سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :2

علي بابا

سؤ رپيا نوٽ ماڻهو

”سائين، تو ڳالهه ڪئي. سمجھ مري چڪو آهي، ڇڏاءِ منهنجي رقم.ڇڏاءِ.“

”ميان، آئون ڪيئن سمجھان مري چڪو آهي، ڪيئن؟“ چڱو خان چڙي ٿو وڃي.

”هيئن“. ڀِرام چپٽي ٿو وڄائي. ”واهه سائين واهه! اسان لکن جا ليکا ڪين ڪريون ۽ اوهان سؤ رپئي تي پڙ ڪڍي بيٺا آهيو؟ ماڻهو ٿو مارائين يا مِرون؟“ ڀِرام جون ڪنواريون ڳاڙهيون اکيون ڏسيو چڱو خان ڪين مڙئي ٿڌو ٿي وڃي ٿو.

”نه، پهرين ٻڌاءِ ته ماريندينس ڪيئن؟“

”اهو آئون ڪونه ٻڌائيندو آهيان. آئون پيشاب ٿو ڪريان سؤ رپين جي نوٽ مٿان. سوين آيا سوين ويا.“ ڀِرام ڏاڍي ڪروڌ مان، پيگ هڪ ئي ڳيت سان خالي ڪندي، وڏيءَ هوٽل جي ٽماڙ ڪمري جي دريءَ مان هيٺ ٽرئفڪ ڏانهن ٿو نهاري:

”ان اجائي بڪواس کان ته سٺو آهي ته ماڻهو وڃي وڏي در جو چڪر لڳائي اچي. سؤ روپيا اتي به ملي ويندا آهن چڱا خان!“ ڀرام ڪاوڙ مان، ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ اڳتي ٿو وڌي؛ پر در وٽ، چڱي خان جي ٻانهن آڏنهس رڪاوٽ ٿيو وڃي:

”ير تون ته ڳالهه ڳالهه تي ٽانڊو ٿي ويندو آهين. اڙي خون پيو ڪرين ڪا ٻانهن ڪانه پيو ڀڄائين؟“

”اڳي ڄڻ خون ڪيائي ڪونه ٿئون. چڱا خان، ٻڌاءِ اهو ڪير هو، جنهن تيرهن سالن جي ڄمار ۾ راڄ لتاڙي ٻارهن سالن جو ٻار ماءُ جي ڪڇ مان خنجر هڻي ماريو هو. حيف ٿئي چڱا خان، سؤ رپين تي ايڏي بي اتباري؟“ ڀِرام جي ڳالهه تي چڱو خان مُرڪي ڳجھو ساهه کڻي، ڏاڍا ساڙ ٿو ڇنڊي:

”پٽ، اها ڳالهه نه آهي. آئون قانون جي ڳالهه ٿو ڪريان؟... ٻڌاءِ نه، پاڻ ڪيئن بچائيندين؟ اڳيان به ڇتا بُرڦت ٿي، مڙس ڏاڙهيون کنهندا، پيرا ڇڪيندا آهن. پُرين تائين پلاند وٺندا آهن.“

”خون ڪرڻ ويل منهنجو پير پٽ تي نه هوندو آهي. ٻڌاءِ، ڪڏهن ڪو پيرو ڇڏيو ٿئون؟... خون ڪرڻ مهل ماڻهو ستين آسمان مان عزرائيل جيان لهندو آهي.“ ڀِرام واتان سگريٽ جو دونهون اوڳاڇيندي، چڱي خان کي سندس گلاس ۾ اڃان وڌيڪ دارون اوتيندي ڏسندو ٿو رهي.

”پُٽ، اڳي ايڏا راڄ ڪڏهن ڪينَ لتاڙيا هوندءِ.“ چڱو خان ڏاڍو ڳجھو ٿو ڳالهائي. ”ڳالهائين ڪنهن سان پيو؟!“ ڀِرام هڪ ئي ڳيت سان اڌ گلاس ڏوگهي ٿو وڃي.

”راڄ ... راڄ اسان سڄو ملڪ ڀيليو ويٺا آهيون. ٻڌاءِ، ڪهڙو راڄ آهي، جو سؤ روپين تي ٿو ساڙائين؟ ڪهڙي آسمان تي آهي؟“

”...، يار تون سمجھين ڇو نه پيو.“ چڱو خان بيزاريءَ مان ڪنڌ کي ڌؤڻ ڏئي، ميز تي ڪاوڙ مان مڪ ٿو وهائي:

”يار تون اسان جي به ٻڌندين يا رڳو پنهنجي لاڦ هڻندين!“

”ها، اسان جو ته ڌنڌو ئي آهي، سؤ روپين لاءِ لاڦ هڻڻ جو.“

”توبهن، وري اونڌي معنى ورتئي نه؟ يار ڀِرام ڏاهو ٿي. ٿڌو ٿي. ڪنهن ڪتي جي پٽ کي غور سان ٻڌ ته سهي.“

”ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، آزمايل کي ڇو ٿو آزمائين؟“

”ڪا خبر اٿئي مارڻو ڪنهن کي آهي.؟“

”ڪنهن کي؟...“

”ٿڃ پياڪ ٻار ...“

”ڇا؟ ... ماءَ جي ڪڇ ۾ ئي!“

”ها، وات ۾ گوليءَ جي نشاني سان.“

”شگل، هاڻ تنهنجي سؤ روپين شرط تي، اسان پستول چوري ڪنداسين. اهڙن سؤ روپين کي مان مُٽان به نه.“ ڀِرام سڄو گلاس خالي ڪري، واڇ کان ڳڙندڙ مڌ، هٿ جي تريءَ سان اگهي رڙ ٿو ڪري:

”ٻڌين پيو نه چڱا خان؟“

”اڙي ها، پستول توکي آئون ٿو ڏيان نه، سائيلنسر لڳل. قران ڪنوارو پستول، حرام آهي جو مون ٽيسٽ به ڪيو هجي، اڙي هاڻ ته خوش ٿئين.“

”واهه، ڏاڍي خوشي ٿي، ڄڻ اڳي ڪڏهن پستول ڏٺائي ڪين ٿئون.“

”بابا هن هٿيار جي ڳالهه ڇڏي ڏي. مولى جو قسم، ڳوڙها گيس جا ڏهه ٻارنهن ڦٽاڪا ڇوڙي، وچ شهر ۾ ڏينهن ڏٺي سؤ ماڻهو ماري اچ. رڳ دونهون هوندو، ڳوڙها ... تان جو ڪلاڪ کان پوءِ خبر پوندي ته گهٽين ۾ لاشا پيا آهن. ماچيس جي تيليءَ ۾ به ڪو آواز ٿيندو آهي. اُهو مال آهي.“

”اصل اينهين.“

ٻيو، اسان وري ڪو سؤ رپين کي مُٽندا آهيون ڇا؟ ڪم نه به هجي ها، اِها سوکڙي تولاءِ هئي.“

”واهه واهه، پوءِ ته يار ديدار ٿي وڃن؟“

”پر خبر ٿئي ٻار ڪنهن جو آهي؟“

”ڪنهن جو“

”وڏيري عارب خان جو. واري ساڻ رنڙيءَ پٽ قلندر تي ڀڳو بيٺو هوندو هو، ته قلندر پٽ ڏي.“

”ڇو ڀلا، وڏيري عارب کي ڇو نه؟“

”نه، مارڻو سال جو ٿڃ ڌائڪ ٻار آهي- ۽ چيچلائڻا وڏيرو عارب ۽ جوڻس آهن.“

”جوڻس ويچاري ڇو؟“

”ويچاري... آڱوٺي جهڙي، ڌوتيءَ هٿان چورائي موڪليومانس ته ڊاڪٽر کي ٻار ڏيکارڻ جي بهاني سان دل باغ بهار ڪرائي وڃ، ته جوءِ مڙس کي وڃي دانهن ڏني آهي. ڳالهه راڄن تائين پهچي ويئي. ابا، نه ماءُ نه ڀيڻ...“

”مار ڀ‍... “

”اڙي چڱو خان پَلَوَ پاري ڄاڻي، دل ۾ چيم ته پُٽ ٿورڙي ڳالهه پراڻي ٿئي ته ڏس، ڪيئن ٿو هانوَ ۾ ڏار وجھانس. اڙي وٺ ڇا ياد ڪندين.“ چڱو خان ڀِرام ڏانهن سؤ روپيا ٿو اڇلائي ۽ ڀِرام ان کي مٿان ئي جھپي چمي ٿو ڏئي ۽ نج نئين ڪڙڪ نوٽ کي وڄائيندي اونهيءَ گهور سان چڱي خان ۾ ٿو نهاري:

”ٺلهو سؤ روپين مان ڪم ڪين هلندو، اسان واري امانت ڪڍ.“ سندس ڳالهه تي چڱو خان چيلهه سان ٻڌل پسٽل ڪور مان نج نڪور پسٽل ٿو ڪڍي ۽ ٻئي گيدي مان سائلينسر.

”مار، چيلهه سان ٻڌيو گهمين!“

”ٻيو، اسان کي ڪا منهه آهي ڇا؟ اسان جون چيلهون ئي پستول ٻڏڻ لاءِ ٺهيون آهن.“ هو وري کٽڪو کائيندي ڳالهائي ٿو:

”ٻڌ، هوٽل جي بيرن مان توکي ڪو سڃاڻي ته ڪونه نه؟“

”يار، پاڻ ڪمزور يار رکون ئي ڪينَ. آئون هوٽل ۾ ائين لڪندو آيو آهيان، جيئن رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن سنگتياڻيءَ سان ملڻ وڃبو آهي. ڄارين ۽ وڻڪارين مان ڪنهن جناور جيان.“

”خوش رهه. قران، توکي ڏسي اندر ٺري پوندو آهي.“

”ڇنايو ته مون به پئي.“ ڀِرام پستول لوڊ ڪري، مٿانهس سائلينسر ٿو چاڙهي ۽ ڏاڍو چرياڻ ٿي، پستول جا انگ اکر ٿو جانچي.

”واهه، پستول ته تنهنجي هٿ ۾، ڪيئن ڀِرام! سُرمو به اک اک کي ٺهي.“

”ها، خبر ٿئي، هن پستول کان سواءِ آئون قرضي هئس.“ ڀِرام جو منهن ٽامڻي هڻي ٿو وڃي.

”اڙي گهڻو قرض ٿئي؟ حڪم تنهنجو.“

”قرض ايترو آهي جو آئون پاڻ به چڪائي نه سگهندس. خبر ٿئي، مون ساک تي وڏيري رمضان کان سئو روپيا ورتا هئا.

”مار، اڃان قرض رهيو پيو آهي؟! اهو به تولاءِ قرض.“

”ها- چيائين مڙس جو پٽ تڏهن مڃانءِ جڏهن چڱي خان جي ڀَڀَ ۾ سندس ئي پستول جي گولي هڻي ايندين.“

”ڇا!؟...“ چڱو خان ڊيهي سان چار قدم پوئتي هٽي ٿو وڃي.

”ڇو ڊڄي وئين.“

”نه، اها ڀاڙيائي آهي.“

”ڀلا نئين ڄاول ٻار جي وات ۾ گولي هڻائڻ واري کي ڇا چوندا آهن؟ چڱا خان، اڄ اهو به ٻڌائي ڇڏ.“ ڀِرام جي اکين ۾ رت  لهي ٿو اچي.

”ڀِرام! ...نه...نه...“

”ڊڄ نه چڱا خان. آئون واعدي جو پڪو آهيان. ٻي گولي تنهنجي ٿڃ پياڪ دشمن جي وات ۾ ويندي. سؤ روپين جي نوٽ جيان ڏاڍو کرو ماڻهو آهيان.“ ڀِرام ٽرئگر دٻائي ٿو.

۽ ان سان گڏ ئي، چڱو خان ٻئي هٿ دل تي رکندي، آواڪ ڦاٽل ٻاڪي سان، فرش تي ڦهڪو وڃي ٿو ڪري.

۽ لفٽ جو بٽڻ، خونيءَ کي ڄڻ ڳرڪائي ٿو وڃي.

حليم بروهي

روپوش

مون روپوشن جي لسٽ تي نظر ڊوڙائي. ٻه سؤ کان وڌيڪ نالا هئا لسٽ ۾. منهنجو ٽيمپر لوز ٿيڻ لڳو. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ روپوش هجن، تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي هئا، يا نااهل هئا. مان اٿيس ۽ لسٽ کڻي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿيس.منهنجي وک تکي هئي، تنهنڪري اردلي ڊڪندو منهنجي اڳيان هليو.

ڪانفرنس روم جو اردليءَ تڙتڪڙ ۾ در کوليو، ۽ در مان اندر داخل ٿيندي مون ڪَرڙي نظر صوبيدارن تي ڦيرائي جيڪي ٽپ ڏئي ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا هئا. لسٽ ٽيبل تي رکي مون ان تي پنهنجو هٿ رکيو، ۽ صوبيدارن تي نظر ڊوڙائيندي مون چيو ته ”ٻين ڳالهين تي مان ڪنهن ٻي ميٽنگ ۾ ڳالهائيندس. هن لسٽ ۾ مون وٽ انهن روپوشن جا نالا آهن جيڪي حيدرآباد ضلعي جي مختلف ٿاڻن کي ڪيسن ۾ گهربل آهن. هن لسٽ ۾ ٻه سؤ نالا آهن. ٻه سؤ نالا گهٽ ڪينهن. تمام گهڻا آهن. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ ائبسڪانڊر هجن تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي آهن يا نا اهل آهن. جيڪڏهن اوهان رشوتي به نه آهيو ۽ نا اهل به نه -آهيو، ته پوءِ هي ٻه سؤ روپوش ڇو اڃان هن لسٽ تي آهن؟ اها ائبسڪانڊرس جي لسٽ هر هڪ ٿاڻي تي هوندي آهي. هر هڪ ٿاڻي تي هنن ائبسڪانڊرس جا فوٽا هوندا آهن. مان ڊائريڪٽ ايس. پي. ڀرتي نه ٿيو آهيان. مان صوبيداريءَ مان چڙهي ايس. پي ٿيو آهيان. مون کي خبر آهي، ته صوبيدارن کي خبر هوندي آهي، ته سندن تَر ۾ ڪهڙا روپوش رهندا آهن ۽ ڇا ڪندا آهن. مان ڪنهن جي به ايڪسپلينيشن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان پاڻ به رشوت نه ٿو وٺان. مون کي صاف ۽ ڪلين ائڊمنسٽريشن کپي. روپوشن جي پشت پناهي بند ڪريو. هن لسٽ تي جيڪي ماڻهو آهن، سي هڪ مهيني اندر گرفتار ٿيڻ گهرجن. هن لسٽ جي ڊيگهه اوهانجي ۽ منهنجي آفيسريءَ تي داغ آهي. ايندڙ مهيني جيڪا ميٽنگ ٿيندي، تنهن ۾ مان وري به اها لسٽ ڏسندس. ڪوبه ائبسڪانڊر آزاد نه رهي. هر هڪ روپوش گرفتار ٿيڻ گهرجي. ايندڙ مهيني واري ميٽنگ کان اڳ هيءَ لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي. هر ڪو پنهنجي ٿاڻي وڃي، ۽ پنهنجي حد ۾ رهندڙ روپوش لاڪ‍ اپ ڪري. ڪوتاهيءَ تي مان اوهانکي رورٽ به ڪندس ۽ سسپينڊ به ڪندس. اڄ مان ڪنهن به ٻئي ڪم جي باري ۾ نٿو ڳالهايان. ايندڙ مهيني کان اڳ هي ائبسڪانڊرس لسٽ ختم ٿيڻ گهرجي.“

لسٽ هٿ ۾ کڻي مان موٽي پنهنجي آفيس آيس. هاڻي منهنجو ٽيمپر آهستي آهستي لهڻ لڳو. پنهنجو پاڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي بهاني مون لسٽ تي ائين ئي نظر ڊوڙائي. ٻن سوَن نالن جي لسٽ ۾ سڀ کان مٿي پهرين نمبر تي ٽنڊي ڄام ٿاڻي جي ويهه سال پراڻي روپوش الله ڏني جو نالو هو. لکيل هو- ’الله ڏنو، ولد رحيم ڏنو، ڪاٺير، ويهن سالن کان روپوش، ٽنڊي ڄام ٿاڻي کي ايف. آءِ. آر نمبر 1930/322 ۽ 1930/401 ۾ گهربل.‘ هي اهو ئي الله ڏنو هو. هن جو نالو ويهن سالن کان پوءِ به ائبسڪانڊرس لسٽ تي چڙهيل هو.

ويهه سال اڳ مان ٽنڊي ڄام ٿاڻي تي صوبيدار هوس جتي ڪن همراهن الله ڏني ڪاٺير کي جھلي آڻي اسان حوالي ڪيو، ۽ فرياد لکايائون ته الله ڏني ڪاٺير ۽ سندس ڪنهن همراهه سندن گهر کي کاٽ پئي هنيو ته مالڪ سجاڳجي پيا. سندس همراهه ته ڀڄي ويو؛ پر الله ڏنو جھلجي پيو. اهو فرياد مون ايف. آءِ. آر بڪ ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ لڳس الله ڏني ڪاٺير تي محنت ڪرڻ، ته پنهنجي همراهه جو نالو ٻڌائي. پهرين مون الله ڏني کي گشا پتا هنيا؛ پر الله ڏني نالو نه ٻڌايو. پوءِ مون الله ڏني کي خاطري ڏني، ته مان سندس همراهه کي گرفتار نه ڪندس؛ پر الله ڏني نالو نه ٻڌايو. مون الله ڏني کي واعدو ڏنو ته مان کيس ڪيس مان به ڇڏائيندس؛ پر هو هوڏ تان نه لٿو- سو پوءِ مون کنيو پادر ۽ اچي کيس ورتم. بوٽ جا ٿُڏا ۽ لتون وغيره هو سهي ويو، ۽ لڪڻ چهبڪ هو سهسائي ويو. همراهه جي نالي ٻڌائڻ کان صفا نابري واري ويٺو. مان به هوس ضدي، سو ٽي ڏينهن ساندهه، صبح شام ۽ ڏينهن رات ماريندو رهيو سانس. هن پنهنجي ساٿيءَ جو نالو ته نه ٻڌايو؛ پر پاڻ به اوچتو مري ويو. منهنجي مار مشهور هئي؛ پر هي پهريون ڀيرو هو، جو ڪو قيدي منهنجي مار ڪري ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ئي مري ويو هو. هڪڙو سڄو ڏينهن لاش لاڪ اپ ۾ پيو رهيو ۽ مان ٿاڻي ۾ ويٺو رهيس. شام آئي، رات ٿي، ۽ پوءِ صبح ٿيو؛ پر انهيءَ وچ ۾، رات جي اوندهه ۾، مون ۽ منهنجي ماتحت عملي، الله ڏني جو لاش ٿاڻي پويان کڏ کوٽي دفنائي ڇڏيو هو. سوير منهنجو جمعدار هڪ ٻه سپاهي وٺي ٿاڻي سامهون هوٽل ۾ وڃي ويٺو، ۽ چانهه پيئندي، هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن سان ڪچهري ڪندي، شوشو ڇڏي آيو، ته شام جو جوابدار الله ڏني کي حيدرآباد وٺي وڃبو جتي ٻئي ڏينهن صبح جو هن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي. ويهه سال اڳ ٽنڊوڄام ننڍو ڳوٺ هو، جنهن ۾ هڪ ٻه ننڍيون هوٽلون هيون. اهو جمعدار وارو شوشو ڪافي هو، ۽ شام تائين اها ڳالهه عام ٿي وئي، ته اڄ الله ڏني کي حيدرآباد وٺي ويندا.

شام جو سج لهڻ کان اڌ منو ڪلاڪ اڳ، چار پنج سپاهي ڊريسن ۾ گهوڙن تي سوار ٿيا، ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙي گهوڙي تي، هڪڙو سپاهي مٿان ڪيل اجرڪ ۾ پنهنجو منهن ۽ ڊريس لڪائي ائين ويٺو، جيئن ڏسندڙ سمجھن، الله ڏني کي پوليس حيدرآباد وٺيو پئي وڃي. اهي گهوڙن تي سوار پوليس وارا، جڏهن ٿاڻي جي احاطي مان نڪري رستي تي آيا، تڏهن سامهون واريءَ هوٽل ۾ اسان جي هڪڙي سپاهيءَ به ڳالهين ڪندي گهوڙي سوارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، پوليس الله ڏني کي سڀاڻي ڪورٽ ۾ چالان ڪرڻ لاءِ وٺيو پئي وڃي. ٿورڙو اڳتي هلي، اجرڪ واري سپاهيءَ گهوڙي کي اڙي هڻي تکو ڪيو، ۽ گهوڙو ڊوڙائي اڳيان نڪري ويو. ٻين سوار سپاهين ’الله ڏنو ٿو ڀڄي، جھليوس‘ چوندي پنهنجا گهوڙا ان سپاهيءَ پويان ڊوڙايا. هوٽل تي ويٺل ماڻهن به سمجھيو ته الله ڏنو ٿو ڀڄي، سو اٿي ماڻهن کي سڏ ڪرڻ لڳا، ته الله ڏني کي جھلڻ ۾ پوليس جي مدد ڪن.

اَجرڪ واري سپاهيءَ وڻن پويان اجرڪ لاهي گهوڙي جي سنجن ۾ لڪائي، ۽ پوءِ پاڻ به الله ڏني جي ڳولها ۾ شامل ٿي ويو. اوندهه ٿيڻ تي سپاهي موٽي ٿاڻي تي آيا، ۽ مون ايف. آءِ. آر بڪ ۾ داخلا ڪئي ته ڪيئن جوابدار الله ڏنو پوليس ڪسٽڊي مان ڀڄي ويو. ائين الله ڏني ڪاٺير جو نالو ائبسڪانڊرس لسٽ تي آيو ۽ پوءِ جيڪا سال به سال جيڪا نئين لسٽ ٺهندي وئي، تنهن ۾ هن جو نالو هوريان هوريان مٿي چڙهندو ويو.

هي اهو الله ڏنو ڪاٺير هو، جنهن جو نالو مون اڳيان پيل لسٽ ۾ پهرين نمبر تي هو. مون ڳاڙهي مس واري پين سان لسٽ ۾ لکيل الله ڏني جو نالو ڪاٽي ان تي پنهنجي صحيح وڌي، ۽ پوءِ ايندڙ ميٽنگ ۾، يا ڪنهن به ٻي ميٽنگ ۾، مون ائبسڪانڊرس لسٽ جو نالو به نه ورتو. مان ڪيئن ٿي اعتبار ڪري سگهيس، ته انهيءَ ائبسڪانڊرس لسٽ مان ڪو هڪڙو روپوش به جيئرو هوندو!

نصير مرزا          دعا

يا خدا!                 منهنجي لفظن کي

گيتن کي              هوا جيئن

خوشبو جيئن           پکين جيئن

مڪتي ڏي!           آزادي ڏي!

شوڪت حسين شورو

چَتيءَ جيترو آسمان

اک کلندي ئي نواز واچ تي ٽائيم ڏٺو. ڇهه ٿيا هئا. پوءِ وري ان جون اکيون بند ٿي ويون ۽ ننڊ جو گھيرٽ اچي ويس. ڪجھ دير کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته هو جاڳي رهيو هو. هن پوريءَ طرح سجاڳ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ کي ننڊ جي گهيرٽ مان آجو ڪرڻ چاهيو، پر هن ۾ سگهه ڪانه هئي. اکين کليون ٿي، وري بند ٿِي ٿي ويون. هن پاڻ کي بيحد ٿڪل، بيحد ڪمزور ڀانيو. هو ڪيتري دير تائين اڌ جاڳ اڌ ننڊ جي حالت ۾ رهيو. مسين مسين وڃي ننڊ جي ڪُن مان اڀري ٻاهر نڪتو ۽ سنئون ٿي ليٽي پيو. اٿڻ تي پوءِ به من نه ٿي وريو. نواز مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو. چتيءَ وانگر ايتري جاءِ کليل هئي، جنهن مان آسمان جو چوڪنڊو نظر آيو پئي. جاين جون ڊگهيون ديوارون هيون ۽ انهن جي وچ ۾ هن جي کوهه جهڙي ڪوٺڙي ۽ سوڙهو اڱڻ هو، جنهن ۾ ٻن کٽن رکڻ جيتري جاءِ هئي. نواز جي کٽ به اتي پيل هئي، رڌڻو ۽ وهنجڻ-جاءِ به اتي هئي. مٿي آسمان ڏانهن نهاريندي نواز جون اکيون ڪيڏي ڪيڏي مهل سامهون واري اوچيءَ ڀت تي اٽڪي ٿي پيون. هن اکٽ ٿڪ جي ڊگهي اوٻاسي ڏني ۽ ڪنجهندي پاسو ورايو. کيس اٿڻ جو خيال آيو، پر هو هميشه وانگر نستو هو، ڄڻ ڪنهن کيس نپوڙي ڇڏيو هو. هن کي ائين لڳو ۽ هرصبح جو کيس ائين لڳندو هو ته پاڻ سڄي رات نه ستو هو ۽ رات پاسا ورائيندي گذري هئي.

هو زور مس ڪري اٿيو ۽ ڊگهي اوٻاسي ڏئي مرڻينگ قدمن سان اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو. پيتيءَ وانگر بند ڪوٺيءَ ۾ ساهه گهٽيندڙ اُٻس هئي. آرسي کڻي منهن ڏٺائين. آرسيءَ ۾ نواز کي پنهنجو پيلو سڪل منهن ڏسڻ ۾ آيو ۽ هن آرسي رکي ڇڏي. هن سوڇيو ته هو اٿڻ سان ڪوٺيءَ ۾ ڪهڙي ڪم سان ويو هو. ’رڳو آرسيءَ ۾ پنهنجو ٻوٿ ڏسڻ لاءِ!‘ هو روز ائين ڪندو هو ۽ پوءِ پاڻ تي ڪاوڙ ايندي هئي. هو ٻاهر نڪري آيو. لوٽو کڻي ان کي پاڻيءَ سان وڇوري کٽ تي رکي، قميص پاتائين. پوءِ تالو ۽ لوٽو کڻي ٻاهر آيو. در کي تالو هڻي، چاٻي کيسي ۾ وجھي، اونڌاهي بدبودار ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو.

هيٺ کليل ميدان هو. اهو پڙ هو جنهن وچ تي عَلم کتل هو. پڙ جي ٽنهي طرف جايون هيون ۽ پريان روڊ هو. نواز ڊگهو ساهه کڻي ساڻن ڦڦڙن ۾ تازي هوا ڀري. پوءِ هو سڌو پاسي واري بلڊنگ ۾ گهڙي ويو. اندر مينهن جو وٿاڻ هو. اتي بازار جي ڀيٽ ۾ چڱو کير ملندو هو. اندر هڪ تختي تي کير جون بالٽيون ڀريون رکيون هيون وٿاڻ ۾ مال جي بوسن ۽ پيشاب جي بوءِ هئي. بچو ڪونه هو. شايد مٿي گهر ويٺو ۾ هو. وٿاڻ جي مٿان سندس گهر هو.

نواز وٿاڻ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ در وٽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺو. پاسي واري گهر جي بالڪنيءَ ۾ شاهه ڪرسيءَ تي ويهي ٻيڙي پئي ڇڪي ۽ رکي رکي کنگهي رهيو هو. بالڪنيءَ جي هيٺان بچوءَ جي پٽ صديق ڪاٺيون پئي چيريون. پڻس کير جو ڌنڌو ڪندو هو ۽ صديق ڪنڌ هيٺ ڪري ڪاٺيون به چيري رهيو هو ۽ شاهه سان ڳالهيون به ڪري رهيو هو. شاهه جي ٿوري گهڻي زمين به هئي، پر ان کان وڌيڪ سندس پيريءَ مريديءَ جو ڌنڌو هلندو هو. مهيني جا ڳچ ڏينهن شهر ۾ رهندو هو ۽ ٿورا ڏينهن ڳوٺ ۾. عمر جو اڌڙوٽ هو. رنگ جو ڪارو شڪل موالين جهڙي هيس. نواز کي هن جي پيلين اکين ۾ اڇيون پِچيون نظر آيون. هن جو من ڪچو ٿيڻ لڳو ۽ منهن ڦيرائي پريان روڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو، جنهن تان رکي رکي ڪا رڪشا يا ٽانگو لنگهي ٿي ويا. روڊ تي چهل پهل شروع ٿي چڪي هئي. هڪڙي رڪشا اچي بيٺي ان مان ڪاري چادريءَ سان هڪ عورت لٿي. هن جون اکيون ظاهر هيون ۽ باقي منهن تي نقاب ورايل هو. اهو انهن جو خاص پردي جو طريقو هو. هوءَ ڍرا ڍرا قدم کڻندي پڙ ۾ آئي ۽ شاهه جي بالڪنيءَ جي هيٺيان لنگهي، اونڌاهي ڏاڪڻ چڙهي وئي.

”رات پالي ڪري پئي اچي ڇا؟“ شاهه کلي چيو ۽ سندس اکين جي پيلاڻ گهاٽي ٿي وئي. صديق، جيڪو ڪهاڙو هٿ ۾ جھليو بيٺو هو تنهن وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ڪهاڙو زور سان بُنڊ تي هنيو. شاهه ٻيڙيءَ جو اونهون سوٽو ڀريو ۽ کلندو کلندو کنگهڻ لڳو.

نواز اندر وٿاڻ ۾ گهڙي ويو. بچو بالٽين جو کير ماپي رهيو هو. هن هڪڙو پاءُ ورتو ۽ واپس وريو. شاهه جي بالڪنيءَ جي هيٺان لنگهندي هن جو ڪنڌ هيٺ هو. هن شاهه ۽ صديق ڏانهن نهارڻ نه ٿي چاهيو. هن سوچيو ته هوءَ ڪهڙي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي وئي هوندي- ساڄي پاسي واري ڪنهن ڪوٺڙيءَ ۾ يا مٿي جيڪي ڪوٺڙيون هيون؟ اونڌاهن ڏاڪن تي چڙهندي کيس خيال آيو ته سندس باري ۾ شاهه ۽ صديق ڇا چوندا هوندا؟ ’هو مون کي سڃاڻن ڪونه ٻيو ڪجھ سمجهن ٿا؟ پاڙي ۾ ماڻهن کان الڳ ٿلڳ رهڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ته هو مون کي نه سڃاڻندا هجن ۽ منهنجي لاءِ خراب سوچيندا هجن. هنن کي اها خبر ڪانه هوندي ته آئون هڪ شريف ماڻهو ۽ سرڪاري آفيس ۾ ڪلارڪ آهيان. هو سمجھندا هوندا ته آئون هڪ رات پالي ڪرڻ واري عورت جي ڪمائي تي گذران ڪندڙ آهيان.‘ کيس پنهنجو پاڻ ڪاوڙ آئي. ’ماڻهن کي جيڪي وڻي سو بڪندا رهن. ماڻهن جي چوڻ سان آئون ٿي ڪونه پوندس.‘ در جو تالو کوليندي هن کي شاهه جو چيل جملو ياد آيو: ”رات پالي ڪري پئي اچي ڇا؟“ ’هونهه، رات پالي‘، نواز ڪاوڙ مان ڀڻڪيو ۽ اندر ٿي در بند ڪيائين. کير جو لوٽو تيل جي چلهي وٽ رکي، ان جي مٿان ٿالهي رکي ڇڏيائين. پوءِ ڪؤنري ۾ پاڻي ڀري مٿي ويندڙ ڏاڪڻ جي هيٺان ٺهيل چر جهڙي ڪاڪوس ۾ جو در کولي اندر گهڙي ويو. ڪاڪوس جي تکي ڌپ هن جي ناسن ۾ هلي آئي. هن کي خيال آيو، ’آئون هن جاءِ مان شايد مري نڪران ۽ هتي ته منهنجو لاش به جلدي سڙي ڌپ ڪندو. ٻي ڪنهن فضيلت واري جاءِ ملڻ جو ته آسرو ئي ڪونهي. سڄي عمر هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ سڙندي سڙندي گذري ويندي.‘ نواز جڏهن پهريون ڀيرو اها جاءِ ڏٺي هئي تڏهن هن جي دل تي بار ٿي پيو هو. هن کي جاءِ جي، ۽ سا به سستي جاءِ جي سخت ضرورت هئي؛ پر ان جاءِ ۾ رهڻ جي هن کي ڪابه خوشي نه ٿي. ’آءٌ وهمي ڪونه آهيان، پر ان وقت کان منهنجي دل ۾ اهو وهم پيدا ٿي پيو آهي ته هيءَ ڪوٺڙي منهنجي قبر آهي. ان ۾ منهنجو ڏوهه به ڪونهي. اهو اهو رڳو منهنجو وهم به ته ڪونه هو. جاءِ آهي ئي اهڙي. اڳيان ۽ پاسن کان وڏيون وڏيون ڀتيون ۽ انهن جي وچ ۾ هيءَ کوهه وانگر بند آهي. هيءَ جاءِ انسانن جي رهڻ لائق آهي؟ يا ته آءٌ انسان ڪونه آهيان جو اهڙي جاءِ ۾ اچي رهيو آهيان. پر رڳو آءٌ ته ڪونه آهيان. ٻيا جو ايترا رهن ٿا يا رهن ٿيون! اهڙي اونڌاهي لڪل جاءِ انهن جي لاءِ مناسب آهي. اهي سڀ آيون ڪٿان آهن؟ اڳو پوءِ بازار ۾ وڃي رهن ها. اتي به گهڻ ٿي وئي هوندي ۽ جاءِ نه ملندي هوندي. هتي وري انهن جي سلامتي به آهي. آسپاس شريف ماڻهن جو پاڙو آهي.‘ نواز کي خيال آيو ته هن جاءِ مان جيڪو به نڪرندو آهي، ان کي ٻيا شڪي ۽ عجيب نظرن سان ڏسندا آهن. ’ٿي سگهي ٿو اهو منهنجو وهم هجي. پر نه، آئون هتي رهڻ ئي نٿو چاهيان. مون کي هن ڪال ڪوٺڙيءَ کان ئي نفرت آهي...‘

هو چُر مان ٻاهر نڪري آيو. ڪمري مان برش ۽ پيسٽ کڻي آيو ۽ در وٽ ٻاهر ويندڙ نالي جي اڳيان ڏندن کي برش ڪرڻ لڳو. اتان واندو ٿي چانهه جي ننڍي ديڳڙيءَ کي پاڻيءَ سان ڌوئي ڏيڍ ڪوپ پاڻي وجھي، چلهو ٻاري ان تي رکيائين. پاڻ ڪاٺ جي صندليءَ تي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. گهر ۾ رڌڻو ڪونه هو، ان ڪري هن اڱڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ رڌڻو ٺاهيو هو. هو مٿو ڀت تي ٽڪائي سوڙهي اڱڻ جي ڳاڙهين سرن کي ڏسڻ لڳو. اندر ڪوٺيءَ کي سيمنٽ جو پلستر  ۽ ان جي پوڄي ٿيل هئي؛ پر ٻاهر ديوارون اگهاڙيون هيون. انهن تي پلستر ٿيل هو ۽ نه پوچي ڏنل هئي. ڳاڙهيون سرون ڏسي هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪي خوفناڪ جانور ڳاڙهيون- ڳاڙهيون رت سان ڀريل زبانون ڪڍي گهوري رهيا آهن. هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ديڳڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو آواز اچڻ لڳو، ته هن اکيون کوليون ۽ چانهه ٺاهي. هن ديڳڙي لاهي چانهه مگ ۾ وڌي. راتوڪي ورتل ڊبل روٽي کڻي آيو ۽ مگ ۾ ٻوڙي کائڻ لڳو. پهريون مگ ڊبل روٽي چهي وئي. هن ٻيو مگ ڀري چانهه پيتي. پوءِ ديڳڙي ۽ مگ کي ڌوئي رکيائين.

هو ڪمري مان شيونگ جو سامان کڻي آيو. پيالي ۾ پاڻي وجھي دريءَ تي آڻي رکيائين. آرسيءَ کي دريءَ جي ڪامن تي اٽڪائي، ڪريم برش تي رکي ڏاڙهيءَ تي هڻڻ لڳو. هن بليڊ ڪڍي سيفٽي ريزر ۾ وجھڻ چاهيو. ’ٽيون ڏينهن مون بليڊ جو ڪهڙو پاسو ڪم آندو هو؟‘ هن ياد ڪرڻ چاهيو، پر کيس ياد نه آيو. ’الائي ڪهڙو پاسو هو! مصيبت آهي. مون کان اها ڳالهه هميشه وسريو وڃي. ڏينهون ڏينهن منهنجو حافظو وڃي ٿو ڪمزور ٿيندو. اڃا ٽيون ڏينهن شيو ڪيو اٿم ۽ بليڊ رکڻ وقت به ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيم. تڏهن به ڳالهه وسري وئي. الائي ڪهڙي ڌار هئي. پر هن بليڊ سان ته هي چوٿون شيو آهي. ههڙي ٿرڊ ڪلاس بليڊ سان چار شيو هروڀرو  مهانگا ته ڪونه آهن. پهريان ٻه شيو هرهڪ ڌار سان سٺا ٿيو وڃن. پر ٻيهر شيو ڪجھ ڏکيو لڳي ٿو.  مڙئي ڪم ٿيو وڃي. هفتي لاءِ هڪڙو بليڊ ڪافي آهي. آئون ڪوشش ته گهڻي ٿو ڪريان، پر پوءِ به بچت نٿي ٿئي، جو ڳوٺ مناسب پئسا موڪلي سگهان. آئون پاڻ تي گهٽ ۾ گهٽ پيسا خرچ ڪندو آهيان. مهينو ڇڪي تاڻي پورو ٿيندو آهي. ان ڪري ته آئون ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ کان گهڻو لهرايان ٿو. منجھند جي ماني گهر ۾ ڪرڻ ڏکي آهي. ماڻهو آفيس مان اچي ته ماني کائي ڪلاڪ اڌ آرام ڪري. ٿڪ ۽ بک ۾ ماني ڪرڻ ڪٿي ٿي پڄي. پر پوءِ به ڪرڻي پوي ٿي...‘ هو شيو ٺاهي چڪو هو. هن منهن ڌوتو ۽ ٽوال سان منهن کي اگهيائين. ان وقت اٺ ٿيا هئا. هو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پائڻ لڳو. آفيس جو ٽائيم ساڍا ست هو، پر هو پوري ٽائيم تي پهچي ڪونه سگهندو هو. روز ڊڄندو ڊڄندو ويندو هو ته اڄ دٻ پوندي. دٻ پوندي هئي ته ٻئي ڏينهن تي ڪجھ سويرو ويندو هو.

هو ڪپڙا پائي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ته ڪنهن در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي. ڀنگياڻي آئي هوندي! هن سوچيو ۽ وڃي در کوليو. ٻاهر ڀنگياڻي بيٺي هئي.

”هاڻي ٿورو جلدي ايندي ڪر. آئون ته هاڻي ويس پئي.“ هن سوچيو ته اهي پنج منٽ به ويا.

ڀنگياڻي ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ اندر گهڙي آئي. نواز مٽ مان پاڻي ڪڍي دٻي ۾ وجھڻ لڳو. ’هن پوڙهي ته تنگ ڪيو آهي. آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿيندس ته ٺڪ اچي ڪندي. اڃان ڪا جواڻ جماڻ هجي ها، ته گهٽ ۾ گهٽ صبح ساڻ ڪا چڱي صورت ته ڏسجي ها.‘

ڀنگياڻي صفائي ڪري هلي وئي ۽ نواز به تالو کڻي ٻاهر آيو. در کي تالو هڻندي هن کي خيال آيو ته ڪجھ وسري ته ڪونه ويو آهي کڻڻ! لڳي ٿو ته ڪا شئي وسري وئي آهي. ڏاڍي ويسر ٿي پئي آهي. ڇا ڪريان؟ هڪڙي ڳالهه آهي ته ڪا شئي وسري ويندي آهي ته دل ۾ پئي هُرندي آهي. اڄ به هري پئي. ڪهڙي شئ وسري وئي آهي؟‘ هن ذهن تي زور ڏنو؛ پر کيس ڪا ڳالهه ياد نه آئي. هو پاڻ تي چڙي تڪڙو تڪڙو بدبودار ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو.

(اڻ پوري ناول جو پهريون باب)

مهر پروين

بيت ۽ وائي

منهن مٽي مير جو، محب ويو موٽي،
چاهه چڙهيو چوٽي، ماندي آهيان محب لئي.
پرينءَ جي پسڻ جا، پيئي پسان خواب،
سڀئي حساب ڪتاب، اچي ته اوڳاڙي وٺان.
ڪانگل چئج قريب کي، اچج آڌيءَ رات،
تنهنجي آهي تات، موٽ سگهو منهنجا پرين.
 

هوت نه ڪجن هيئن، ڏاڍايون ڏکين سين!
تيئن تيئن ڪاهيان ڪست مان، جبل جاڏا جيئن،
ووڙينديس وڻڪار ۾، ساهه نڪتي سيئن،
سڄڻ منهنجا سپرين، تو نه جڳائي ايئن،
پانڌي تنهنجي پار جا، کبرون ڏيندم کيئن،
پري ٿي ’پروين‘ کان ، توکي سري ڪيئن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com