عزيز ڪنگراڻي
”شاعريءَ سان
دشمني“
[هڪ جائزو]
هر ٻوليءَ جي ادب ۾ نقاد ۽ ان جي تخليقي فن جي
حصي ۾ نفرتون ۽ ناراضگيون آيون آهن. نسهنديءَ سبب
نقادن لاءِ اڪثر ڪا چڱي راءِ قائم ڪئي نه وئي آهي.
ان جو مقصد هرگز اهو نه آهي ته تنقيدي ادب جي ڪا
حيثيت نه آهي. تخليقي ادب، خاص طور شاعري جو معيار
ڪٿڻ يا تعين ڪرڻ جو ڪم صحتمند ۽ سنجيده تنقيدي ادب
جي ذمي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تمام وڏي شاعر ۽ ڏاهي
شيخ اياز کي مڃڻو پيو ته ”تنقيد خود هڪڙو تخليقي
فن آهي. تنقيد کان سواءِ توهان جي ادب جي اوسر
پوري نه ٿيندي.“ ڪنهن ڏاڙهونءَ کي سٺن داڻن ۽ ان ۾
خراب داڻن جي نکيٽي وانگر بي مقصد ۽ بيمار ادب ۽
ادبي رجحانن يا روايتن جي نشاندهيءَ جو ڪم تنقيد
جي وسيلي ئي ممڪن آهي. دنيا جي ڪنهن به ادب يا
شاعريءَ جيڪو به اعليٰ معيار ماڻيو يا جوڳي عظمت
کي ڇهيو، ان ۾ عملي تنقيد جي نهايت اهم حڪمت شامل
رهي. زندگيءَ سان سلهاڙيل سماجي قدرن جي تبديليءَ
پٽاندڙ تنقيدنگارن، شاهڪار ادب ۽ شاعري لاءِ عروج
ڏانهن معيار جا گس پنڌ ۽ پيچرا جوري، اعليٰ
ڪارنامو سرانجام ڏنو. وقت به وقت نمودار ٿيندڙ
ادبي لاڙن يا تحريڪن جي پيش نظر نوان نوان اصول ۽
نسخا جوڙي معياري ادب ۽ شاعريءَ کي هٿي به ڏني ته
ان لاءِ بهترين راهه به هموار ڪئي. اهو بي رحم
تنقيد جو ئي ڪردار آهي جو عالمي ادب معيار جي
بلندين کي ته رسيو، پر اُن سان گڏ پنهنجي اثر جي
رنگيني کي دنيا جي ٻين ٻولين تائين رسائڻ ۾ به
ڪامياب ٿيو. ڪنهن عظيم فنڪار جي تنقيد کان چڙ ۾ به
تنقيد جي قبوليت جو عنصر موجود هوندو آهي. جي نقاد
۽ تنقيد جو وجود يا عمل دخل نه آهي ته پوءِ چڙ
ڪنهن تي؟ نابريءَ جي باوجود جڏهن ڪو عظيم فنڪار
نئين تخليقي عمل مان گذرندو هوندو ته ان وقت سندس
ذهن ۾ تنقيد جي ڏيئي جي لاٽ ضرور ليئاڪا پائيندي
هوندي، تڏهن ئي جان اسٽيئن بيڪ کي اظهارڻو پيو ته
”پاڻ کي ٽن شخصيتن ۾ ورهائيندو آهيان- هڪ سٽاءُ
سٽيندي آهي، ٻي تنقيد ڪندي آهي ۽ ٽين انهن ٻنهي ۾
ڳانڍاپو پيدا ڪندي آهي.“
معياري تنقيد جي اهميت کان ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب
يا شاعري لنوائي نٿا سگهن. پئبلو نرودا جهڙي شاعر
به تنقيد کي بردباريءَ سان قبول ڪندي چيو ته ”دنيا
۾ جيڪا به نفرت موجود آهي ۽ جيڪو به پيار موجود
آهي، اها نفرت ۽ محبت دل ۾ ڌاري منهنجي نقادن لکي
لکي منهنجا ذرا پرزا ڪري ڇڏيا آهن.“
ادب، اهو چاهي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ سرجيو ويو هجي يا
سرجندو هجي، انهيءَ منجهان بيمار ادب ۽ ادبي لاڙن
جا جڏهن تنقيد کنڌا کنيا، تڏهن ئي ادب پنهنجي ٻولي
۽ خطي جون سرحدون اُڪري ٻين ٻولين ۽ خطن تائين
پنهنجي معيار جو واس ڦهلايو. اهو وڏي سپ، جگر گردي
۽ ڌيرج جي ڪري ئي ممڪن امر بڻيو يا بڻجي ٿو.
بدقسمتيءَ سان سنڌي ادب خاص طور تي شاعريءَ بابت
تنقيد ناپيد نظر اچي ٿي. سنڌي ادب ۾ تنقيد لاءِ
شيخ اياز ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته ”تنقيد جو فن
اسان وٽ اڃان ڊولپ نه ٿيو آهي، تنقيد جي حوالي سان
ايمانداريءَ سان چئجي ته اسان ڇاڇر ۾ ڇيرُون هنيون
آهن.“ اياز جي ان ڳالهه ۾ وڏو وزن آهي! اسان وٽ
تنقيد نگار جي سوچ يا ڄاڻ ڪنهن عطائي ڊاڪٽر وانگر
رهي آهي. جيڪڏهن معياري تنقيدي فن يا عمل گوشا ڪڍڻ
شروع به ڪيا ته ان کي وهه جي وٽي سمجهيو ويو
(حالانڪه حڪمت ۾ وهه سان علاج به ٿيندو آهي). هت
ذاتي پسند/ناپسند واري دام ۾ ڦاٿل ادبي روين
سنجيده ۽ تخليقي تنقيد کي ادب ۽ شاعريءَ جي صحت
لاءِ مضر قرار پئي ڏنو آهي. ذميوار نقاد کي هت اڃا
به وڌيڪ نفرت ۽ ناراضگي نصيب ٿي آهي. اهوئي سبب
آهي جو اسان وٽ ادبي تنقيد يا تنقيد جو فن اپاهج ۽
هيڻو بڻجي رهجيويو آهي ۽ خود اهڙي نسخي جي تلاش ۾
سرگردان رهندو آيو آهي، جنهن ۾ سندس ڇوٽڪارو هجي.
ڪو ذميوار نقاد سماجي ۽ ادبي لاڙن جي روشنيءَ ۾ ست
سارڻ جي ڪوشش مس ڪري ٿو ته هر ڏسا ۾ ”ڀُون ڀُون“
جا بدشگون آواز اُڀرڻ شروع ٿي ٿا وڃن. مون محسوس
ڪيو آهي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جو ستارو هميشه ئي
گردش ۾ رهيو آهي. ڪڏهن به تعميري، تخليقي ۽ سنجيده
تنقيد جو ستارو اسان جي ادب ۽ شاعريءَ سان مليو ئي
ناهي. بدشگوني ۽ گردش جي ور چڙهيل ستارو ڪهڙي جوت
جلائيندو يا ڪهڙا جوهر ڏيکاري سگهندو، جتي ڪاملتا
جي خوش فهمي ۽ بيجا خودثنائي ڪينسر جي صورت اختيار
ڪري وئي هجي ۽ اهو ڪينسر اصولي تنقيد جي رڳن ۾
ڦهلائڻ جي مهم جاري هجي ۽ تنقيدي معيارن کي موڳو
ڪري وجهي ته پوءِ اُتي تنقيد جهڙو تخليقي فن ڪيئن
اُسري نسري سگهندو؟ مخالفت، ڪاوڙ، ڌڪار ۽ نفرت
کيرٿر جيڏو ڪر کڻندي ته اصولي تنقيد لڪ لانگها
ڪيئن لنگهي سگهندي؟ تحرڪ جا حيلا وسيلا به تاڙي،
پر غير سنجيده روش ۽ سوچ صحتمند تنقيد جي تارونءَ
تي ڳڙُ جي گرم چاش جيان ٽپڪڻ شروع ٿي ويندي آهي!
”تنقيد لکڻ لاءِ ماڻهوءَ کي شاهڪار ڪاريگر هئڻ
گهرجي.“ فيض احمد فيض جي هن راءِ تي ڌيان ۽ گيان
سان ڪو نقاد ويچاري ڪوشش به ڪري پر ناراضگين جو
جبل چڙهندي ۽ مسلسل ڪوفت مان گذرندي، تنقيد هٺ
سڄائي وڃائي اُڀ ساهيءَ جو شڪار ٿي وڃي ته پوءِ ڇا
ڪجي؟ اُڀ ساهيءَ کي هڪ قسم جي الرجي چيو ويو آهي ۽
ان جو ڪامياب علاج تڏهن ئي ممڪن هوندو آهي، جڏهن
ان جو اصل ڪارڻ معلوم ڪيو ويندو آهي. جڏهن ڪارڻ
معلوم نه ٿي سگهندو آهي ته پوءِ علاج به مشڪل ٿي
پوندو آهي. اهو ضرور ٻڌو اٿم ته الرجي جو علاج
يوناني حڪمت ۾ هڪ ٽڪ موجود آهي. ادب ۽ شاعريءَ کي
تنقيدي فن کان الرجي توڙي جو ڪهني شڪل اختيار ڪري
ويل آهي، پر سچائيءَ ۽ کرائپ جهڙي ادبي حڪمت ۽
بردباريءَ تي مبني ڦڪين (تنقيدي اصولن) واپرائڻ ۾
سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي شفا جو راز سمايل آهي.
* * * *
مان بظاهر ”شاعريءَ سان دشمني“ جي نالي ۾ ادبي
نسخي تحت جوڙيل ”شاعريءَ سان دوستي“ واري تخليقي
تنقيد کي ”سگهاري سُتي“ سمجهان ٿو، جيڪا وڏي
عرقريزيءَ ۽ احتياط سان جوڙي وئي آهي. هن نسخي جا
اصول ۽ ارڪان آهن ته پراڻا، پر انفراديت ۽ نواڻ
واري ذائقي سبب مزيدار لڳي ٿو. آهي ته ڪجهه اُگرو،
پر ان جو تاثير مٺو آهي. اهو سوادي ذائقو اڪسير
علاج جو ورن آهي. سچ ته اسحاق سميجي وڏو ڪم ڪري
ڏيکاريو آهي. مون کي پبلو نرودا جون سٽون ياد اچن
ٿيون ته ٿورو بيهي سوچڻو پوي ٿو ته، ڪٿي اسين
کانئس ناراض ٿي، ساڻس سطحي سوچ جو مظاهرو ڪري نه
ويهون! پبلو نرودا هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”اسان وٽ
هتي جيڪو به ماڻهو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي ته
اسان جا ماڻهو انهيءَ کي ٽنگ مان وٺي هيٺ ڪيرائڻ
جي ڪوشش ڪندا آهن.“ اسحاق وڏي باريڪ بينيءَ کان ڪم
وٺي تخليق سان دوستي، سچائي، نيڪ نيتي، ذميواري،
محبت، محنت، ڪٿي مصلحت، همت، جسٽيفڪيشن، ثابتي،
دليل ۽ ڪٿي وري ٿوري مقدار ۾ خوف ۽ گهڻي مقدار ۾
احترام جي عنصر جون اصولي جڙي ٻوٽيون شامل ڪري،
نسخو نروار ڪيو آهي. هن روايت پسندي، مفاد پرستي،
ذاتي لڳ لاڳاپن ۽ شخصي وابستگيءَ کي پاسيرو ڪري،
وضعدار نرالو قدم کنيو آهي، جيڪو کڄڻ ته اڳ ۾
گهرجي ها، پر ڪُهلو هينئر به سمجهڻ نه گهرجي.
اسحاق سميجي پنهنجي همعصر دؤر جي وڏن شاعرن سان
ڏاڍي نهٺائيءَ سان پيش ايندي، پنهنجي تخليقي تنقيد
جي نرالي ۽ نئين روايت قائم ڪئي آهي ته ٻين بهتر
شاعرن کي بهترين منزل ڏانهن وک وجهڻ جي واٽ ٻڌائڻ
جي به لاڀائتي ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي دؤر جي گٺل
پيٺل روايتن سان مهاڏو اٽڪائڻ ڪا سُٿري ڳالهه ته
ناهي! اسحاق جي کنيل رسڪ پٺيان نئين روايت رائج
ڪرڻ جو نيڪ مقصد موجود آهي، جنهنڪري ڳوڙهي اڀياس ۽
گهري نظر وسيلي نئين روايت جا پير کوڙڻ ۾ هن ڪا به
ڪسر نه ڇڏي آهي. اسحاق لوڪ ۾ هوندي لوڪ کان نرالپ
جو ثبوت ڏيڻ لاءِ شايد شاهه لطيف جي ڪوڪ ڪنائي آهي
ته:
”لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار.“
اسحاق سميجي تنقيد جي تخليقي فن کي جيڪو رت ست هن
ڪتاب ۾ ڏنو آهي، ان جي اثر ۾ دائميت جهلڪي ٿي. هن
تنقيد جي پراڻي روايت کان هٽي ڪري تخليقي عمل مان
گذري پنهنجي بحث کي اهڙي ته ترتيب ۽ تنظيم سان
وڌايو آهي، جو ان ۾ سونهن، نواڻ ۽ نرالپ ته آهي ئي
پر تنقيد ۾ جمالياتي عنصر پيدا ٿي پيو آهي، جيڪو
تنقيد کي تخليقي فن جي بلڪل قريب آڻي بيهاري ٿو.
ٻولي ۽ خوبصورت ترڪيبن جي استعمال وري ان ۾ دلچسپي
پيدا ڪئي آهي، جو پڙهندڙ پڙهي پوري ڪرڻ کان سواءِ
رهي نه سگهندو.
”نقاد جي راءِ ڪنهن به شاعر کي ننڍو يا وڏو نٿي
بڻائي. شاعر ڄائي ڄم کان ننڍو يا وڏو هوندو آهي،“
فيض احمد فيض جي انهيءَ نقطي تي غور ڪريون ٿا ته
انهيءَ نتيجي تي ضرور پهچون ٿا ته بنيادي عظمت آرٽ
کي آهي. جنهن شاعر وٽ آرٽ آهي، سو عظمت يا وڏائپ
جو حقدار ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن آرٽ کان وانجهو آهي ته
ننڍو ئي رهجي ويندو آهي، ڇو ته وٽس انفرادي يا
منفرد آرٽ نه هوندو آهي. انڪري ئي رينيار ماريه
رلڪي به ذري گهٽ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته: ”فنپارا
انتهائي انفراديت جا حامل هوندا آهن، تنقيد انهن
کي سمجهڻ جو ڏاڍو حقير ذريعو آهي.“ هن صورتحال ۾
هڪڙو سوال ضرور اُڀري ٿو ته آخر ڪيئن خبر پوي ته
فلاڻو فنپارو آهي يا نه؟ آرٽ، انهيءَ جي انفراديت
۽ تخليقڪار جي عظمت جي پروڙ جو ذريعو ڪهڙو هئڻ
گهرجي؟ منهنجي خيال ۾ تخليقي فن سان ٽمٽار تنقيدي
ادب ئي فنپاري توڙي فنڪار جي عظمت جي احساس کي
اُجاري، نکاري نروار ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي.
اسحاق جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ منهنجي انهي
ويچار جو وستار ٿيل آهي، سنجيده ادب ۽ شاعريءَ جو
سنجيده دوست اُن کي ضرور محسوس ڪندو. مون کي يقين
آهي ته ڪوبه فراخ دل، حقيقت ۽ جدت پسند سرجڻهار
اسحاق جي هن ڪيمياگريءَ جي ضرور آجيان ڪندو، پر
گهڻن لاءِ ناراضگي به ککر ۾ کڙي جهڙي پيدا ٿي سگهي
ٿي.
* * * *
”شاعريءَ سان دشمني“ ڪتاب ۾ پهرين دوستي ڪهنه مشق
شاعر تاج بلوچ سان نڀائي وئي آهي. جنهن بي مثال
انداز، بي مثال دليلن، نشاندهين ۽ بيباڪيءَ سان
دوستيءَ جو نيباهه ڪيو ويو آهي، سو پڙهڻ سان هيڪر
ته مون وانگر تاج بلوچ جا به ڇرڪ ڇڏائجي ويا
هوندا. مون کي ته هڪدم هيءُ شعر ذهن تي تري آيو:
ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي.
آئينو ته آئينو آهي. سچ ڳالهائڻ جو ٺيڪيدار نه به
سمجهونس، پر اهو ته مڃڻو پوندو ته منجهس اوندهه ۾
عڪس ٺهڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن. دز چڙهي وڃڻ ڪري
وري عڪس ڌنڌلا. چٽي عڪس لاءِ وري روشني جو هئڻ اوس
آهي. اسحاق سميجو کڻي سج اُڀاري نه سگهيو آهي،
پوءِ به ميڻ بتي ٻارڻ جي جسارت ضررو ڪئي اٿس ۽ تاج
بلوچ آڏو سندس ئي شاعريءَ جو آئينو رکي، تاج بلوچ
سان گڏ اسان کي به ان جا اولڙا آڇيا آهن. مون جيان
تاج بلوچ کي جڪ آئي هوندي ۽ شايد جان اسٽيئن بيڪ
جو گفتو ياد ڪري دل تي ڇنڊو هنيو هوندائين ته ”آءٌ
نه ٿو چاهيان ته ليکڪ ڇڙواڳ رهي، پر جيڪي نقاد آهن
سي ته پنهنجو پاڻ کي زوري پٽڪي ٻڌائي، چڱا مڙس ٿي
فيصلا ڪرڻ ويهي رهندا آهن.“ ايمانداري واري راءِ
اها آهي ته اسحاق نه زوريءَ پٽڪي ٻڌي آهي ۽ نه چڱ
مڙسيءَ جي شوق ۾ ويهي ادبي فيصلا ڪيا آهن. هن جي
ته محنت جس لهڻي جو انهيءَ آئيني تي چڙهيل
خوشفهميءَ جي دز ڌوئي ويهي عڪس اُجرا ڪيا آهن. هن
ڏاڍي محنت ۽ محبت سان رنڍا روڙي هڪ نئين روايت جي
مضبوط پيڙهه ٻڌي آهي. تاج بلوچ، مان يا مون جهڙو
ڪو ٻيو تحقير کي تنقيد جو نالو ڏيندڙ ڀلي ڏمرجي يا
ناراض ٿئي، پر هن ڌيرج ۽ سلڇڻائپ سان عملي تنقيد
جي اُڊڙيل بخين کي پنهنجائپ ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان
سبڻ جي سنبت ڪئي آهي، ائين جيئن لطيف چيو آهي:
”سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من.“
اسحاق سليقي، خبرداري، احتياط ۽ مهارت سان سنهي
ڪتڻ ۽ سبڻ کان ڪم وٺندي تاج بلوچ کي احساس ڏياريو
آهي ۽ مادرڪ اسٽرينڊ جو قول اڻ سڌي طرح سان
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”جيڪڏهن ڪو شاعر
پنهنجي شاعريءَ جي پاڻ ساراهه ڪندو آهي ته بيوقوف
ماڻهو ئي ان جي عزت ڪندا آهن.“ تاج بلوچ جي ردعمل
بابت لکڻ جي گنجائش ناهي، باقي اسحاق رد ڪد جا ڪي
رستا ئي نه ڇڏيا آهن. ها جيڪڏهن ٻيو ڪو برجستو
نقاد اُٿي ردڪد جا پيچرا ڇڪي ڪڍي ته ڪڍي سگهي ٿو ۽
تنقيدي فن ۾ توسيع ڪري سگهي ٿو، ڇو ته ردڪد جا
رستا بند ٿيل يا ٻيڪڙيل ناهن. انهيءَ لاءِ اسهپ جو
عنصر نه هجي. ڇو ته اسان وٽ اسهپ اکٽ آهي ۽
اُنهيءَ اسهپ جي پاڙ گهڻو ڪري نسل جي وڇوٽي
(generation gap)
۽ سينئر جونيئر (شاعري يا ادب نه ڄڻ نوڪري هجي)
ڪامل ۽ اڪمل جهڙين خوشفهمين ۽ خود فريبين جي
سينورجي ويل پاڻيءَ جي پاتال ۾ پيل آهي. جهڙي
آبياري تهڙي اوسر! هتي ۽ هن حوالي سان وري به جان
اسٽيئن بيڪ جي ڳالهه ذهن تي تري اچي ٿي ته، ”لکڻ
جي هنر ۾ جيستائين نئين شيءِ ايجاد نه ڪبي،
تيستائين ڪتاب (تخليق) اڳتي نه وڌندو. ليکڪ هميشه
اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي بڻائيندو آهي.“ مان سمجهان ٿو ته
ڪاملتا جي خوشفهميءَ مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ نئين شيءِ
ايجاد ڪرڻ جو جوهر ۽ جوش تخليقي تنقيد ئي پيدا ڪري
سگهي ٿي. اسحاق قريني سان تاج جو سندس تخليق ڏانهن
ڌيان ڇڪايو آهي ته جيئن تاج بلوچ به نئين ۽ منفرد
تخليق سرجي، ان کي داخلي توڙي خارجي لحاظ کان
ڪيفيتن جو ساگر بڻائي سگهي. جيڪڏهن تاج بلوچ وليم
فاڪنر جي پيروي ۾ چوي ته ”سٺو فنڪار اهو آهي جيڪو
ڪنهن جي صلاح نه وٺي. صلاح ڏيڻ وارو (نقاد) ڀلي
ڪيترو به هوشيار ڇو نه هجي، ليکڪ لاءِ صفا سکڻو
آهي.“ پر وليم فاڪنر جا هي به جملا ذهن ۾ رکڻ
گهرجن ته ”سکڻو اٿئي ته پنهنجين غلطين کان سک،
ماڻهو پنهنجين غلطين مان ئي سکندو آهي.“ وليم
فاڪنر دراصل عظيم آرٽسٽ جي انهيءَ خوبيءَ ڏانهن
ڌيان ڇڪايو آهي ته وڏو فنڪار نئين شيءِ تخليق ڪرڻ
لاءِ نوان نوان تجربا ڪندو آهي. انهن تجربن دؤران
غلطين جا امڪان دور ڪندو، ڪامياب تجربن جا نکٽ
ڦهلائيندو رهندو آهي. ان سلسلي ۾ وري فيض احمد فيض
موزون ڳالهه ڪئي آهي ته، ”ڪنهن شاعر جو تجربو هڪ
حد تائين محدود رهجي وڃي ۽ شاعر کي اڳتي گهٽي به
نه ملي، اها ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ناهي. تجربي جو
ڪمال اهو آهي ته ان مان آرٽ پيدا ٿئي.“
اسحاق سمجي تاج بلوچ جي هڪ پئراگراف بابت ٻه سوال
پڇيا آهن: ”جنگ ۾ بيٺل جرنيل جنگ بندي لاءِ ڇو
سوچي؟ شاعريءَ جي مقصد نه ماڻڻ سان رياستي جبر
ڪيئن وڌندو؟ (ص 14). جرنيل ڇو نه ٿو سوچي سگهي؟
سوچي سگهي ٿو، اهو ممڪن آهي. ان جا ڪارڻ ڄاڻائي
سگهجن ٿا. هن ڊيگهه کان بچڻ لاءِ صرف اها گذارش
ڪندس ته ڪنهن ڪمزوري سبب به سوچي سگهي ٿو ته ماڻهو
هئڻ جي ناتي ڪي پل محبت ۽ محبوب جي ياد يا تصور ۾
ٻڏي جنگ بندي لاءِ سوچي سگهي ٿو. جرنيل روبوٽ
وانگر خالي نه پر دل رکندڙ ماڻهوءَ جيان سڄڻ جي
ياد جي اوهيرن ۾ لڙهي ڪي پل جنگ بندي جو سوچي سڄڻ
لاءِ ڇڪ محسوس ڪري سگهي ٿو. ڪو رومينٽڪ شعر ذهن تي
تري اچڻ سان موت ۽ زندگيءَ جي ٻواٽي تي بيهي سڄڻ
ڪارڻ جنگ بندي لاءِ سوچي به سگهي ٿو. اهو ناممڪن
ناهي. پرينءَ لاءِ تصور ۾ ٻڏي جنگ بندي لاءِ ڪي
گهڙيون سوچي ساڻيهه جي سوچ ايندي، وري وطن جي راهه
۾ جنگ جوٽڻ ۽ دفاع ڪرڻ واري حب الوطني جي جذبي سان
به سرشار ٿي سگهي ٿو. مطلب ته جرنيل تي سڄڻ خاطر
جنگ بندي لاءِ سوچڻ تي پابندي مڙهڻ احساسن جي
انحرافي آهي، سوچ کي سنگهر نه اسحاق ۽ نه تاج بلوچ
پارائي سگهي ٿو ۽ نه ڪو ٻيو پارائي سگهي ٿو. ماڻهو
سڄڻ جي سُرهي سار ۾ ڇا ڇا نه ٿو سوچي سگهي؟ توڙي
جو تاج بلوچ به انهي سلسلي ۾ نفي ڪئي آهي!
ادب ۽ شاعريءَ جو سماجي ۽ سياسي(سياست خود سماج جو
حصو آهي) ڪارج به هوندو آهي. جيڪڏهن ٻين مورچن سان
گڏ ادبي مورچو به مضبوط نظر ايندو آهي ته رياستي
ڏاڍ جي تاج، تخت جا برج لرزڻ لڳندا آهن. ان وقت
ادب ۽ شاعريءَ جو ڪارج ڪارائتو نظر ايندو آهي، ته
رياستي جبر جو جوش به خائف يا جهڪو محسوس ٿيندو
آهي. ادبي مورچو انهيءَ اُٿل پٿل ۾ سماج جي
ڪاياپلٽ جي ڪمائتي ڪڙي به ثابت ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾
ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي ٻولي بابت بل پاس ڪرائڻ جهڙي
ڪامياب سوڀ ۾ ساهت جو سهڪار به شامل هو. بين
الاقوامي سطح تي چين، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ انقلاب ۾
ادب وڏي هٿي رهيو. ائين کڻي چئجي ته وڏو ڪردار ادب
۽ شاعري جو ئي آهي. اها ٿي ادب ۽ شاعري جي سڦلتا،
پر جڏهن سماج جي ٻين مورچن سان گڏ ادبي مورچو به
ڪمزور پئجي وڃي ٿو ته هيڻائپ ڪر کڻي ٿي، تڏهن ادب
سماجي ڪارج هوندي به نٻل نظر ايندو آهي ۽ اهڙي ئي
صورتحال ۾ مورچا مايوسيءَ جي لهر ۾ گهيرجي گهٽجي
رهجي وڃن ٿا ته رياستي جبر جو جنون وڌندي محسوس
ٿيندو آهي. اهو سنڌو درياهه جي پاڻي هڙپ ڪرڻ جي
صورت ۾ ظاهر ٿئي يا ڪنهن ٻي حق تلفي جي شڪل ۾
نمودار ٿئي. بهرحال شاعري مقصد نه ٿي ماڻي يا
رياستي جبر آڏو سگهاري قوت طور نه ٿي اڀري ته دٻجي
رياستي جبر جي احساس کي اُڀاري سگهي ٿي.
انهيءَ منجهيل پئراگراف ۾ تاج بلوچ جي هڪ مشاهداتي
اڻاٺ ڏانهن اسحاق کي اشارو ڪرڻ گهرجي ها ته جرنيل
مورچي ۾ بيهي شاعري پڙهي ڪيئن؟ هٿن ۾ بندوق هوندس
يا ڪتاب؟ ممڪن آ ته ڪتاب کنيو ويو هجي، سو به
رومانوي سنڌي شاعريءَ جو ڪتاب؟ پوءِ واقعي به
جرنيل جي سوچ ۽ ذوق تي وايون بتال ٿي وڃن ٿيون!
شايد دنيا جو پهريون ۽ آخري جرنيل (سنڌي؟) هوندو،
جيڪو مورچي ۾ بندوق به هلائي رهيو هوندو ته ڪنهن
رومانٽڪ شاعر جي جمالياتي شاعريءَ مان لطف اندوز
به ٿي رهيو هوندو!
ڪنهن شعر جو حسن، ان جي تخيل، منفرد بيان، دلپذير
ٻولي ۽ انوکي اسلوب ۾ هوندو آهي. جمالياتي پهلو
وري ان شعر جي جان هوندو آهي. انهن ۾ مطالعو ۽
انوکو مشاهدو سگهه ڀريندو آهي. اهي سڀ شيون ملي
ائپروچ ۾ اچن ته شعر لازوال ٿي ويندو آهي. شاعر
ڪيتري آرٽسٽڪ ائپروچ سان اظهاري ٿو، اصل شيءِ اها
آهي، باقي بحر وزن يا ڇند وديا ۾ هلڪي سلڪي ڪمي،
جهول يا کوٽ کي ثانوي حيثيت حاصل آهي. ان جو اهو
به مطلب ناهي ته فن کي مورڳو نظرانداز ڪرڻ گهرجي،
پر ان جي ٿوري گهڻي ڪوتاهي يا خامي جي نشاندهي ڪرڻ
ڪو اعليٰ تنقيدي ڪارنامو به ناهي ۽ نه ئي بحث طلب
مامرو آهي. جڏهن ذڪر ڪجي يا بحث ڇيڙيو وڃي، تڏهن
ان جي نشاندهي لازمي بڻجيو وڃي. خاص طور جيڪي
شاعر، شاعريءَ جو ڇيهه فن، فني لوازمات- بالخصوص
بحر وزن جي ڪاربن ۽ قالبن جي ڪوڙڪيءَ ۾ لفظن کي
ڦاسائڻ سمجهندا هجن ۽ لفظن کي نپوڙڻ ۽ نهوڙڻ جي
انهيءَ اٽڪل بازي کي شعر جو معراج ڄاڻندا هجن،
انهن وٽ موجود اهڙي کوٽ کولي رکڻ ضروري ٿيو پوي،
جيڪا ڳالهه اسحاق کان رهجي وئي آهي. ۽ لکي ٿو ته
”پوئين شعر ۾ شعريت ۽ نازڪ خيالي ته آهي پر وزن جي
ڪمزوري کيس ڌوئي ڇڏيو آهي.“ (ص 25) اهو شعر هيٺ
ڏجي ٿو جيڪو فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلاتن (فعلاتن
جي ”ف“ ۽ ”ع“ متحرڪ) وزن تي آڌاريل آهي ۽ ان جي
تقطيع هيٺينءَ ريت بيهي ٿي:
تاج گُلنا/ص فت سا/ڻ جي کيڪا/ ڪري سگهه (جي ها)
فاعلاتن/فعلاتن/فعلاتن/فعلاتن
مٿي ڄاڻايل تقطيع ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ”جي ها“
اضافي آهي، جيڪو نه صرف وزن جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري
ٿو پر رواني جو روح به مجروح ٿيندي محسوس ٿئي ٿو.
اهو شعر هيٺينءَ ريت وزن ۾ موزون به ٿيندو ته ان
جي رواني متاثر نه ٿيندي ۽ شعر جي شعريت ۽ نازڪ
خيالي به بحال رهندي.
تاج گلنار صفت ساڻ جي کياڪر ڪجي ها./ڪري ها
ٿوري ڪوشش سان خوشبوءِ کي گرفتار ڪجي ها./ڪري ها
تخليقي ۽ عملي تنقيدي فن جي حوالي کان عقابي نظر
رکندڙ اسحاق جي نظر به ٿيڙ کائي وئي آهي. حيرت کان
وڌيڪ ٻيو لفظ سُجهي نه ٿو اچي ته هن تاج بلوچ جي
قافين جي ڪمزوري تي بحث دؤران هڪ شعر ڏنو آهي (ص
25). ان ۾ مشاهداتي هيڻائي ڏانهن سندس ڌيان نه ويو
آهي. ان شعر ۾ مشاهدي جي اُڊڙيل بخين کي به ڳنڍڻ
جي ڪوشش ڪري ها ته ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها. هيٺئين
شعر ۾ مشاهدي جي کوٽ بلڪل پڌري نظر اچي ٿي:
سڀ آوارا يا چڱا ماڻهو
هرڪو آهي سماج جو حصو
اُکري آهي سڀني کي ڏڏري ٿي
۽ بنائي ٿي کاڄ جو حصو.
وليم فاڪنر هڪ انٽرويو ۾ ”لکڻ“ لاءِ جن شين کي
ضروري سمجهيو يا ٻڌايو، انهن ۾ مشاهدو به آهي. چوي
ٿو، ”لکڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي: تجربو، مشاهدو
۽ تصور جي قوت (Approach)“
جڏهن مشاهدو مڏو هوندو ته تصور جي قوت بلند پيدا
نه ٿيندي. اُکري به ڏڏريندي آهي؟ بلڪل نئون ۽
انوکو مشاهدو چئبو! اُکري ته اڪيلي سر ڪجهه نه ٿي
ڪري سگهي جيستائين ان جو ساٿ مهري نه ٿي ڏئي.
مُهريءَ کان به ڏڏرڻ جو ڪم وٺي نٿو سگهجي، ڇو ته
مُهريءَ جو به ڪم ڏڏرڻ ناهي. اُکري ۽ مهري ته اَنُ
ڇڙڻ لاءِ ڪم اينديون آهن ته جيئن ان ۾ موجود ڀتر
وغيره ڀوري ڇڙي صاف ڪري جنڊ، جانڊهه يا چڪيءَ ۾
پيسڻ يا ڏڏرڻ لائق بڻائي سگهجي. تاج بلوچ الائي
ڪٿي ۽ سنڌ جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ اُکريءَ کي ڏڏريندي ڏٺو
آ؟ اڃان به داڻا، ڌاڻا يا ڪو ٻيو مصالحو اُکريءَ ۾
وجهي مهريءَ سان چٿڻ، ڪُٽڻ واري مشاهدي منجهان
پنهنجي تصوراتي قوت کي سگهارو بڻائي ها ته به چڱو.
تاج بلوچ مذڪر ۽ مؤنث يا واحد ۽ جمع جي حوالي سان
جيڪي غلطيون ڪيون اُنهن تي ميار اجائي سمجهان ٿو.
اهو اثر ٻروچڪي جو ناهي. دراصل اهو فارسي ۽ اردوءَ
جو اثر آهي، پوءِ پازيب هجي، بازار هجي، قدر مان
قدرون ۽ پاڻي مان پاڻين هجي، سندس شعر ۾ تشبيهاتي
ماحول هجي، سندس لب لهجو، اسلوب، استعاراتي عنصر
هجي يا مشاهداتي صورتحال- سمورو ڪجهه فارسي ۽ اردو
جي اثر هيٺ پليو نپنو آهي ته ان وٽ سنڌي ٻولي، لب
لهجو، مقامي مشاهداتي ماحول ۽ تشيبهه ۽ استعاري
لاءِ ائپروچ اپاهج ئي نظر ايندي.
اسحاق سميجو ٺپ سنڌي ۽ سنڌي ٻولي جي مضبوط طرفدار
تاج بلوچ جي هڪ شعر ۾ تشهير ۽ تفسير جي وضاحت ۾
اردو جي اثر کان بچي نه سگهيو آهي. هن هڪ اصطلاح
(ص 30) ”ڍنڍورو پٽڻ“ ڪم آندو آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾
ڍنڍورو ڏيڻ يا مچائڻ طور ڪم آڻڻ درست ٿيندو. انهي
معنيٰ لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ ٻيو اصطلاح پڙهو ڏيڻ يا
گهمائڻ پڻ مروج آهي. بهرحال اسحاق بي مثال مصنوعي
شاعريءَ جي سري هيٺ تاج بلوچ جي شاعريءَ جو جنهن
ايمانداري، سچائي ۽ ڪٿي جذباتي نوع ۾ ڇيد ڪيو آهي، سو
املهه آهي ۽ تاج بلوچ کي خلوص، نيڪ نيتي ۽ فراخ
دليءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي. کيس پنهنجي ڪيل پورهئي
تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي. بحيثيت ذميوار نقاد ۽ شاعر
جي سوچ ويچار کان ڪم وٺڻ گهرجي. جڏهن تاج بلوچ به
ائين ڪندو ته اها به هڪ منفرد ۽ نئين روايت رائج
ٿيندي. تنقيد جهڙي تخليقي فن جي پڻ نئين تاريخ جڙي
پوندي. اهو به سچ ثابت ٿيندو ته اديب ۽ شاعر
پنهنجي پورهئي جو پاڻ ئي وڏو نقاد هوندو آهي.
* * * *
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ شبهو ناهي ته امداد حسيني
سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ شاعريءَ جو وڏو پارکو ۽ نقاد
هجڻ سان گڏ وڏو شاعر پڻ آهي. انهيءَ ۾ به گمان
ناهي ته اسحاق جي ساڻس عقيدت، گهرائپ ۽ ويجهڙائپ
ڪيتري پراڻي آهي، پر جنهن دوستيءَ ۽ پنهنجائپ جو
ثبوت ”للاٽ جي لاٽ شال جرڪي“ جي روپ ۾ اسحاق ڏنو
آهي، سو بلڪل نرالو ۽ مختلف آهي. اهڙو ڪارائتو ۽
وزنائتو ثبوت ڪو ٻيو ڏئي سگهي ٿو؟ اسحاق سڀني
لاڳاپن کي قائم رکڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي ته تنقيد
جي ميدان ۾ نهايت ذميوار ۽ مايدار وک به کنئي آهي.
سندس انهيءَ کان ڪوبه سمجهدار، ذميوار ۽ سنجيده
سوچ رکندڙ نقاد، اديب يا شاعر لنوائي نه سگهندو.
مون کي ذاتي طور سُڌ آهي ته نه صرف اسحاق پر امداد
به ساڻس پيار ڪري ٿو، پر ادب خاص طور شاعريءَ ۽
تنقيد جي سلسلي ۾ اسحاق منفرد ۽ نئين روايت جو
قائل رهيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو هن امداد
حسينيءَ سان پنهنجي کري ۽ نرالي نينهن جو اظهار
ڪيو آهي. وٽس نواڻ پسنديءَ وارو جذبو ئي ڪارفرما
آهي، جنهن تحت پسمنظر توڙي پيشمنظر ۾ امداد
حسينيءَ سان سچيتائپ منجهان مخاطب ٿيو آهي.
اسحاق سمجي خوبصورت عبارتن جي ڪائنات جوڙيندي،
عملي طرح تنقيد جي هڪ بهترين روايت قائم ڪئي آهي.
سچ اهو آهي ته اسحاق دليلن جي ڏئي جي لاٽ تي ويهي
للاٽ جي ماجرا بيان ڪئي آهي. خيالن ۽ جذبن جي نقش
نگاري ۽ چٽسالي ڪئي آهي. تعميري، معياري ۽ تخليقي
تنقيد جو گلدان منطقي سوچ جي گلن سان ويهي سجايو
آهي. اسحاق جڏهن امداد حسينيءَ سان مخاطب ٿئي ٿو
ته سندس لفظن، عبارتن ۽ ترڪيبن ۾ امداد لاءِ
احترام ۽ نهٺائي جهلڪندي نظر اچي ٿي. حقيقت بياني
نهايت خوش اسلوبي ۽ پاٻوهه سان ڪري ٿو. سو به تڏهن
جڏهن امداد حسيني شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر، خوبصورت
نثرنويس، ڪهاڻيڪار ۽ ڏيهي پرڏيهي ادب تي گهڻ رخي ۽
گهري نظر رکندڙ ڏاهي تخليقڪار بابت اڇي تي ڪارو
آندو. اسحاق ڪٿي ڪٿي هلڪو جذباتي ٿيڻ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي، صرف ۽ صرف شيخ اياز جي
شاعراڻي قد ڪاٺ، ڏات ۽ ڏانءُ، تخيلاتي اُڏام ۽
تصور جي سگهه، جدت ۽ نواڻ ڏانهن عملي طور مائل ۽
قائل لاڙن يا وري شيخ اياز جي شخصيت جي باري ۾
مغالطن بابت دليلن سان اظهاريو آهي ته جيئن تاريخ
۾ اياز بابت ڪا غلط فهمي نه رهجي وڃي. ٻئي طرف
انهيءَ طريقي سان هن شاعريءَ جو لاڀائتو اڀياس پيش
ڪيو آهي. نه ته امداد سان اسحاق جي روحاني تعلق جو
رنگ ۽ دوستيءَ جو نيباهه ”جديد شهر آشوب“ ۾ ته
ڏسو! ڇا نه خوبصورت
۽ دلچسپ ۽ نت نئين لکڻي ۽ بحث آهي! گهٽ ۾ گهٽ
انهيءَ موضوع تي مون اڳ ۾ ته اهڙو شاندار ليک نه
پڙهيو آهي. انهيءَ مضمون بابت بحث اڳتي ايندو، هتي
گذارش اها ڪرڻي آهي ته اسحاق شيخ اياز جي حوالي
سان ڀرپور ۽ شانائتي انداز ۾ جيڪو مباحثو ڪيو آهي،
سو نه صرف امداد حسيني آڏو پر اسان سڀني آڏو شيخ
اياز جي عظمت، آرٽسٽڪ ائپروچ، سندس انفراديت ۾
موجود اجتماعيت، شاعراڻي ڪائنات ۽ ان ڪائنات جي
رنگن جي ذات کان نڪري، ڪائنات سان لاڳاپو جوڙڻ
واري وسعت ۽ پکيڙ، باڪمال فنڪارانه صلاحيتن، ٻولي
تي مهارت، فن توڙي فڪر ۾ ڪيل نون ڪامياب تجربن
واري شڪتيءَ کي اجاگر ڪيو آهي ۽ اهو احساس ڏيارڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو هر وڏو يا مهان
ڪوي اسان جو پنهنجو آهي. اسين سڀني لاءِ محبتن جا
ڀنڊار آهيون. جيڪي اعليٰ درجي جا تخليقڪار اسان جا
پنهنجا آهن، انهن تي الزامن ۽ من گهڙت ڳالهين جو
هڪڙو ڪک به اسان جي اسهپ جو سبب بڻجي پوي ٿو.
اسحاق سميجي به ائين ئي ڪيو آهي ۽ ڏاڍو وقتائتو
ڪيو آهي. حقيقت ۾ ائين ڪري اسحاق اياز تي احسان نه
ڪيو آهي. سنڌي ادب ۽ تنقيد جي تاريخ سندس اهو
احسان ساهه ۾ سانڍيندي. هن پنهنجائپ سان گڏوگڏ ادب
جي تاريخ جو حق ادا ڪيو آهي.
جيئن اياز اسان سڀني جو علمي ورثو آهي تيئن استاد
بخاري، امداد حسيني ۽ هر شاعر به اسان جو ادبي
سرمايو آهي، اهوئي سبب آهي جو اسحاق هڪ ذميوار
نقاد طور ناراضگين جا خطرا پٺتي ڇڏي پنهنجي
ذميواري نرالي انداز ۾ نڀائيندي، امداد حسيني جهڙي
ٻهڳڻي شاعر سان صحيح معنيٰ ۽ مفهوم واري تنيد جي
تاڃي پيٽي ۾ اصل حقيقتون اُڻيون آهن.
ڏٺو اهو وڃي ته تنقيدنگار جيڪو بحث ڇيڙي ٿو، اهو
ڪيترو موزون، شفاف ۽ تعميري آهي يا ان بحث جي
پويان سندس ڪهڙو مقصد ۽ نيت متحرڪ آهي؟ جيڪڏهن
مقصد ۽ نيت نيڪ آهي ته شڪ ۽ ناراضگي جو ڪوبه جواز
نه ٿو رهي. جيڪڏهن نقاد تعريف يا تحقير کان ڪم وٺي
ٿو ته مان ان جي نيت ۾ خلل سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته
سکڻي تعريف ۽ بيجا تحقير کان وڌيڪ مان نه ٿو
سمجهان ته ٻي ڪا دشمني به ٿي سگهي ٿي. اسحاق
روايتي تنقيد جي اصولن کان هٽي ڪري بحث ۾ مشغول
نظر اچي ٿو. وٽس لڳ لاڳاپا وڌائڻ يا وڃائڻ جي
پرواهه موجود ناهي. مون مختلف موقعن تي اها ڳالهه
ورجائي آهي ته مقصديت واري تنقيد جو فقدان سري کان
ئي سنڌي ادب ۾ موجود رهيو آهي، جنهنڪري معياري
تنقيد اڃان اکر مس اُچاري ٿي ته غم غصي جي لهر
ڊوڙي وڪوڙي وڃي ٿي. هاڻي اسحاق جو ڪتاب پڙهي اهو
ضرور چوڻو پوندو ته روايتي ۽ عام رواجي تنقيدي
لاڙي کي ضرب اچڻ شروع ٿي آهي ۽ اسحاق معياري تنقيد
جي سلسلي ۾ هيءُ ڪتاب مهاڳ طور لکي چڪو آهي.
اسحاق جي مضمون ”للاٽ جي لاٽ شال جرڪي“ جو وچور
مون کي سمجهه ۾ ائين آيو آهي ته ڪنهن فنڪار جي
فنڪارانه پهچ، ان جي تخليق جي روح ۽ ان جي پسمنظر
کي پرکڻ ۽ پروڙڻ گهرجي. تنقيد تي هن تنقيدي مضمون
جو روح به اهوئي ٿو لڳي ته پرک ۽ پرجه جو دائرو
فنڪار جي ذات يا ذاتي مامرا نه هئڻ گهرجن. ڪنهن
وڏي ۽ عظيم آرٽسٽ جون معمولي ۽ غير اهم ڪمزوريون
ڳڻڻ ۽ فنڪار کي لوئڻ به ڪو اعليٰ ڪارنامو ناهي.
مثال طور ڌاري ٻولي جا لفظ ڪم آڻڻ، بحر وزن يا ڇند
وديا جي استعمال ۾ جهول ظاهر ڪري ڪنهن اعليٰ پايي
جي تخليقڪار کي ننڍو ڪري پيش ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه
وري انهن اڻ لکين اوڻاين سان اهو ننڍو به ٿي
سگهيٿو. انهيءَ سلسلي ۾ چند گذارشون مان رکڻ
چاهيان ٿو:
جيتري قدر ڌاري ٻوليءَ جي لفظن جي واهپي جو سوال
آهي ته مان انهيءَ راءِ جو آهيان ته ڪنهن به ڌاري
ٻولي جا لفظ جيڪي سنڌي ٻولي جهول ۾ جهلي پنهنجا
ڪري ڇڏيا آهن ته انهن کي ڌاريو سمجهڻ اجايو آهي.
البت اوپرا ۽ واهپي ۾ نه آيل لفظ ڪم آڻڻ عيب جوڳو
عمل آهي. ايراني (فارسي)، عرب (عربي) ۽ انگريز
(انگريزي) حڪمران رهيا ته سندن ٻولين جو به سنڌي
ٻوليءَ تي اثر ٿيو. انهيءَ اثر دؤران انهن ٻولين
جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، جن کي سنڌي ٻولي
پنهنجو ڪيو، سي هاڻي پراوا نه رهيا آهن. ريڊيو، ٽي
وي، گلاس، اوطاق، روزو، نماز، سلام دعا وغيره
ڌاريا نه رهيا آهن. عربي لفظ صوم و صلواة اڄ به
ڌاريو آهي. فارسي روزو نماز سنڌي لباس ۾ موجود
آهي. خود شاهه لطيف- جنهن چيو، ”جي تون فارسي
سکئين توءِ گولو توءِ غلام“- تنهن جي هيٺ ڏنل شعرن
کي غور سان پڙهو:
* جيئن سو هرڻ هماءُ، ”سرگردان“ سنسار ۾
* هٿين پيرين مونڙين، ڪهج پر ”قدام“
* ڪڄاڙيا ڪاهي، ”شتر“ اُن سينگاريا
* ”ڪنيزڪ“ ڪيچين جي، ٻانهي ٻانهوٽي
* ٻڙڪي ٻاهر نڪتي ”گاذر“ منجهان ”گام“
* درد نه لهي داروئين، ”نالف“ زور ڏنوم
* اٿيو ۽ اٿاڪ، ڪالهوڪر ڪاڏي ”گيو“
* جيلاه ٿيا نابود، تيلاه رسيا ”بود“ کي
* سندي نينهن نهي، ڪي ”سرفراز“ سسئي
* محبت جن جي من ۾، تن ”تشنگي“ تار
اهڙو ڏات ڌڻي، جيڪو پنهنجي دؤر جو منفرد، نرالو ۽
نئين روايت جو حامي، عوامي ۽ عام ٻوليءَ ڏانهن
سڀري وک ۽ اُجري اک رکندڙ عظيم شاعر جو درجو ماڻي
ٿو، مولود، منقبت، مناجات، حمد، غزل ۽ مثنوي جو
ادراڪ هوندي صرف وائي ۽ بيت کي اظهار جو وسيلو
بڻائي ٿو، رومانوي يا حڪايتي قصن داسانن ۽ موضوعن
جي چونڊ به صرف سنڌ جي لاڳاپن تحت ڪري ٿو، پنهنجي
دؤر ۾ مسلط فارسي ٻولي سکڻ کي غلامي سڏي ٿو، پوءِ
اُهو فارسي لفظ ڪم ڇو ٿو آڻي؟ اهو سوال به ته
ويچارڻ جهڙو آهي. شاهه لطيف فارسيءَ جي درٻاري
ماحول کي قبول نه ڪيو ۽ مروج فارسي شاعريءَ جي
روايتن کان بغاوت ڪري نج سنڌي ۽ عوامي ٻولي جي
اظهار کي اوليت ڏني. هن گهڻو تڻو ٻهراڙيءَ جي ٻولي
توڙي زندگي ۾ رچي مچي، انهن قدرن، ماحول ۽ لب لهجي
جي عڪاسي ڪئي آهي. شعر وسيلي ان وقت جي سنڌ ۽ سنڌي
سماج جي فڪري ۽ احساساتي ترجماني ڪئي آهي. تنوير
”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ لکي ٿو، ”شاهه لطيف جي دؤر
تائين مغربي ادب ۾ پڻ عام ماڻهن جي ٻولي ۾ شعر چوڻ
يا عام ماڻهوءَ جي باري ۾ لکڻ جو تصور ئي پيدا نه
ٿيو هو. مغربي شاعري ۾ عام ماڻهن جي ٻولي ۾ لکڻ ۽
شعر ۾ عام ماڻهن جي جذبن جي اپٽار ڪرڻ جو تصور
شاهه لطيف کان اڌ صدي پوءِ (يعني ورڊسورٿ ۽ ڪولرج
وغيره) پيدا ٿيو. (ص 34). انهيءَ جي باوجود به
شاهه لطيف ٺيٺ فارسي لفظ سرگردان (ن ساڪن)، شتر
(اُٺ)، ڪنيزڪ (ٻانهي) بود، سگبان (ڪُتائي) ۽ تشنگي
لفظ ڪم آندا آهن ته عربي ۽ هندي جا لفظ به ڪم آندا
آهن. اڪثر ته سنڌيءَ ۾ مروج ئي ناهن، پر ڪي مروج
به آهن ته عام ناهن. اهي لفظ ڪم آڻڻ سان ڇا شاهه
لطيف جي شاعراڻي عظمت ڌڪجي ٿي يا گهٽ وڌ ٿي ٿئي؟
هرگز نه! هندي لفظ ”گيو“ ڪم آندو اٿائين. گيو جي
جڳهه تي ”ويو“ به موجود آهي ۽ عام آهي، پر تڏهن به
لطيف گيو لفظ ڪم آندو آهي! جيڪڏهن عظيم شاعر شاهه
لطيف فارسي ٻوليءَ جي لفظن جي استعمال کان بچي نه
سگهيو آهي ته پوءِ اياز، بخاري، امداد، تنوير،
شمشير ۽ ٻين فارسي عربي يا انگريزي لفظ ڪم آندا ته
ڪهڙي اربعا خطا ٿي! اها ڳالهه الڳ آهي ته لطيف
تمام گهٽ ڌاريا لفظ شعر ۾ ڪم آندا آهن، خرار مان
مُٺ ضرور کنئي اٿس. اياز جڏهن ساهتي سانڀر جا ساهه
پئي کنيا، تڏهن مٿس سگهو ئي فارسي حاوي هئي. اياز
اثر قبول ڪيو، پر پوءِ محسوس ڪندي، خول ٽوڙي نج
سنڌي ٻوليءَ ڏانهن موٽيو ته ٺيٺ ۽ چند لفظن جا
واهڙ وهائي ڇڏيائين. ان ۾ ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي
ته جديد سنڌي ادب کي فارسي زده ڪواٽ يا اَواٽ کان
موڙي سواٽ ڏانهن راعب ڪرڻ ۾ شيخ اياز جو تمام اهم
۽ نمايان ڪردار آهي.
لطيف عوامي زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪردارن جي ڪڙي
ڪڙي ۾ ملائي شعر ۾ نغمگي کي عروج بخشيو ۽ انهن جي
ڪم جي نسبت سان تعميري ۽ حقيقي تصور جي اپٽار ڪئي.
شاهه جي چونڊيل ڪردارن بابت سندس تصور جي قوت ۽
راءِ هر دور لاءِ محسوس ٿيندي. فلسفي نه هئڻ جي
باوجود سندس فڪر لازوال آهي. اها وٽس ڏاهپ هئي ته
خيال کي نهايت منطقي انداز ۾ پيش ڪري نتيجي خيز
بڻائي ڇڏي. شيخ اياز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو
”فن کي آدرش هئڻ گهرجي. ڀٽائيءَ جي شاعري وانگر ڪي
ڪي شاعر پنهنجي دؤر جي پيڙا جو اظهار ٿين ٿا. سندن
مقصد دنيا کي بدلائڻ نه آهي. دنيا ۾ تبديلي شاعري
جو نتيجو ٿي سگهي ٿي.“ اياز جي شاعري جي نتيجي ۾
دنيا ڀلي تبديل نه ٿي هجي، پر ادب جون روايتون
ضرور تبديل ٿيون ۽ سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن جا واهڙ
وهڻ شروع ٿي ويا. جهڙيءَ ريت لطيف پنهنجي دؤر جي
پيڙا کي اظهاريو تهڙيءَ ريت اياز پنهنجي عهد جي
درد دريا کي شعر ۾ سمائي عظمتن ۽ امرتائن کي ڇهيو.
مان اياز جي ”خط انٽرويو تقريرون“ ڀاڱو-II
۾ لطيف لاءِ ڏنل راءِ کي اياز
لاءِ ئي ڪم آڻيان ٿو ته ”لطيف جو وجود ڪا ازلي
شعبده بازي ناهي، پر هن ڌرتيءَ جي فن ۽ فڪر جي
درجي به درجي ارتقا جو حاصل آهي ۽ جڏهن لطيف آيو
تڏهن سج جيئن ڇانئجي ويو، جنهن جي اُهاءُ ۾ ٻيا
تارا ۽ تروڪڻيون ڍڪجي ويا ۽ پنهنجي جوت ايتري
جرڪائي نه سگهيا، جيتري انهن ۾ جلا هئي.“ (ص 95)
شاهه لاءِ اٿاهه خراج سان ڀريل مٿئين پئراگراف مان
اياز وٽ لطيف جي عظمت جو پتو پوي ٿو ته خود اياز
جي همعصر دؤر جي شاعري بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾
سولائي ٿي پوي ٿي.
اياز جي ذات ۾ تضاد وارو مامرو ذڪر هيٺ آندو ويو
آهي. اسحاق انهيءَ حوالي سان ڏاڍو مناسب چيو آهي
ته ”سموري ڪائنات، زندگي، فڪر ۽ نظام تضادن سان
ڀريل آهن. اهي تضاد فطرت وانگر آرٽ جو حسن آهن.“
(ص 53). ظاهر آهي ته فرد جي ذات جا تضاد سنئون سڌو
سندس سوچ ۽ فڪر تي به اثرانداز ٿين ٿا. سندس ذات ۽
زندگي جي تضادن جا پاڇا فطري آهن ۽ اهي عمر جي
لحاظ کان به ورڇجي نروار ٿيندا رهندا آهن. ماڻهو
ته ماڻهو آهي، ڪهن هڪڙي ڪيفيت ۾ ته ڪڏهن ٻي ڪيفيت
۾ اچي، مختلف نموني سوچي به سگهي ٿو ته عمل به
اختيار ڪري سگهي ٿو. اياز به ته انسان آهي، ان وٽ
تضاد اوس آهن پر اهي سندس عظمت کي گهٽائي نه ٿا
سگهن.
ساڳيءَ طرح سان شاهه لطيف جي ڪلام ۾ بظاهر ڪوبه
تڪرار موجود ڪونهي، پر گهرائيءَ سان سندس شعر
پڙهجي ٿو ته اسان کي خيالن ۾ تڪرار ضرور نظر ايندو
۽ اهڙا تڪراري شعر سموري ڪلام ۾ جابجا نظر ايندا.
شاهه چواڻي:
* ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.
(حسيني)
ٻئي هنڌ چئي ٿو:
* پسيو ڪين پسان، آءٌ نه جئندي اُن ريءَ
(رامڪلي)
* آهه نه لاهيندياس، جيئري جت ڏسي مران (سسئي آبري)
مون گذارش ڪئي ته انسان جي اندر ۾ وقت به وقت پيدا
ٿيندڙ ڪيفيتن ۽ احساسن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حالت يا
مسئلي جي نوعيت ۽ ان جي مقصديت تحت سوچ جو زاويو
تبديل ٿئي ٿو ته راءِ مختلف جڙي ٿي ۽ اُن راءِ ۾
تڪرار يا فرق کي تضادن جو رنگ ڏيڻ به فضول آهي،
ڇاڪاڻ ته زندگي گهڻ رخي ۽ گهڻ پاسائين آهي. زندگي
جا رخ ۽ پهلو مختلف ٿين ٿا، انڪري ان بابت خيال به
مختلف اُڀرن ٿا ۽ اظهار جي قالبن ۾ اچي متضاد ۽
تڪراري محسوس ٿين ٿا. زندگي وانگر ساڳي صورتحال
سماج ۽ ان بابت ماڻهوءَ جي سوچ ۽ راءِ سان به لاڳو
ڪري سگهجي ٿي.
جڏهن ڳالهه سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي عظمت يا عظيم
دؤرن ۾ ان جي ورهاست جي نڪري ٿي ته بنان هٻڪ جي
چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعري خاص طور جنهن
دؤر ۾ شاهه لطيف جي ڏات ۽ ڏانءُ آڪاس جي بلندي کي
ڇهندي نظر اچي ٿي، سو دؤر عظيم دور آهي. جيئن
سنڌوءَ جي تهذيب جو اهڃاڻ مُهين جو دڙو آهي تيئن
انهيءَ دؤر ۾ شاعري جي عظمت جو استعارو شاهه لطيف
آهي، شاهه چواڻي:
* جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
* بالله ريءَ پرنِ، سڀ اونداهي ڀانئيان.
شاهه لطيف کان پوءِ وڌيڪ سگهارو يا سندس پايي جو
شاعر ڪهڙي دؤر ۾ نروار ٿيو آهي يا مُهين جي تهذيب
کان پوءِ ڪهڙي دؤر ۾ اهڙي عظيم تهذيب جا اهڃاڻ
اُسريا ۽ مليا آهن؟ ٿورو غور طلب مامرو آهي. ادب
جي تاريخ ۽ ان کي دؤرن ۾ ورهائڻ جي ڪٿ ڪٿان کان
شروع ڪجي ۽ اسحاق چواڻي ته ڪهڙن معيارن ۽ اصولن
تحت ڪجي؟ منهنجي خيال ۾ سٺن شاعرن يا اديبن جي
گهڻائي کي ڏسي دؤر جي عظمت ڪٿڻ ٺيڪ ناهي. درجي به
درجي شاعريءَ جي ارتقا ۽ ان جو عروج به کڻي ويهي
درجن ۾ ورهائجي، پر هن معاملي ۾ وري به شيخ اياز
سونهون بڻجي ٿو ۽ چوي ٿو ته ”شاهه ۾ اها ڏاهپ هئي
جو هن سڄي ڳالهه کي ميڙي چونڊي منطقي نتيجي تي
پهچايو پر پوءِ وئي ڳالهه ڪرندي، ڇاڪاڻ ته انهي
ذهانت جا ماڻهو پيدا نه ٿيا.“ مقدار بجاءِ معيار
جي ڪسوٽي تحت ادب جي زرخيزي ته معلوم ڪري يا ماپي
سگهجي ٿي، عظمت نه! ان لاءِ فن ۽ فڪر جو سمنڊ
سوجهڻو پوندو ۽ موتي ميڙي عظمتن جي لڙهي پوئي
سگهجي ته پوءِ بلاشڪ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي عظيم
دؤرن جي ورهاست ۽ ورڇ ڪري سگهجي ٿي. 17هين صديءَ
جي ساهميءَ ۾ شاهه جو پُڙ ڳرو آهي ۽ 16هين، 18هين
۽ 19هين صدي؟ 20هين صديءَ ۾ شيخ اياز تي نشان لڳي
چڪو آهي (مڃتا ۽ مهانتا جو). استاد بخاري ۽ امداد
حسيني شاعريءَ ۾ وڏا نالا آهن، تنهن هوندي به
عظمتن جو چارٽ جوڙڻ وقت تخليقڪارن جي تخليقي
پورهئي جي سگهه جي پرک لاءِ اصول ۽ معيار مقرر
ڪرڻا پوندا.
سنڌي شاعريءَ جي چئن صدين جي تاريخ کي ڳوڙهيءَ طرح
اڀياسڻ ويهنداسين ته اسان کي شيخ اياز کان اياز گل
تائين مختصر فهرست نصيب ٿيندي، جن غزل جي صنف کي
نرالپ، نواڻ ۽ ڪلاسيڪيت جو رنگ ڏنو آهي. انهن
شاعرن جا به چند غزل ملندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾
ڪلاسيڪي انداز ۽ فڪري وسعت جي ماڻ ۽ ماپ تي پورا
لهندا. ٻئي طرف اردو غزل ۽ ان جا ڪلاسيڪل شاعر
معيار توڙي مقدار ۾ ججها ملي ويندا. مان اسحاق جي
انهيءَ راءِ سان سهمت آهيان ته دنيا ۾ غزل تي وڌ ۾
وڌ طبع آزمائي ننڍي کنڊ ۾ ٿي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي
سمورين ٻولين ۾ اردو جي پايي جو غزل ٻي ڪنهن به
ٻولي ۾ نٿو لکجي (ص 54)
جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ وزن جي کوٽ جو بحث
ڇيڙيو وڃي ٿو ته مان محترم ۽ مڪرم نقادن کي نماڻي
گذارش ڪري ويهندو آهيان ته اوهان ڪڏهن شاهه لطيف
جي شاعريءَ ۾ ڪم آيل ڇند وديا جو ڇيد ڪيو آهي؟ يا
ان بابت ڪڏهن ويچاريو آهي؟ جيڪڏهن جواب نهڪر ۾
هوندو آهي ته پڇي وٺندو آهيان ته آخر ڇو نه؟ شاهه
جي ڪم آندل ڇند وديا کي سمجهيو نه ويو آهي يا ڪا
ٻي ماجرا آهي؟ ۽ جيڪڏهن سمجهيو به ويو آهي ته پوءِ
ان بابت لکيو ڇو نه ويو آهي؟ شاهه لطيف جي فن ۽ ان
جي ڪمال تي قلم تحرڪ ۾ ڇو نه آيو آهي ته لطيف ڪهڙا
ڪهڙا باڪمال ۽ ڪامياب تجربا ڪيا آهن؟ اسان کي
اعتراف ڪرڻ گهرجي ته سنڌي شاعريءَ ۾ اڃان ڪنهن
اهڙي نقاد جنم ئي نه ورتو آهي، جيڪو شاهه لطيف
جهڙي شاهه ڪاريگر جي فني پهلوئن، خصوصن ڇند وديا
تي ڪماليت سان قلم کڻي سگهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن
ڪاپڙيءَ جي گهرج آهي جيڪو اسان کي گس لائي. جيتري
قدر شيخ اياز جي موزونيت جو سوال آهي ته کيس ڀلي
آجو قرار نه ڏنو وڃي. اياز جي شعر ۾ ڇند وديا ۽
علم عروض جي مقرر پئمانن جي استعمال، ان ۾ ڪامياب
تجربن جي پرک سان گڏ سندس بلند خيالي، شعر ۾
گهرائي ۽ فنڪارانه صلاحيت جو پڻ جائزو وٺڻ گهرجي.
اياز جهڙي وڏي ڪلاڪار ۽ ڪوي جي شعر منجهان
ناموزونيت کوٽي ڪڍڻ منصفاڻي تنقيد جي زمري ۾ نه ٿو
اچي. اياز جهڙي آرٽسٽڪ ائپروچ رکندڙ آرٽسٽ جي اها
ڪمزوري سمنڊ ۾ سُئي ڪيرائڻ جي مترادف معلوم ٿيندي.
اهو چوندي ڏاڍي ڏکيائي ٿي ٿئي ته امداد اياز جي
شعر جي جيڪا تقطيع ڪئي آهي سا درست نه ڪئي آهي.
امداد جي بيان ڪيل تقطيع خود ڳالهائي ٿي. |