شاعري
”......مان شاعر نه آهيان، پر بعضي بعضي ازغيبي
توارد ٿيندو اٿم ۽ ڪجهه نه ڪجهه شعر چئي وجهندو
آهيان. تازو پنهنجي هڪ پياري دوست ڏي پنهنجو هڪ
سادو سودو شعر ڏياري موڪليم. بيشڪ اُن ۾ عروضي
چڪون گهڻيون ئي هيون، پر وڏو عيب اُن ۾ اهو هو جو
اُهو تمام سادو ۽ عام فهم هو. منهنجي محترم دوست
مون ڏي لکيو ته اهو شعر تمام سادو آهي ۽ هينئر
سنڌي شعر ايڏي اوج ۽ ڪمال کي پهتو آهي، جو اهڙي
شعر کي شايع ڪرڻ گويا شعر جي بيعزتي ٿيندي. عزيزو!
هي آهي موجوده شاعراني ذوق جو هڪ مثال. مون کي
معاف ڪندا، جو مان پنهنجي عزيز دوست جي راءِ سان
شامل نه هيان. منهنجي نظر ۾ سنڌي شعر عروج جي
بدران تنزل جي واٽ وٺي رهيو آهي. اُن مان سادگي ۽
سنجيدگي صفا نڪري وئي آهي، رڳو تڪبندي ۽ نقالي تي
ٻڌل آهي. شاعراڻا خيال فطري نموني ۾ ادا نٿا ڪيا
وڃن، پر انهن کي ڌاريو لباس پهرائي پنهنجي اصل کان
ڌار ڪيو وڃي ٿو. اسان جو شاعراڻو ذوق نسورو اردو
شاعريءَ جي نقالي ۽ تقليد آهي. آيا اسين ايتريقدر
عاجز ٿي ويا آهيون جو اسين پنهنجي اندر جا اُمنگ
پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ ادا نٿا ڪري سگهون؟ اُها
ٻوليءَ جا اسان جي بزرگن جي گود ۾ پلي ۽ وڌي وڻ ٿي
۽ اهڙا شگوفا ۽ گل ڪڍيائين جو اُنهن جو واس اڃا به
دٻيل دماغن کي دَئي ڏيئي رهيو آهي. بيشڪ ٻوليءَ کي
ترقي وٺائجي، اُن ۾ نون نون خيالن جو اظهار ڪجي،
نون نون سانچن ۾ شعر کي پلٽجي ۽ اُن کي تونگر ۽
مالامال بنائجي، پر اُن جي معنيٰ اُها نه آهي ته
اُن جي صورت نسخ مسخ ڪري ڇڏجي، جو اُن جا فرزند به
اُن کي سڃاڻي نه سگهن!
هاڻي سوال آهي ته صحيح ادبي ذوق ۽ سليقو ڪيئن پيدا
ڪجي؟ ان جي لاءِ ونگڙيون واٽون اختيار ڪرڻ ضروري
ناهن. پڌري پٽ شاهراهه لڳي پيئي آهي، پر اسين خواه
مخواه ورن ۾ وراڪا ڪري رهيا آهيون. سنئون رستو ته
هي آهي ته شعر جي ميدان ۾ اسين اڳين جي اڳواڻي
قبول ڪريون ۽ نثر جي نيستان ۾ ڪن جيد نثر نويسن جو
تتبع ڪريون، جي اضافت جي آزار کان آزاد آهن. شعر
جو ميدان ته نهايت ڪشادو آهي. اڳين اسان لاءِ
اڳيئي رستو گهڙي صاف ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي
سنواري، سينگاري، اهڙو عام فهم بنايو اٿن، جو اُن
۾ هر قسم جا پاڪيزا خيال ادا ڪري سگهبا. مهرباني
ڪري ٻڌائيندا ته اسان مان گهڻا آهن، جن شاهه جو
سڄو رسالو پڙهيو هوندو يا سچل سرمست جي ڪلام
جومطالعو ڪيو هوندو يا شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ۽
ميين عيسيٰ جي سنڌيءَ جو سواد ورتو هوندو؟ بهتر
آهي ته اسان جا جوان، جن جي نازڪ طبع نثر ڏي مائل
آهي، سي پهريائين اُنهن ماڻڪن ڏانهن منهن ڪن ۽
اُنهن جي جلوي ۽ جوت منجهان ڪجهه اُهاءُ وٺن....“
- شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو
[”مهراڻ“، 3-4/1969ع، ص 12 ]
”بشير“ مورياڻي
غزل
اچو ته گڏجي پراڻو نظام بدلايون،
انهي اسان سان ڪيون بيشمار ڏاڍايون.
گهڻو ئي صبر ڪيو آ گهڻو سَٺو آهي،
اکيون اکين ۾ وجهيظالمن سان ڳالهايون.
نئون جهان اَڏڻ لاءِ پاڻ تي ڀاڙيون،
کُٽايون پنڌ، نيون منزلون اِجهو آيون!
عوام کي وڃي سمجهائجي ته ڇا جي لاءِ،
عوام پاڻ ئي آهيون ته ڪنهن کي سمجهايون.
ڏَٽن تي ڪونه لڳون رهبرن جي، نڪرون پاڻ،
سموري ساٿ کي خود منزلن تي پهچايون.
ڪري سگهون ٿا حقن لاءِ پنهنجي جنگ اسان،
ٻين طرف نه مدد لاءِ هاڻي واجهايون.
هي ڌرتي آهي اسان جي، ڪوئي کسي ته ڏسي،
ڇو رهزنن جي اڳيان اُن جي لاءِ ٻاڏايون.
’بشير‘ شهر به پنهنجا ته ڳوٺ ڀي پنهنجا،
اسان کي ڪهڙي ضرورت اَڏيون نيون جايون.
شبير ”هاتف“
غزل
( 1 )
سڪايل سڪايل اُڃايون اُڃايون،
اسان تنهنجي راهن ۾ اکڙيون وڇايون!
خوشيءَ سان سهي وياسون سڀئي مَٺايون،
جڏهن ياد آيون ڪي تنهنجون چڱايون!
مڙئي صرف مون ڏي، تون سارو سچايون،
اِنهيءَ ڳالهه کي بس اِتي ٿا کُٽُايون.
حياتيءَ جونگهڙيون نه ويهي وڃايون،
اُٿو! وقت سان پاڻ ساهي پُڄايون.
وَهي جا بچي سا ڇو ويهي وڃايون،
نوان يار ڪريون، نوان نينهن لايون.
اصل کان سڄڻ هوئين ڪَن جو ڪچو تون،
وري ڪنهن ٻُڌايئي اَجايون سجايون.
ڪرائي تي وهه وهه ڪرڻ تي هِريا جي،
اُنهن مرثين تي به تاڙيون وڄايون!
( 2 )
پنهنجن جو آهه پاڻ تي جو حق ادا ڪريون،
ٻيو ڪجهه نٿو پُڄي ته کڻو ٻُڪ دعا ڪريون!
هڪڙي نمازِ عشق مسلسل ادا ڪريون،
باقي سمورا فرض ۽ واجب قضا ڪريون.
هن سان ورهه به ونڊبو، محبت به ماڻبي،
پهرين ڪٺور دل کي ته درد آشنا ڪريون.
ڪو وقت هو جو هُو به وڏو هو وفاشعار،
اُن وقت جي مهابي اسين پيا وفا ڪريون.
تون جي اسان سان پيار جي اڄ ابتدا ڪرين،
پو ويهي ڏس ته ڪنءَ ٿا اسين انتها ڪريون.
تُنهنجي چپن جي چاش جا چشڪا وٺي وٺي،
باقي جي زندگيءَ جا بچيا پَل مٺا ڪريون.
هُن جي ڪرم جي حد، نه اسان جي گناهه جي،
هو پيو ڪرم ڪري ۽ اسين پيا خطا ڪريون.
جيڪي پڇڻ سُڻڻ کان سوا پيا سزائون ڏينِ،
تن ساڻ پنهنجي حال جو احوال ڇا ڪريون.
هي شاعريءَ جا رنگاسان جو ڪمال ناهه،
هر رنگ هُن جي رنگ مان پيدا پيا ڪريون.
’هاتف‘ اُهي پيڻ ۽ کيڻ جا زمانا ويا،
هيرو ٺڪر
غزل
ڏَڏ ٿي جو ڏاڻ گهريم هن کان
هو ڏيندو ڏيندو ڏيندو ويو.
جيڪي ڪجهه مون کي کپندو هو،
سو ايندو، ايندو، ايندو ويو.
ڄِڀ جيڏو منهنجو دامن هو
اُڀ جيڏي هن جي مهر ميا،
مان وٺندي وٺندي ٿڪجي پيس
هو ڏيندو، ڏيندو، ڏيندو ويو.
مون مور بڻي جو واجهايو
هو بادل بڻجي برسي پيو
ايئن نينهن سندا نياپا مون ڏي
هو نيندو، نيندو، نيندو ويو.
هئي پيار جي راهه اڻانگي پر
منزل تي پڄي ئي وياسين آخر
هو عشق جو مون ۾ ڏانءُ ڪٿي
پر ايندي، ايندي، ايندو ويو.
هڪڙو ئي قدم اڳتي جو کنيم
منزل کي ڏٺم پنهنجي سامهون
هٿ ڪم ۾ وجهڻ جي دير هئي
ڪم ٿيندو، ٿيندو، ٿيندو ويو.
واسديو ”موهي“
غزل
ڇير لاهي وڃن ٻنين ۾ گُلَ،
اک جهڪائين، آرسين ۾ گُلَ.
ڪا تپت ٿي هجي چپن تي، پر،
رات جي ڳالهه تي اکين ۾ گُلَ.
ڪوڏورن، هٿ ڦٽيل، اکين ۾ بُکَ،
چلهه اڳيان روٽلو، دلين ۾ گُلَ.
تنهنجي اک مان ڪرن جي ماڪ ڦڙا،
تن مان پڄريو پون بٺين ۾ گُلَ.
آرتي ٿي پيو سڄو جيون،
من ۾ خوشبو اگربتين ۾ گُلَ.
ڳوٺ منهجي کان آيو آهين تون،
ڪيترا تنهنجي پوٽلين ۾ گُلَ.
گودڙي ويڙهجي وئي لڱَ تي،
ماءُ! هئا تنهنجي آڱرين ۾ گُلَ.
ڪنهن ته پرديس ۾ گڏيا آهيون،
ڏس، لڳايم ڀتين ڇتين ۾ گُلَ.
ڪيڏو مچلن، نچن، ڊُڪن مُرڪن،
نينگريون ڳوٺ جون، ندين ۾ گُلَ.
ولي محمد ”وفا“ پلي
غزل
داڻو آهي نه دام، زندگي آهي،
رنگ و بُو جي غلام زندگي آهي.
ڪيڏي بي ننگ و نام زندگي آهي،
غيبتن جي غلام زندگي آهي.
هيڏي ڇو تشنئه ڪام زندگي آهي،
ٿي ڇو محرم الحرام زندگي آهي.
آرزوئن جو قيام زندگي آهي،
حسرتن جو مقام زندگي آهي.
تنهنجي ڪوچي ۾ خام زندگي آهي،
ورنه دنيا ۾ عام زندگي آهي.
تنهنجي هٿ ۾ زمام زندگي آهي،
موت جي ڇو غلام زندگي آهي.
مون تي الزام زندگي آهي،
زهر جو جام زندگي آهي.
ڪک پن ۾ به عام زندگي آهي،
پر نه تو وٽ سو جام زندگي آهي.
امداد حسيني
ڳل تي ڳوڙها جيئن!
(ٽيڙُو)
ٻانگي ڏني ٻانگَ،
رات رچايا جي هئا-
ڌوپي ويا سي سانگَ!
پنکين کوليا پنکَ،
آئي ٻانگ مسيت ۾-
مندر گونجيا سنکَ!
پنکڙين تي ايئن،
موتي چمڪيا ماڪ جا-
ڳل تي ڳوڙها جيئن!
سِري، وچَ ۽ لاڙَ،
پرهه ڦٽي، نڪري پيا-
ڪاهي ڌَڻَ ڌراڙَ!
تون مان آهيون ايئن،
سورج ۽ سورج مُکي-
هوندا آهن جيئن!
گهُلندي گهُلندي هِيرَ،
ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي وئي-
درن درين جي سِيرَ!
غزل
اهو صحيح ته هيءَ زندگي به پياري آ
پکن جي پريت مگر ريت نيتِ نياري آ
حُسين ابنِ علي ڪونه آهِيان آئون
يزيد ساڻ مگر جنگ پوءِ به جاري آ
فرات نهر نه آهي اهو ته سِنڌُو آ
انهيءَ ۾ رَتُ نه پاڻي، انهيءَ ۾ واري آ
پڇيوءِ ڏينهن سندم ڪيئن گذرندو آهي؟
ڪڏهن اهو به ته پُڇ رات ڪنءَ گذاري آ!
اُماس رات هئي، پرهه کي پَسڻ جي لاءِ
ڏِيي جيان ئي جلي رات مون گذاري آ
اسان جو ڏينهن تتل سِڄُ آهه تارونءَ تي
۽ رات اکين ۾ ستارن جي اشڪباري آ
نه رنگهاريو ڪنهن ۽ نه ڪنهن ڏيو ٻاريو
اسان جي لئه نه ڪا هولي نه ڪا ڏياري آ
هُو
جو به چاهي اُهو اُڳاڙي ٿو
هر سُڪي سائي کي لتاڙي ٿو
ڄڻ ته ڪو فيل مست آهي هُو
نه وطن دوست ۽ نه قوم پرست
صرف مطلب پرست آهي هُو!
..... ڪٿي ناهين تون!
(ترائيل)
( 1 )
هِي ٿڌا سِيءَ مٺا سِيءَ به گذري ويندا.
هن سياري به نه مِلندينءَ ته ڪڏهن ملندينءَ تون!
پَلَ پرڏيهي پکين وانگيان اُڏري ويندا،
هِي ٿڌا سِيءَ مٺا سِيءَ به گذري ويندا!
ڌُنڌَ ۾ سِجَ ائين ئي لهي اُڀري ويندا،
اُس جيان اڄ به نه کِلندينءَ ته ڪڏهن کِلندينءَ
تون!
هِي ٿڌا سِيءَ مٺا سِيءَ به گذري ويندا،
هن سياري به نه مِلندينءَ ته ڪڏهن مِلندينءَ تون!
( 2 )
آءٌ ڪيڏانهن جي ڏسندس به ته ڏسندس توڏانهن،
يا وري تون ئي کڻي چَو ته ڪٿي ناهين تون!
تون هِتي، تون هُتي، هيڏانهن ۽ تون ئي هوڏانهن،
آءٌ ڪيڏانهن جي ڏسندس به ته ڏسندس توڏانهن!
آءٌ ايڏانهن ڏسان، آءٌ ڏسان يا اوڏانهن،
ٻيو ته ڪجهه ناهه رڳو تون ئي رڳو آهين تون!
آءٌ ڪيڏانهن جي ڏسندس به ته ڏسندس توڏانهن،
يا وري تون ئي کڻي چَو ته ڪٿي ناهين تون!
( 3 )
ائين ئي هٿ رکي هٿ تي لکڻ جي سيکارين،
ته پوءِ خدا ڪري آئون لکڻ ڪڏهن نه سکان!
اکين اکين ۾ محبت ڪرڻ جي سيکارين،
ائين ئي هٿ رکي هٿ تي لکڻ جي سيکارين!
اکين جي ڍنڍ ۾ گهرو ٻُڏڻ جي سيکارين،
ته پوءِ خدا ڪري آئون ترڻ ڪڏهن نه سکان!
ائين ئي هٿ رکي هٿ تي لکڻ جي سيکارين،
ته پوءِ خدا ڪري آئون لکڻ ڪڏهن نه سکان!
ڇا لکجي؟ ۽ ڇو لکجي؟
عمر سڄي سوچيندي گذري، ڇا لکجي؟ ۽ ڇو لکجي؟
ڪانئرتا سورهيائي سڏجي ڪانئر کي جوڌو لکجي!
ڌپ کي خوشبو، ڪنڊي کي گُل ۽ گُل کي ڪنڊو لکجي!
هر سچي کي ڪوڙو چئجي ڪوڙي کي سچو لکجي!
ڍَوَ تي ننڊ ڪجي، پني تي اُن کي اوجاڳو لکجي!
عمر سڄي سوچيندي گذري، ڇا لکجي؟ ۽ ڇو لکجي؟
هونئن ته واتُ لِنبائي ڇڏجي، لفظن ۾ واڪو لکجي!
گونجي پوءِ نه گونجي ليڪن سِٽ ۾ سناٽو لکجي!
سڀئي ٻيلا ساڙي ٻاري پوٺي کي ٻيلو لکجي!
ڀاوَ بنان چهري کي آخر چهرو يا پاٺو لکجي!
عمر سڄي سوچيندي گذري، ڇا لکجي؟ ۽ ڇو لکجي؟
درد نه جنهن کي تنهن کي خالي ماچس جو کوکو لکجي!
ديد نه جنهن ماڻهوءَ ۾ تنهن کي دُلبو ۽ دوکو لکجي!
جيڪو پئسي جو پوڄاري، سَکڻو سو ڍانڍو لکجي!
هرڪوجهي کي سهڻو ڪوٺي، سُهڻي کي ڪوجهو لکجي!
عمر سڄي سوچيندي گذري، ڇا لکجي؟ ۽ ڇو لکجي؟
ڇپجڻ لاءِ ڏجي نه ڏجي پر واٺي کي واٺو لکجي!
مُردي کي زندهه
لکجي
۽ زندهه کي مُردو لکجي!
هر چلتي کي پُرزو پڙهجي پُرزي کي چلتو لکجي!
ڪجهه به نه لکجي، بس آخر ۾ ماٺيڻو اوٺو لکجي!
عمر سڄي سوچيندي گذري، ڇا لکجي؟ ۽ ڇو لکجي؟
”عنايت“ بوچ
غزل
باک ڦُٽي ۽ ٿي پرڀات،
جاڳو جاڳو وائي وات.
تنهنجي ياد، طلب ۽ تانگهه،
تنهنجي جهوري، تنهنجي تات.
تو بن ڏونگر جيڏو ڏينهن،
گذري روئي روئي رات.
سڄڻن آهي لڌي ڪا سار،
ڪانگ لنوي ٿو مٺڙي لات.
آهه وڻي وئي ساهه سريرَ،
دل ۾ پيارن جي پئنچات.
بادل نيٺ ته بيهي ويا،
اکڙين مان جاري برسات.
حق آ منهنجو، سو گهرجيم،
گهرجي خير نڪي خيرات.
جيڪو ڪرڻو ٿئي سو ڪر،
ساري جڳ ۾ آ سڪرات.
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
ڪافي
تنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس پرين،
تنهنجو جوڙ نه ڪوئي جيس پرين.
تنهنجي چهري جي چانڊاڻ وڻي،
تنهنجي لبڙن جي لالاڻ وڻي:
تنهنجي سونهن وڻي، سرهاڻ وڻي،
تنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻاٻيس پرين.
تنهنجا واسينگن جهڙا وار عجب،
تنهنجا ڳاڙها ٻئي رخسار عجب:
اهي عاشق لئه آزار عجب،
ڪن ڪاريون اکيون ٿيون ڪيس پرين.
تو پيچ محبت پائي ڇڏيو،
منهنجي دل کي گهورن گهائي ڇڏيو.
تنهنجي نينهن نئون رنگ لائي ڇڏيو،
تنهنجي
مرڪ ٿي مقناطيس پرين.
ايڏا عهد وچن پيمان ڪري،
مٺا ’مرتضيٰ‘ جو مٿي مان ڪري:
وري دڙڪا ڏيئي دهمان ڪري،
هيڏو هاڻ نه هر هر هيس پرين.
حميد ”شهيد“
غزل
چين سان جنهن ۾ رهان، آهي ڪٿي؟
سو چمن، سو آشيان آهي ڪٿي؟
جا ڳلن تي انڊلٺ آڻيندي هئي،
مُرڪ سا پيو ڳوليان، آهي ڪٿي؟
جو ڪري سڀ سور آ ناسور ويو،
سو مسيحا، مهربان آهي ڪٿي!
هُو ته منهنجي ساهه جي رڳ کان قريب،
مان پُڇائيندو وتان، آهي ڪٿي؟
ڪو ٻُڌائيندو سندم گهر جو پتو،
پنهنجو گهر پيو ڳوليان آهي ڪٿي؟
اڌ صدي رُلندو رهيس مان اي ”شهيد“،
پنهنجي منزل جو نشان آهي ڪٿي؟
”راشد“ مورائي
غزل
ڪونه آ ڪنهن جاءِ جهڙو، تنهنجي پاسي جو سڪون،
ڪيئن ڇڏيان پنهنجي هٿان زلفن جي پاڇي جو سڪون.
مان به چاهيان ٿو گهمڻ ۽ خرچ جي پڻ کوٽ ناهه،
پر ملي پرديس ۾ ڪيئن تنهنجي پاڙي جو سڪون.
هي به گهر آهي خدا جو ڪا گهڙي کن ترس يار!
دل اندر ملندئي مٺا محبوب ڪعبي جو سڪون.
سم ڪلر وارن گهرن کي ڀو ٿئي برسات مان به،
مينهن سان واڳيل مگر آ ٿر ۽ ڪاڇي جو سڪون.
دل کي ٽڪرا ڪرڻ ۾ شايد مزو ايندو هجيس،
ڪاٺ کي ڏارڻ ۾ جيئن هوندو آ واڍي جو سڪون.
اڄ وري بيچئن آ نازڪ بدن هو نازنين،
ياخدا، ڏئي ڇڏ پرينءَ کي منهنجي ڀاڱي جو سڪون.
’راشد‘ دل لائي رکبي هر طرح ڦهلاءَ ساڻ،
آ گل و گلزار بنجڻ ۾ ئي داڻي جو سڪون.
سحر امداد
سورج سامهون آڻ!
(غزل)
سُور سليم سڀ ساجن ساڻ
تن ۽ من ۾ ٿي تازاڻ
تون جي آهين ساجن ساڻ
ڪانهي سانول ڪنهن جي ڪاڻ
اونداهين جو رستو روڪ
سورج کي تون سامهون آڻ
ظلمت جون ديوارون ڊاهي
چانڊوڪيءَ جي چادر تاڻ
سِپَ جيان تون موتي ماڻ
ڪاڻ نه ڪڍجان ڪنهن جي ڪاڻ
تو جو پاتو سائو ويس
چوڌاري ٿي وئي ساواڻ
سانوڻ آيو توسان ٻيلهه
ماڻيم ڌرتيءَ جنءَ آلاڻ!
فراريت
زندگيءَ جونڪي گهڙيون
چوري ڪري
تاتي رسون
جاتي اسين ڪنهن کي به ڄاڻون
۽ سڃاڻون ڪونه ڪو
۽ اسان کي پڻ سڃاڻي ڪونه ڪو!
ڪوبه پنهنجي نانءُ کان
واقف نه هوءِ
ذات ڄاڻي ڪونه ڪو!
توکان مون کان پوءِ دوست
ٿي سگهي ٿو وقت جي
سڏ کي وراڻي ڪونه ڪو!
سانوڻ رُت ۾ هيلَ !
تون ۽ مان، بادلجي ٻيڙي، کِل کِل کنوڻين کيلَ،
سانوڻ رُت ۾
هيلَ!
ڌوتل پوتل چنڊ پَسيا پئي، محبوبن جا ميلَ،
سانوڻ رُت ۾
هيلَ!
ٽَهه ٽَهه ٽهڪن ساڻ ٽِڙيا پئي، روح سندا رابيلَ،
سانوڻ رُت ۾
هيلَ!
هس هس ڪيئن نه هسنديون، جن سان ٻيلي آهن ٻيلَ،
سانوڻ رُت ۾
هيلَ!
چوڄَ منجهاران چُهنبملائي، ڳُٽ ڳُٽ ڪن پاريلَ،
سانوڻ رُت ۾
هيلَ!
موکي مَڌُ متارا جاڳيا ۽ اوجاڳيل ويلَ،
سانوڻ رُت ۾
هيلَ!
”محبوب“ سروري
نظم
ڇيڙ مون کي نه اي هم نشين هم نشين
منهنجي دلبر جون ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين،
ڪاش منهنجي اکين سان تون اُن کي ڏسين،
تون به مون وانگي چريو ٿي جيڪر پوين،
تون به رستن تي مون وانگي رئندو وتين!
منهنجو محبوب اهڙو ته آهي حسين!
هُن جو ماکي کان مٺڙو ته آواز آ،
بي مثل هُن جي نيڻن سندو ناز آ،
لاجواب اُن جو هرڪو ئي انداز آ،
مست آهيان مٿس تنهن ۾ ڪو راز آ!
هو هلي ٿو ته عزت ڪري ٿي زمين،
منهنجو محبوب اهڙو ته آهي حسين!
پير ڌرتي تي پنهنجا جڏهن ٿو ڌري،
خود زمين مرحبا! مرحبا! ٿي ڪري،
خاڪ قدمن چمڻ لاءِ ماندي مري،
۽ هوا پڻ ادب سان هلي ٿي هري،
هُن جي پاڪيزه الفت کي صد آفرين،
منهنجو محبوب اهڙو ته آهي حسين!
هُن جي زلفن مان چورائي خوشبو گلن،
هُن جي رخسار تي ڀونئر ڀلجيو پون،
هُن جون اکيون به هرڻن کي حيران ڪن،
۽ گلن جي پنن کان آ نازڪ بدن،
هن لئه بيتاب ٿيون بلبلون باليقين!
منهنجو محبوب اهڙو ته آهي حسين!
هو هٿين پيرين سهڻو وڏو باوقار،
هو سراپا چمن ۽ سراپا بهار،
پاڪ دامن جو مون سان ئي پاڪيزه پيار،
دور حاضر جي الفت جو هڪ شاهڪار،
هن کي ٺاهيو خدا بهترين بهترين!
منهنجو محبوب اهڙو ته آهي حسين! |