سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :3

مصطفيٰ ارباب

ملاح

وستي ۾ اچڻ کان اڳ

اسين درياهه ۾ رهندا هئاسين

اُن جي هنج ۾

اسان جا گهر

لڏندا رهندا هئا

درياهه ۽ اسين

ڪڏهن به هڪ ٻئي کان بيزار نه ٿياسون

پر جڏهن

هڪ قانون

درياهه ۾ رهڻ کي ڏوهه قرار ڏنو

ته اسين

ميدانن ۾ پوکيا وياسين

درياهه کان اچڻ وارا قاصد پکي

پنهنجي گيتن ۾

درياهه جي اُداسي جا داستان ٻڌائيندا آهن

پر هاڻي

وچ ۾ بُک جو وڏو فاصلو آهي

۽ اسان جا بدن به

ترڻ جو راڳ

ڀُلجي چڪا آهن

اسين درياهه تي نه ٿا وڃون

هُو وٺڻ لاءِ اچي وڃي ٿو.

نياز ملاح

              وائي

موٽي        اينداسين

ڪاڏي    وينداسين

                               تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

جيئڻ   جائز  آ مگر

پاڻ  نه  جيئنداسين

                              تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

ايندي ويل اُها جڏهن

روئي          ڏينداسين

                             تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

هيڏو  جيون  هيکلو

ڪيئن ڪٽينداسين

                            تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

سرتاج جاگيراڻي

غزل

ويٺي ويٺي درد اندر ۾ جاڳي پيو
ڄڻ ڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ جاڳي پيو

آڌيءَ ڌاري هوريان در تي ٺڪ ٺڪ ٿي
۽ ڪر موڙي نيٺ پڌر ۾ جاڳي پيو

ڪو نه اگهيا ڪنهن ڳوڙها پوڙهي جي ڳل تان
ساري تر جو درد پٿر ۾ جاڳي پيو

هوءَ اڃارا نيڻ کڻي وئي مندر ۾
مرڪي مرڪي گهنڊ مندر ۾ جاڳي پيو

مان ته چٽيان پيو منظر ساري ڌرتي جو
تنهنجو پاڇو اکر اکر ۾ جاڳي پيو

اسحاق سميجو

 

غزل

نظر نظر کي پڙهي ٿي، دليون دليُن کي پڙهن
صبح کي گل پڙهن ٿا، ڀنئور گلن کي پڙهن

اوهان جي سونهن اسان جي اکين کي هير وڌِي،
ته مستقل ئي اوهان جي، پيو خوابن کي پڙهن.

ڇڏي ويو، ته وڃي روح ملن روحن سان،
ڇڏي ڏيو، ته هي ڀاڪر وڃي ڇاتين کي پڙهن.

عجيب شهر ۾ منهنجا نظم لٿا آهن،
ڪي رُڳي فن ٿا ڪٿن، ڪي رڳي لفظن کي پڙهن!

جي زندگي گذارڻ جو فن نه ٿا ڄاڻن،
انهن کي چئو، ته وڃي شاهه جي بيتن کي پڙهن.

پڙهڻ جو عجب سلسلو شروع ٿيو آ،
”اسحاق“ نيڻ   پڙهي،    هُو سندس  شعرن کي    پڙهن.

 

اسحاق سميجو

 

غزل

ڪوئي ڪنهن لاءِ چاهه رکندو آ
ڄڻ مقدس گناهه رکندو آ.

سِڪ تو وٽ ڇو ٿورڙي آهي،
هُو تو لئه اٿاهه رکندو آ.

جيئن لاڪر ۾ ڪو رکي ڪا شيءِ
ائين تو ۾ ڪو ساهه رکندو آ.

پيار جو مانُ جن رکيو جڳ ۾،
مانُ تن جو الله رکندو آ.

وڻندي ناهي ”اسحاق “ کي پوءِ ڀي،
شاعريءَ سان نباهه رکندو آ.


حبدار سولنگي

بيت

سانجهيءَ ويلي اُڀ تي، مون کي ڀاسيو ايئن
سورج بنديا جيئن، ماٿي مٿان شام جي

شام اداسيءَ ۾ مٺي! ويڙهيل ڀاسي ٿي،
ائين لڳي ٿي، وڌوا جيئن ڪا سوچ ۾.

وڌوا ڪائي اوچتو، ياد ڪري ٿي ورُ،
سندس سارو گهرُ، کندر وانگي ٿو لڳي.

اونداهي آ رات ۽ چنڊ به چمڪيو ڪو نه،
”تو سا گڏ هوءَ ڇو نه “ سانت پُڇي ٿي رات جي.

ڦلڙي تنهنجي نڪ ۾، ڏاڍي ٺهندي آ،
ائين لڳندي آ، ڪوتا جيئن ڪتاب ۾.
 

تنهنجا جلوا او پرين!وڄ جا وسڪارا،
ڪيئن ڪن مون پارا، جن جو گهر آ جهوپڙي!

گُهور سندو هڪ گُل هو، ساجن اڇلايو،
جنهن هو مهڪايو، جيون منهنجو پل ۾.

آيو هُئو واءُ جان، جاني جيون ۾،
منهنجن نيڻن ۾، خواب کنڊائي ويو هليو.

ٿڪل قدمن ساڻ هو،موٽيو آ گهر ڏي،
پويان رستن تي، خواب وساري آئيو.

تنهائي ۾ رات جو، ڪمري جون ڀتيون،
ڄڻ ته چون ٿيون،شاعر گيت ٻڌاءِ ڪو!.


روبينه ابڙو

غزل

اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟
تو پنهنجي پويان آگم آگم ڪيڏا نيڻ رُلايا هِن!

ڪُجهه خواب اکين جي کِڙڪين مان ڏئي ڀڙڪوڪالهه اڏامي ويا،
مون تو لئه پوڀي ڪومل ڪومل سپنا چار بچايا هِن!

تون خالق هُئين تخليق بڻين ڄڻ مورت مان تصوير بڻين،
تون منهنجو ئي رهندو آهين توڙي سو روپ مٽايا هِن!
 

مان چُپ هان ڪائي ڳالهه ته آ، پوءِ هيڏا سڏ پُڪارون ڇو؟
تون ڄاڻين ٿو مون ڇا جي لئه هِي هيڏا سڏ لنوايا هِن؟
 

مان اچڻي ناهيان ڄاڻين ٿو پوڀي تون راهه نهارين ٿو،
مان وير جيان واپس ورندس تنهنجاسڀ خيال اجايا هن!

ڇا سوچين پيو، ٿو ڪيرُ ڦري هن ڌرتي کان امبر تائين،
ڇو بي ترتيب ستارن ۾ تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن!؟

تون هرهرياد نه ڪرمون کي،ڏِسُ هينئن بربادنه ڪر مون کي،
مون ڏاڍي مُشڪل سان ساٿي تنهنجاڪجهه خيال ڀلايا هِن!!

 

مقالا

 

سمورا آسماني ڪتاب دراصل انساني وحدت جا پرچارڪ آهن ۽ حقيقت جا ڄاڻو به انهيءَ فڪر جا پرچارڪ هئا، پر ٿيو ائين جو انهن جي پوئلڳن پنهنجون پنهنجون ٽوليون ٺاهيون ۽ پنهنجي ٽولي جي ڳالهه کي سموري انسانيت جو اصل مقصد مڃي وِيٺا، هر قوم جي دعويٰ آهي ته اسان جو نبي آخري آهي ۽ اسان جو دين سڀ کان وڌيڪ سچو دين آهي، هر قوم ان جي ثبوت ۾ دليل ڏئي ٿي، برهان ۽منطق جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ هر جتن ڪري ٿي، ٻين جي ڪتابن مان ڪمزوريون ڪڍڻ شروع ڪري ٿي، ڇا حقيقت جو ڳولائو اهڙي حالت ۾ پرِيشان نه ٿو ٿئي؟ آخري ڪيئن خبر پوي ته اصل هدايت ڪٿي آهي ۽ حق ڇا آهي؟ هن مونجهاري مان نڪرڻ جو صرف هڪ ئي حل آهي ته مذهبن جي اختلافن کي هڪ طرف رکو ۽ عام انسانيت جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ڪريو ته آخر مجموعي انسانيت جي طبعي تقاضا ڪهڙي آهي؟

                   مولانا عبيد الله سنڌي

محمد حسين ”ڪاشف “

شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ تشريح

اڀياس ۽ جائزو

لطيف جي ڪلام جي شرح شروع کان وٺي علمي حلقن ۽ لطيف جي ڪلام سان دلچسپي رکندڙ عوامي حلقن جو دلچسپ موضوع ۽ مسئلو رهيو آهي پر اها ڪٿي سگهڙن جي ڪچهري هجي يا لطيف جي پارکن جي مجلس هجي يا عالمن ۽ دانشورن جي محفل هجي،ڪلام جي شرح جي سلسلي سان ان ۾ ذڪر ضرور ايندو آهي، زندگي جي هر طبقي جو انهيءَباري ۾ پنهنجو، پنهنجو خيال ۽ نقطئه نظر رهيو آهي، هر صاحب ادراڪ ۽ سڄاڻ ماڻهو لطيف جي بيتن جي معنيٰ جي اپٽار ۽ شرح جو وستار پنهنجي خيال مطابق ڪندو  آهي، ڪڏهن ڪڏهن هڪ نڪتي تي انهن جو متفق هئڻ هڪ مسئلو رهيو آهي، ان جو بنيادي ڪارڻ لطيف جي ڪلام جي همه گيري ۽ ان جي پرزم نما حيٿيت رهي آهي، جنهن کي به جنهن صورت ۾ جيڪا معنيٰ  پنهنجي تصور ۽ خيال ۾ اچي ٿي هو ان جو اظهار ڪري ٿو. عالمن، دانشورن وٽ معنيٰ جو معيار ۽ مقياس پنهنجو آهي، سگهڙن ۽ عوامي حلقن جو انهيءَ سلسلي م انداز پنهنجو آهي، شرح جي بيان ۾ بيتن جي لفظي سٽاءُ  ۽ پڙهڻي لاءِ هر ڌر وٽ پنهنجي راءِ آهي، جنهن انهيءَ سڄي وچور ۽ صورتحال تي غور ڪجي ٿو ۽ ڳوڙهائي سان ويچار ڪجي ٿو ته انهيءَ صورتحال لاءِ ڪنهن کي ذميوارڪجي،  علمي ۽ ادبي حلقن کي يا عوامي حلقن کي، پر وري جڏهن صورتحال صورتحال جي ٻئي پاسي کي نظر ۾ ٿو رکجي ته ان لاءِ اهو چوڻو ٿو پوي ته صاحب علم ماڻهن پنهنجي طور تي وقت ۽ حالتن پٽاندڙ ان کان غافل نه رهيا آهن.

     سڀ کان پهرين سنڌ جي معروف عالم ۽ شاعر ”غلام محمد خانزئي “ لطيف جي ڪلام جي روحاني نڪتن کي ”منهاج العاشقين “ ڪتاب لکي ڪلام جي مغوي شرح جو فرض سرانجام ڏنو ۽ ڪلام جي شارحن لاءِ هڪ گس پيدا ڪيو، ان بعد وري سوڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جي ڪلام جي تحقيق ۽ شرح جو فرض  سرانجام ڏنو ۽ رسالي جي بيتن جي پڙهڻي ڏانهن وک وڌائي، انهيءَ شرح سان گڏ ڊاڪٽر گربخشاڻي هڪ طويل ۽ مبسوط مقدمو لکي شاهه جي حياتي جي احوال، سير سفر ۽ فڪري پهلوئن  تي روشني وڌي، جنهن وقت ڊاڪٽر گربخشاڻي اهو فرض سرانجام ڏنو  ان وقت اهو نهايت ئي وڏو ڪم هو، انهيءَ ڪارج ۾ ساڻن ”علاما دائود پوٽي “ جهڙي علمي طور تي با ڪمال شخصيت ساڻن ٻانهه ٻيلي رهي، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ جي رسالي جي شرح علمي حلقن ۾ جيڪو داد حاصل ڪيو ۽ مقام ماڻيو، اهو ان وقت جي لحاظ کان وڏي پد وارو رهيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان وٽ لطيف جي سلسلي سان ڪجهه به نه هو ان وقت اهڙي علمي وٽ جو منظرعام تي اچڻ علمي حلقن لاٰءِ نيڪ شگون رهيو، ان لاءِ انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته بيٺل پاڻي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون پٿر اڇلي جيڪا هلچل پيدا ڪئي، تنهن اسان جي ڏاهن جا اُن طرف وڌيڪ ڌيان ڇڪايو  ته هن اهم ڪم جي به علمي ۽ فڪري طور تي ضرورت آهي ۽ لطيف شناسي لاءِ ان جي به اهميت آهي، انهيءَ ڪارج لاءِ ڊاڪٽر  گربخشاڻي  کيرون لهڻيون، ساڻن ڪو اختلاف رکي يا اتفاق، پر هن جي همت، صلاحيت ۽ لطيف سان محبت جي رويي کي تحسين ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، ڇو ته تحقيق ۽ شرح جي فلڪ بوس عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکندڙ هو پاڻ ئي آهي، پوءِ اڳتي هلي ٻيو ڪو به ڪيترا گل چٽ ڪڍي، معنيٰ ۽ مفهوم جا موتي وينجهائي پر ڊاڪٽرگربخشاڻي جي انهيءَ پيار واري پورهئي داد لهڻو.

 ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شاهه جي رسالوي جي شرح بعد ڪو وقت اهو باب بند رهيو ۽ ڪنهن به سنڌي علم يا  اسڪالر اڳتي وڌي اهڙي اهم ۽ ڳري ذميواري کي پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ جي سگهه نه وساري ۽ رسالي جي شرح، بيتن جي مقدار ۽ مقياس، ويئٽ ۽ وينجهه کي ڪو به عالم هٿ وجهڻ لاءِ تيار نه ٿيو، ان جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا هئا، ان لاءِ سواءِ وطن ۽ قياس جي ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، باقي ان دميل ديڳ مان پاٽن ڀرڻ ۾ ڪنهن به ڪسر ڪا نه ڇڏي.

تحقيق ۽ شرح لاءِ پيش بندي

رسالي جي تحقيق ۽ شرح، ڪو اهڙو سٿرو ۽ سولو ڪم به نه هو جو ڪوصاحب قلم هٿ ۾ کڻي ڪم ۾ جنبي وڃي ۽ وڃي پارپوي، هي وڏي حوصلي وارو ڪم هو، جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي جي شرح جا ٽي جلد هڪ طويل مقدمي سان ميدان تي موجود هجن ۽ رسالي جو مقدمو علمي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻيل هجي، اهڙي صورتحال ۾ رسالي جي شرح کي هڪ اهڙي انداز سان آڻڻو هو، جيڪا سڀني  پاسن کان جامع ۽ سڦلتا واري هجي،جنهن جومعيار مٿانهون ۽ فڪري طور تي اتاهون هجي، انهيءَ نقطئه نظر کي عملي شڪل ۾آڻڻ لاءِ جناب ڊاڪٽر خان بلوچ هن اهم علمي، فڪري ۽ تحقيقي ڪم ۾ هٿ وڌو ۽ اهو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو، پاڻ جنهن انداز سان رسالي جي تحقيق ۽شرح جو ڪم ڪيو اٿن، اهو غور طلب ۽ انتهائي سڄاڻائي وارو رهيو آهي، جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پنهنجي انهيءَ ارادي کي تڪميل ۾ آڻڻ لاءِ غالبا ً هن ريت پيش بندي ڪئي.

     الف: ميئين شاهه عنات رح جي ڪلام جي ترتيب ۽سهيڙڻ وقت ڊاڪٽر صاحب لطيف جي ڪيترن ئي بيتن جي اڳين، پوين سٽن يا ڪن سٽن جي اڳئين پوئين اڌ جي لفظن جي ميئين شاهه عنات جي

ڪلام جي نسبت سان نشاندهي ڪئي ۽ پڙهندڙن جي ذهن کي ان لاءِ تيار ڪيو ته هو لطيف جي ڪلام جي اصليت کي محسوس ڪري پرکي ۽ وٽس لطيف جي ڪلام لاءِ هڪ جامع تصور پيدا ٿئي.

      ب: اڳتي هلي قدم وڌائي ”شاهه جي رسالي  جا چشما “ جي عنوان سان ڪتاب پورو ڪيو، جنهن ۾ گنج کان وٺي قلمي نسخن، بمبئي جي ڇاپن، سرڪاري ڇاپن، ارنيسٽ ٽرمپ واري ڇاپي ۽ ٻين سڀني ڇاپن جا سال وارتفصيل مهيا ڪيا، جنهن ۾ بيتن، واين ۽ سرن جو تعداد پڻ ڄاڻايو ويو ۽ هر نسخي جي قدامت ۽ اهميت کي واضح ڪيو ويو.

          ج: ان بعد وري ”رسالي جي ترتيب “ جي عنوان سان ٻيو ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾شاهه جي رسالي جي ڪلام جي ترتيب کي وزير بحث آندو ويو ته رسالي جي ترتيب ۾گنج ۾ ڪيئن هئي، ٻين نسخن ۾ ان جي صورتحال ڪهڙي رهي، گربخشاڻي، شاهنواڻي، مولانا قاسمي وغيره ڪهڙي ترتيب اختيار ڪئي، ڊاڪٽر صاحب رسالي جي ترتيب کي شايع ڪري شاهه جي ڪلام جي معياري ترتيب ڏانهن قدم کنيو.

     د: ان بعد سنڌي موسيقي جي تاريخ لکي شاهه جي راڳ جي خوبين،معيار ۽ان جي ڳائڻ جي ٽاڻن، طنبور جي ماهيت، ان جي تارن جي نوعيت سرڪار لطيف پاران هڪ تار جي وڌاري جي اهميت ۽ اصليت کي واضح ڪيو.

بنيادي طور تي اهي ڏاڪا اهڙا هئا، جن لاءِ علمي ۽ عوامي حلقن جي ذهني ترتيب، رد عمل کين ان باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ غالباً ضروري هو ته جيئن خبر پوي ته اسان جي علمي حلقن ۽ عام ماڻهوءَ وٽ لطيف شناسي جي سلسلي ۾ ڪيتري ۽ ڪهڙي ڄاڻ آهي، يا انهن وٽ انهن پيش ڪيل حقيقتن ۽نڪتن کان اڳتي به  ڪاڳالهه آهي، جنهن کي اسان بيان ڪري نه سگهيا آهيون، غور ڪبو ته ڊاڪٽر صاحب جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح جي سلسلي ۾ اها وڏي پيشبندي محسوس ٿئي ٿي، جنهن کي پاڻ اختيار ڪيائون، سندن انهيءَ علمي ۽ تحقيقي پيشڪش جي مقابلي ۾ اڃا تائين ٻي ڪا رٿ ادبي دنيا ۾ نه آئي آهي، جيڪا فڪر جي ڦرهي جي انهيءَ فرق کي ظاهر ڪري.

مقدمي جي اهميت:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب نهايت خاموشي سان هن پيار جي پورهئي ۾ سالن جا سال مصروف رهيا، رسالي جي بيتن جي شرح کان اڳ ۾ شاهه جي رسالي جي سوانح وڌيڪ تحقيق طلب هئي، جنهن ۾ لطيف جي زندگي جي سڀني رخن کي سامهون آندو ويو آهي، ته جيئن شاهه جي فڪري ۽ مغنوي حيثيت کي واضح طور تي سمجهڻ ۾ علمي ۽ عوامي حلقن کي آساني ٿئي، ان لاءِ رسالي جي تحقيق ۽ شرح واري پهرئين جلد ۾ 236 صفحن جو هڪ طويل مقدمو لکي انهن سڀني نڪتن تي عالمانه روشني وڌي وئي آهي، مقدمي کي هيٺين بابت ۾ تقسيم ڪيو ويوآهي.

باب پهريون:سوانح

هن ۾شاهه جي سوانح، خاندان، اوائلي زندگي، ترتيب، سير و سفر، سندن صوفيانه مسلڪ ۽ مشرب، سماجي تعلقات، راڳداري، ان وقت جون ثقافتي ۽تاريخي حالتون وغيره تي سير حاصل روشني وڌل آهي.

باب ٻيو:شاهه جي رسالي جي اصليت ۽ حقيقت کي قائم ڪيو ويوآهي، جنهن ۾ قلمي نسخن ۽ ڇاپيل رسالن جي سڃاڻپ تي بحث ٿيل آهي.

باب ٽيون: رسالي جي تدوين ۽ تاريخ تي مشتمل آهي.

باب چوٿو: رسالي جي ترتيب متعلق آهي.

باب پنجون: هن ۾شاهه جي ڪلام جي پرک جا معيار ڏنل آهن، جن جي آڌار تي شاهه جي ڪلام کي پاڻ پرکيو اٿن ۽ اڳتي لاءِ به پرک ۾ انهن کي ڪم آڻي سگهجي ٿو.

باب ڇهون: هن باب ۾ رسالي جي جامع متن لاءِ صورتخطي تي بحث ٿيل آهي.

مقدمي جي هر باب ۾ بيان ڪيل حقيقتن تي عالماڻي طريقي سان روشني وڌل آهي، جنهن۾ڪوشش ڪري هر امڪاني نڪتي کي به نظرانداز نه ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ علمي، تاريخي ۽ روايتي شاهدين

کي هر باب جي مناسبت سان گڏ ڪري پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن علمي حلقن ۽ عام پڙهندڙ کي انهن جي پوري حقيقت ۽ حيثيت معلوم ٿي سگهي،مقدمي ۾ ڊگھيِ بحث جي بجاءِ تحرير جو مدار حقيقتن تي رکيو ويو آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ معترضين کي غور ۽فڪر جي دعوت ڏيندي نظر اچي ٿو، ان لاءِ علمي حلقن وٽ ان کان وڌيڪ ڪا ٻي ڳالهه، سند يا جامع روايت آهي ته ان کي ان سلسلي ۾ سامهون آڻڻ ضروري آهي.

   سندن اهو مقدمو علمي طور تي جامع ۽گهڻ پاسائين حيثيت رکندڙ آهي، جنهن ۾ جيڪو وکر ونڌيل آهي اهو اختلاف راءِ جي باوجود رسالي جي تحقيق ۽ شرح کي سمجهڻ ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت رکندڙ آهي، جنهن کي تحسين ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

”تحقيقي جلد “

      هن وقت تائين رسالي جي تحقيق ۽ شرح جا چار جلد ” شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز “ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي رسالو تحقيقي رٿا “ ۽ اشاعت جي تعاون سان هيٺين ريت اچي چڪا آهن.

رسالي جي تحقيق ۽ شرح جوپهريون جلد لطيف جي سوانح، فڪري روين، سير و سفر، راڳداري وغيره ۽ ”سر ڪلياڻ “ ۽ ”يمن ڪلياڻ “ جي شرح سان 1989ع ۾ منظر عام تي آيو، ٻيو جلد کنڀات، بروو، سري راڳ ۽ سامونڊي سُرن جي معنيٰ ۽ شرح سان 1992ع ۾ ظاهر ٿيو، ٽيون جلد گهاتو، کاهوڙي، ڪاپائتي، بلاول، پرڀاتي، ڪارايل ۽ ڏهر جي شرح سان علمي حلقن ۾ 1994ع ۾ روشناس ٿيو، پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جلد بعد وري ”ڇهون جلد “ رپ، پورب، ڪلياڻ ۽ آسا جي سرن جي شرح سان 1996ع ۾ طباعت جي حسن سان سينگارجي شايع ٿيو آهي، پهريان ٽي جلد ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز “ وارن شايع ڪيا ۽ پويون جلد (نمبر-4) تازو علامه آءِ آءِ قاضي تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس پڌرو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com