سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :15

سرورق تي جو ڪارڊ جو آهي، هڪ هيڻي/ وهيڻي انسان جو چٽ آهي، جنهن جا هٿ Larger than life آهن ۽ چوڌاري ڇانيل اوندهه جون ڪڙيون، سندس هڪ ئي مُڪ سان ڇيهون ڇيهون ٿي رهيون آهن.

منهنجي هڪ دوست، جو مڃيل ڪهاڻيڪار به آهي، منهنجي پڇڻ تي ماڻڪ کي indecent ليکڪ سڏيو هو، ۽ indecent لِکڻيءَ جو جيڪو مثال ڏنو هئائين، تنهن مان ڄاتو هُئم ته ماڻڪ ۾ اهو ڪجهه چئي ڏيڻ جو ساهس آهي، جيڪي ٻِيا هوند سوچيندي به ڪيٻائن. ’پاتال ۾ بغاوت‘ جي به اهائي striking خوبي آهي. ماڻڪ سوچ توڙي لکڻيءَ ۾ سراسر unorthodox آهي. هن لاءِ ڪجه به مقدس ۽ سڳورو ۽ اڇوت نه آهي- - پر رڳو سنڌ جي milieu تائين، ڇو ته شايد ئي ڪو اهڙو موضوع هوندو، جنهن کي اولهه وارن کنيو ۽ وائکو نه ڪيو هجي.

’سيسفس جي ناڪار‘ rationale جي بدران هڪ قسم جي جذباتي، منجهيل ۽ لفاظيءَ سان پُر exposition ٿي پيو آهي. ان جي jerky ٻوليءَ ۽ ڇوهي لهجي مان ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻڪ جذباتي صدمي جي اثر هيٺ، غضبناڪ ٿي ويو هجي ۽ دماغ جي بدران دل سان سوچڻ لڳو هجي، هو انهي غضبناڪي جي ترار ٻنهي هٿن ۾ کڻي چؤڦير گهمائيندو نظر اچي ٿو، پر سندس ڌڪ اٻهرا، اتاڇرا ۽ انڌا آهن، جي سندس سوچ جي anarchy کي وائکو ڪن ٿا؛ ۽ ’نه‘ جي زور تي اختيار ۽ سگهه جو بُت ڀڃندي ڀڃندي هو خود ’نه‘ جو بت گهڙي بيهاري ٿو، جنهن جي امر اڳيان پاڻ ماڻڪ به هيڻو، بيوس ۽ لاچار آهي.

’سيسفوس جي ناڪار‘ ۾ ماڻڪ پنهنجي سورمي سان هي ٽئي آسون به رکي ٿو: (1) ته هو ’پاڻ هجڻ‘ جي اظهار لاءِ سدائين، هر ويل اختيار کي چوندو ”نه“، (2) ته هو خود پنهنجي لاءِ اختيار ۽ سگهه جي ڪانک/ گهر/ جاکوڙ نه ڪندو، ۽ (3) ته هو پنهنجي ناڪار سان جتي وهيڻي خلق جي احساس جرم کي جاڳائيندو، اتي اختيار جي احساس جُرم کي ڌونڌاڙيندو. پر ڪهاڻيءَ ۾، جا دراصل ’story‘ کان وڌيڪ dialogue بلڪ monologue آهي سيسفوس رڳو پهرين آس پوري ٿو ڪري، باقي ٻيون به آسون پورين نٿيون ٿين.

پهرين موت- گهر ۾ هيرميس اڳيان (ص ص 55-56) ۽ پوءِ ديوتا- درٻار ۾ زيوس اڳيان (ص ص71- 75) هو پاڻ تي ههڙي ’ڀوائتي سزا‘ ۽ ’سکڻي، بيهودي مشغوليءَ، مڙهجڻ جو ڪارڻ هيڻو، نِستو ۽ بيوس ۽ ديوتائن منجهان نه هجڻ ٻڌائي ٿو، ۽ سگهه ۽ اختيار جي باب ۾ جنهن Passionate نموني ۾ ڳالهائي ٿو، تنهن مان ڀاسي ٿو ته اڻڄاڻائي ۾ سگهه ۽ اختيار جو ڪانکي آهي. هن جو ڄاڻائيءَ ۾ اها ڪانک رکڻ وڌيڪ سڀاويڪ ٿئي ها، پر هو ’مهان ۽ اتم‘ آهي، شايد سڀاويڪ ٿيڻ ۾ ڪا وڏائي ۽ اُتمتا نه آهي.

سيسفوس جي بغاوت تي ڪتاب هيٺ آيل روحن طرفان جيڪي رد عمل (ڇرڪ ڀري ڪنبڻ، اچرج ڀريل نگاهن سان ڏسڻ، هاريس جي مرڪ تي ڇرڪجڻ وغيره.) ۽ هاريس، هيرميس ۽ زيرس طرفان جيڪي رد عمل (نرڙ گهنجائڻ، اکيون چنجهيون ڪرڻ، منهن جو ٽامڻي ٿي ڀوانتو ٿيڻ، آواز ۾ ڪروڌ ۽ غضب جي باهه اوتي سيسفوس کي هيسائڻ، مڃائڻ، ڊيڄارڻ ۽ مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وغيره) ظاهر ڪيا وڃن ٿا، تن مان ڪٿي به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪو وهيڻي خلق جو احساسِ جرم جاڳي يا اختيار جو احساسِ جرم ڌونڌاڙجي رهيو آهي. ۽ انهن رد عملن کان ’سرت ڀري ۽ سڄاڻ‘ سيسفوس جي بيپرواهي ڏيکاري ٿي ته هو پنهنجي ذات جو اسير آهي، کيس ٻاهر وارن/ ٻين سان دلچسپي ڪانهي.

ذات جي اها اسيري هن ڪردار جي طاقت به آهي ته ڪمزوري به، طاقت ان ڪري جو هو نتيجي کان لاپرواهه ٿي سرڪشي ڪري ٿو ۽ جيڪي سچ سمجهي ٿو، سو چئي ڏي ٿو. ڪمزوري ان ڪري جو هن جي سرڪشي ۽ حق گوئي خال (Vacuum) ۾ ۽ خال لاءِ آهي. ۽ جڏهن هو سوچ ۽ سونجهه ڦُرائي ۽ پيڙا جي سرت وڌرائي موٽي ٿو، تڏهن ڪا آس اُميد نٿي رهي، نه هن لاءِ، نه ٻين لاءِ جو پاتال ۾ ٻائيتال جي بدران ’گهرو سناٽو آهي؛ چوڌاري موت جا پاڇولا رڙهي رهيا آهن‘. هيءَ نراس پڄائي هن ڪردار کي سکڻي ڪُنيءَ وانگر گهڻو اُڀامندڙ، چرياڻ (foolhardy) ۽ پاڻ آزارئيندڙ بڻايو ڇڏي. اها هن سان نه پر هن جي ’ڏاڍائي، اُهه زورائي ۽ هٿ چُراند‘، آهي، جو هو انهن تهمتن جو، جن تان کيس سزا ڏني وئي هئي، ڪوڙ وائکو نٿو ڪري؛ بجاءِ ان جي سزا ڏيندڙ اختياريءَ کي indict ڪري ٿو. ۽ جنهن Passionate ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ هو پنهنجي ماضيءَ ۽ پنهنجي پيڙا بابت ور ور ڪري ڳالهائي ٿو، تنهن مان هو ايترو سڄاڻ سوچ وارو نٿو لڳي، جيترو brooder.

ماڻڪ جي ٻولي هونئن ته شاعراڻي سونهن واري آهي، پر ڪٿي ڪٿي jerky به آهي، جنهن سبب پڙهندڙ کي پنهنجي گرامر جي قاعدن جي پوئيواري ڪندڙ ٻوليءَ سان هير ڀڃڻي پوي ٿي. امداد جو چوڻ آهي ته ماڻڪ ۽ نئين ٽهيءَ جا ڪجهه ٻيا ليکڪ ٻوليءَ ۾ تجربا ڪري رهيا آهن. ڪا به ٻولي انهيءَ ٻوليءَ جي سڀني ڳالهائيندڙن جي مُوڙي ۽ ملڪيت هوندي آهي، ڇو ته اهي ئي ان جا سرجيندڙ، سنواريندڙ هوندا آهن. سنڌيءَ تي ماڻڪ جو به ايترو ئي حق آهي، جيترو منهنجو. جي هو ٻوليءَ ۾ ڪي تجربا ڪرڻ گهري ٿو ۽ ڪندو رهي ٿو ته اکين تي. پر مون، هڪ پڙهندڙ ۽ سنڌيءَ جي وارث جي حيثيت ۾، ايترو ته لهڻو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته نيٺ به هن انهن تجربن جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي آهي؟

پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه ’پاتال ۾ بغاوت‘ جي relevance بابت. سوچ جي لوچ سدائين آجيان لهڻي. هر نئون ويچار سوچ جي موڙيءَ کي وڌيڪ شاهوڪار ۽ سگهارو ڪري ٿو. پر جي اهو ويچار milieu پٽاندر ۽ چالو Context ۾ هوندو ته وڌيڪ اثر ڪندو، وڌيڪ آجيان ماڻيندو. سنڌ جي واسطي سان ’پاتال ۾ بغاوت‘ جي ڪهڙي relevance آهي، سا مون کي سمجهه ۾ نه آئي آهي. ڇپائيندڙن کي سمجهه ۾ نه آئي هوندي، شايد ان ڪري ئي هُنن پرنٽ آرڊر 500 رکيو آهي.

- سليم احمد

توانن جذبن جي لوچ

(مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻين جي ڳٽڪي تي راءِ)

جيڪڏهن هن ڪتاب جي ڏنل سِري (ٿڪل جذبن جو موت) مان مشتاق جي ڇپيل ڪهاڻين جي ڦهليل ترورن منجهان سندس مجموعي فڪر/ زندگيءَ کي مئل جذبن جي صورت ۾ روپ ۾ نتيجو ڪڍڻو آهي، ته منهنجي خيال ۾ غلط ٿيندو.

مشتاق جون هيءُ ڪهاڻيون ٿڪل جذبن جي جهُڄيل احساسن جي اپٽار ضرور آهن، موت نه. هنن ڪهاڻين ۾ مون کي مشتاق جي توانن جذبن جي لوچ نظر آئي آهي. اها لوچ جيڪا سڀاويڪ، فطري تڪميل جي منزل کي رسڻ بدران مختلف روپن ۾ ڦٿڪندي لڇندي رسي ٿي. جذبن جي انهي لوڇ پوڇ جي ڇڪتاڻ ۾ توانا جذبا ٿڪجي چُور ٿيل، پر مئل نه. ڀوڳنا، ذلت، بي وسي، ڪانئر پوڻو (حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾) بس اسٽاپ، بس پٺيان ڊوڙ، ڀيڙ، ڀيڙ ۾ لڇندڙ من (ڏنڀيل انا) ’جيڪڏهن ڪار هجي ها، ته ائين نه ٿئي ها‘ (بي وسي)، پائي نه سگهڻ جي شڪتي نه ڌاريندڙ، ويچارن ۾ لٺڪيل، بوريت جو ڇليندڙ احساس.... مشتاق جي ڪهاڻين جو وايو منڊل دوستو فسڪائي آهي: ڀوڳنا جي وهڪ ۾ لڙهندڙ ۽ ڇلندڙ. جنهن تي روڳي ضمير ((Sick conscience جو ٺپو هنيو ويو هو، جيڪو دراصل روڳي ضمير نه، پر حساس ۽ سجاڳ ضمير هو: لُڇندڙ.

مشتاق ايماندار آهي. پنهنجو پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي تخليقي عمل ڏانهن:

’.. لاشعوري، شايد نيم شعوري، شايد ڪنهن حد تائين شعوري سطح تي کڻندي، پاڻ کي اجنبي، لا تعلق ثابت ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ ٿڦڙ کائيندي به آءٌ نالي ۽ مشهوريءَ لاءِ ڀٽڪيو آهيان...‘ (ص: 9 مهاڳ).

مشتاق پنهنجو پاڻ کي اجنبي/ لا تعلق بنائڻ ۾ اولهه جي ڌارئپ (Alination) واري در گهٽنا کي ذهني طور قبوليو آهي: ’.. شخص موجود ناهي. هو کسڪي ويو آهي. وڃائجي ويو آهي. صرف اردگرد جي حالت موجود آهي- ۽ اسين رڳو هڪٻئي سان دغا ڪري رهيا آهيون. ڇو ته اسان سڀني سان ڊوهه ٿيو آهي. انسان، بي وس هيڻو بنا ڪنهن ڪارڻ سهاري جي هن ڌرتيءَ تي ڀٽڪڻ لاءِ ويو آهي‘ (ص.9، مهاڳ). اولهه جي ڌاريائپ: جائي به شخص کسڪي ويل جنهن ۾ ڀڳون جو تجربو/ احساس اڻلڀ، ختم ٿيل جڏهن ته اوڀر ۾ شخص موجود آهي جيڪو ڀوڳي ٿو. ڀوڳنا مان ماڻي ٿو (Masochistic Suffiring) سنڌ جيڪو اوڀر جو ڀاڱو آهي. جنهن ۾ مشتاق رهي ٿو ۽ ڀوڳي ٿو. ان ڀوڳنا واري حقيقت مان سِر جي آيل هي ڪهاڻيون، جيڪي مشتاق جون آهن، سي خود مشتاق جي اختيار ڪيل اولهه جي بي معنائيءَ واري ورتل آئڊيا کي رد ڪن ٿيون. اهو ٿي سگهي ٿو ته اولهه جي ڌارئپ کي مشتاق پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ذهني طور قبوليو هجي، پر سندس سرجيل، جيئريون جاڳنديون ڪهاڻيون اوڀر جي موجود شخص کي وڌيڪ نمايان ڪن ٿيون اوڀر جو اهو موجود شخص جيڪو احساس رکي ٿو، جنهن جا جذبا توانا آهن، جيڪي ماڻڻ لاءِ لوچين ٿا، پر بي وس، نٻل ۽ هيڻي هجڻ ڪارڻن، اَماڻڻ جي نتيجي ۾ ڀوڳين ٿا. ڀوڳنا، جيڪا جيئري جاڳندي حياتيءَ جو اهڃاڻ آهي. جيڪا تڪميل جي انجام کي نه پهچڻ جي حالت ۾ ’جيون جا روئندڙ‘ ٽهڪ بڻجي وڃي ٿي. تڏهن مشتاق جو هيءُ ڪڍيل نتيجو ته ’ڊوهه ٿيو آهي‘ ساڀيان لڳي ٿو، هن سڏڪندڙ ڪهاڻين جي پس منظر ۾ جيڪي ڪهاڻيون سندس مهاڳ سان ميل کائڻ بدران، الڳ، پنهنجو سماجي، مقصدي وجود کنيو بيٺيون آهن، لڇندڙ، اڻ- آسودو، تسڪين جي تڪميل نه پائيندڙ وڍيندڙ احساس کڻي- اهو ئي سبب آهي جو مان فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان ته، مشتاق، پنهنجي ٿيندڙ اوسر مطابق ڪڍيل نتيجي ۾ هنن ڪهاڻين منجهان ڪهڙين ڪهاڻين کي ڊس اون ڪيو آهي؟

مشتاق جون هي ڪهاڻيون ذهانت سوچ کان وڌيڪ ڇليندڙ احساس کي ڪميونيڪيٽ ڪن ٿيون. ڇليندڙ احساس، جيڪو گهُٽ ۽ ٻوساٽ جي اونڌاهين وهڪ جي ڳَجهي سِير (Under-Current) هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ گهرو مشاهدو، جيڪا خارجيت (Objectivesim) جو اهم ڀاڱو ٿــيندو آهي. تڏهن، ڪن طرفان مشتاق تي اهو لعنتاڻو ته هو داخليت جو شڪار آهـي، ڪيڏو نه بيهودو ۽ جهل وارو لڳي ٿو. هــونئن به مـنهنجي آڏو داخليت ڪو عيب ڪونه آهي. جو زندگيءَ پنــهنجي موجودگيءَ جي حقيقت ۾ نه ٺلهو خارجي آهي، نه ٺلهو داخلي. دراصل زندگيءَ کي خارجي ۽ داخلي خانن ۾ ورهائڻ ئي، هن کي نه سمجهڻ ۽ اکيون پورڻ جي برابر آهي.

- ماڻڪ

ڳالهيون من اندر جون

محترم لعل محمد چانڊيي جهڙا اسان وٽ ٻيا به اهڙا ڪيترائي اديب، شاعر ۽ فنڪار هوندا، جن جي جيڪر سرپرستي ۽ حوصلي افزائي ٿئي، ته سنڌي ادب هر شعبي ۾ مالا مال ٿي سگهي ٿو. علم ۽ فن لاءِ ڊگرين جي اشد ضرورت نه آهي، علم هڪ ڏات ۽ روشني آهي. محترم لعل محمد جو هي ڪتاب  به انهيءَ ڏات جو مظهر (Out come) آهي.

چوندا آهن. ته ”نانءُ چڙهيو واپاري کٽيو کائي.“ اڄڪلهه گمنام ۽ گوشه نشين اديبن جي ادبي ڪاوشن جي ڪير حوصلي افزائي ڪري؟ اهڙا ڪيئن املهه ماڻڪ قلمي صورت ۾ رهندي رهندي اُڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.

پبلشر حضرات مواد کان وڌيڪ مصنف جي شهرت کي ڏسي ۽ ڪتاب جي چلتي کي پرکي، پوءَ رقم جي سيڙپ ڪندا آهن ۽ پهريون اونو مارڪيٽنگ جو رکندا آهن. تنهن ڪري ادب جي ڌار ڌار صنفن ۾ معيار جو فقدان آهي. انهن حالتن ۾ لعل محمد صاحب جو هي ڪتاب، جيڪو صوفياڻي رنگ جي ڳالهين، نصيحت ۽ دعائن تي مشتمل آهي، تنهن کي شايع ڪري پڌرو ڪرڻ، سنڌي اديبن جي سوسائٽيءَ جو هڪ نيڪ ۽ جرئتمندانه قدم آهي.

120 صفحن تي پکڙيل هي ڪتاب مهاڳ کان علاوه ٽن مکيه بابن ۾ ورهايل آهي. پهرين ”ڳالهيون“، ٻيو ”ناصحاڻا نڪتا“ ۽ ٽيون ”بيت ۽ ڪافيون“.

دوآٻي جي اندر ڳوٺ بچل خان چانڊيي جي ڳوٺ ۾ ويهي. جتي ماحول جي لحاظ کان پس ماندگي، حسرت ۽ حوصلي شڪني جهڙو ماحول هجي، جتي ڪو پڙهيل ماڻهو ريجهه رهاڻ لاءِ نه ملي، جتي بجليءَ جي بدران ڏيئا ٽمڪن، جتي سئي گيس جي بدران ڇيڻن جون دونهيون دُکن. ويهه سال اڳ جي دور ۾ محترم لعل محمد چانڊيي جهڙو سگهڙ ۽ وينجهار ههڙا ۽ حقيقت پسندانه خيال ۽ پيارا پيغام ۽ ٻاجهارا ٻول محفوظ ڪري، اهو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي زرخيزي ۽ سڀا ڳائيءَ جو نشان ۽ ثبوت آهي- ”سڃاڻپ“، ”انقلاب“، ”اسلام ۽ ڪفر“، ”حق“ جي ڳولا“ ”اسلام جي منزل“، ”انسان ۽ حيوان“، ”حق ۽ حقوق“، ”ٻه رستا“ ”موت“، ”مسرت“، ”علم ۽ عمل“، آسرو ۽ اعتماد“ ۽ ”دعا“ اهڙا عنوان آهن، جن تي ڪو سيکڙاٽ بنا مطالعي جي، تڪڙ ڪري قلم آزمائي ڪونه ڪندو. اهڙن عنوانن چونڊيندڙن ۽ لکندڙن ۾ ”ضرور ڪي ڪڻا هوندا.“ ان جو واضح ثبوت هي ڪتاب آهي.

ڪتاب جو پوريون حصو ص- 101 کان 20 تائين بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. بيت شروع ۾ الله تعاليءِ جي حمد، نبي سڳوري جي نعت، شهيدن سڳورن ۽ امام صاحبن جي شان ۾ چيل آهن. اگرچ انهن ۾ فني خوبيون، رنگيني ۽ رواني گهٽ آهي، ته به هي صوفياڻو ڪلام سانڍڻ جهڙو آهي.

ڪٿي ڪٿي هن ڪلام ۾ جيئن ڪافين جي چونڊ ۽ نباهه ۾ معيار ۽ اصولن جي اعتبار کان معمولي گهٽ وڌايون آهن، پر انهن جي ڪري ڪلام جي افاديت متاثر نٿي ٿئي:

”وڙهين ٿو واڳونءَ جيان، وهي وراڪا ونگ“

هتي ”وجهي وراڪا ونگ“ وارو اصطلاح واڳونءَ لاءِ موزون نه آهي، البت ”وڙهين ٿو واڳونءَ جيان، وڏو ڦاڙي وات“ بلڪل مناسب پيو لڳي، جيڪو بيت به خود ساڳئي شاعر جوئي آهي.

شاعريءَ جي تضميني، تشبيهه، پس منظر، گهاڙيٽو ۽ لفظن جي چونڊ جي لحاظ کان شاعر لطيف سائين کان گهڻو متاثر پيو ڀائنجي. محترم لعل محمد جي ڪافين ۾ لئي ۽ ميٺاج آهي- ۽ مضمون صوفياڻو اٿن. خيالات جي لحاظ کان ڪٿي ڪٿي لعل صاحب دلپت صوفي ۽ ساميءَ کان متاثر پيو ڀائنجي.

هي ڪتاب سنجيدگيءَ سان پڙهندڙن ۽ سوچيندڙن لاءِ ڪارائتو مواد مهيا ڪري ٿو ۽ اسان توقع ٿا رکون ته محترم لعل محمد چانڊيو پنهنجو اهو ادبي سلسلو جاري رکندو.

- ڊاڪٽر عبدالرحمان محمد بچل قريشي

  ساٿي:

دل جا ارمان پورا ٿين نه ٿين،

پاڻ پورا ٿي وينداسين.- مجبورين جو شاعر

ليکڪ، شاعر، فنڪار ۽ فيلسوف پنهنجي پنهنجي وقت جا سڀ کان سڄاڻ حساس ۽ ذهين پارکو ٿيندا آهن. سندن حساس دل ۽ ذهين دماغ زندگيءَ جي ناسورن، ناڪامين، نا انصافين ۽ نابرابرين کي سهي ڪونه سگهندا آهن ۽ مختلف ورنن ۾ ان جو اپٽار ڪري ڇڏيندا آهن، نه ته جيڪر چين سان جِي به نه سگهن. خود شاعر جي لفظن ۾:

لکڻ لاءِ نٿو لکان،

ذهن جي صحت

قائم رکڻ لاءِ ٿو لکان!

شاعر ۽ ليکڪ جو سنئون سڌو واسطو ادب سان هوندو آهي، جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ ٻڌائجي، ته جيئري جاڳندي زندگيءَ کي صفحن ۾ سهيڙڻ ئي چئبو ۽ شاعري ته ويتر لفظن ۽ جذبن جي سائنس جو کيتر آهي، جا لطيف احساس جو بهترين اظهار ڪري ٿي.

اڄ جو ادب اتي پهتو آهي، جتي کيس فوٽوگرافر کان پٽي، هڪ ڊاڪٽر سرجن جو ڪم ڪرڻو پوي ٿو، يعني صرف مسئلن کي چَٽڻ يا عڪاسي ڪرڻ؛ پر انهن جي وَڍَ ڪُٽ ۽ پاڙ پٽڻ جا نسخا ڳولهي ڪڍڻ، اجاين وهمن ۽ رسمن ۽ ڪچاين مان اڏول انسان کي ڪڍڻ ۽ سندس جند ڇڏائڻ:

ڪات ٿي                      پٽڪو لاهي

ڪهاڙو ٿي                     پيرن تي رکڻ جا ڏينهن ويا

                يا

ڪجهه ته ٿي                  هاڻ جي حق وٺڻو آهي

ڪيستائين ٻڪرو ٿيندين؟  ته پٽڪو لاهي ٻئي جي ڳچي ۾ وجهه

ڪسڻ سا گڏ

ڪهڻ به سک

ته جي سگهين-!

۽ ”ساٿي“ سمورو اميد، همت، ويڙهه ۽ حوصلي سان ڀريل آهي:

پورهئي سان به

جي پيٽ جي

پورائي نه ٿئي

ٻار ٻچا بک مرن-ته

چوري نه ڪندم- ته

ٻيو ڇا ڪندم-!

آزاد نظم ۾ سهڙيل هئي ساٿيءَ جون سٽون پاڻ سان وڏي نواڻ ۽ انوکا ويچار کڻي آيون آهن. هونئن به آزاد شاعري شعر جي دنيا ۾ انقلاب آندو آهي. شاعر جي خيال thought کي بحر وزن، قافيي رديف جي کٽراڳ کان بچائڻ لاءِ ۽ سوچ کي اصلوڪي صورت ۾ رکڻ لاءِ، آزاد شاعريءَ جو استعمال آندو ويو؛ پر هو آزاديءَ وانگر اها آزادي به پاڻ سان ڪجهه پابنديون کنيو آئي آهي.

ڪتاب ۾ نيون روايتون پڻ نظر آيون. اسان وٽ تعارف ڪرائڻ جو مرض تمام پراڻو آهي، پر هتي آرنڀ ۾ امرجليل جو خط ڏئي، ان مقصد کي پورو ڪيو ويو آهي ۽ ڪتاب جي بئڪ تي ليکڪ جي تعارف جو ڪم شاعر جي هڪ Self- introducing شعر کان ورتو ويو آهي، جو ڏاڍو سڀاويڪ لکي ٿو:

هر- هاري ۽ هارياڻي

جي رت آهيان،

سنڌ- سنڌو ۽ سنڌڙيءَ

جي خاڪ آهيان

ڪتاب جي شروعات ۾ هڪ آمريڪا جي شهريءَ جو پنهنجي سامراجي ملڪ خلاف لکيل هڪ ڪڙي شعر جو منظوم ترجمو ڏيڻ، ليکڪ جي انقلابي سوچ جو اهڃاڻ آهي، وري شعر جي ابتدا سنڌ جي مهندارشاهه ۽ سچل نالي لکيل نظمن سان ڪئي وئي آهي ۽ پوري سماجواد سوچ جو کين مرڪز قرار ڏنو ويو آهي. ڪيڏو نه اُنهو اڀياس؛ حقيقت سمجهڻ جي تکي نظر ۽ تيز فهم ذهن آهي. شاعر پنهنجي دور جو سچو اکين ڏٺو شاهد هوندو آهي ۽ پنهنجي وقت جي حالتن جي صحيح عڪاسي ڪري تاريخ کان به اڳتي نڪري ويندو آهي، جنهن لاءِ ئي ارسطوءَ شاعريءَ کي تاريخ کان وڌيڪ سچو ۽ فلسفياڻو قرار ڏنو هو. عالماڻي صاحب:

سڳ سوڌو جهلجي

سو ڇڏيو وڃي

بنا سڳ جي

ٻڌجو وڃي.

قيد کايو وڃي

نڪو داد

نڪو فرياد

سنڌ کان سواءِ- ٻي ڪنهن هنڌ اهڙو انڌير

آهي يا نه-

مون کي خبر نه آهي-!

يا طبقاتي سماج تي لکندي چون ٿا:

بکيو اگهاڙو رهي

اَن اُپائي

ڪيڏو نه قلندر آهي- اسان جو هاري!

هي در ديوار

........

جنهن جوڙيا

انهيءَ جي به زال هئي

ٻار هئا

پر انهن لاءِ

هو نه در ٺاهي سگهيو

نه ديوار

....

ٻين لاءِ جوڙيندي

مري ويو

هاڻي سندس ٻارن جو- وارو آهي-!

کيس ڳالهه چوڻ جو ڏاڍو چڀندڙ ڏانءُ آهي، ٻولي سادي سلوڻي ۽ صاف اٿس محاورن جو وقائتو استعمال ڏاڍو نئون ۽ سوڀياوان لڳي ٿو.

پاڻ کي

ماضيءَ سان پيار آهي

پيار- ڏاڍو پيار

اهو ماضي جنهن بک بيروزگاري اٽي لٽي ۽ اجهي جا مسئلا ڏنا، تنهن سان پيار- هڪ ارڏو ماڻهو ڪڏهن به ماضيءَ سان پيار ڪري چپ نه ڪندو آهي. اڳتي وڌڻ حياتيءَ جو  اهڃاڻ آهي ته پٺتي ڇو؟ ماضيءَ کان ته ڪجهه سکبو آهي ۽ مستقبل سنوارڻ لاءِ سعيا ڪبا آهن.

پر پوءِ به آءٌ چوندس ته ’ساٿي‘ جون هي سٽون پاڻ ۾ وڏي مڻيا رکن ٿيون. شعري دنيا ۾ وڏو انقلاب، سوچ ۽ فڪر ۾ وڏي تبديلي آهي. پنهنجي جڳهه تي هڪ نرالي انوکي ۽ انفرادي شيءِ آهي، جنهن جو ان کان پهرين ڪو وجود ڪونه هو.

مذهب، جنريشن گئپ، شادي (ڪنواري) ۽ تعليم تي عالماڻي صاحب جن جنهن الڳ اسٽائيل ۾ ترقي پسند سوچ ڏني آهي، سا سندن ئي حصو آهي. دل ٿي چئيم ته جيڪر سندن هر سٽ جو حوالو ڏيان، ڪيڏي نه جدت، سجاڳ ۽ انقلابي فڪر آهي.

آخر ۾ ائين ئي چوندس ته، هن ڪتاب جو وڏو حصو انهن ڪتابن جي وچور ۾ اچي ٿو، جن لاءِ بيڪن چيو آهي ته: سمورا چٻاڙي هضم ڪرڻ جهڙا ٿيندا آهن.

- ناگپال

[”سج تريءَ هيٺان“  تي تبصرو قاضي خادم ڪيو آهي.]

ڌيان ۾ رکڻ جوڳيون ڳالهيون:

1.                  خط مختصر لکيا وڃن ۽ انهن ۾ ڪنهن به لکڻيءَ جي وڻڻ/ نه وڻڻ جا ڪارڻ لکڻ گهرجن.

2.                 مواد فل اسڪيپ پني تي چٽن اکرن ۾ لکي موڪليو وڃي.

3.                 ڪنهن جواب طلب ڳالهه جوئي جواب ڏنو ويندو، ان ڪري جوابي لفافو نه موڪليو وڃي.

4.                 اجاين غير ضروري بحثن کان پرهيز ڪئي وڃي.
فورم                فتاح (چترڪار)

..... خبر ڪانه ٿي پويم ته اسان’سنڌي سنڌي‘ چوندي، نه ٿڪجڻ جي باوجود به، اهو نه سمجهي سگهيا آهيون، ته اها بلا ٿيندي ڪهڙي آهي؟ ڇا اسان ايترا بي حس ٿي چڪا آهيون، جو اڃا ڪم ۽ ان جي نوعيت ۽ ڏانءُ کي به نه سمجهي سگهيا آهيون!

قومي شعور رکندڙ سنڌيءَ جي سُڃاڻپ به ته ڪرايو، ته اها مخلوق ٿيندي ڪهڙي آهي؟ ۽ ”ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ تلاءُ“ جا قائل آهيو يا ”ڄمندي ڄام“ جا! رڳو هڪ پاسي تنقيد ٺيڪ ڪانهي. توهان ٻڌائي سگهندا ته ظفر ڪاظمي آرٽ جي دنيان ڇڏي، ڇو وڃي پراونشل ميوزم ڀيڙو ٿيو آهي؟ دارا ابڙو آمريڪا ڇو هليو ويو؟ علي اڪبر سکر وارو دڪان ڇو ڇڏيو؟ ع. ق. شيخ جنهن سڄي ڄمار فن لاءِ وقف ڪئي، اهو پيريءَ ۾ پبلڪ اسڪول جي نوڪريءَ ۾ ڇو پيو ڳهي! گل محمد کتري، جنهن پنهنجي زندگي سنڌ ۽ سنڌي آرٽ کي  ڏني، تنهن کي اُجوري ۾ رت جي اُلٽين ريءَ ٻيو ڇا مليو؟ اهو سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي؟ ڪير پيو ڪري؟ ڇا اهو سڀڪجهه پاڻ ڄاڻ پيو ٿئي؟ ادب ۽ آرٽ سان ايڏا وڏا هاڃا!

۽ هاڻي مولهيي ٻڌڻ جو وارو منهنجو ۽ ٻين چترڪارن جو آهي، جهڙوڪ: رضوان خدابخش ابڙو، قيس ۽ منصورعالم. انهن سڀني ڳالهين هوندي به اسان اهو چونداسين ته، اسان سنڌي ڪتابن ۽ رسالن کي گيٽ اپ جي پراڻي ڪامپليڪس کان نجات ڏياري آهي.

مان اهڙي هٿ ٺوڪي سنڌيت جي مخالفت ٿو ڪريان، جنهن ۾ رڳو مظلوم ماڻهن سان ادبي ۽ انٽليڪچوئل ليول تي ٺڳي ۽ مڪاري ڪئي ٿي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com