪو اڃا قلمي حالت ۾
موجود آهي. ان تذڪري ۾ محمود ميرزا عراق ۽ ايران
جي فارسي گو شاعرن جا نالا ڏنا آهن، جن جو تعداد
سون تائين پهچي ٿو. خود شاهي خاندن جي
ڪيترن مردن ۽ عورتن جا نالا ڏنا اٿس جيڪي شاعره هيون.(1)
فتح علي شاهه جي دور ۾ ايراني شاعري زوال مان ٻاهر نڪتي ۽ جديد
ايراني ادب جو بنياد پيو. سندس وزير به علم دوست ۽
معارف پرور هئا، جن مان ميرزا ابوالقاسم قائم مقام
معروف ترين آهي. قائم مقام تمام سٺو شاعر به هو ۽
ان سان گڏ جديد فارسي نثر جي بانين مان پڻ ڳڻيو
وڃي ٿو.
”ميرزا ابوالقاسم فارسي، عربي نثر ۽ نظم ۾ استاد
هو. سندس خط فصاحت ۽ بلاغت جو نمونو آهن. ملڪف
عبارتن، پيچيده مضمونن، مبهم معنائن ۽ غير مناسب ۽
دقيق تشبيهن (جيڪي مغلن جي دور ۾ فارسي ۾ رائج ٿي
ويون هيون) جي مقابلي ۾ هن سخنگو جي قلم ۾ هڪ خاص
قسم جو ميٺاج آهي. ڪا به شيءِ لکندي متقدمين
خصوصاً سعديءَ کي خيال ۾ رکيو اٿس. سندس تحرير جو
وڏو حصو مدحيه آهي. مگر قطعا ۽ رُباعيون به سٺيون
لکيون اٿس. هڪ مزاحيه مثنوي ’جلايرنامه‘ جيڪا
پنهنجي غلام جلاير جي نالي نظم ڪيائين، ان ۾
دربارين جي هلت چلت، لشڪرين جا نقص ۽ حڪومت جون
خاميون بيان ڪيون اٿس. سندس قطعات ۾ هيٺيون قطعو
موثر آهي، جنهن ۾ ايران جي شڪست ۽ روس جي حملي کي
خاص طور تي مدنظر رکيو اٿس:
روزگار است آنڪه گه عزت دهد گه خوار دارد،
جرخ بازيگر ازين بازيچه ها بسيار دارد.
مهر اگر آرد بسي بيجا و بي هنگام آرد،
قهر اگر آرد بسي ناساز و ناهنجار آرد.
گه نظر با پُلڪنيڪ و با ڪپيتان و آفسر،
گاه با سرهنگ و با سرتيب و با سردار دارد.
لشڪري را گه بڪام گرگ مردمخوار خواهد،
ڪشوي را گه بدست مرد مرد مدار دارد.
گه بتبريز ار پتر برگ(1)
اسپهي خونخوار راند،
گه بتفليس از خُراسان لشڪري جرار دارد.
تيرهين صدي هجريءَ جي وچ وارن خوني واقعن جي ڪري وطن وڏي خطري ۾
پئجي ويو هو. هيءَ عجيب ڳالهه آهي جو قائم مقام
کان سواءِ ٻين شاعرن جي شعر ۾ تمام گهٽ انهن واقعن
جو تاثر نظر اچي ٿو.
قام مقام، 1239هه ۾ پنهنجي معزول ٿيڻ کان پوءِ هڪ حزن آور ۽
شڪوه و شڪايت سان پُر قصيدو لکيو، جنهن جا ڪجهه
لطيف شعر پيش ڪجن ٿا. انهن شعرن ۾ مسعودِ سعدِ
سلمان جي طرز جي پيروي ڪيل آهي:
اي بخت بد اي مصاحب جانم،
اي وصل تو گشته اصل حرمان؛
اي بي تونه گشته شام يڪروزم،
اي باتو نرفته شاد يڪ آلم؛،
اي خرمن عمر از تو بربادم،
وي خانہ صبر از تو ويرانم؛
هم ڪوڪب سعدي از تو منحوسم،
هم مايہ نفعِ از تو خسرانم.
تيغ ست ستاره و تو جلادم،
سجن است زمانه و تو سجانم.(1)
هن محب وطن ۽ اديب بزرگ کي 1251هه / 1838ع ۾ محمد شاهه ابن فتح
علي شاهه قاچار جي حڪم سان بيگناهه شهيد ڪيو ويو.(2)
قائم مقام جي خطن مان هڪ خط پيش ڪجي ٿو جيڪو رواني ۽ سلامت جي
لحاظ سان انشاء جو هڪ بهترين نمونو آهي.هي خط
پنهنجي ڪنهن دوست ڏانهن لکيو اٿس:
مخدوم مهربان من!
از آنز مان ڪه رشتهء مراودت حضوري گسته و شيشهء شڪيبائي از سنگ
تفرقه و دوري شڪسته، اڪنون مدت دو سل افزون ست ڪه
نه از آن طرف بريدي وسلامي و نه از پنجانب قاصدي و
پيامي. طاير مڪاتبات را پر بسته و ڪلبہ مراودات را
دربسته.
تو بگفتي ڪه بجا آرام و نفتم ڪه نياري عهد و پيمان و وفاداري و
دلدار و ياري – الحمد الله فراغتي داري – نه حضري
و نه سفري، نه زحمتي و نه بيخوابي، نه بر همخوردگي
و به اضطاربي.
مقدرري ڪه بگل نڪتهت و بگل جان داد،
بهرڪه هرچه سزا ديد حڪمتش، آن داد.
شما را طرب داد و ماراتعب – قسمت شما حضرت شد و نصيب ما سفر –
مارا چشم بر در است و شما را شوخ چشمي در بر – فرق
است ميان آنڪ يارش در براست يا چشمش بر در – خوشا
بحالت ڪه مايہَ معاشي از حلال داري وهم انتعاشي در
وصال – نه چون ما دلفگار و در چمن سراب گرفتار –
روزها روزه ايم و شبها بدريوزه – شڪر خداي راڪه
طالع نادري و بخت سڪندري داري – نبود نڪويئي در آب
و گل تونيست خبر آنڪه فراموشڪاري.
ياد ياران يار را ميمون بود – خاصه ڪان ليلي و آن مجنون بود
مخلصان رامشب برمي نهاده و اسباب عيشي ترتيب داده، دلم پياله،
مطربم ناله، اشڪم شراب، جگرم ڪباب؛ اگر شما را هوس
چنين بزمي و بياد تماشاي بيدلان عزمي است بي
تڪلفانه بڪلبه ام بگذري و بچشم ياري بشهيدانِ ڪويت
نظري.
مائيم و نواي بينوائي، بسم الله اگر حريف فرمائي.
والسلام
(1)
انهي دور جو ٻيو مشهور معروف شاعر ميرزا حبيب متخلص به ”قاني“
شيرازي آهي. قاني 1222هه / 1807-1808ع ۾ تولد ٿيو(2).
سندس والد ميرزا محمد علي به شاعر هو ۽ ”گلشن“
تخلص هوس. قاني، صائب کان پوءِ ايران جي صف اول جي
شاعرن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي ٿو. سندس ڪلام ۾ رواني،
پختگي ۽ لفظن جو حسن موجود آهي. مقتدمين جو طرز کي
خاص طور تي خيال ۾ رکيو اٿس. قصيدي ۾ خصوصاً وڏو
استاد هو. سندس هڪ قصيدي جي تشبيب پيش ڪجي ٿي،
جنهن ۾’بهاريه‘ مضمون آهي:
بهار آمد ڪه از گلبن همي بانگ هزار آيد
بهر ساعت خروشِ مُرغزار از مَرغزار آيد
تو گوئي ارغنون بستند بر هر شاخ و هر برگي
زبس بانگ تَذَرو و صلصل و دراج وسار آيد
بجو شد مغز جان چون بوي گل از گلستان خيزد
به پرد مرغ دل چو بانگ مرغ از شاخسار آيد.
خروش عندليب و صوت سار و ناله قمري
گهي از گل گهي از سرو بن گه از چنار آيد
يڪي گيرد بڪف لاله ڪه ترڪيب قدح دارد
يڪي بر گل ڪند تحسين ڪز و بوي نگار آيد
يڪي بيند چمن را بي تامل مرحبا گويد
يڪي بويد سمن را مات صنع ڪردگار آيد
يڪي بر لاله پاڪوبد ڪه هي هي رنگ مي دارد
يڪي از گل بوجد آيد ڪه بخ بخ بوي يار آيد
يڪي بر سبزه ميغلطد يڪي بر لاله مي رقص
يڪي گاهي رود از هش يڪي گه هوشيار آيد
زهر سوئي نواي ارغون وچنگ و ني آيد
زهر سوئي صداي بربط و طنبورو تار آيد
(1)
قاني واري زماني جو ميرزا عباس ’فروغي‘ بسطامي جو نالو قابل ذڪر
آهي – فروغي 1213هه ۾ عتبات ۾ تولد ٿيو. فتح علي
شاهه ۽ سندس فرزند شجاع السطنته جي زير نظر ٿي
رهيو. سندس هڪ غزل پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ رندي، مستي
۽ ذوق عرفاني نظر اچي ٿو.
تاريخ جهان حصه اول براي دبير ستانها، چاپ
ايران (2) ايضاً
|