سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :20

اهڙي ماڻهو کي هو عمر ڀر مياريون ڏئي معاف ناهن ڪندا، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن موقعن تي خود ماڻهو جي اندر ۾ پڇتاءُ رهجي ويندو آ ۽ هو خود پاڻ کي معاف ناهي ڪري سگهندو، وڌيڪ تنهنجي مرضي آهي“ پڻهس کيس سالڪن جيان سمجهائيندي سمجهائيندي اوچتو چرين جيان ڳالهائڻ لڳو ” هل ني!.... حسنين سان ملڻ .... هو تنهنجي انتظار ۾ اڃا ترسيل آهي، هن کي دير ٿي ٿئي متان هو وکي ميار نه ڏئي ته تو هن جو مُنهن ڇو نه ڏٺو “

 گهر جي در وٽ ڪنهن مائٽ پڻهس کي سڏ ڪندي چيو ”جمن هليا دير ٿي وئي آ ڪافي، وڌيڪ دير لاش نه ٿا ترسائين ته متان خراب نه ٿي وڃي، ۽ رت به بيهي ئي نه ٿو“.

هو پنهنجن نيڻن ۾ ڀرجي آيل لڙڪ بنا اگهڻ جي صدا کي اتي ئي ڇڏي پاڻ هليو ويو ۽ صدا جي ذهن ۾ پنهنجي مائٽ جا لفظ رهجي ويا ”خراب نه ٿي وڃي ۽ رت به بيهي ئي نه ٿو “  کيس اڄ دنيا جي هر شيءِ خراب لڳي رهي هئي، هر لمحو خراب لڳي رهيو هو، کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ حسنين جي لاش مان نه ڪائنات جي هر ذري ذري مان رت ڳڙي رهيو هو، آسمان، زمين، آرپار رت ئي رت هو، جنهن ۾ هن جو ساهه هن جي دل هن جو پورو وجود، ٻڏي رهيو هو ۽ رت جي ٻوڏ۾ هوءَ تارون تار ٻڏي وئي هئي پنهنجي سک ڏک سوڌو“.

فياض چنڊ ڪليري

رات، اڌ چنڊ جي قاتل آ!

”زال مڙس جي هڪڙي ئي ڪمري ۾ هڪڙي ئي بيڊ تي سمهڻ جي باوجود جڏهن گهر ۾ چاهتن جو گواهه ڪو گلاب نه ٽڙندو آهي ته پوءِ  الائي به ڇو بيوهه پڻي جو احساس اندر  سلوپوائزن جيان ڦهلجڻ لڳندو آهي،  سوچيان ٿي، انهيءَ احساس جو عذاب رڳو عورت جي دل جي کاتي ۾ ئي ڇو ويندو آهي ....“

بيڊ روم ۾ ليمپ جي شفاف روشني ۾ ڊائري تي پنهنجن محرومين جا ڪومايل گلاب ٽاڪيندي هُن جون آڱريون ڏڪڻ لڳن ٿيون، اوجاڳيل اکيون کڻي، هوءَپنهنجي اکين ۾ آيل اداسي ڪمري ۾ موجود شين سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪمري ۾ موجود هر شيءِ رات جي ڀاڪر ۾ گم، سندس سامهون ٽي وي ڪيبن مٿان پيل خاموش ٽي وي، ڪيبن جي هيٺين خانن ۾ وي سي آر ۽ ڊيڪ به چپ، ديوارن تي لڳل سينريون ۽ پورٽريٽ به پنڪين ۾ ... بوڪ شيلف ۾ رکيل ڪتاب به پنهنجن حرفن جي ٻانهن ۾ ڀڪوڙيل رڳو هوءَ ۽ سندس ڊائري جاڳيل......

بيڊ تان اُٿي سليپنگ گائون کي ٺاهيندي هوءَ ڊريسنگ ٽيبل سان ڀرسان  اچي بيهي ٿي، ڀرسان ئي  بورڊ تي هٿ رکي ٽيوب لائيٽ آن ڪري پاڻ کي سئٽي تي ڦٽو ٿي ڪري.

ڊريسنگ ٽيبل جو آئينو به پاڻ جيان کيس رٺل لڳي ٿو، آئيني تي پنهنجا هٿڦيريندي هوءَ ٽٽندڙ لهجي ۾ آئيني سان مخاطب ٿئي ٿي، ڄڻ آئينو سندس هر ڳالهه ٻڌندڙ ۽ سمجهندڙ هجي.....

”منهنجي اندر جي اڪلائي منهنجي محروُميءَ جي ڪهڙي ڪهڙي شاهراهه کي ماپي.... ڪنهن به راهه تي تڪميل جو ڪو به سائين بورڊ نه ٿو اچي، هر چوڪ تي ماڻهن جي ميلي ۾ پاڻ کي اجنبي محسوس ڪندي پنهنجي پاڇولي سان گڏ کسڪي اچان ٿي ۽ منهنجي ڳالهه جي بي چين ڌڙڪن نانگ جي ڦڻ جيان منهنجي روح کي ڏنگيندي رهي ٿي..... سوشل لائيف جون سموريون رنگينيون ۽ آسائشون مون کان گهٻرائي لڪي وڃن ٿيون ۽ هاڻ تون به اکيون چورائڻ لڳو آهين..... تون ئي ڏس ! مان ڪاڏي وڃان... ڪنهن جي ڪُلهي تي ڪنڌ لاڙي روئان ۽ ڪوئي مون کي ڳراٽڙي پائي منهنجا ڳوڙها اگهي، مون کي پيار سان سمجهائي چوي زيبو! ڇو ٿي پنهنجو پاڻ کي اڪيلو سمجهين ... مان جو آهيان تنهنجو ۽ صرف تنهنجو “.

هُن کي محسوس ٿيو ڄڻ آئينو ساڻس گڏ روئڻ لڳو آهي، هُن کي آئيني جو لسو تهه گهميل محسوس ٿيو، پل لاءِ کيس لڳو ڄڻ آئينو پنهنجون ٻانهون ڦهلائي کيس ڳراٽڙي ڀريندو .... پر آئينو پنهنجي جاءِ تي قائم... ،ڪمري جي هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي ساڪن .... ڇڙوهوءَ هُن جون اکيون ۽ دل متحرڪ.... پنهنجين اکين جي اُٻاڻڪائي کي آئيني تان ميڙي هو اٿي ٿي، ڪمري ۾ ڪجهه لمحا بي مقصد پسار ڪرڻ کانپوءِ ڪمري جي کاٻي پاسي کان ٺهيل بالڪوني ۾ اچي بيهي ٿي آسمان ۾ لٽڪيل پهرين تاريخن جو چنڊ کيس پنهنجي من جيان اُٻاڻڪو اٻاڻڪو ڀاسي ٿو، بالڪوني جي سامهون هيٺ ڪجهه فرلانگن تي موجود پارڪ ۾ ٺهيل جهولا ۽ ٻاراڻي گسڪڻ کيس ڪنهن زيادتي ٿيل عورت جيان گهوريندي محسوس ٿين ٿا، باغ جي وچ ۾ لڳل See Saw کي هوا تي خالي لڏندي ڏسي کيس پنهنجي محرومي جو شديد احساس ٿئي ٿو.

هوءَ اکيون ٻوٽي تصور ئي تصور ۾ پنهنجو پاڻ کي See Saw جي هڪڙي ڇيڙي تي ويٺل ڏسي ٿي ۽ ٻي ڇيڙي تي معصوم ٻارڙيِ کي ويٺل محسوس ڪري ٿي پر ٻئي پل هوا جو تيز جهوٽو سندس تصور جي نفيس پردي کي چيري گذري ٿو وڃي، هو باغيچي مان نظرون هٽائي بنگلي جي مين گيٽ مٿان ٻرندڙ بلبن کي گهوري ڏسي ٿي ... گيٽ ڀرسان اندرين پاسي ڊيوٽِي تي موجود سپاهي ڪرسي تي ننڊ جي جهوٽن ۾ ... هوءَ پنهنجي نهار جا کوليل ٿان ويڙهي، بالڪوني مان ٻيهر ڪمري ۾ موٽِ اچي ٿي، بالڪوني ڏانهن کلندڙ در ۽ دريون ٺيڪ طرح سان بند ڪري  اي سي آن ڪري ٻيهر بيڊ تي سمهي ليمپ جي شفاف روشني ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي .... ڊبل بيڊ جي کاٻي پاسي خالي جاءِ سندس مڙس جي غير موجودگي جي احساس کي کُرچڻ لڳي ٿي، جيڪو معمول مطابق پنهنجي رات پنهنجي ڪلاس ۽ ۽ ڪليبر جي ماڻهن سان شيئر ڪندو هوندو، هوءَ ٻيهر ڊائري جي ڪاغذن تي احساس جا ڪمائيل گلاب چنبڙائڻ لڳي ٿي، مون ته سمجهيو هيو هن جي سفر جون سڀ ڏسائون منهنجي وجود جي شهر جي گهاٽ تائين ڇيهه ڪنديون .... منهنجو انگ انگ هن جي ڇهاءُ جي روشني سان سدائين روشن رهندو... پر هُو به وقت جي دلفريب چادر ۾ اچي ويو آهي .... منهنجن چپن مان نڪرندڙ پيار ڀرين لفظن بدران ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ڪمشنر جا ٽيليفون تي مليل احڪام هن لاءِ ياد رکڻ جهڙا ٿي ويا آهن... هو بيورو ڪريسيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي ... ۽ مان اڃا به پاڻ کي سندس دل جي درياهه ۾ ٻوڙڻ جي طلبگار آهيان ... هوءَ ڊائري تان نظرون هٽائي ڊبل بيڊ جي کاٻي پاسي جي خال ڏانهن ڏسي ٿي،

بيڊ جي خالي پيل جاءِ کيس پهاڄ جيان ڏند ڪرٽيندي محسوس ٿي ٿئي، پنهنجي بيورو ڪريٽ مڙس افتخار  حسين بلوچ کي ساريندي کيس يونيورسٽيءَ ۾ انگلش لٽريچر جي فائنل ايئر ۾ پڙهندڙ رورل ڪلچرڊ، آدرشي ۽ جذباتي نوجوان ياد ٿو اچي، اڄ ڪيڏو بدلجي ويو آهي اهو افتخار حسين ....! موئن جي دڙي جي مٽيءَ جي خوشبو، مڪليءَ جي مينارن جي افاديت، ڪينجهر جي سونهن، شڪارپور جي تاريخي دردن جي اهميت، ٿر جي وارياسي پنڌن جي ٿڪ ۽ڪراچي جي بي پرواهه سمنڊ جي ڇڙواڳ ڇولين جي ڇڪ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندڙ  اهو لٽرري اورينٽيڊ شخص ته ڄامشوري ۾  ئي ڪٿي وڃائجي ويو هو !

مئي ۽ جون جي تتل ڏينهن ۾  سينٽر ل  لائبرري کان مارئي هاسٽل تائين ،اگهاڙي مٿي تي ڳرا ڪتاب رکي ، ساڻس گڏ هلندي سماجي تبديلي ۽ طبقاتي نظام  جي خاتمي جا خواب ڏسندڙ ، زيبوءُ جي تعريف ۾  زمين آسمان جون  خوبصورتيو ن ڳوليندڙ  ، سندس وجود جي  تخليق تي تخليقار جي گمنام هٿن کي چمڻ جو تمنائي  زندگي جون سموريو ن خوشيون ۽ مرڪون زيبوءَ جي جهولي ۾ وجهي ڇڏڻ جا وچن ڪندڙ ، افتخار حسين ايترو جلدي وقت جي واچوڙي ۾ گم ٿي  ويندو . تڏهن ڪنهن به اهو انڪشاف نه ڪيو هئائين ، يا شايد زيبوءَ ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ٿيڻ کان پهرئين سج نيزي پاند تي اچي بيهندو آهي ۽ روح رجڻ لڳندو آهي ، پوءِ ڪابه چانڊوڪي رات پنهنجائپ جو احساس آڻي نه سگهندي آهي

.......پر پنهنجائپ جون سڀ آرسيون اسان وقت کان اڳ ڀور ڀور ڪري ڇڏيون ، پر انهي عمل ۾  مان اڪيلي ته نه هيس ...هن جون هر پل منهنجي وجود ۾  وچڙندڙ اکيون هن جا هر پل منهنجي وجود تي ترڪندڙ هٿ ۽ هن جا هر پل منهنجي چپن سان چهٽندڙ چپ ته برابر جا ڏوهاري هئا ......هونءَ اسان جهڙي ميل ڊامنيٽ سوسائٽي ۾ عورت جيستائين عزت جو حوالو هوندي آهي ته پنهنجي چاهيندڙ لاءِ امر آيتن جيان هوندي آهي ....پر سندس وجود جي هر حرف حرف اچارجڻ کان پوءِ هو ردي جي ڪنهن بي مهلي ڪتاب جيان ٿي ويندي آهي ،....۽ پوءِ گهر جي چوٰديواري کان وٺي ، فوٽ پاٿ جي سوڙهي رستي تائين ، سندس پاڇولو به  متشڪي بڻجي ويندو آهي . اسان جي سوشل سائڪولوجي به ڪيڏي ون سائيڊيڊ هوندي آهي ....گناهه جي هر راند ۾ عورت  ۽ مرد جي محرومين جا کڙڪندڙ سڪا ته هڪ جيترا هوندا آهن ...پوءِ به آخر ۾ عورت ئي ازالي جي ٽياس تي ٽنگجي ٿي ...۽ مرد ڪيڏي بي نڪائي ۽ اک جي پڪائي سان پائنچا ڇنڊي ، منهن تي معصوميت جا ليبل لڳائي گهمن ٿا .....خيالن جا بي قابو گهوڙا سندس ذهن جي صحر ا ۾ ڊوڙندا رهن ٿا .ڪمري ۾ لڳل وال ڪلاڪ جي سرگوشين کان بي نياز سوچيندي سوچيندي هوءَ ننڊ جي   نازڪ ٻانهن ۾ هلي ٿي وڃي.

اڃا بنگلي  ۾ ڪم ڪندڙ ملازم به نه پهتا هيا، هوءَ بيڊ تي گوڏن ڀر ويهي روم جي ڇت  ڏانهن ٻانهون ڊگهيري آرس ڀڃي ٿي، سندس ڀر ۾ بيڊ جي خالي جاءِ اڃا تائين ”خال ڀريو “ جي سوال جيان خالي ئي هئي، نارمل ٿيڻ جي احساس کانپوءِ بنگلي ۾ لڪي ويٺل ساڳيائپ ۽ وڳاڻپ ٻيهر سندس حواسين تي حملو ڪن ٿيون ۽ هوءَ اٿي اي سي آف ڪري، ڪمري جي درين تان پردا هٽائي دريون ۽ بالڪونيءَ ڏانهن کلندڙ دروازو کولي ٿي ڇڏي، دروازو ۽ دريون کلندي ئي تازن ٽڙيل گلن جي ماڪ وهنتل خوشبو ڪمري ۾ محبوب جيان بغير اجازت ڌوڪي ٿي اچي، هوءَ بالڪوني جو در اورانگهي باغيچي ڏانهن اڇاتري نظر اڇلي ٿي، باغ ۾ موجود هر ‌شيءِ رات واري حالت ۾ ساڪن! وڻن ۾ پلين جون خوبصورت ٻوليون صبح جي آمد جو  اعلان ڪري رهيون هيون، هوءِ منظر تان اکين جو فوڪس هٽائي باٿ روم ڏانهن وڃي ٿي، شاور هيٺان بيهي پنهنجي اُلا اُلا وجود تي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا  پوندي کيس گذريل ڪيترين راتين جي اڪيلائي ۽ مڙس جي نظراندازي جي ور چڙهيل سندس جسم جي پور پور مان ٻرندڙ آڳ وڌيڪ شدت سان ٻرندي محسوس ٿئي ٿي، واش بيسن جي مٿان لڳل آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسندي کيس ڪاليج ۾ ميٿميٽڪس جي نئين آيل ليڪچرار جون معنيٰ خيز اکيون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، صدين جون اڃيون ۽ بکيون اکيون... اکيون جيڪي پهرين ئي نظر ۾ سندس وجود تي اوڍيل لباس کي پار ڪري ڳجهن هنڌن تائين پهچڻ جي سگهه رکندڙ هيون .... هوءَ انهن اکين جي خاموش اشارن ۽ علامتن کي پرکي  وئي هيئي... ان ڏينهن ته بنهه  گهٻرائجي وئي هئي، جڏهن فري پيرڊ ۾ ڪاريڊور مان لنگهندي مسٽر امتياز سندس بنهه آڏو اچي ويو هو ۽ هو ٽڪرائيندي بچي ويا هيا، کيس ڪنفيوز ٿيندي ڏسي، مسٽر امتياز مڻن جيڏي ڳري ڳالهه ڪاغذ جيان سندس حواسن آڏو ڦٽي ڪئي هئي:”ميڊم! صاحب کي سمجهايو ته اوهان جي بي ترتيبي کان ايترو بي خبر نه رهي ڪٿي ... “ جواب ۾ هوءَ رڳو اکيون ڪرڙيون ڪري کيس گهوري سگهي هئي امتياز هڪ ڳڀرو ۽  خوبصورت  جوان  هيو، ڪاليج جي  ميٿس جي پروفيسر جي رٽائرمينٽ کانپوءِ استاد جي کوٽ سبب پرنسپال جي درخواست تي بوائز ڪاليج مان  امتياز کي ڊيپوٽيشن تي گهرايو ويو هو، هو نهارڻ کان ڳالهائڻ تائين ۽ ڳالهائڻ کان چپ رهڻ تائين هر ادا ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو، ان ڪري ئي ٿوري ٿوري عرصي ۾ ڪاليج جي مورين چنچل ڇوڪرين ۽ ليڊي ليڪچررز جي زبانن تي سندس نالو پيو ورجائبو هو.

هوءَ باٿ روم مان نڪري ڊريسنگ ٽيبل آڏو اچي  بيٺي هئي، آئيني ۾ ساڳي خاموشي نظر اچيس ٿي، آلا وار ڇنڊيندي هوءَ ڪمري مان نڪري ٽي وي هال ۽ ڊرائينگ روم ڪراس ڪندي ڪچن ۾ پهتي، ڪڏهن ڪڏهن سوير سجاڳ ٿيڻ کانپوءِ هوءَ پاڻ ئي ناشتو تيار ڪري وٺندي آهي، هوءَ اڪثر بورچي خاني ۾ ناشتو تيار ڪندي، هوءَ ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندي رهندي آهي. پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان بنهه چپ چپ ۽ خالي خالي رهڻ لڳي آهي.

چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪيٽلي ءَ ۾ پاڻي اٻرندي ڏسي کيس لڳي ٿو، سندس اندر به ڪو احساس، ڪا محرومي اٻرندڙ پاڻيءَ جيان اٻرندي رهي آهي، خيال ٻيهر ٻاٻري ڪنڊن جيان سندس ذهن ۾ چڀڻ لڳن ٿا.

گهر ۾ پچندڙ طعامن کي ڪو به ٽيون کائڻ وارو ڪونهي هاڻ ته بورچي خانو به بُجا ڏيڻ لڳو آهي ۽ ڀتيون ساڳي حصي جي باهه جو سيڪ برداشت ڪندي ڪندي مياري ٿي پيون آهن، مان ته اُن احساس

کان ئي نا آشنا رهيس ته ڪيئن هڪ عورت ٻارهن مهينا چلهه جيان دلڻ کان پوءِ ٺري پوندي آهي ۽ منهنجون ڇاتيون ڪيسين عورتپڻي جي علامت جو احساس ڏيارين .... رڳو وسيءَ جي بوءِ هاڻا چپ، انهن ۾ هونگھڙيون هڻندڙ ٻالڪ کي پرڀائڻ لاءِ ڪافي ناهن، ڪنهن جا معصوم پتڪڙا گلابي چپ ۽ نرم نازڪ هٿ ئي منهنجي مرده ارُهن ۾ عورتپڻي جي احساس کي جيئاري سگهن ٿا.

ڪيٽلي مان نڪرندڙ ٽهڪندڙ پاڻي جي ٻاڦ سندس سوچن جي برف کي ڳاري ٿي، هوءَ تڪڙ ۾ چانهه ٺاهي پيئڻ کانپوءِ تيار ٿيڻ لڳي، اڄ مسز بيگ موڪل تي هوندي، انڪري انهيءَ جو انگلش جو ڪلاس به کيس ئي وٺڻو پوندو.

ٺيڪ اٺين بجي ڪار ڪاهي ڊرائينگ روم جي ٻاهرين گيٽ وٽ اچي بيهي ٿو، هوءَ تڙ تڪڙ ۾ آخري ڀيرو ڊريسننگ ٽيبل جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي نڪري ٿي اچي، ڊرائيور ڪا ر جو بيڪ ڊور کولي احترام سان سڌو ٿي بيهي ٿو، ڪار مين گيٽ وٽ اچي ٿي ته ڊيوٽي تي موجود مڇو سپاهي تڪڙ ۾ گيٽ کولي اک ٽيٽ سان ڪار ڏانهن ڏسي بناوٽي احترام وچان نظرون جهڪائي ٿو ڇڏي”الياس! رات صاحب ڪاٿي هو “ هوءَ جوهي ۾ رکيل پرس کي ڀرسان رکندي ڊرائيورکان پڇي ٿي.

”بيگم صاحبه! ايس پي صاحب جي ڳوٺ ڪا  دعوت هئي، سو اوڏانهن ويل هيا، چيو هيائون صبح جو سڌو آفيس پهچندا “ ڊرائيور ڪار جي اندري شيشي مان سندس اڇاترو اڇاترو وٺندي چيو .

”ڇو ڪا خاص دعوت هئي ڇا “ هُن ڪار جي ٽينٽيڊ گلاسس مان اجايو ٻاهر نظرون اڇلائيندي پڇيو .

”خبر ناهي بيگم صاحبه ... شهر جا ڪجهه ٻيا آفيسر به ويل هيا .... “ ڪار اسپيڊ بريڪر ڪراس ڪندي چرڙاٽ ڪري جهٽڪو کائي ٿي، هوءَ جهٽڪي لڳڻ سان ٿورو اڳتي آهلجي ٿي اچي، پاڻ سنڀاليندي سوچ ٻيهر سندس ذهن کي سنڀالي وٺي ٿي .

”زندگي رڳو روايتي کڏن کوٻن وارو رستو ناهي هت هر هر ٽئين قدم کانپوءِ محرومي ۽ پڇتاءُ جون نه ظاهر ٿيندڙ ڌٻڻ آهن ... ۽ هر ٽئين قدم تي رڳو آئون ئي ٿاٻڙجندي ٿي رهان .... ۽ هو جنهن زندگي جي هر قدم تي هٿن جي گرفت ڍلي نه ڪرڻ جا واعدا ڪيا هيا .... سو هڪ هٿ سگريٽ ٻئي هٿ ۾ وسڪيءَ جي بوتل کنيو مون کان ۽ منهنجي محرومين کان بي خبر ....“

اوچتو ڪار جي لڳل بريڪ تي هوءَ اکيون کڻي ٻاهر ڏسي ٿي ”گورنمينٽ گرلز ڪاليج ... “  ڪاليج جو بورڊ ڏسي پاڻ سنڀالي ٿي، ڊرائيور تڪڙ ۾ لهي ڪار جو دروازو کولي ٿو هوءَ پنهنجي ڊريسنگ کي هٿن سان سيٽ ڪندي گيٽ ڪراس ڪري اسٽاف روم ڏانهن وڌڻ لڳي ٿي، پنهنجي ڀرسان گذرندڙ ڪجهه شاگردياڻين جي گڊ مارننگ چوڻ تي هوءَ رڳو سنجيدگي مان ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏئي ٿي.

”اصل ۾ رات ننڊ ٺيڪ سان نه ڪئي هيم، ان ڪري مٿي تي ٿورو ٿورو بار پيو محسوس ٿئي ٻي ڪائي ڳالهه ناهي، هوءِ نوٽيس تان نظرون کڻي ميڊم سلميٰ ڏانهن ڏسندي وراڻي ٿي.

”ڊي سي صاحب ته صبح صبح هڪ ڊاڪٽرياڻي سان پنهنجي گاڏي ۾ ڏاڍو هشاش بشاش پئي ويو ... “ ميڊم سلميٰ جو جملوکيس اندر  تائين چيريندو لهي ويو، سوال کيس گهيرڻ لڳن ٿا .

”صبح سان ڪير ٿو ٿي سگهي ... هو ته سڌو  دعوت تان آيو هوندو ... ڊاڪٽرياڻي ... پر ڪهڙي .... “

”ڪير هو ڊي سي صاحب سان ؟... اوهان ڀليا  هودؤ هو ته رات  دعوت تي ويل هيا، هوءَ پڪ ڪرڻ لاءِ کائنس پڇي ٿي .

”اهو مشاهدو صبح سويري جو هو، اڃا رستن تي ڌوڙ به نه اڏامي  هئي، اسان جون اکيون ڀلا ڪيئن ٿيون دوکو کائي سگهن، هوءَ شهر جي مشهور سوشل ريفارمسٽ ڊاڪٽر نعيمه ساڻن گڏ هئي، اسان ٽانگي تي ڪاليج ايندي کين ڏٺو هو “. ميڊم شائسته جي تفصيل ٻڌڻ کانپوءِ هوءَ ٻيهر خاموشي جي ڪُن ۾ گهوماٽيون کائڻ لڳي ٿي ” مون سمجهيو هو، هن جي پيار جو سمنڊ مون لاءِ ميرو ڪڏهن به نه ٿيندو ... انهيءَ سمنڊ جون مست لهرون رڳو منهنجي وجود جي ساحل تي ساهي پٽينديون ... “ پر هاڻ هُن جي دل جي سمنڊ ۾ به دنيا جي غليظ درياهن جو ڇوڙ ٿيڻ لڳو آهي ۽ مان ڪنهن به قطري جي حقدار ته رهيس .. نه ساحل ئي ساڳيو رهيو ... نه ڇولين ۾ ساڳي ڇڪ رهي ”Oh. My… God “ هن کي لڳي ٿو ڄڻ سندس دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون، هوءَ ميڊم شائسته کي پاڻيءَ جو گلاس گهرائڻ لاءِ چوي ٿي، ماسي پاڻي جو گلاس سندس آڏو رکي ٿي .

”ماسي ! چانهه جو ڪڙڪ ڪوپ به گهرجي “ هوءَ پاڻي جو ڍڪ ڀري چئي ٿي ”سلميٰ! منهنجي طبيعت ٿوري خراب آهي،  اوهان فري هجو ته پليز مسز بيگ جو ڪلاس وٺي اچو “

Why not…..  سلميٰ اسٽاف  روم ۾ پنهنجي پيرن جا پڙاڏا ڇڏي هلي وئي، هوءَ ٽيبل تي ڪنڌ لاڙي اکيون پوري ٿي ڇڏي، اوچتو ڪنهن جو شناسا آواز کيس ڪنڌ مٿي کڻڻ تي مجبور ٿو ڪري ، هوءَ ڪنڌ کڻي ڏسي ٿي، کائنس جونيئر ليڪچرار فرخنده سندس  ڪوليگس سان مرڪي ملي رهي هئي، سندس ڇاتيءَ تي گلاب جهڙو ٻارڙو مرڪي رهيو هو، فرخنده کيس سلام ڪري ڀر سان اچي ويهي ٿي  فرخندا بدلي ٿيئي ته منهن ئي نه ڏيکاريئه...

 ايتري پڪي ٿي وئينءَ... هي ٻارِڙو تنهنجو آهي ... ماشا ءَ الله ڏاڍو ڪيوٽ آهي ڇا نالو اٿس؟ هوءَ فرخندا جي ٻارڙي کي ڇڇڪارون ڏئي پاڻ ڏانهن کڻندي پڇي ٿي . بس ميڊم ! هي فرسٽ بيبي هيو... سو فرصت ئي نه ملي،... گلزار  نالو اٿ پڻس رکيو اٿس، توهان  ٻڌايو خوش آهيو، ڀلا توهان جي اڱڻ ۾ ڪڏهن ٿو گلاب جو گل ٽڙي، سچ  ٻڌايائن ٻار کانپوءِ هسبينڊ گهر سان ايترو ٿو بائونڊ ٿي وڃي هن جي فادر جو ئي مثال آهي ...اڳ مرضيءَ تي گهر موٽندو هيو پر هاڻ مجال آهي جو هاسپيٽل جي ڊيوٽي کانپوءِ پنج منٽ به ٻاهر گذاري فرخنده چٻ ڪڍندڙ ٻارڙي کي کائنس وٺندي اهو سڀ ڪجهه چئي وڃي ٿي .

”ها فرخندا سچ ٿي چوين ... بس  جڏهن خدا راضي  ٿئي “ هوءَ ٿڌو ساهه ڀريندي پاڻ کان ڪجهه پرڀرو ويٺل مسز عاقل ۽ ميڊم گلشن ڏانهن ڏسي ٿي، جيڪي هڪٻئي سان سرگوشي ڪندي  ڏانهس  ڏسي طنزيه مرڪ مرڪي رهيون هيو.

 سوچي ٿي ”هي دنيا به عجيب آهي، اسان جڏهن خوشين جا ڌاڳا کوليندا آهيون ته انهن جون آڱريون ڏڪڻ لڳنديون آهن ۽ ڏک جون ڳنڍڙيون جڏهن اسان کي پنهنجي وڪڙن ۾ ويڙهڻ لڳنديون آهن ته ماڻهو ڪاميڊي شو ڏسڻ جهڙو چهرو ٺاهي وٺندا آهن، فرخندا ننڍڙي کي جهولائيندي پرنسپال جي آفيس ڏانهن وڌي وڃي ٿي، پڇتاءُ جو ڪنڊو ٻيهر سندس وجود ۾ چڀڻ لڳي ٿو.

رب سائين ته اڇن ڪاغذن تي چپن جي ڇڙيل سرد آهن سان ڇڏيل اڻ تحرير ٿيل دعائون به اگهائيندو آهي... پر مون ته پنهنجي وجود تي وقت کان اڳ ئي گناهه جو  ليڪو ڪڍي ڇڏيو ...

مالڪ جا هٿ اهو ليڪو مٽائن به ته ڪيئن، اسان پنهنجي زندگيءَ جو اثاثو بڻجندڙ گل کي وقت کان اڳ ئي قبر حوالي ڪري ڇڏيو .... ۽ قبرون ساهه نه کڻنديون آهن..... هاڻ ماءُ بڻجڻ جي تمنا آسمان تان ٽٽندڙ تاري جو انتظار ڪيسين ڪري ......

کيس دماغ جون رڳو ڦاٽندي محسوس ٿين ٿيون، نڙي خشڪ لڳيس ٿي، ڀر سان پيل پرس مان XANX ڪڍي ٽيبل تي پيل   اڌ گلاس پاڻي سان اندر ۾اوتي ٿي ڇڏي، اسٽاف روم آهستي آهستي خالي ٿيڻ لڳي ٿو، ڪمري ۾ رڳو وال ڪلاڪ جي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ، پکي جا زوزاٽ ۽ سندس دل جي تيز ڌڙڪن رهجي وڃي ٿي.

”ميڊم اوهان جو فون آيو آهي “ ماسي سندس خالي نظرن جو خال ڀرڻ لاءِ آڏو اچي بيهي ٿي.

”ڪنهن جو آهي؟ هو ٽيبليٽ جو بيڪٽ پرس ۾ رکندي پڇي ٿي خبر ناهي.... چوي ٿو توهان جو دوست آهي ماسي ٽيليفون تي ٻڌل آواز بابت اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ٿي.

”منهنجو دوست .... ڪير ٿي سگهي ٿو!؟..... هوءَ ڪرسي تان اٿي، پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿي.

هيلو مان زيب پئي ڳالهايان...... اوهان ڪير؟

”سڃاڻ ڪير ٿي سگهي ٿي، ٻئي پاسي کان هڪ شناسا آواز سندس يادگيري جو ڪتاب کولڻ لڳي ٿو.

”ايترو جلدي وساري ڇڏيئي “ آواز ۾ ميار جو تاثر، هوءَ خاموش يادگيري جي ڪتاب جا پنا اٿلائڻ ۾ مصروف ”مان آهيان آشا، آشا عرف تنهنجي جنڙي “ آواز ۾ انڪشاف جو رنگ نمايان .

Ho My God Thats you Ashy هوءَ کاٻو هٿ لوندڙي تائين آڻيندي تيزي سان ڪمزور ٿيندڙ پنهنجي ميموري تي پڇتائي ٿي.

”جي جناب: ته تون به هڪ بيورو ڪريٽ جي روايتي زال  ثابت ٿينءَ نه .....؟مان تو بابت حيدرآباد کان الائي ڇا ڇا پئي سوچيندي آيس ۽ تون ....... آواز ۾ سنجيدگي ۽ هلڪي شڪايت جو عنصر ظاهر.

”نه آشي اڄ طبيعت ٺيڪ نه هئي، دماغ موڳو لڳو پيو آهي، پنهنجو پاڻ کي به نه ٿي سڃاڻي سگهان، تون به ته فون تي پهريون ڀيرو ڳالهايو آهي، ڪيترن سالن کانپوءِ نه ته تون وسارڻ جهڙي شيءِ آهين، ڪٿان پئي ڳالهائين اچ ته روبرو ملون.

”مان آئي آهيان هت آنٽي جي گهر.... تون ڪيڏي مهل ٿي فارغ ٿين ته تنهنجي بنگلي تي حاضر ٿيان “ آواز ۾شوخي نمايان، مان هينئر هتان نڪرڻ واري ئي آهيان، تون اڌ ڪلاڪ اندر اچ، تو سان الاهي ساريون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، هت ته ديوارن کان سواءِ ڪو به شيئر ڪرڻ وارو ڪونهي نه چاهيندي به هوءَ چي ويهي ٿي، OK  I am Just Coming فون بند ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر خاموشي، هوءَ  ڪجهه پل رکي گهر جو نمبر ڊائل ڪري، ڪار گهرائڻ لاءِ چوي ٿي”آشيءَ سان مليي سال ئي گذري ويا آهن، هاڻ ته هوءَ بدلجي وئي هوندي، پر سندس آواز مان ته ساڳي شوخي ۽ چنچلتا ظاهر ٿي رهي هئي “ ڪار تي گهر ايندي هوءَ سوچيندي رهي.

گهر اچي پنهنجي ڪمري جي اي سي آن ڪري باٿ روم ۾ فريش ٿيڻ لاءِ هلي وڃي ٿي، فريش ٿيڻ کانپوءِ بورچي کي ايندڙ مهمانن لاءِ ريفريشمينٽ  جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چئي ٿي، هوءَ ڊائري کي وهاڻي هيٺان رکي ڊيڪ کي سلو ميوزڪ هلائي آشيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳي ٿي، کيس گهڻي وقت کانپوءِ ڪنهن سان ملندي اطمينان محسوس ٿي رهيو هو، اطمينان به ڇو نه ٿئيس، آشي سندس يونيورسٽي لائيف جي عزيز ترين دوست هئي، جنهن سان گڏ سيمينار لائبريري جي خاموش ڪنڊن ۽ فيڪلٽي جي آخري فلور جي ڏاڪڻين تي ويهي هن افتخار ڏانهن طويل خط لکيا هئا، يونيورسٽي فنڪشنز ۽ ٽوئر پروگرامز ۾ به آشي ئي سندس ساٿي هوندي هئي، آشي هر موڙ تي کيس آٿت ۽ پيار ڏنو هيو ۽ اڄ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ هوءَ ساڻس ملڻ لاءِ اچي رهي آهي، سوچي ٿي، اڄ آشي سان ڳراٽڙي پائي خوب روئينديس، دل جو سمورو بار هلڪو ڪنديس.......... کيس زندگي جي پل پل جي عذاب کان آگاهه ڪنديس.”افلاطون جي اولاد مان ڪيترن منٽن کان دروازي جي چائنٺ تي بيٺي آهيان ۽ تون اڃا گوتم واري گيان مان جان ڇڏائي نه سگهي آهين .... آشيءَ جو آواز ٻڌي هوءَ پاڻ سنڀاليندي تڪڙ ۾ بيڊ تان اُٿي سندس ٻانهن ۾ هلي ٿي اچي، هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري، هو بنهه يونيورسٽي واري اسٽائيل ۾ هڪٻئي کي ڪس ڪن ٿيون، هوءَ آشيءَ جي ٻانهن ۾ سڏڪي پوي ٿي، بي اختيار روئي پوي ٿي، ڪيترن لمحن تائين ڪمري ۾ سلو ميوزڪ سان گڏ هن جي سڏڪن جو سرگم به گونجندو ٿو رهي.

”چري ڪٿان جي! بلڪل نه بدلي آهين، اڃا تائين اندر مان شيڪسپيئر واري ٽريجڪ فلاسافي ۽ ڪاميو واري ويڳاڻپ نه نڪري سگهي آهي، ٻار جي ٻار ئي رهينءَ.... “ آشيءَ سندس ڳوڙها اگهندي کيس بيڊ تي ويهاريندي چوي ٿي.”مون ته سمجهيو هيو هڪ بيورو ڪريٽ عاشق جي بلوڊ وائيف ڏاڍي عيش ۾ هوندي، پر تون ته اڳي کان به عاجز ٿي وئي آهين، ڇا ٿيو رومانس جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي ڇا؟ افتخار صاحب جي ڊريم گرل ....آشي پنهنجي روايتي انداز ۾ ڳالهائيندي، سندس ڏکندڙ رُڳ کي ڇهي ٿي وجهي.

”ها يار! تون صحيح چوندي هئين، اسان جي معاشرن ۾ رومانس به سوشل فرسٽريشن جو حصو آهي، پري کان هر شيءِ ڏاڍو موهيندڙ ۽وڻندڙ......... فاصلن جا خال ڀرڻ کانپوءِ دلين ۾ خال وڌندا ويندا آهن ۽ پوءِ هٿ پڇتاءُ جا پٿر ميڙيندي زخم ٿيندا رهندا آهن، هوءَ آشيءَ جي هٿ تريءَ  تي پنهنجون آڱريون ڦيريندي چوي ٿي: ”يار was so different  But Iftkhar هو ته ڏاڍو انٽل ايڪٽ رکندڙ نوجوان هو، ان کي تو سان ائين Behave نه ڪرڻ گهرجي ها! آشي پري رهندڙ ماڻهن کي ويجهو ڪرڻ لاءِ دانشوري ڪرڻي پوندي آهي، پر هڪڙي ئي روم ۽ هڪڙي ئي بيڊ تي پاسا بدلائڻ کانپوءِ لائيف جي سڄي فلاسافي چينج ٿي ويندي آهي،  And its called naturهن جي اکين ۾ ڄميل برف هوريان هوريان ڳرڻ لڳي ٿي.

يار...... پر افتخار جنهن رڳو تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ مڊل ڪلاس مان جمپ هڻي بيورو ڪريسيءَ جي قافلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا، اهو افتخار ائين بدلجي  ويندو.... مون کي ياد آهي ته تنهنجي فادر کيس ڪلاس ڪامپليڪس   ڏئي تنهنجي رشتي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، تڏهن فائينل ايئر جي رزلٽ وٺڻ کانپووءِ اي سي ٽو کان موٽيندي هن پٿريلي رستي تي سڄي ڪمپني آڏو وڏي واڪي اعلان ڪيو هو ته مان هن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڪجهه ٿي ڏيکاريندس، جيڪو هر امير ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ جو خواب  هوندو آهي  آشي  ماضي جون ڪڙيون   ملائيندي چيو .

”ڊيئر! اها خبر دير سان پئي ته افتخار جو اهو جنون منهنجي حاصلات کان وڌيڪ سندس انا جي تڪميل جو جنون هيو...... پنهنجي ڪامپليڪس رڊيوس ڪرڻ جو جنون هيو، مان ته هڪ جواز هئس ۽ بس ...... هن بيڊ جي سيراندي کان وهاڻو کڻي ٺونٺن هيٺان ڏئي آشيءَ جي جهولي ۾ ڪنڌ رکندي چيو”پر يار! تو ان شخص جون محروميون گهٽائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو، تو هن سان اهو ڪجهه به شيئر ڪيو، جيڪو شاديءَکانپوءِ ئي سونهندو آهي، پرگنينسي ۽ ابئاررشن تنهنجي سچائي ۽ ڪميٽمينٽ  لاءِ اهو ڪافي نه هيو ڇا .....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com