سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :18

لياقت رضوي

هڪ اداس خوبصورت عورت جي ڪٿا

     سمورا ڏينهن هڪ جهڙا آهن.

    ڪنهن خوف ۾ ويڙهيل مصروفيت، منهنجي دل کي خزان جي سمنڊ وانگر وپائيندي  رهي ٿي، منهنجي زندگي مون ڏي لکيل پراسرار بوجهل اداس ۽ گمنام خط آهي، جنهن کي خبر ناهي ڪنهن لکي منهنجي نانءُ  پوسٽ ڪيو هو، ٺيڪ آهي مون ان کي (نه چاهيندي به ) وصول ڪيو هو، پر مون کي خبر نه هئي ته ان ۾ منهنجي بي تقدير خواهش لاءِ آخري فيصلا، سنگين بي رحميءَ وانگر نقش آهن.

      جڏهن منهنجي يونيورسٽي ۾ دخلا ٿي هئي ته مون پنهنجي مستقبل بابت اعتماد سان سوچيو هو، مون کي خبر نه هئي ته منهنجي آخري سال جي نتيجي تي هو اهڙي بري نموني اثراداز ٿيندو، مان ته هن کي چڱي طرح سڃاڻيندي  به ڪا نه هئس، پهرين سيمسٽر کان پوءِ منهنجي ڪلاس ميٽ گلنار مون کي هن لاءِ ٻڌايو ته هو فائنيل ۾ پڙهندو آهي ۽ڊپارٽمينٽ جو ذهين ترين شاگرد آهي، گلنار هن کان ٽيوشن  پڙهڻ جو خيال ڏيکاريو هو، توڻي منهنجي پهرين سيمسٽر جو نتيجو ڪافي بهتر هو پوءِ به الائي ڇو مان گلنار سان راضي ٿي هن کان ٽيوشن پڙهڻ لڳي هئس، اسين سڀ ست ڄڻا هئاسين، چار ڇوڪريون  ٽي  ڇوڪرا جيڪي هن کان ٽيوشن پڙهندا هئاسين، هو ڪيميسٽري ۾ جيترو هوشيار هو اوترو ئي باقي ٻين معاملن ۾ بيوقف هو، يونيورسٽي هن جي اندر ۾ رهندڙ ٻهراڙي جي ڪم عقل شخص جو ڪجهه ڪو نه بگاڙي سگهي هئي ۽ هن جي ان خوبيءَ ۾ئي مون کي ڪافي ڪشش نظر آئي هئي، هن جو نالو الهه بخش ٻٻرهو ۽ هو خيرپور ضلعي  جي  ڪنهن دور دراز ڳوٺڙي مان آيو هو، شام جو نوڪري ڪندو هو ۽ صبح جو ڪلاس اٽيند ڪندو هو، رات جو ڪجهه وقت دوستن کي ڪجهه پڙهائي کي ۽ باقي ننڊ کي بچندي هئي هن وٽ منجهند، جنهن مان هو اسان کي ٽيوشن ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍي  وٺندو هو.

هو اسان مان ڪنهن کان به پئسا ڪو نه وٺندو هو، بس اسان جي مفت خور گذارشن تي اسان کي پڙهائڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو، ٿورن ڏينهن ۾ ئي مان سمجهي ويس ته هن کي سبجيڪٽ تي عبور حاصل آهي، منهنجي ٻئي سيميسٽر جي رزلٽ اڳي کان بهتر آيو، مفت جي مدد تان ڪير به دستبردار ڪو نه ٿيندو آهي، ان ڪري ٽيوشن فائينل ۾ به جاري رهڻي هئي، پر ان وچ ۾ هو ايم سي فائينل جو امتحان ڏئي چڪو هو ۽ هن جي رزلٽ به اچي چڪو هو، فرسٽ پوزيشن.اسين ست ئي ڄڻا توڻي جو بيحد خوش ٿيا هئاسين پر   پر ان لمحي ئي هڪ ٻئي جي ننڍڙي خوف ۾ وڪوڙجي ويا هئاسين، ٽيوشن جي غير واضح مستقبل جو  خوف، يقيناً هن کي بهتر نتيجي سبب جلد ئي ڪٿي ٻئي جاءِ تي نوڪري ملي وڃڻي هئي.

پر هن جي هڪ معقول فيصلي صورتحال کي بلڪل نئين انداز سان تبديل ڪري ڇڏيو هو، جيستائين کيس ڪٿي ٻئي هنڌ نوڪري ملي يونيورسٽي ۾ شام واري نوڪريءَ کي هن صبح واري شفٽ ۾ ڪرايو هو ۽ ائين ٻيا ته رهجي ويا البته مون ۽ گلنار ٽيوشن وٺڻ جو سلسلو جاري رکيو هو، ظاهر آهي ان ۾ ڪائي ترتيب ته ڪو نه پئي ٿي سگهي،  ڇو ته جنهن وقت به فري پيرڊ هوندو هو، اسين ٻئي ڄڻيون هن جي آفيس ۾ اچي وينديون هيوسين، جڏهن ته فائنل جي امتحانن جي ڊيٽ جو اعلان ٿيو هو،  تيستائين مان پاڻ ۾ ان انڪشاف کي دريافت ڪري چڪي هئس ته مون کي هن سان محبت ٿي وئي آهي.

۽ عجيب ڳالهه اها هي ته جڏهن اهو انڪشاف مون هن تائين پهچايو هو ته اسان جي ٽيوشن جو سلسلو بند ٿي چڪو هو  مان ۽ گلنار پوءِ به هن جي آفيس وينديون رهنديون هيوسين، شروع ۾ هن مون ۾ڪافي دلچسپي ورتي، پويلين تي هن جي آفيس ۾ ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي اسان جي ملاقات کي هڪ ترتيب ملندي وئي، پنهنجي اڪيلائي دوران اسان ڪيمسٽري کان ٻاهر جي دنيا  کي دريافت ڪيو، گلن ۽ دلين جي دنيا.

آخري سال جي پهرن سيميسٽر ۾ منهنجو نتيجو انتهائي خراب آيو، فقط ٻه سبجيڪٽ پاس ڪيم، سي به رڳو پاسنگ نمبرس سان پر مون کي ان جو افسوس ڪو نه هو، افسوس ته مونکي ان ڳالهه تي ٿيو ته جڏهن مون پنهنجي مائٽن کي هن سان پنهنجي شادي لاءِ راضي ڪيو ۽ هن جڏهن هن سان مون بابت ڳالهايو ته هن شادي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، گهٽ ۾ گهٽ هن جو انڪار، منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو، پهرئين فرصت ۾ مون هن ملڻ چاهيو پر ٻاويهن ڏينهن تائين هو لنوائيندو رهيو، اهي ٻاويهه ڏينهن منهنجي محبت ۽ذلت جا ڏينهن هئا، گلنار ۽ منهنجون ڪوششون ناڪام ٿيون ته هن جي ڪلارڪ دوستن تائين احمقاڻي رسائي حاصل ڪيم، نيٺ ٻاويهن ڏينهن کان پوءِ هن جي هڪڙي ڪلارڪ دوست جي ڪوارٽر ۾ اسان جي ملاقات ٿي وئي، مايوسي ۽ مطلق غلط فهمين تي مبني آخري ملاقات جنهن ۾ هن مون سان شادي نه ڪري سگهڻ کي انتهائي بيهوده  وضاحتن  سان ظاهر ڪيو هو، جن جو بنياد ڪجهه قومپرستانا خيال ۽ مون سان هن جي عجيب همدردي هئا.

پوءِ جلد ئي منهنجي آخري سيمسٽر جا پيپر شروع ٿي ويا هئا، مون هن سان وري ملڻ جي خيال کي هميشه لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو هو، هن کي به ڪنهن ٻئي هنڌ نوڪري ملي وئي هئي ۽ هو يونيورسٽي واري نوڪري تان مستعفي ٿي هليو ويو هو، امتحانن ۾ مان سڀني پيپرن ۾ فيل ٿي هئس، ان ڪري مون ٻيهر امتحان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، خبر ناهي ڪيئن غير محسوس طريقي سان الهه بخش لاءِ منهنجي دل ۾ محبت ۽نفرت جي جاءِ تي بي غرض  دوستاڻا ڀاو پيدا ٿي ويا هئا، تباهه ڪن آخري ملاقات کانپوءِ مون سوچيو هو ” هي ڪهڙو نوجوان آهي، جنهن کي نه ته مون سان شادي ڪرڻي آهي ۽ نه وري هن مون سان ملاقاتن دوران جسماني رابطن رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي! گهڻو ڪري جن ڇوڪرن کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان پيار نه هوندو آهي ۽ اها هنن جي چڪر ۾ اچي ويندي آهي ته هون جسماني لاڳاپن جا موقعا تلاش ڪندا آهن ۽ هن کي ته اهڙا ڪئين موقعا مليا هئا پر هن ڪڏهن مون کي شعوري طرح ڇهيو به ڪو نه هو “ اهڙن خيالن منهنجي دل ۾ الهه بخش لاءِ بي غرض دوستي جي پُل جوڙي ڇڏي هئي، ڪڏهن ڪڏهن هو يونيورسٽي ايندو هو ته اسين بغير لالچ ۽ شڪايتن جي هڪ ٻئي سان سلام دعا ڪري وٺندا هئاسين.

يونيورسٽي  ۾ موڪلون ٿيون ته مان وڏي ڀيڻ ڏي ڪراچي هلي ويس، هوءَ اتي هڪ پرائيويٽ اسڪول جي هيڊ مسٽريس آهي، مان اڪثر موڪلن ۾ هن وٽ هلي  ايندي آهيان هوءَ بي انتها پيار ڪندڙ ڀيڻ آهي، هوءَ مون کي به ڏاڍو ڀائيندي آهي، سدائين هن وٽ رهي مان ڏاڍي خوش ٿيندي آهيان، اتي ئي مون کي خبر پئي هئي ته حيدرآباد ۾ امان وارا شهر مان قاسم آباد شفٽ ٿي ويا آهن، مان جي هتي رهيل نه هجان ها ته يقينن هنن کي ائين ڪرڻ کان روڪيان ها، مون کي هنن جي ان فيصلي تي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڀاءُ خط ۾ رڳو اهو جواز پيش ڪيو هو ته ‌”شهر جون حالتون ڏاڍيون خراب آهن، مان به اڪثر نوڪري جي ڪري گهر  کان ٻاهر رهان ٿو، ان ڪري قاسم آباد وڌيڪ محفوظ ۽ بي خطر علائقو آهي.“

ان ڏينهن ڪراچي جي بس مان گاڏي کاتي ۾لٿي هئس، مون سان ڪوئي گهڻو سامان ڪونه هو بس هڪڙو شولڊربئگ ۽ ڪجهه ڪتاب، گاڏي کاتي ۾ پروگرام موجب منهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ امان مون کي وٺڻ آيون هيون (هونئن به مون کي نئون گهر ڪو نه ڏٺل هو) اسين ٽيئي قاسم آباد واري بس ۾ اچي ويٺيوسين گول بلڊنگ وٽان هڪ نوجوان به بس ۾ چڙهيو، رش گهڻي هئڻ ڪري هو دروازي ڀرسان ڏنڊي تي ئي ويهي رهيو هو، بس شهر مان ٻاهرنڪتي ته غير ارادي طور تي اسان ٻنهي جون  اکيون مليون، هن جي نگاهن مان لڳو  ٿي هو ڪافي دير کان مون ڏي ڏسي رهيو هو، پهرئين لمحي ته مون هن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، پرخبر ناهي هن جي اکين ۾ڪهڙي ڪشش هئي جو چند گهڙين کانپوءِ مون چور نگاهن سان وري هن کي ڏٺو، ان وقت هو دروازي کان ٻاهر ڏسي رهيو هو هن کي جينز ۽ هلڪي فيروزي رنگ جي شرٽ پاتل هئي، مان هن جي جاگرس جا فقط ڪنارا ڏسي پئي سگهيس، اچانڪ هن مڙي مون ڏي نهاريو، ڪجهه نهارون ماڻهو کي عمر ڀر لاءِ قيد ڪري  سگهنديون آهن، پر مان ڪجهه محتاط هئس، مون کي احساس ڪو نه هو ته اهو احتياط فقط ايترو هو جو جڏهن هن مون ڏي ڏٺو ٿي ته مون نظرون ڦيري ٿي ڇڏيون ۽ جڏهن هن مون ڏي ڏٺو ڪو نه ٿي ته منهنجون نظرون ن تي کپي ٿي ويون.

اچانڪ مان ٿوري حيران ٿي  ويس جو هو مسڪرائي رهيو هو، مون ڏي ڏسي نه بلڪه پنهنجي جاگرس ڏي ڏسي، من کي پڪ ئي ته هو حقيقت ۾ پنهنجي جاگرس کي به ڪو نه ڏسي رهيو هو، هن جي چهري تي  ڇانيل مخصوص خوابناڪ تاثر، ان ڳالهه جي پڪي شاهدي هو، جهٽڪي سان بس بيهي رهي مون سمجهيو ضرور هاڻي وري هو مون ڏي نهاريندو، پر هو اٿيو ۽ بس جي دروازي مان هيٺ لهي ويو، مون کي اداس ٿيڻ جي ضرورت محسوس ٿي پر ايترو وقت نه مليو ڇو ته امان چيو ”اٿي اسٽاپ اچي ويو آهي “ اسين بس مان لهي ان پلازه ڏي هلڻ لڳيوسين، جتي ڀاءُ ڪرائي تي فليٽ ورتو هو، ڳپل پنڌ تائين  هو اسان  جي آڏو هلندو رهيو، بنا پويان ڏسڻ جي سامهون پلازه جي گيٽ هئي ۽ اسان کان اڳ ۾ هو ان ۾ داخل ٿي ويو، مون حيرتناڪ تجسس سان سوچيو ته ڇا هو به ساڳئي پلازه ۾ رهندو آهي يا ڪنهن دوست سان ملڻ لاءِ آيو آهي، ظاهر آهي ته اها ڳالهه مان امان يا ننڍي ڀيڻ کان ڪو نه تي پڇي سگهيس.

ٻئي ڏينهن يونيورسٽي مان موٽيس ته پلازه جي گيٽ تي هو بيٺو هو، هن مون کي ڪو نه ڏٺو، ڇو ته گيٽ ڏي هن جي پُٺ هئي ۽ هو سامهون ديوار تي لڳل نوٽيس بورڊ تي ڪو ئي نوٽيس پڙهي رهيو هو، هو اهڙي انداز سان گيٽ وٽ بيٺو هو جو منهنجو اندر داخل ٿيڻ ناممڪن هو، مون کي هن تي ڪاوڙ آئي هن کي پلازه جي مکيه گيٽ تي اهڙي بدتميز انداز ۾ نه بيهڻ کپندو هو، آخر فليٽ ۾ رهندڙن کي به ته گذرڻو هو، لڳو ٿي هو ڪنهن حد تائين لاپرواهه هو مون ڪاوڙ تي قابو پائيندي چيو :”ايڪسڪيوزمي “۽ گهر پهچڻ تائين مان  عجيب ڪشمش ۽ڪاوڙ جو شڪار ٿي ويس مون کي ٿوري دير اڳ پيش آيل غير اهم واقعو اهم ۽ ناقابل نظرانداز زيادتي لڳو، جيڪو گهر پهچڻ تائين ماني کائڻ ۽ سمورن ڀاتين جي سمهي پوڻ تائين منهنجي ذهن ۾ بار بار ورجائبو رهيو، جيئن ته مون جڏهن هن کي گيٽ تان هٽائڻ لاءِ ”ايڪسڪيوزمي“ چيو هو ته مان گذري وڃي  سگهان ته هو بنا پوئتي نهارڻ جي نوٽيس بورڊ  ڏي ٿورو اڳتي وڌي ويو هو، جنهن سان منهنجي گذرڻ لاءِ ته مناسب جاءِ مهيا ٿي وئي هئي پر مان حيران هئس ته هن منهنجي آوازر تي مڙي ڇو نه ڏٺو هو! بهرطور مان پنهنجي حيرانڪن  ڪاوڙ ڪاوڙ سان گيٽ مان اندر ٿيس ۽ پاسيواري ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳيس هڪ ڏاڪو ٻيو ڏاڪو.....، ائين مان اٺ ڏاڪا چڙهيس ۽ هر ڏاڪي تي بيهي  لمحي لاءِ هن کي ڏٺو هوم، ساڳئي لاپرواهي سان نوٽيس بورڊ پڙهي رهيو هو، اٺين ڏاڪي تان مان هن جو اڻپور کاٻو پاسو ڏسي پئي سگهيس، هن جهڙو ئي لاپرواهه ان ڏاڪي کانپوءِ ڏاڪڻ ۾ موڙ هو، جنهن ڪري هو مڪمل طرح منهنجي اکين کان اوجهل ٿي ويو هو، پر آخر تائين هن هڪ نگاهه به مون ڏي ڪو نه نهاريو، زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن ائين مون کي نظرانداز ڪو نه ڪيو هو، اهو هڪ اهڙو زخم آهي، جيڪو ڪا به ڇوڪري ڪنهن کي به نه ٿي ڏيکاري سگهي، توڻي هن سان مون کي ڪا به دلچسپي ڪو نه هئي ۽ نه وري منهنجي لاءِ هن  جي ڪائي اهميت هئي، پر عام طور تي اجنبي ڇوڪرا اجنبي ڇوڪرين کي ائين نظر انداز ڪونه ڪندا آهن اچانڪ مونکي محسوس ٿيو ته هو ، هو مون لاءِ مڪمل اجنبي  به ڪو نه هو، هن سان چند نگاهن جي واقفيت جو هئي، اهوسوچي مان ڪاوڙ ۾ وڌيڪ ڪڙهڻ لڳس، هڻو پوءِ مون پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هڪڙو دليل ٺاهي ورتو ته هن سان منهنجي آواز جو تعارف ته ڪونهي ٿيل، جو هو مون ڏي منهنجي آواز تي مڙي نهاري ها ۽ ننڊ اچڻ تائين مان ڪنهن اهڙي خيال کان مطمن ٿي وئي هيس، جيڪو ان مهل ته مون کي سمجهه ۾ ڪو نه  آيو هو، پر ڪافي ڏينهن کانپوءِ ٺوس شڪل ۾ منهنجي سامهون اچڻو هو.

چند ڏينهن ۾ ئي مون کي خبر پئي هئي ته هو هن ئي پلازه ۾ رهندو آهي ۽ هن جي فليٽ جي گيلري اسان جي گيلري جي بلڪل سامهون آهي، پر مون کي اڃا تائين اها خبر نه پئجي سگهي هئي ته هو ڪندو ڇا آهي، خير مون کي هن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪائي ضرورت به ڪانه هئي، هڪ ڏينهن اچانڪ اسان ٻنهي ۾ هڪ ننڍڙي واقعي جنم ورتو، ان ڏينهن به مان معمول جيان يونيورستي مان موٽي هيس، ٺيڪ ان وقت جڏهن مان گيٽ ۾ داخل ٿي هيس، سامهون ڪاريڊور مان هو ظاهر ٿيو هو ۽ ٺيڪ ساڳئي لمحي هو به گيٽ مان ٻاهر نڪرڻ وارو هو، اسين ٻئي سيڪنڊ جي ٽئين حصي جيترو وقت  گيٽ ۾ ئي هڪ ٻي جي بلڪل سامهون ٺٺرجي بيهي رهيا هئاسين، پوءِ هن ٿورو پوئتي هٽندي بيحد اخلاق سان مون کي گذڙڻ جي جاءِ ڏني هئي، مان اڄا پهريون ڏاڪو مس چڙهي هيس ته هن پويان چيو ته:”

ايڪسڪيوزمي “ مون مڙي هن ڏي سواليا نگاهن سان نهاريو هو، جن ۾ اڻپوري اجنبيت ڀريل هئي، هن بغير تمهيد جي پڇيو هو:آهه اوهان منير صاحب جا مهمان آيو، منير منهنجو ڀاءُ آهي ۽ مان مهمان نه پر گهر جي فرد آهيان، مون هن جي اڻپوري سوال کي سمجهندي پورو جواب ڏنو هو، هو مختصر ۽ بي تعلقي مرڪ مرڪيو هو، جنهن تي هن و اخلاق حاوي رهيو هو.

”اوهان جو ڪوئي ڪم آهي “ مون به اخلاق انداز ۾ هن کان پڇيو هو.

.جي نه بس ائين ئي .... مون سمجهيو پئي ته  شايد اوهان هتي مهمان آهيو، يڪساهي هو ائين چئي ڪنهن معصوم ٻار وانگر خوش ٿي ٻاهر هليو ويو هو، مون کي هن جو انداز سٺو ڪو نه لڳو هو، پر خراب به ڪو نه لڳو هو.

ائين پلازه ۾ رهندي، اڪثر اسان جي ايندي ويندي ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ اسين بنهه عام طور هڪ اڌ جملو ڳالهائي وٺندا هئاسين.

مون کي خبر ناهي ته اهو هن جي منصوبا بندي جو نتيجو هو يا ساڳئي جاءِ تي رهڻ ڪري محض اتفاق هو جو ڏينهن ۾ ڪافي ڀير اسان جي مختصر ترين ملاقات جا سبب ٺهي پوندا هيا، غير محسوس طرح هون مون کي سٺو لڳڻ لڳو هو، اڪثر اسان جي گهر به هن جو ڪافي اچڻ وڃڻ ٿيڻ لڳو هو، ڀاءُ سان هن جي دوستي جو احساس مون کي پوءِ ٿيو هو، پر الائي ڇو اها دوستي به مون کي هن جو مون تائين پهچڻ جو بهانو لڳي هئي، امان ۽ ڀيڻون به هن کي ڀانئڻ لڳيون هيون، هو تقريباً اسان جي گهر جو غير محسوس طور تي ڄڻ هڪ ڀاتي ٿي ويو هو، پر به هر روز هن جو اسان جي گهر اچڻ مون کي اداس ۽ بوجهل خوشي ۾ مبتلا رکندو هو.

هڪ ڏينهن اهو اسان جي ڊرائينگ روم ۾ ويٺو هو، امان رڌڻي ۾ هن لاءِ چانهه ٺاهي رهي هئي، منهنجي ڀيڻ ڄامشوري ڀاڀي وارن ڏي ويل هئي، ٻي اسڪول جو هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ هئي ۽ ڀاءُ آفيس ويل هو، مان يونيورسٽي ڪو نه وئي هئس ۽ ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ اخلاقاً مون کي هن کي ڪجهه ڪمپني ڏيڻي پئي هئي، جيستائين امان چانهه کڻي اچي، ائين ئي ظاهري مذاق سان مون هن کي چيو هو” اوهان ان ڏينهن مون کي گيٽ تي ڏاڍي بدتميزي سان نظرانداز ڪيو هو” ڪڏهن!؟ هن تعجب خيز انداز ۾ ڪجهه ياد ڪندي پڇيو هو، ڄڻ هن کان ڪائي اهم ڳالهه وسري وئي آهي.

مون هن کي نوٽيس بورڊ پڙهڻ واري ڳالهه ياد ڏياري ته اچانڪ ڇرڪي هن مختصر ٽهڪ ڏنو:” ته اهي اوهان هئو مون سمجهيو هو ته پلازه ۾ رهندڙ ڪائي ڇوڪري آهي، جيڪا ”ايڪسڪيوزمي “ چئي رستو گهري رهي آهي ۽ مان گهڻو ڪري پلازه جي ڇوڪرين ۾ ڪائي دلچسپي ڪو نه وٺندو آهيان، هن ڄڻ مون کي مطمئن ڪندي چيو هو.

مان به  پلازه ۾ رهندر ڇوڪري آهيان پر... منهنجي ڳالهه اڌ ۾ڪٽيندي هن چيو ته :”پر اوهان ڪائي ڇوڪري ته ناهيو، اوهان ته ........“هن جو جملو به اڌورو ئي رهجي ويو جو امان چانهه کڻي اچي چڪي هئي، ٻئي ڏينهن يونيورسٽي ۾ گلنار کي مون ڏاڍي جذباتي انداز ۾ ٻڌايو ته مون کي پڪ آهي ته هو مون سان محبت ڪرڻ لڳو آهي”توڻي مون وٽ ان ڳالهه لاءِ هن جو ڪلهوڪو اڻپورو خوشگوار جملو ئي واحد دليل هو.گلنارمو کان پڇيو ته”هو ڪندو ڇا آهي ؟“.

”هو آرڪيالاجي  ۾ پوسٽ گريجوئيٽ آهي پر بيروزگار آهي، ان جي باوجود به آرڪيالاجي جي هن جو جنون آهي، عالمي رسالن ۾ آرڪيالاجي تي مختلف تحقيقي مضمون لکي هو پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندو آهي“.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ رات جي ماني کان ٿورو اڳ گهر جي بيل وڳي هئي، ڀاءُ چهر وغيره وٺڻ لاءِ ويل هو، مون اٿي در کوليو، سامهون هو بيٺو هو، هن جي انداز مان لڳو ته هو ڪوئي اهم فيصلو ڪري آيو آهي.

مان هن جي اچڻ لاءِ در کان ٿورو پاسيري ٿي بيٺس  پر هن چيو ته: نه مان اندر ڪو نه ٿو اچان، بس مان اوهان کي هڪڙي ڳالهه چوڻ آيو آهيان“  هن جي فيصله ڪن انداز ڪري مون هن کي اندر اچڻ لاءِ زور ڪو نه ڀريو هو فقط ايترو چيو هوم ”جي چئو“.

”مون کي  اوهان سان محبت ٿي وئي  آهي“ هن اهو  جملو ايتري  سادگي سان چيو هو جو مون کي کل اچي وئي هئي ۽مون در تي پلٿي ماريندي ٻئي هٿ مٿي تي رکندي چيو هو: ”پر مان ته اوهان کي فقط پنهنجو  سٺو دوست سمجهندي آهيان ان کان وڌيڪ...... “ هن پنهنجي شاداب مرڪ سان منهنجو جملو ڪٽيندي چيو هو:” مان اوهان کان ان ڳالهه جو جواب وٺڻ ڪو نه آيو آهيان مان ته فقط اوهان کي  ٻڌائڻ آيو آهيان ۽ بس “  ائي چئي هو واپس ڏاڪڻيون لهندو تڪڙو هليو ويو هو ۽ مان ائين ئي پنهنجي دروازي تي ويٺي رهجي وئي هيس.

ان انڪشاف کانپوءِ مون کي ڪا گهڻي حيرت ڪا نه ٿي هئي جو ان جي توقع موجود هئي، ته هڪ نه هڪ ڏينهن اهو انڪشاف مون تي ظاهر ٿيندو پر ايڏو جلدي ۽ اهڙي نموني ائين مون ڪو نه سوچيو هو، هونئن منهنجي دل ۾ هن لاءِ پر خلوص  دوستيءَ جا ڀاو ته موجود هئا پر محبت ............

الهه بخش واري واقعي کانپوءِ مان بيحد محتاط رهندي هيس، انهن  ڏينهن ۾ هڪ ٻيو ڇوڪرو  به هو، عثمان جيڪو جاگرافيءَ ۾ پڙهندو هو، جنهن به مون سان محبت جو اظهار ڪيو هو، پر مون ان کي مطلق نظرانداز ڪري ڇڏيو هو، هاڻي مون کي ياد ٿو اچي ته هن جي اظهار محبت ۾ ڪيتري منصوبابندي ۽ بناوٽ هئي، تڏهن مون اهو بلڪل به ڪو نه سوچيو هو، ته ڪڏهن ڪوئي آرڪيالاجسٽ به مون سان اهڙي حسناڪ انداز ۾محبت جو اظهار ڪندو جو مان ڪنهن پيچيده ٻه واٽي تي اچي بيهي ويندس، محبت ۽ دوستي جو ٻه واٽو، مان آڌي رات تائين بي ترتيب انداز ۾ سوچيندي رهنديس، بي نتيجا سوچون، منهنجي ننڊ کي ڄؤرن وانگر چنبڙيل رهيون، سڀ گهر وارا سمهي  چڪا هئا پر مان ننڊ جي ٻئي طرف سمهي، سوچيندي رهيس، جڏهن رات جو ٻن ۾ ست منٽ هئا ته الائي ڪهڙي قوت تحت اٿي خاموشي سان فليٽ جو در کولي ٻاهر نڪتي هيس،سمورو پلازه ننڊ جي ڍنڍ ۾ ٻڏل هو سواءِ ڪاريڊورس ۾ ٻرندڙ بلبن جي.اسين ٿرڊ فلور تي رهيا هئاسين ۽ هو سامهون ڏاڪڻ جي فورٿ فور تي مان بيحد محتاط، خوف سان هن جي فليٽ تائين پهتس ۽ لاشعوري طرح هن جي فليٽ جي دروازي تي جيئن ئي هٿ رکيم ته دروازو بغير آواز جي اڌ کلي ويو، مان ڪجهه گهٻرائجي ويس، اندر فليٽ ۾ موجود گهري انڌيري کي ڪاريڊور جي بلب ڪجهه ڪمزور ڪري ڇڏيو هو ۽ ڌنڌلي انڌيري ۾ مون هن کي سامهين کٽ تي ستل ڏٺو،  گهري ۽ خوابناڪ ننڊ ۾.بي آواز قدمن سان مان فليٽ ۾ داخل ٿيس ۽ دروازو ٻيڪڙيندي مون ڀر ۾ موجود بٽڻ آن ڪيو، ٽيوب لائيٽ جي روشني هن جي ننڊ کي ٽيڙي ڇڏيو، اڌوري سجاڳي سان جڏهن هن جي مون تي نظر پئي ته هو وائڙن جيان ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ ڪمري ۾ چوڦير نهارڻ لڳو، جيئن ڪوئي اجنبي جاءِ ۾ پاڻ کي اچانڪ دريافت ڪري وٺندو آهي.

”اوهان کان دروازو بند ڪرڻ وسري ويو هو ڇا ؟“ مون هن کي حيرت مان ڪڍڻ لاءِ چيو جي نه مان دروازو اندران بند نه ڪندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي دوست، هتي سمهڻ لاءِ اويلي وقت ايندو آهي ته منهنجي ننڊ کي ڪوئي خطرو ڪو نه رهندو آهي، پر هن وقت توهان هتي !“ هو مڪمل طرح سجاڳ ٿي چڪو هو.مون هن جي ڳالهه جو جواب ڏيڻ بجاءِ هن کي چيو ”هلو ته ڇت تي هلي ويهون“.

هن به ڄڻ ائين ئي پئي چاهيو بنا دير اسين پلازه جي ڇت تي هليا آياسين، چار  منزله پلازه جي ڪشادي ڇت، جيڪا رات جي سمنڊ ۾ ڪنهن وڏي بحري جهاز جي ڊيڪ  جيان پئي لڳي، پرهه ٿيڻ تائين اسين ڇت تي ويٺا  رهاسين، اسان جي ڳالهين جو موضوع محبت ته ڪا نه هئي پر انهن ۾محبت جو احساس ضرور موجود هو.

مون کي هن پنهنجي زندگي جي اداسين ۽ خوشين بابت ٻڌايو، قديم زمين جي انوکن تهن جون ڪهاڻيون ۽ پراسرار پهاڙن جون آتم ڪهاڻيون ٻڌايون هيون،پر مون به هن کي پنهنجي زندگي بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌايون پر شعوري طرح الهه بخش ۽ عثمان جي باري ۾ ڪجهه  ڪونه ٻڌايو، توڻي هن مون کي پنهنجي ماضي جي عشق بابت ٻڌايو هو، جنهن کي هاڻي هو بلڪل وساري چڪو آهي ان کي هو پنهنجو اميچوئر عشق ڪوٺيو رهيو هو، شادي بابت هن جا خيال بي انتها ، بي رحم ۽ محبت لاءِ هن جي ويچار بلڪل منفرد هئا، خوشي ۾ يا خاموشي ۾ هن جو وجود ڪنهن مبهم اداسي ۾ گهريل هو، مان هڪڙي ئي ملاقات ۾ هن لاءِ گهري دوستي جا احساس کڻي موٽي هيس ۽ پوءِ ملاقاتن جو اهڙو سلسلو شروع ٿي ويو هو جو جھڙو ٻن محبوبن جي وچ ۾ هوندو آهي، ڏسندي ئي ڏسندي مان هن سان لڪي لڪي ڪڏهن ڄامشوري ۾ ڪڏهن هير آباد، حسين آباد، ريلوي ڪوارٽر يا ڀٽائي ٽائون ۾ ڊيٽس هڻڻ لڳي هئس، سڄو ڏينهن هن جي الن ڀاڪرن ۾ وساري ڇڏيندي هيس ته مان ڪير آهيان ڪٿان آئي آهيان ۽ ڇا ڪري رهي آهيان.

هن جون چميون مدهوشي جون بارش هيون، جنهن ۾ مون کان اهو به وسري ويندو هو ته شروع ۾ ئي مون هن سان فقط دوستيءَ جي حدن تائين رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، محبت سمورين سرحدن کي فتح ڪري ڇڏيندي آهي، هو به مون کي ڌيري ڌيري فتح ڪندو ويو، مان جا ڪيترن ئي بي نانءُ علائقن ۾ ورهايل هيس ۽ نيٺ هڪ ڏينهن هن مون کي مڪمل طرح فتح ڪري ورتو هو، منهنجي مفتوح دل منهنجي هڪ به ڪا نه ٻڌي هئي.

ان ڏينهن ڀٽائي ٽائون ۾ هڪ دوست جي گهر مليا هئاسين، ان وچ ۾ حيدرآباد ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ هن جا جيترا به بيچلر دوست رهندا هيا، ٻنهي جو مشترڪه دوست بنجي چڪا هئا، ڇو ته تقريباً هر ڪنهن جي گهر ۾ اسين ڊيٽ هڻي چڪا هئاسين، هو سڀئي مون کي ڀاڀي سڏيندا هئا، هي ٻهراڙين مان آيل سنڌي ڇوڪرا به عجيب هوندا آهن، پنهنجي هر دوست جي محبوبا کي ڀاڀي سڏيندا آهن توڻي انهن مان ڪن جي محبوبائن جون شاديون به ڪن ٻين سان ٿي چڪيون هونديون آهن، پر ان ڏينهن تائين مان نه رڳو غير شادي شده هيس پر بلڪه ڪنواري به هيس، مون کي خبر نه پئي هئي ته ڪيئن اسين چمين، ڀاڪرن جي گهٽين مان گذري درد ۽ لذت  جي ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويا هئاسين، بي لباس خوف جي پل تان ان ڏينهن مون بي انتها درد ۽ لذت جا درياهه دريافت ڪيا هئا.

هو به ته مون وانگر مفتوح دل سرمئي انتظار جا ڄار ڪتريندي ملڻ لاءِ بيچين رهڻو هو، نه ته ڪهڙوڇوڪرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان سنجوڳ ڪرڻ  کانپوءِ به هن سان ملڻ لاءِ ايڏو اتاولو رهي ٿي سگهيو.

اهو هن جو جنون ئي هو جيڪو روز روز  مون کي هن سان ملڻ لاءِ راضي ڪري وٺندوهو، مان جي اعتراف ڪريان ته واقعي به مون کي هن سان محبت ٿي وئي هئي، دوستي جي سرحد پوئتي رهجي وئي هئي، پوءِ بهه مان هڪ ڇوڪري هيس، ان ڪري مون لاءِ کوڙ پابنديون هيون، پر هو ته بلڪل بدلجي ويو هو، دوستن سان ملڻ، شام جي واڪ، ڪتابن پڙهڻ جو جنون، هر شيءَ هن کان وسري وئي هئي، هو سمورو وقت منهنجي لاءِ هو، جنهن ڏينهن ڪن اڻٽر سببن جي ڪري ڊيٽ نه هڻي سگهندا هئاسين اهو سڄو ڏينهن هو گيلريءَ ۾ مون لاءِ ويٺو انتظار  ڪندو هو، اهي منهنجي خوش نصيبيءَ جا ڏينهن هئا، هڪ ڏينهن ڪراچي مان وڏي ڀيڻ آئي ۽ گهر ۾ اهو حيرتناڪ اعلان ڪيئاين ته مون لاءِ هڪ رشتو آيو آهي، عثمان پنهنجي مائٽن ذريعي منهنجي رشتي جي گهر ڪئي هئي، مون کان پڇيو ويو،مون سوچڻ لاءِ ڪجهه وقت گهريو ۽ پهرئين فرصت ۾ هن سان مليس، ان ڏينهن مان ڏاڍي پريشان هيس، ڊڄندي ڊڄندي مون هن کي ٻڌايو ته منهنجي لاءِ هڪ رشتوآيو آهي، سڀئي مائٽ به راضي ٿي ويا آهن شايد منهنجي شادي جلد ئي متوقع آهي.

غير متوقع طور تي هن مرڪي پيو ”ائين ته ٿيڻو هو، ان ۾ گهٻرائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، تون ايو نروس ڇو آئين ؟مون تڪليف دهه حيرت سان چيو”ڇا مان شادي لاءِ ها ڪري ڇڏيان، توکي اسان جي جدائي جو ڏک نه ٿيندو”!

جيتري محبت هو مون سان ڪندو هو، مون سمجهيو پئي ته منهنجي ٻئي هنڌ شادي جي خبرٻڌي هو غصي ۾ ٻڏي ويندو ۽ مون کي پنهنجي اوڇنگارن جي آنچل ۾ ڍڪي ڇڏيندو، اڳتي  ته ٿوري وڇوڙي جي ڳاليهن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو منهنجي ڀاڪرن ۾ روئندو رهندو هو.ان جي برعڪس هن غير محسوس غمنامي سان منهنجي شادي جي خبر ٻڌي ۽ شفاف مسڪراهٽ سان پنهنجي سانت کي ڪپيندي چيو”خبر ناهي سنڌ جي مڊل ڪلاس سان ڪهڙو مسئلوآهي، جنهن سان پيار ڪندا آهن، ان کي هر صورت ۾ حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن(شايد) اصل ۾ هر محروم شخص حاصل ڪرڻ کي ئي منزل سمجهندو آهي، مان هن جي ڳالهه ڪو نه سمجهي سگهي هيس، ڪو به ٽيون شخص هن جي انهيءَ ردعمل تي مون سان هن جي محبت جي عدم موجودگي تي يقين  ڪري وٺي ها، پر مان ته ڪوئي ٽيون شخص ڪا نه هئس، منهنجي دل ۾ ته هن جي محبت تي شڪ  جي  ڪائي جاءِ ڪا نه هئي، اڃان به پاڻ لاءِ مشڪوڪ ٿي پئي سگهيس، ڇو ته سچ ته اهو آهي ته مون کي هن جي محبت ئي دريافت ڪيو هو مان ته هڪ چنچل گمناهي هيس، جڏهن کان هو منهنجي زندگي ۾ آيو هو، لمحو لمحو مان محبت جو بازگشت ٿي وئي هيس، پر هن جي اهڙي سرد ۽ بيدرد ردعمل مون کي به منجهائي ڇڏيو هو، مون پنهنجي اوڇنگارن کي روڪيندي چيو ”ٺيڪ آهي مان شادي لاءِ ها ڪري ٿي ڇڏيان، ۽ اڄ کانپوءِ پنهنجي دل تي پٿر رکي ڇڏينديس، جو توسان وري ڪڏهن به ملي ڪو نه سگهنديس“.

”ڇو ملي ڪو نه سگهنديءَ ڇا شادي شده عرتون محبت ڪو نه ڪنديون آهن“؟ هن جي ساديءَ تي مون کي غصو اچي ويو هو ۽ منهني سڏڪن جي ڳنڍ کلي وئي هئي، گهڻي دير تائين هو مون کي پرچائيندو رهيو، هن جون سموريون چميون آليون ٿي ويون ۽ بي شعور سنجڳ جي لمحن ۾ مون لاءِ وڇوڙي جو لباس تيار ڪري ورتو هو، ڪپڙا پائيندي مون کي پڪ هئي ته اسين وري ڪڏهن به ملي نه سگهنداسين ان ڪري هن کي ۽ پاڻ کي بي لباس ئي رهڻ ڏنم، هو معصوم ٻار وانگر منهنجي ڪنارن کيڏندو رهيو پر مان ڪائي اهڙي ندي ڪا نه هيس ج هن کي ٻوڙي سگهي ها، مان ڇا ٿي ڪري سگهيس سواءِ رهجي ويل چمين جا ڦول هن جي چپن تي رکڻ جي.

۽ وري ٻيهر اسين هڪ ٻئي جي جسمن ۾ کپي ويا هئاسين، الوداع جي گهڙي اسان جي سنجوڳ کي ڪتريندي رهي هئي مون کي لڳو هو ته ديوارون، پلنگ، الماري، ڇت  ڇت ۾ لڳل پکو، مطلب ته ڪمري جي هر شيءَ اسان جي هن آخري سنجوڳ ۾شامل آهي، ڪپڙن پائي ڇڏڻ کانپوءِ هن مون کي چيو هو”تون هميشه منهنجي محبوبا رهين اها ئي منهنجي منزل آهي مان  تو سان شادي ڪري پاڻ سان ۽ تو سان زيادتي ڪرڻ نه ٿو چاهيان،  ڇو ته  کي خبر آهي ته شادي محبت ڪندڙ دلين سان هڪ مهذب زيادتي هوندي آهي واقعي به مون سمجهيو هو ته اها اسان جي آخري ملاقات آهي پر ايئين ڪو نه ٿيڻو هو، جڏهن مون تي گهر وارن شادي لاءِ زور  ڀريو ته مون کين امتحانن جو بهان ڏئي ڳالهه کي اڍائي مهينن لاءِ ٽاري ڇڏيوهو، اڍائي مهينن کانپوءِ مان آخري سال جو امتحان ڏئي فارغ ٿي وڃان ها ۽ ڪائي نوڪري وٺي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيان ها، پر انهيءَ مهلت مون لاءِ ٻه واٽا کولي ڇڏيا، انهيءَ دوران عثمان يونيورسٽي ۾ منهنجي ويجهو ٿيڻ لڳو هو، شروع ۾ ته مون هن کي نظرانداز ڪيو هو پر جڏهن کان هن مون کي پرپوز ڪيو هو، مون کي همت ڪا نه پئي ٿي ته کيس اهڙي بي رحم انداز ۾ نظرانداز ڪيان، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته عثمان مون کي ڪافي ويجهو ٿي ويو، هڪ ڏينهن ته پويلين ۾ باسڪيٽ بال ڏسندي مون کي چمي به ورتائين توڻي هن منهنجو ساڄو هٿ ئي چميو هو پوءِ به الائي ڇو مون هن جي ان گستاخ جرئت کي معاف ڪري ڇڏيو، لازمي طور تي هن جي همت اڃان به وڌي هئي، مان ڪنهن عجيب ڪشمڪش ۾ رهڻ لڳي هيس.

صورتحال ائين وڃي ٿي هئي جو پلازه ۾ هو مون لاءِ منتظر هوندو هو ۽يونيورسٽي ۾ عثمان مون لاءِ انتظار جا لمحا ڳڻيندو هو، مان ٻنهي جي وچ ۾ڪائي نا مناسب پل هيس، جنهن تان هو ٻئي ڪڏهن به هڪ ٻئي کي ڪو نه ڏسي سگهندا هئا.

عثمان ته رڳو يونيورسٽي ۾  گڏبو هو باقي وقت ته مون کي پلازه ۾ ئي هئڻو هو، تنهن ڪري جلد ئي هن مون کي ٻيهر ملاقاتن لاءِ راضي ڪري ورتو هو ۽ ائين وري مون تي ۽ هن تي محبت جا نامعلوم دروازا کلي چڪا هئا.

منهنجا امتحان ٿي ويا ۽ مان يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪس ته مائٽن وري شادي لاءِ زور ڀريو مون غير متوقع طور تي ها ڪري ڇڏي هئي، منهنجو ۽ عثمان جو مڱڻو ٿي ويو ۽ اسين ٻئي کليل نموني گڏجي گهمڻ ڦرڻ لڳا هئاسين، عثمان، يونيورسٽي مان موٽي اسان جي گهر هليو  ايندو هو ۽ شام جو اڪثر اسين ٻئي آئوٽنگ لاءِ نڪري ويندا هئاسين، ڪڏهن پنڌ ڪڏهن رڪشا ۾ ته ڪڏهن موٽر سائيڪل تي هو پنهنجي گيلري ۾ ويٺو اهو سڀ ڪجهه ڏسندو هو، عثمان جي ڪري هن سان منهنجي ملاقاتن جو سلسلو بند ٿي ويو هو، اهو مڪمل به بند ڪو نه ٿيو هو، جو ساڳئي پلازه ۾ رهندي ڪنهن نه ڪنهن وقت هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ يقيني هو.

منهنجي مڱڻي کانپوءِ هن ۾ هڪ عجيب تبديلي اچي وئي هئي، ڳالهه ڳالهه تي غصي ۾ ڀرجي ويندو هو، ديوارن کي مڪون، دروازن کي ٺونشا ۽ گيلريءَ مان ٽپي ڏيڻ جون ڌمڪيون، هن جو معمول ٿي ويون هيون، مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو هاڻي هو ڇا ٿو چاهي، مون سان شاديءَ کان انڪار به پاڻ ڪيو هئاينن ۽ هاڻي منهنجي لاءِ پاڳل به پاڻ  ٿي رهيو هو، حقيقت ۾مون کان هن جي اهڙي حالت ڏٺي ڪو نه ٿيندي هئي، ان ڪري مڱڻي کانپوءِ به مان هن سان انتهائي خفيه انداز ۾ ڊيٽس هڻندي هيس، اڪثر ملاقاتن دوران هو ساڳئي بي حساب پيار سان پيش ايندو ۽ ڪلاڪن تائين اسين هڪ ٻئي کي چمندا رهندا هئاسين، هو بي سبب روئندو ۽ کلندو رهندو هو، مان هر خفيه ملاقات کانپوءِ وري نه ملڻ جو آخري فيصلو ڪري موٽندي هئس ۽ ٻيهر هن جي ضد آڏو مجبور ٿي ملڻ لاءِ پهچي ويندي هيس، حادثاتي طور تي اهڙين خفيه ملاقاتن مان هڪڙي ملاقات جي خبر عثمان کي پئجي وئي، اها ملاقات هن ضد ڪري يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ هڪ دوست جي گهر تي طئي ڪئي هئي، ڦاٽڪ تي اسان ٻنهي کي رڪشا ۾ ويهندي عثمان جي ڪنهن دوست ڏسي ورتو هو، پوءِ ڪجهه ڏينهن تائين منهنجي زندگي ۾ ڀونچال رهيو هو، عثمان مڱڻي جي منڊي به واپس ڪرڻ پئي چاهي پر وڏين وچ ۾ پيئي اهو معاملو ٺاري ڇڏيوهو ۽پوءِ مون عثمان سان وعدو  ڪيو هو ته آئنده ڪڏهن به هن سان ڪو نه ملنديس، اها حقيبقت به هئي ڇو ته پندرهن ڏينهن تائين هن مون سان ملڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪئي پر مون مطلق انڪار ڪري ڇڏيو هو، فون تي ئي هن کي ٻڌائيندي  رهيس ته مون وعدو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مان پنهنجي ٿيندڙ مڙس جو اعتماد ٽوڙڻ نه  ٿي چاهيان، تون مون کي مجبور نه ڪري ڪٿي مان وعدو ٽوڙي پنهنجي ئي نظرن ۾ نه ڪري پوان، پندرهن ڏينهن مون هن کي سج لٿي مهل گيلري ۾ ڏٺو هو، مايوس ۽درد زده.ٻئي ڏينهن کان اچانڪ هو پلازه مان غائب ٿي ويو هو، پهريائين مون سمجهيو اڳي وانگر وري هن ۾آرڪيالاجيءَ جو جنون جاڳيو هوندو ۽ ڪنهن دور دراز قديمي زمين جي کنڊرن جا اسرار دريافت ڪرڻ ۾ رڌل هوندو پر ڪافي ڏينهن کانپوءِ به جڏهن ڪو نه موٽيو ته منهنجي من ۾ خطرناڪ وسوسا ۽ خدشا اڀرڻ لڳا هئا، مان اڃا به وڌيڪ پريشان ۽ بيچين ٿيا هئا پر هڪ ڏينهن اوچتو مون کي هن جو خط مليو، هن جي لکڻي سڃاڻي مان بي ترتيب۽ غير متوقع خوشي سان ‌تڪڙ ۾ لفافوکولي خط پڙهڻ لڳي هيس، سفيد ۽شفاف ڪاغذ تي بنهه مختصر خط جنهن جي مٿان لکيل هو ”آخري خط “ ان لفظ کي انڊر لائين ڪري هن اڳيان چند بي ترتيب جملا لکيا هئا:

”مون کي خبر نه هئي ته ائين  تنهنجي لاءِ منهنجي من ۾ بيچينيءَ جا آتش فشان ڦاٽي پوندا، تون صحيح آهين، اها ڳالهه مان پنهنجي دل کي سمجهائڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام آهيان پوءَ به توسان وعدو آهي ته تنهنجي زندگي ۾ موٽي ڪو نه ايندس،تون خوش هجين، اهو ئي ڪافي آهي، مان هميشه لاءِ ڳوٺ موٽي آيو آهيان، حيدراباد مون کي پنهنجي ڀاڪر مان اڇلائي چڪي آهي،مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ ۽ ها منهنجا مائٽ به منهنجي شادي جي تيارين ۾ مصروف آهن“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com