سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :23

معصوم مُرڪ وارو  ارجن ”شاد“

رکيل مورائي

اُن ڏينهن شام ٿيندي ئي ”سيتا سنڌو ڀَون“ جو هال ماڻهن سان ڀرجڻ شروع ٿي ويو هو. شايد آخري شخص مان ۽ دادا هري موٽواڻي هئاسين، جيڪي هال ۾ داخل ٿياسين ۽ اسين جيئن آياسين، ته اسان جي لاءِ اڳيان ڪرسيون رکيون ويون. منهنجي ساڄي پاسي سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان اسڪالر ٻلديو مٽلاڻي ويٺل هو ۽ ساڄي پاسي دادا هري موٽواڻي.

ڪجهه ئي گهرين ۾ فُل سوٽ پهريل هڪ حسين شخص منهنجي آڏو اچي ٻن وکن جي مفاصلي تي بيٺو. مون جيئن ئي هن جي چهري ڏي ڏٺو ته کيس سڃاڻڻ ۾ هڪ سيڪنڊ به نه لڳو. منهنجي سامهون سنڌي ٻوليءَ جو باڪمال ترقي پسند شاعر، اسڪالر، سنڌي ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان پهرين پي.ايڇ.ڊي ڪندڙ- ڊاڪٽر ارجن”شاد“ بيٺو هو. مان ماڻهن جي رش کي الڳ ڪري جيئن ئي ساڻس مليس ته منهنجو پير هن جي پير تي اچي ويو ۽ هن جي چهري تي سور جي لڪير اُڀري آئي. مون کن ۾ ئي هيٺ ڏٺو. هن جا پير اگهاڙا هئا ۽ مون کي پيرن ۾ بوٽ پاتل هو. مون کي اندر ئي اندر ندامت جو احساس ٿيو جو ڏٺم ته مون کان سواءِ سڀني جا پير اگهاڙا هئا. اهو پهريون ڀيرو ۽ آخري ڀيرو هو جو مون هن سان ملي هڪ پراڻي خواهش جي تڪميل پاتي هئي.

اڄ جڏهن هن بابت ڪجهه لکڻ جو سبب بڻيو آهي ته سندس اهو سدابهار مرڪندڙ حسين چهرو منهنجي اکين ۾ وري لهي آيو آهي. سماعتن ۾ مشاعري ۾ پڙهيل سندس شعر جي اها سِٽ ٻُرڻ لڳي آهي، جيڪا تاڙين جي گونج ۾ هن بار بار پڙهي هئي:

”سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو.“

سنڌ جي تاريخ ۾ اهم سڃاڻپ رکندڙ شهر سکر ۾ 17- ڊسمبر 1924ع تي جنم وٺندڙ هيءُ حسين ۽ مرڪندڙ چهري وارو نفيس ترين سنڌي شاعر اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي. پر هن جا شعر سرحدي لڪيرن جا محتاج ڪٿي آهن؟

هن جي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب ”آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ“ کان وٺي اڄ جي تاريخ تائين سندس آخري ڪتاب ”ڌرتيءَ جو درد“ تائين سرحدون پار ڪري اسان تائين پڳا آهن. ارجن شاد- جنهن پنهنجا نوجوانيءَ وارا ڏينهن لاڙڪاڻي جي ادبي وايومنڊل ۾ گهاريا ۽ کيس سنڌيءَ جي استاد شاعرن جي صحبت حاصل ٿي، جن ۾ هوندراج ”دکايل“، هري ”دلگير“، رام پنجواڻي ۽ پرڀو ”وفا“ جهڙا آبرودار شاعر شامل آهن.

انگن اکرن ڏي ڌيان ڏجي ته ارجن”شد“ جي ڪتابن جي فهرست هيٺينءَ ريت بيهي ٿي:

1. آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ      (شاعري)

2. تپسيا جون روشنيون       (شاعري)

3. انڌو دونهون                (شاعري)

4. ڌرتيءَ جو درد              (شاعري)

5. سنڌي غزل                 (نثر)

6. بيوس ۽ نئون دور          (نثر)

نظم ۽ نثر ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي رچيندڙ ارجن”شاد“ ممبي يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي غزل“ جي موضوع تي پي.ايڇ.ڊي ڪئي ۽ اهو ڪتاب خود تنقيد جي حوالي سان سندس اهم ترين ڪتاب ڳڻائي سگهجي ٿو.

”انڌو دونهون“ ڪتاب تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ايوارڊ ڏنو، مون سندس چهري ڏي ڏٺو. جنهن ۾ ڪابه وڏائي يا تڪبر جي لڪير ڏسڻ ۾ نه آئي. اڌ کان ڪجهه وڌيڪ اڇا وار، سدا بهار شخصيت، منهن تي معصوم مرڪ، جيڪا ڪنهن جو به من موهي سگهڻ جي شڪتي رکندڙ! جڏهن مون کيس ٻڌايو ته سندس سڀ ڪتاب مون وٽ آهن ته اچرج مان پڇيائين: ”توکي ڪيئن مليا منهنجا سڀ ڪتاب؟“ ۽ سندس چهريتي حيرت گاڏڙ مرڪ نظر آئي. مون چيو: ”دادا لڇمڻ ڪومل موڪليندو رهندو آهي“، ته سندس مرڪ ٽهڪ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن جو پڙاڏو اڄ به منهنجي ڪنن ۾ تازو آهي.

مون سند لکيل ۽ مٿس لکيل ڪافي مواد پڙهيو آهي. ڪونج جو ارجن ”شاد“ نمبر به مون وٽ موجود هو، پر سچ اهو آهي ته کيس ڏسڻ کان پوءِ، هو مون کي انهن سڀني لکڻين (جيڪي سندس باري ۾ لکيون ويون آهن.) کان وڌيڪ باوقار ۽ نفيس شخص لڳو هو. سندس مرڪ ته ڪمال جي هئي پر سندس ٽهڪ به ڪنهن ڪنهن اعليٰ موسيقار جي رومانوي ڌُن کان گهٽ نه هئا. هن ان وقت ڳالهين ڳالهين ۾ هڪ ٻه ڀيرو ٽهڪ ڏنا هئا ۽ هن جي هر ٽهڪ مان مڌرتا ڦهلجي ويئي هئي.

شاعري ۾ هن پنهنجو هڪ نظم ۽ ڪجهه غزل پڙهيا، جيڪي سندس ڪتابن ۾ ڇپيل آهن ۽ منهنجا اڳ ۾ ئي پڙهيل هئا، جن ۾ سنڌ جي خوشبو جو احساس ۽ ورهاڱي جي پيڙا جو درد شدت سان محسوس ٿي ٿيو. هونئن هو ورهاڱي کان پوءِ هند جي سنڌي شاعرن جي پهرين ٽهيءَ جو اهم شاعر آهي، هن وٽ نه رڳو شاعريءَ جي سموري فن جي ڄاڻ آهي پر تاريخي شعور پڻ.

هند ۾ رهندڙ سنڌين جاتيءَ کي جن شاعرن هڪ قوم هجڻ جو شعور شاعريءَ جي معرفت ڏنو آهي، انهن ۾ ارجن”شاد“ جو نه وسرندڙ حصو آهي. هو پنهنجي روين ۾ اول- آخر شاعر ئي هو. هن جا ٻيا پهلو الڳ آهن ۽ اهي به سڀ جا سڀ موهيندڙ آهن.

3- نومبر 2006ع تي اسان کان جدا ٿيندڙ ارجن”شاد“، مشاعري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي چيو هو: ”صبحاڻي رات جي ماني منهنجي گهر تي آهي“، ۽ مونچيو هو ”اهو ته بهتر ٿيو جو ڪچهري ٿي ويندي.“ مون ته چاهيو ئي اهو پئي. پر ٻيءَ رات سندس مانيءَ تي وڃي نه سگهياسين، جنهن جو اڄ تائين افسوس اٿم.

مان آشاوادي رهيو آهيان ۽ وشواس هئم ته هڪ ڀيرو وري ساڻس گڏجڻ ٿيندو ۽ سندس رات جي ماني کائبي ۽ ساڻس دل کولي ڪچهري ڪبي ۽ وري سندس مڌر ٽهڪن جي لطافتن سان گڏ سندس نوان تازا پيارا شعر به ٻُڌبا، پر اُها خواهش 3- نومبر 2006ع تي اُن وقت ختم ٿي جڏهن شام جو لڳ ڀڳ ستين وڳي ڌاري حيدرآباد مان ڀاءُ شوڪت شوري، تاج جويي کي ارجن”شاد“ جي سرڳواس ٿيڻ جي ڏکوئيندڙ خبر فون تي ٻڌائي، جيڪو ان رات مون وٽ ڪراچيءَ ۾ رهيل هو.

مون کي يقين آهي ته هن جو مرڪندڙ چهرو سڄي ڄمار منهنجي اکين ۾محفوظ رهندو ۽ اها پڻ خوشي اٿم ۽ ساڳئي وقت فخر پڻ ته مان سنڌي ٻوليءَ جي هن اهم ترين شاعر ۽ نقاد شريمان ارجن”شاد“ سان زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو مليو هوس ۽ اها ملڻ جي خواهش مون ڀريا ويهه سال اندر ۾ سانڍي رکي هئي. اڄ هونه آهي، پر سندس ذڪر اسان سنڌ وارن جي زبان تي آهي ۽ سدائين رهندو، ڇو ته محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته ڄڻ هو پاڻ ئي چوندو هجي:

”محفل ۾ پورو ذڪر اسان جو ٿيڻ ڏيو.“

 


 

مسڪين ماڻهو - شاهوڪار شاعر: ”سائل“ لاکو

امداد حسيني

”ڪاوش“ (2006-11-22) ۾ ”سائل“ لاکي جي لاڏاڻي جي خبر پڙهان ٿو ۽ ناز لطيفيءَ پاران ڀٽ شاهه وارو”عيد مشاعرو“ مون کي ياد ٿو اچي، جنهن ۾ هن کوڙ ساريون تخليقون پڙهيون هيون ۽ سُر ۾ پڙهيون هيون. اُنهن تخليقن پڙهڻ کان پهريائين ”سائل“ چيو هو ته ”هي منهنجو آخري مشاعرو آهي شايد، انڪري آءٌ دل کولي شعر ٻڌائڻ ٿو گهران.“ هن کي اُهوئي وڳو پاتل هو، جيڪو ڀٽ شاهه جي گذريل عيد مشاعري ۾ به پاتل هوس. ان وڳي جو رنگ ڪڏهن اڇو رهيو هوندو! مٿي تي اُهائي ليڙون ليڙون پٽڪي ٻڌل هئس ۽ اکين تي ٿلهن ڪاون واري عينڪ! ”سائل“ گهوڙين جي ٽيڪ تي روسٽرم تي آيو ۽ پنهنجا شعر پڙهڻ لڳو. هن جي شاعريءَ جو رنگ، هن جي ڪپڙن وانگر ڦٽو نه هو، پر وڌيڪ نکري پيو هو. هن جي شاعري گهوڙين جي ٽيڪ تي به نه هئي!

”سائل“ لاکو جڏهن به ملندو هو، تڏهن ڏاڍي سڪ ۽ اُڪير سان ملندو هو. آءٌ به ساڻس بيحد سڪ اُڪير سان ملندو هوس. هن جي شاعريءَ ۾ رس ۽ ميٺاج هو ۽ هن جي واتان سندس شاعري ٻُڌڻ جو پنهنجو هڪ سُرور هو!

هن سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، تڏهن هو هالا ۾ قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائينءَ وٽ ”اٺاس“ ۾ ۽ ”سروريه ڪاليج“ ۾ ٿيندڙ مشاعرن جو ذڪر ضرور ڪندو هو: ”شبير (هاتف) ۽ امداد اڃا ننڍا هوندا هئا ۽ هالا جي مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. آءٌ تڏهن کان کين سڃاڻان!“ اها ڳالهه هو ڏاڍي فخر سان ٻڌائيندو هو، ۽ آءٌ هن جو ساڄو هٿ، پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ وٺندو هوس، جنهن سان ”سائل“ شاعري پني تي اُتاريندو هو.

ڀٽ شاهه واري مشاعري کان پوءِ جي ئي ڳالهه آهي ته عبيد راشدي ۽ مخمور بخاري مون تان ڀيرو ڪرڻ آيا ۽ ڪچهري ڪندي ”سائل“ لاکي جي ڳالهه نڪتي. مون مخمور بخاريءَ کي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حميده کهڙو اديبن ۽ شاعرن جي مالي مدد لاءِ هڪ فند قائم ڪيو آهي، توهين ”سائل“ لاکي لاءِ ان ڏس ۾ هڪ خط لکو ته کيس مالي مدد ڏياريون. پر اهڙو ڪوبه خط نه لکيو ويو. خط نه لکڻ جو مون کي هڪڙو ئي ڪارڻ سُجهي ٿو ته شايد ”سائل“ کيس اهڙي خط لکڻ کان سختيءَ سان جهلي ڇڏيو هجي! ۽ مون کي خبر آهي ته ”سائل“ لاکو هڪ خوددار انسان هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ شاعر هو. هڪ خوددار انسان طور هن ڪنهن مالي مدد تي تڳڻ نه ٿي چاهيو، نه ئي هن پنهنجي شاعريءَ کي ان نموني اگهائڻ ٿي چاهيو! هن جو متو هو ته:

ڀلي بُک ڀَرم جي، شال مَ وڃي شان!

هو غريب مسڪين ضرور هو، پر هن جي شاعري شاهوڪار آهي ۽ جنهن جو ڪو ملهه به نه آهي، سواءِ ان جي ته اُها سنڌي ماڻهن جي ميراث آهي ۽ اُنهن تائين اها پهچڻ کپي. مون کي خبر ناهي ته ”سائل“ جي شاعري هڪ هنڌ محفوظ به آهي يا هن جي زندگيءَ وانگر غير محفوظ!

ڪجهه سال اڳي سنڌي ادبي سنگت هالا پاران سڏايل هڪ مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. ان ۾ ”سائل“ لاکو به شريڪ هو. هو ڪرسيءَ تي ويٺل هو، ڇو ته ٽنگ ۾ تڪليف جي ڪري پاڻ هيٺ نه ٿي ويهي سگهيو. پنهنجي واري اچڻ تي هن هڪ نظم پڙهيو هو. اهو هڪ عجيب نظم هو، پهرئين بند کان ئي ڌيان سان ٻڌڻ جهڙو نظم ۽ کيس ان نظم تي ڏاڍو داد مليو. پنهنجي واري اچڻ تي شعرن ٻڌائڻ کان پهرين مون ”سائل“ جي ان نظم جي ساراهه ڪئي ۽ کانئس ان نظم جي گهر ڪئي ته جيئن اهو ٽه - ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي. مشاعري جي پڄاڻيءَ تي جڏهن ”سائل“ کان نظم گهريم ته هن چيو ته هُو اهو نظم موڪلي ڏيندو. پر اُهو نظم جڏهن نه پهتو ۽ پرچو ڇپائي هيٺ هو، تڏهن نظم هٿ ڪري موڪلڻ جو ڪم ”مخمور“ بخاريءَ تي رکيم. هن نه رڳو اُهو نظم ”سائل“ کان وٺي موڪليو، پر اُن مشاعري جا فوٽا به ڏياري موڪليا. اهو نظم ٽه - ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو. اُن نظم جو موضوع اهو هو ته بهشت ۾ هڪ مشاعرو آهي ۽ اُن ۾ جنت نشين شاعر شريڪ آهن ۽ مشاعري جي صدارت شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪري رهيو آهي. ڪهڙو عجب ته ”سائل“ لاکو به بهشت ۾ اهڙي ڪنهن مشاعري ۾ شريڪ هجي!


 

انور پيرزادو- لطيف جو پارکو

اشتياق انصاري

”انڊس ايڪسيپڊيشن“ جو آغاز ٿيڻ وارو هيو... ساري ٽيم پشاور کان مٿاهينءَ تي وارسڪ ڊيم جي هيٺان ڪابل درياهه جي ڪنڌيءَ تي خيما کوڙيون ويٺي هئي ۽ صرف ٻن صحافين جي پهچڻ جو اوسيئڙو هو، جيڪي ڪراچيءَ کان ڪنهن اُڏام ذريعي اسلام آباد پهچي، شامل ٿيڻ وارا هئا. آخر انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون، رات جي پوئين پهر ٻه صحافي درياهه ڪناري خيمن ۾ آرامي ٽيم ۾ شامل ٿي وڃن ٿا.

سنگلاخ جبلن جي اوٽ مان سورج شاخون ڪڍيون ته سنڌو مهم جي ساٿين سمنڊ تائين ساهڻ لاءِ سندرا ٻڌا. ڪليم لاشاري هڪ قداور، ٺهندڙ شهپر ۽ روشن چهري واري صحافي جو ”انور پيرزادي“ جي نالي سان ۽ ٻئي مناسب قدبت ۽ فلاسافرن جهڙي ڏيک ڏيندڙ جو ”بدر ابڙو“ جي نالي سان تعارف ڪرايو. منهنجي انور پيرزادي سان اِها پهرين ملاقات هئي، جيڪا اڳتي هلي ”عقدت“ ۾ تبديل ٿي وئي.

حقيقت اها آهي ته ايڪسپيڊيشن شروع ٿيڻ کان اڳ اسان کي اهو خدشو هيو ته اهڙي مشڪل مهم ۾ نازڪ ۽ نفيس صحافي اسان جو ساٿ ڏئي سگهندا الائي نه. ائين نه ٿئي جو انهن قلم ڌڻين جي سهل پسنديءَ جي ڪري ٽيم گهربل نتيجا ڏئي نه سگهي، پر وقت ثابت ڪيو ته هو ٻئي هر ڏکئي وقت ۾ ٽيم لاءِ مددگار ۽ حوصلي جو سبب بڻيا رهيا.

ان ڊگهي مهم جي پهرئين ڏينهن ٻيڙين تي چڙهڻ مهل سر جي سلامتي لاءِ ڪن دوستن قرآني آيتن جو ورد ڪيو، ته ڪن امام ضامن ٻڌا. اسان ڏٺو ته انور پيرزادو ”شاهه لطيف جو رسالو“ سيني سان لائيون ڌيرج ۽ سڪون سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. پوءِ ته ساري سفر دوران هو موقعي مهل جي مناسبت سان شاهه جا بيت ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو هليو. انور پيرزادو لطيف جو وڏو پارکو هو.

ان مهم دوران ئي اسان آسمان سانمٿو گسائيندڙ جبلن جي وچ مان سنڌوءَ جي هڪ خطرناڪ ۽ سوڙهاڪ گاج مان گذري رهيا هئاسين. روايت مشهور آهي ته سنڌوءَ جي اُن ئي موتمار لنگهه مٿان جلال الدين خوارزم شاهه پنهنجي گهوڙي سوڌو سنڌو درياهه جي گجگاهه ۾ ٽپو ڏنو هو، جڏهن چنگيز خان هن جي ڪڍ هيو. چنگيز خان کيس اهڙي هيبتناڪ هنڌ تان درياهه ۾ ٽپو ڏيندي ڏسي پنهنجي سپاهين کي خوارزم شاهه کي پويان تير هڻڻ کان منع ڪيو. اسان اهڙن ڪڙڪاٽ ڪندڙ قهري ڪُنن ۾ به انور پيرزادي جي زبان تي ڀٽائيءَ جا بيت ٻرندي ٻڌا:

دَهشت دَم درياهه ۾، جت جايون جانارن...!“

انور سان ان مهم کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي موقعن تي ٿر، بر ۽ بحر جي ايڪسپيڊيشنس ۾ ساٿ رهيو. هو هر هنڌ قديم آثارن ۽ تاريخ جي ججهي ڄاڻ جي ڪري اسان جي رهنمائي ڪندو رهيو، ڇو جو کيس ”موهن جي دڙي“ جي کوجنا دوران آمريڪا جي آرڪيالاجسٽ جارج.ايف.ڊيلس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو هو.

انور پيرزادي جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هو شاعر، صحافي، محقق ۽ آرڪيالاجسٽ کان سواءِ لطيف جو به وڏو ڄاڻو هو. هن جي ان رنگارنگ شخصيت جو سبب سندس ”ٻلهڙيجي“ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيڻ به هو. ٻلهڙيجي جي هڪ پاسي کان سنڌ  جو تاريخي ماڳ ”موهن جو دڙو“، ته ٻئي پاسي سنڌو درياهه جون ٿڌيون ٿانوريون لهرون رقص ڪن ٿيون. ان وستيءَ جي ٽئين طرف ننڍي کنڊ جي هاڪاري دانشور سوڀي گيانچنداڻيءَ جي جنم ڀومي ”ٻنڊي“، ته ساڳئي وقت سڏ پنڌ تي سنڌ جي سدا حيات سپوت حيدر بخش جتوئيءَ جو ڳوٺ ”بکو ديرو آهي“. انور اهڙي ئي روشن ماحول ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رهي جوانيءَ جي چائنٺ تي پير پاتو.

انور ايترين خوبين، وسيع مطالعي ۽ علم جي ڄاڻ هوندي به هميشه پاڻ کي ”سيکڙاٽ“ ۽ ”شاگرد“ طور پيش ڪندو هو. سندس شخصيت جي وڏي خوبي نياز نوڙت، مِٺ محبت، ميٺاج ۽ ڌيرج پڻو هو. شايد شاهه جا پرسڪون سُر سندس ساهن سان گڏ سندس روح ۾ به پيهي ويا هئا!


 

انور پيرزادو- هڪ شاعر

شاهه محمد پيرزادو

نارائڻ شيام جي ڪتاب ”روشن ڇانورو“ تي سڳن آهوجا جو لکيل مقدمو سنڌي شاعريءَ جي تنقيد ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان مضمون ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته نارائڻ شيام شاعريءَ ۾ پنهنجي رُتبي کان مايوس رهڻ لڳو هو ۽  سندس اهميت کي واضح ڪرڻ لاءِ سڳن آهوجا اهو مضمون لکيو هو، جيڪو سنڌي ادب خاص طور تي شاعريءَ جي شاگردن لاءِ هڪ اهم دستاويز جي حيثيت ۾ رکي ٿو.

نارائڻ شيام جي ان ممڪنه ڪيفيت جي هڪجهڙائي مون کي انور ۾ به ملي ٿي، جيڪو پنهنجي شاعري ۽ شاعر هجڻ واري حيثيت کي فخر جي قابل شايد نه پيو سمجهي. جڏهن ته منهنجي ذاتي ۽ سوچيل سمجهيل راءِ ۾ سنڌي ادب ۽ مجموعي طور تي سنڌ لاءِ فخر ڪرڻ جهڙي شخصيت ”انور پيرزادو- هڪ شاعر“ آهي، هن جي شخصيت جا ٻيا سڀ پاسا شاعر جو ڦهلاءُ Extentions آهن.

انور جيڪڏهن صحافي آهي ته به شاعر آهي، لطيف جو پارکو آهي ته به شاعر آهي، سنڌ جو ۽ محقق آهي ته به شاعر آهي، ڪاڇي ۽ ڪارونجهر جو سياح آهي ته به شاعر آهي. يعني ”شاعر“ هجڻ کان پوءِ ئي سڀ ڪجهه آهي. زندگيءَ ڏانهن هن جا جيڪي به رويا آهن سي شاعراڻا آهن ۽ پنهنجي ان رُتبي تي ڪسرنفسي (شرميلي پڻي) کان ڪم وٺي رهيو آهي.

امداد حسينيءَ ويهارو سال اڳ 77-1976ع ڌاري ”مهراڻ“ جي ايڊيٽريءَ واري زماني ۾ اهو جرئت منداڻو بحث هلايو هو ته ”شاعريءَ جي سونهري دور واري ٽهيءَ جو آخري شاعر انور آهي.“ هن جي ان راءِ تي ڪافي بحث هليو هو ۽ ائين هميشه ٿيندو آهي ته اهڙن معاملن ۾ فيصلا هڪ راءِ ناهن ٿيندا. ان وقت امداد جي سامهون انور جي 1977ع جي مارشل لا کان پوءِ واري شاعري نه هئي. هاڻي منهنجي راءِ ۾ 1977ع کان پوءِ ۽ 1980ع واري سڄي ڏهاڪي جي انور جي شاعريءَ کي آڏو رکجي ته ائين چوڻو پوندو ته ان سونهري ٽهيءَ جو آخري شاعر نه پر ايندڙ ٽهي ۽ Ayaz Phenomenon کان پوءِ جو نئين شعور جو سرواڻ شاعر انور ئي آهي.

هن جي شاعريءَ جو لهجو، محاورا، تشبيهون ۽ هن جو Analtical Mind هن کي پراڻي ٽهيءَ کان بنهه الڳ ٿا ڪن. 1977ع ۾ ڀُٽي جي گرفتاري، جمهوري حڪومت جي برطرفي، مارشل لا حاوي ٿيڻ ۽ نيٺ 1979ع ۾ ڀُٽي جي ڦاسي، انهن واقعن پاڪستان سميت خاص ڪري سنڌ کي هڪ سياسي Turmoil ۾ وجهي ڇڏيو. ان موقعي تي سنڌي ادب جو پڙهندڙ شدت سان محسوس ڪري ٿو ته Ayaz Phenoenon پورو ٿيو. سنڌي شاعريءَ کي نئون لهجو ۽ نئون آواز (Metaphor) ڳولهڻو هو. سنڌ جي معاشري جو اهو بحران رڳو سياسي سطح جو نه هو پر پري تائين اثر ڪندڙ هو. سنڌ جي سهپ واري معاشري ۾ مذهبي جنون اُن وقت جي رياستي مشينريءَ جي وسيلي داخل ڪيو ويو، غربت ۽ عام ماڻهوءَ جي بي وسيءَ کي انتهائي درجي تائين پهچايو ويو، گڏيل خاندان Combined Family کي ڇيهو رسائڻ لاءِ ڪاروڪاري جهڙن واقعن کي نمايان ڪري پيش ڪيو ويو (۽  اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.) انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکبو ته سنڌ جي نبض جيڪا ڪيفيت ٻڌائيندي، اهو سڀ ڪجهه انور جي شاعريءَ ۾ موجود آهي.

انور جو نظم ”ڪنٽراسٽ“ ۽ ٻيا سياسي ڪمينٽ وارا نظم سياسي ڌرين کي ڊئريڪشن ڏيڻ وارا نظم آهن، پر افسوس جو اسان جون سياسي پارٽيون ايتريون ادب دوست نه رهيون آهن. ڪنهن به سياسي جدوجهد جي ڪاميابي ان ڳالهه تي منحصر هوندي آهي ته اسان جي معاشري جو بنيادي تضاد ڪهڙو آهي ۽ ظالم ڪير آهي ۽ مظلوم ڪير آهي ۽ جدوجهد لاءِ صف بندي ڪيئن ڪجي ۽ ٻين متاثر حلقن کي پاڻ سان ڪيئن ملائجي. اسان وٽ جيڪي معاشرتي تضاد پيش ڪيا وڃن ٿا، مثلاً قومپرستن وٽ سنڌ- پنجاب، سنڌي- اردو، صوبا ”وفاق، جاگيردار، سرمائيدار بمقابله هاري، مزدور، آئين جي بالادستي- اهي سڀ فارمولا ۽ انهن مطابق سياسي جدوجهد ڪوبه نتيجو نه ڏئي سگهيا آهن، انڪريجو بنيادي تضاد کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. اهو تضاد ڪنهن سياسي ڌُر وٽان نه پر هڪ شاعر جي نظم ”ڪنٽراسٽ“ مان اسان کي ملي ٿو. اديب ۽ شاعر اهو ئي ڪم ڪندا آهن، انهن جي نشاندهيءَ تي سياسي ڌريون صف بندي ڪري، منظم جدوجهد وسيلي سياسي ۽ معاشرتي تبديلي آڻينديون آهن، پر افسوس سنڌي مزاحمتي/ سياسي شاعري ”سگهاري“ ظلم خلاف FIR ته آهي پر سوچيل سمجهيل فيصله ڪن ڌُر ڪري صرف هن نظم ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اهو نظم صرف سنڌ لاءِ نه پر پاڪستان جي سڄي مظلوم عوام لاءِ اهڃاڻ آهي. افسوس اهو آهي جو ان نظم کي ڪو اڀياس ڪندڙ سچو نقاد نه ملي سگهيو. پر انور جي شاعريءَ کي سياسي ۽ نعريباز به نه ٿو چئي سگهجي، هن جي فني ۽ جمالياتي بيهڪ سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏئي ٿي.

”رتوڇاڻ سونهن جو شهيد گل“ هڪ اهڙو نظم آهي جيڪو جديد سنڌي ذهن جو علمبردار آهي. شروع کان وٺي آخر تائين لفظن جو هڪ اهڙو ڪُن (Whirl pool) پيدا ڪيل آهي جو پڙهندڙ ان جي رڌم ۽ سحر ۾ ٻڏندو ترندو رهي ٿو. ڪا چِٽي پِٽي معنيٰ ڪانهي، ڪو چِٽو پِٽو واقعو ڪونهي، بس هڪ تاثراتي ماحول آهي جنهن جي ختم ٿيڻ تي روح کي ڄڻ هڪ سُڏڪو اچي ٿو. اهو گهاڙيٽي جي لحاظ کان آزاد نظم ۽ نثري نظمجو سنگم آهي. ان سنگم جي ڪري هڪ نئون لهجو ٿي پيو آهي. ان نظم ۾ رڳو سنڌ آهي، درد آهي، شاعر موجود ناهي. ان نظم ۾ مون کي ٽي.ايس.ايليٽ جي نظم ”Waste Land“ سان هڪ عجيب مشابهت ملي ٿي. ”Waste Land“ نظم مغرب جي معاشري جي ڀڃ ڊاهه جو نوحو آهي، جيڪو ٻن عظيم جنگين جو شڪار ٿيل آهي ۽ اهو نظم Om shanti (اوم شانتي) تي ختم ٿئي ٿو.

انور جو نظم صوفين جي سرزمين، امن جي اهڃاڻ سنڌ جي معاشرتي ڀڃ ڊاهه جو نوحو آهي، ۽ اهو نظم ڊائنامائيٽ تي ختم ٿئي ٿو. اهو ڊائنامائيٽ شاعر جي اندر جو احتجاج آهي، ۽ اهو احتجاج سنڌ جو اهڃاڻ ٿي پيو آهي. ’آدرشن جي ڀڳ ٽوٽ‘ انساني آزادي تي لکيل شاهڪار نظم آهي. ترقي يافته ٻولين ۾ لکيل همعصر شاعريءَ جي قطار ۾ شامل آهي. هي نظم وري وري پڙهڻ جهڙو آهي. عورت کي جدوجهد جو ساٿي ڪري ساڻ کڻڻ پهريون دفعو سنڌي شاعريءَ ۾ صرف انور ئي پيش ڪيو آهي. ”زندگيءَ جو آپريشن ٿيٽر“ نظم مڊل ڪلاس فرد جي خانداني ۽ معاشي زندگيءَ جو ڪچو چٺوآهي ۽ ان نظم ۾ انور جا لفظ نه پر رت ڪم آيل ٿو لڳي. ان نظم کي Autobiographical پڻ چئي سگهجي ٿو، ان ڪري جو اهو نظم هن پنهنجي پيءُ جي وفات تي لکيو هو پر ان نظم تي فُٽ نوٽ ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي اٿائين. ۽ پنهنجي هڪ ٻئي نظم ۾ جڏهن انور چئي ٿو ته ”منهنجا لفظ ايڏا پيڙيل ناهن جيڏا منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو آهن، لفظ ته صرف ليڪا آهن- خالي ليڪا“، ته پوءِ شاعريءَ تي وڌيڪ ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نه ٿي رهي.

(”اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان“ جي حوالي سان لکيل)

 


 

امر پيرزادو

A Little Tribute to a Legend

انور پيرزادو جنهن ”سونهري باب“ جو نالو هو، اُن جي دکدائڪ پڄاڻيءَ سڄي سنڌ کي اُداس ڪري ڇڏيو آهي! هو جيڪو پنهنجي هڪڙي نظم ۾ ڳوٺ جي ماڻهن جي تصوير چٽڻ پيو چاهي ۽ چئي پيو ته:

        سوچان ٿو

        تصوير جُڙي نه سگهندي

        ڇو ته لفظ ۽ جملا

        ايڏا پيڙهيل ناهن

        جيڏا منهنجي ڳوٺ جا

        ماڻهو آهن

        لفظ ڪنهن رئندڙ ٻار جي

        اک مان ٽمندڙ ڳوڙها ناهن

        ليڪا آهن

        خالي ليڪا آهن......!

سو واقعي لفظ لڙڪ نه ٿي سگهندا آهن، پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن لفظ لڙڪ ٿي به پون تڏهن به شايد هن جي وڇوڙي واري پيڙا بيان نه ڪري سگهندا، ۽ وري لڙڪ به ته ايڏي وڏي ڳالهه ناهن جيئن فيض پيرزادي هڪ نظم ۾ چيو هو ته:

        لڙڪ ته نيڻن جو پاڻي آهن

        تنهنجي ڏنل ڏک جي

        ترجماني ته نه ٿا ڪن....!

سو شايد ڪنهن ڪنهن سور جو بيان لفظن ۽ لڙڪن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر پوءِ به پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ شاعر شعر چوندا آهن:

درد بڙهه کر فغاڻنه هوجائي

يه زمين آسمان نه هوجائي.

پر وري جيڪڏهن انور پيرزادي جي فڪر کي ڏسبو ته هو ڏکن جو ماتم ڪرڻ بدران انهن کي پڻ Celebrate ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ڀٽائيءَ جي اِها سٽ ٿو ٻڌائي ته:

اندر ايءُ اهنج سانڍج سُکائون ڪري.

ان جو عملي مثال هن پنهنجي دوستن جهڙي پهريٺي پٽ زبير جي لونءَ ڪانڊاريندڙ موت جي ردعمل ۾ ڏنو ۽ هو پنهنجا لڙڪ لڪائي ٽهڪ ورهائيندو رهيو. شايد هُو پنهنجن ڏکن سان ٻين کي افسرده نه ڪرڻ چاهيندو هو.

لياقت اسپتال ڪراچيءَ جي ICU وارڊ ۾ جڏهن شروع شروع ۾ هو موت جي منهن مان بچي نڪتو ۽ مان ساڻس ملڻ پيو وڃان ته سوچان پيو ته الائي پنهنجا لڙڪ روڪي به سگهندس الائي نه. مان بابا جي سامهون وڃي بيٺس. هو ICU جي بستري ۽ ڪينسر جهڙي خوفناڪ مرض ۾ مبتلا هجڻ جي باوجود بيحد حسين لڳي رهيو هو. مون کي ڏسي هن جون اکيون مُرڪيون ۽ گلن جهڙو ٽهڪ ڏئي مون سان هٿ ملائي پڇيائين: ”ڪهڙا حال اٿئي؟“ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته موت جي منهن مان بچي نڪتل ماڻهو مون کان منهنجا حال پڇي رهيو هو، جڏهن ته اِهو سوال مون کي ڪرڻو هيو. مون چيو ”مان ٺيڪ آهيان، توهان ڪيئن آهيو.“ مون پنهنجا لڙڪ روڪيندي پڇيو. هن جون اکيون ٻيهر مرڪيون، ۽ چيائين: ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان، هتي علاج ڏاڍو سٺو آهي، تون مهرباني ڪري هاڻي هتي گهڻي وزٽ نه ڪجان. تون پنهنجن امتحانن جي تياري ڪر، هي ڊاڪٽر مون کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا.“

سڀ ماڻهو هن کي گهڻ پاسائين شخصيت چوڻ جي باوجود اهو فيصلو نه ٿا ڪري سگهن ته هو بنيادي طور تي آخر ڇا هيو؟ شاعر، صحافي، ڀٽائيءَ جو پارکو، آرڪيالاجسٽ، دانشور يا ليفٽسٽ؟ اِهو ساڳيوئي سوال هڪڙي ڀيري ڪمال ڄامڙي کانئس کان ريڊيو جي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو هو ته ”توهان پاڻ کي ڪهڙي شعبي ۾ فِٽ ٿا سمجهو.“ وراڻيائين: ”پاڻ کي سنڌ جو شاگرد ٿو سمجهان.“ واقعي جيڪڏهن هن جي زندگيءَ جي مڙني شعبن کي ڏسبو ته ان جو محور ”سنڌ“ ئي آهي ۽ هن ”سنڌ“ سان عشق مختلف Dimensions ۾ ڪيو: ڪڏهن شاعري، ڪڏهن صحافت، ڪڏهن سياست، ڪڏهن تحقيق ته ڪڏهن سياحت. هن کي سنڌ سان ايتري ته محبت هوندي هئي جو هو چوندو هو ته ”منهنجو وس پڄي ته مان سڄي دنيا کي سنڌ ڪري ڇڏيان.“ مطلب ته هو سڄي دنيا کي سنڌ جي نظر سان ڏسڻ چاهيندو هو، جيئن ڀٽائيءَ پنهنجي بيت ۾ پهرين سنڌ ۽ پوءِ عالم جي آباد ٿيڻ جي دعا گهري هئي:

سانئين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

منفي سوچ نالي ڪابه شيءِ هن جي وجود سان تعلق ئي نه رکندي هئي. هڪڙي ڀيري پڇيومانس: ”اوهان جا ايترا دوست ڪيئن ٿيا؟“ چيائين: ”مان دوستن جي خامين کي نظرانداز ڪري، انهن کي برداشت ڪندو آهيان. زندگيءَ ۾ ڪنهن کي به Corner نه ڪجي. جيڪڏهن ڏسو ته ڪو اوهان کي نظرانداز ڪري رهيو آهي ته اُن تي اِها ڳالهه واضح نه ڪيو، نه ئي ڪا شڪايت ڪيو، اُن کي پنهنجي Direction ۾ وڃڻ ڏيو، ڇو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي Corner ڪرڻ بلڪل ائين هوندو آهي جيئن ڪنهن ٻليءَ کي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ گهيري آڻڻ، جيئن اُها اُتان نڪري نه سگهي. ان وقت جهڙو ردِ عمل ٻلي ڏيکاريندي ماڻهن  جو ردِعمل به بلڪل اهڙو ئي ٿيندو آهي، انڪري ماڻهن کيآزادي ڏيو ته جيئن هو توهان ڏي موٽن ته وڌيڪ اُڪير منجهان موٽي اچن.“

هڪڙي ڀيري سوال ڪيم ”بابا! توهان هاڻي شاعري ڇو نه ٿا ڪريو؟“ چيائين: ”اهو سوال اڪثر امداد حسيني مون کان پڇندو آهي، جنهن تي مان کيس چوندو آهيان مون کي Occur نه ٿو ٿئي. جنهن تي امداد چوندو آهي ته ”اِهو به لک،
اِهو به نظم آهي.“ ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ کان پوءِ چيائين ”ڪڏهن به شاعري ڪرڻ جي شوق ۾ شعر نه چئجان ڇو ته:

Poetry is the Spontaneous overflow of emotions.

ان کان پوءِ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڀٽائيءَ جو بيت پڙهيائين ته:

پِٽيندي سائي، جنهن سورَ ٻڌايو سندرو،

ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميارَ جا.

ان کان پوءِ ٿوري غمگين لهجي ۾ چيائين: ”امان جي وڇوڙي کان پوءِ عشق ۽ انقلاب منهنجي زندگيءَ مان موڪلائي ويا ۽ پوءِ مان شاعري به نه ڪري سگهيس.“

پر مان سمجهان ٿو ته انور پيرزادو هڪ ”Born Poet“ هو، هو شاعري ڇڏڻ کان پوءِ به شاعر هو. هن جي زندگيءَ جا سمورا پهلو شاعراڻا هئا، تڏهن ئي ته هن جي هر ادا، هر جستجو جو ذڪر ڪندي اندر مان بي ساخته ”واهه“ نڪري ٿي وڃي.

انور پيرزادو- جنهن کي بابا چوڻ جو اعزاز مون کي حاصل ٿيو- ان جو ڪردار هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ پڻ بيمثال هو. مون کي ڪڏهن به هن کان خوف نه ٿيندو هو، ٽئگور جي ان نظم وانگر ته:

        ”مون کي خدا جي وجود سان

        ان ڪري محبت آهي

        جو هن مون کي اِهو حق ڏنو

        ته مان سندس وجود کان

        انڪار ڪري سگهان....!

سو مون کي پنهنجي بابا سان ان ڪري به محبت هئي جو مان هن سان بحث ڪري سگهندو هوس، هن سان اختلاف رکي سگهندو هوس. منهنجي هن سان دوستن جهڙي بي تڪلفي ۽ انتها جي حد تائين عقيدت هئي. هو جيڪو پنهنجي ذات ۾ عشق ۽ محبت جو سيلاب هيو، ان پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي زندگيءَ مان محبت جو Complex ئي ختم ڪري ڇڏيو. منهنجي زندگيءَ جي الائي ڪيترا جذباتي فيصلا فقط هن جي Immense Support جي ڪري ممڪن ٿي سگهيا. شو ڀڳوان هڪڙي ڀيري چيو هو ته ”منهنجي شڪتي پاروتي آهي،“ بلڪل ائين ئي بابا منهنجي طاقت هيو. جيستائين بابا هيو، مون کي ڪنهن به شيءِ جي پرواهه ڪانه هئي. بابا کان پوءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ مون کان منهنجي محبت کسجي وئي آهي ۽ باقي زندگي ان جي بي انت محبت جي يادن سان گذارڻي آهي.

Art of Living“ معنيٰ زندگي ڪيئن گذارجي- اِهو ڏانءُ به ڪير هن کان سکي ها. چوندا آهن ته وڏو ماڻهو اُهو هوندو آهي جنهن جي محفل ۾ ويهي اوهان کي احساس ٿئي ته اوهان پاڻ ڪيڏي وڏي ڳالهه آهيو. ائين ئي انور صاحب جي محفل ۾ ماڻهن کي پنهنجي اهميت جو احساس ٿيندو هو. ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪا هڪڙي خوبي، ڪنهن شاعر جو ڪو هڪڙو شعر ئي ڪافي هوندو هو جنهن تي هو انهن کي مان ڏيندو هو. پنهنجي تعريف ڪرڻ هن جي فطرت ڪانه هئي. هڪڙي ڀيري مون کي چيائين: ”تعريف هر ماڻهوءَ جي ڪمزوري ٿيندي آهي ان ڪري اهڙو ماحول ئي پيدا  نه ڪرڻ چاهيندو آهيان جو منهنجي تعريف ٿئي ۽ اُها مون کي وڻي.“ ڪجهه سال اڳ جڏهن انور ابڙي جي گهر اديب دوستن هن جي سالگره پئي ملهائي ۽ هن جي شخصيت تي باضابطه راءِ ڏيڻ شروع ڪئي ته انور پيرزادي چيو ”پليز! توهان مون تي نه ڳالهايو ۽ ڪچهري ڪيو. مون کي خبر آهي توهان سڀ هتي منهنجي ڪري گڏ ٿيا آهيو- اهوئي ڪافي آهي. توهان مون تي ڳالهايو ٿا ته مون کي Stress ٿو ٿئي. هو صحيح معنيٰ ۾ هڪ محبتي ماڻهو هو. هن جو ڳالهائڻ بيحد حسين هوندو هو، ماڻهو هن جي ڳالهائڻ ۾ ميسوءَ جهڙو مزو محسوس ڪندا هئا ۽ فراز جي اها سٽ چوندا هئا ته ”بولي تو باتوڻ سي پهول جهڙتي هيڻ“ هن جون اسٽيج تي ڪيل تقريرون ۽ آف دي رڪارڊ ڪچهريون لاجواب هونديون هيون، جن کي سانڍي ڇپائڻ جي ضرورت آهي.

جيڪڏهن اسان جي مرده پرست قوم هجڻ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اِها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هن جا ڪتاب منظرعام تي ايندا، پر ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن هو پنهنجا سمورا ڪتاب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسي ها. دوستو! پنهنجي Heroes کي انهن جي زندگين ۾ Tribute ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو.

سنڌي قوم خوش قسمت آهي جو اڃا به هتي شمشيرالحيدري، امرجليل ۽ امداد حسينيءَ جهڙا ماڻهو موجود آهن. انهن ماڻهن جون راهون آسان ڪرڻ، انهن جو اڻ ڇپيل ڪم منظر عام تي آڻڻ ۽ انهن جي راهن ۾ عقيدتن جا گل وڇائڻ سنڌي ماڻهن جو فرض آهي.

انور پيرزادي کي جڏهن ڪا شيءِ لاجواب ڪري ڇڏيندي هئي ته هو پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هو ته ”ڀيڻي ناهي سائين.“ ائين ئي جڏهن اسان جو ذهن انور پيرزادي جون خوبيون ڳڻي ڳڻي ٿڪجي ٿو پوي ته آخرڪار هن جي ئي لفظن ۾ چئي ٿو ته: ”ڀيڻي ناهي!“ انور پيرزادي سنڌ تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي، پر مان سمجهان ٿو ته خود انور پيرزادو تحقيق جو تمام وڏو موضوع آهي، جنهن تي هڪ سنجيده ڪم جي ضرورت آهي. هو ڪيڏو وڏو انسان هو، هو ڪيڏو وڏو شاعر هو، هن جو صحافتي ڪردار ڇا هو، هن جو کاهوڙي پهلو، هن جو نظريو ڪهڙو هو؟ هن ڀٽائيءَ کي ڪيئن متعارف ڪرايو، هو هڪڙو وجود ايترن محاذن تي ڪيئن سرخرو ٿيو؟ منهنجي خيال ۾ جڏهن انور پيرزادي جو سمورو ڪم منظرعام تي آيو ۽ جڏهن هن تي ڪا جامع قسم جي Research ٿي ته دنيا هن کي اڃا به وڌيڪ احترام واري نظر سان ڏسندي.

اعجاز منگيءَ چواڻي ته: ”ايندڙ وقت جا ماڻهو انور کي Discover ڪندا. انور هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، پر هتان جو مطلع  ابر آلود آهي، جڏهن اِهو مطلع صاف ٿيندو ته اِهو ستارو اڃا به وڌيڪ روشنيءَ سان چمڪندو. ان ۾ ڏوهه ستاري جو ناهي، هتان جي ماڻهن جو آهي.“

مون ڪٿي پڙهيو هو ته هڪ قبيلي جو هڪڙو ماڻهو گذاري ويو ته هنن کي خبر پيئي ته هي اسان جي قبيلي جو وڏو ماڻهو هو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ انهن کي خبر پوندي آهي ته هو هن سڄي ڳوٺ جو وڏو ماڻهو هو، اڃا ڪجهه وقت کان پوءِ هو ڄاڻندا آهن ته هو هن سڄي ملڪ جو وڏو ماڻهو هو ۽ هڪڙي ڏينهن هنن کي پتو پوندو آهي ته هنن جي قبيلي جو اهو  ماڻهو هن دنيا جو وڏو ماڻهو هو. مان اڄ اِهو مثال پنهنجي ناز ڪرڻ جهڙي بابا کي ارپيان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com