سوچ- لوچ
موج ڀريو مهراڻ
مُلاحِـظو مهراڻَ جو، مُورِ مَ لاهِ مَناءُ،
سامُونڊي! سنڀال ڪِي! سُمهڻ اَيءِ ساءُ،
جاڳِي جَرَ مٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
78 جو هي چوٿون ۽ پڇاڙڪو پرچو جڏهن پڙهندڙن جي
اکين آڏو هوندو، تڏهن 78 جو سورج ڪڏهوڪو اُلهي چڪو
هوندو ۽ 31 ڊسمبر 78 جي رات جي ڪُک مان 79 جو سونَ
ورن سورج جنم به وٺي چڪو هوندو- 78 جي اُن پڇاڙڪي
رات، 12 وڳي، جڏهن گهڙيال جا ڪانٽا ٺيڪ هڪٻئي مٿان
هئا، تڏهن رڳو هڪ لحظي لاءِ، پنهنجي اندر ۾ جهاتي
به پاتيسين؟ اهو به ڪو ويچاريوسين، ته گذريل سال
اسان جي پلئه ۾ ڇا پائي ويو؟ ٻوليءَ، ادب ۽ فن
متعلق اسان جي هٿ ڪهڙيون اهم رٿائون هيون؟ ۽ انهن
تي ڪيتريقدر عمل ٿي سگهيو؟ ڪلا- کيتر جي مختلف
ڏسن: ساهت، سنگيت ۽ چترڪاريءَ ۾ اسان جي وِک ڪيترو
اڳتي وڌي؟ زندهه قومون ته پل پل جو حساب رکنديون
آهن.
جڏهن ماضي، مستقبل کي جنم ڏيئي اسان جي هٿن مان
ناتر واري گوهي ڏيئي کسڪي رهيو هو، تڏهن مومل جهڙي
ماڳ ڏانهن ويندڙ مارڳ تي ڪيڏي اُتساهه سان پير
ڌريوسين؟ سڀاڻ جي آجيان لاءِ اکين ۾ ڪهڙا اُمنگ
کڻي جاڳندا رهاسين؟ يا ماڳهين ايندڙ خطرن کان بي
خبر رَلِي تاڻيو سُتا رهياسين؟
پيڙياتا! پيئِي، تو نه ڦَٻَندِيُون ڳالهڙِيُون،
سَڄيُون راتيون سُمهين، پَرُ سُکاڻ ڏيئِي،
صُباح سڀيئِي، پارُ پـــڇندءِ خبــرون.
پر اسان وٽ ڳالهيون ڦٻنديون رهيون آهن. پڇاڻو ته
پري رهيو؛ پر ڪنهن به فرد اداري جي ڪارڪردگيءَ
بابت ڪجهه به ڪڇڻ جي معنيٰ آهي ته اڻهئي لاءِ وير
پرائڻ: ”سچ چئو ۽ وير پرايو!“ جڏهن ته اسان جي
چوڌاري ”نانيءَ ڪنڙي“ واري ڪار آهي. مصلحتون آهن؛
ذاتي وڻت/ اڻوڻت ئي پرک جو معيار وڃي رهيو آهي؛
گروهه بنديون آهن؛ ذاتي مفاد آهن. ادب ۾ وڏيرن کي
لوئي اسين پاڻ ادبي وڏيرا بڻجي ويهي رهيا آهيون.
اِن صورتحال ۾ ڪنهن به ڌُر وٽان اها دعويٰ، ته
سنڌيءَ ۾ اعليٰ ادب سرجي رهيو آهي، صحيح ڪينهي.
هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته ائين صحيح ڇو ڪينهي؟
سنڌي ٻولي پاڪستان جي هڪ قديم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي
۽ پاڪستاني ٻولين جي گلدستي ۾ سهڻي ۽ تازي گل جيان
آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لطيف جهڙو شاعر آهي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جو ذخيرو، دنيا جي مڙني ٻولين
کان وڌيڪ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف موضوعن تي
ڇپيل، مواد توڙي پيشڪش جي لحاظ کان، اعليٰ ڪتاب
موجود آهن. نئين دؤر جي تقاضائن موجب سنڌي ٻولي هڪ
اهم ۽ زبردست ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي- ان هوندي به
سنڌي ٻولي اڃا اُهو اوچو پد نه ماڻي سگهي آهي،
جنهنجي هوءَ حقدار آهي!
صفائيءَ ۾ اسان وٽ هڪ جملو گهڙيو ٺهيو رکيو آهي:
”وسيلا محدود آهن.“ پر ڳالهه رڳو محدود وسيلن جي
ئي ناهي. ڳالهه انهن جي صحيح استعمال جي آهي. ٽي.
وي جو ئي مثال وٺو. اڄ به گهُر ڪئي ٿي وڃي ته:
’ٽي. وي تي سنڌي پروگرام جو وقت وڌايو وڃي.‘ اها
به هڪ جائز گهُر آهي؛ پر گڏوگڏ سنڌي پروگرامن جي
معيار سڌارڻ جي گهُر پڻ ڪرڻ جُڳائي.
ظاهر آهي ته اها هڪ گنڀير صورتحال آهي ۽ سنڌي
ٻوليءَ، ادب ۽ آرٽ جي گهڻگهرن لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي
پڻ. ان جي تدارڪ لاءِ ضروري آهي، ته سنڌي ٻوليءَ ۽
ادب سان واڳيل سمورن مسئلن تي کُلي ڳالهايو وڃي.
بيهڪ جي نشانين کان وٺي لفظ کي معنيٰ ڏيڻ تائين-
صورتخطيءَ کان وٺي اديب جي اقتصادي حالت تائين!
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن
نه ڪنهن ڏينهن ته ائين ڪرڻو ئي پوندو- پوءِ ڇو نه
اڄ ئي بلڪ هاڻ ئي ائين ڪجي؛ پر اهو سڀ سچائيءَ ۽
ايمانداريءَ سان ٿيڻ گهرجي.
دراصل ڪنهن به مسئلي جو بنيادي حل اهوئي هوندو آهي
ته: اسين پنهنجو پاڻ کي سچ چئي ڏيڻ جو ساهس
ڌاريون. اسان ادب کي ڏنو ڇاهي؟ اُڳاڙيو ڇاهي؟ انهن
سوالن جي جوابن لهڻ کان پوءِ ئي اسان ۾ سچ ٻڌڻ جي
هير پوندي- ۽ ادب ۾ اها هڪ سٺي روايت ٿيندي.
هتي جيڪڏهن توهان اهو چئو ته: ”ان سموري عرصي ۾
سواءِ دير جي روايت کي قائم رکڻ جي خود مهراڻ جي
ڪهڙي ڪارڪردگي رهي آهي؟“ ته ان جو جواب ڏاڍو سولو-
پر چرڻ لائق ناهي. ان دير جي ڪارڻن جو وستار
ٿڪائيندڙ، وقت ۽ پني جو زيان ئي ٿيندو، ادارو ان
دير کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
ان سموري عرصي ۾ مهراڻ کي نج علمي ۽ ادبي دستاويز
بڻائڻ جي جاکوڙ پئي ڪئي اٿم. لکندڙ ۽ پڙهندڙ ان
جاکوڙ ۾ مون سان هڪ ئي پاڃاريءَ ۾ جوئيل آهن، ان
عرصي ۾ مون ته اهوئي ڄاتو آهي، ته ڇڙوڇڙ پڙهندڙ
حلقو ڪٺو ڪرڻ ايڏو ڪو ڪٺن ڪم ناهي. اداري پاران
پهرين ٽماهيءَ ۾ هلايل خريداري مهم جي ڪاميابي ان
جي ساک آهي. پڙهندڙ جو ته ڇڙو ڌيان ڇڪائڻو آهي.
اُن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن کي رڳو سندن فرضن جي
يادگيري ڏيارڻي آهي.
ان سطح تي به پڙهندڙ جي اهميت مون وٽ لکندڙ کان
وڌيڪ آهي. هڪ ڏڏ لکندڙ جي ڀيٽ ۾، اهو سُڄاڻ پڙهندڙ
ئي آهي، جيڪو ڪنهن به تخليق جي وجود ۾ پيهي، اُن
جي صحيح مُلههَ- ڪَٿَ ڪري سگهي ٿو. ۽ اها هڪ حقيقت
آهي ته ويجهڙائيءَ ۾ اسان وٽ سُڄاڻ پڙهندڙ جي ڀيٽ
۾ ڏَڏِ لکندڙ وڌيڪ اُڀڙيو آهي.
ٿئي ائين ٿو ته ڪيترائي پڙهندڙ يڪدم لکندڙ بڻجيو
وڃن. ٻه قافيا ملائي ’ٽيڙو‘ يا ’الو ميان‘ ٽائيپ
جي ’وائي‘ رهڙيو وٺن. گهڻا ته شاعريءَ جي شروعات
ئي نثري نظم سان ٿا ڪن. ان کان پوءِ مٿان سندن
’ڪهاڻي‘ اچي ٿي ڪڙڪي. انهن ڪاڻ سنڌي ادب جو سڀ کان
پهريون ۽ آخري مسئلو آهي- ”سندن ڇپجڻ“، نئين جي
نالي ۾. همت افزائيءَ طور ڇپڻ ادب ۾ ڪا سٺي روايت
ته ڪانهي! پنهنجي لکڻين جو سڀ کان پهريون نقاد
لکندڙ پاڻ هوندو آهي. جيڪڏهن توهان موضوع، لفظن ۽
صنف سان انصاف ڪري سگهڻ جي سگهه ساريو ٿا، مطالعي،
مشاهدي ۽ تجربي کي اظهارڻ چاهيو ٿا، ته ان لاءِ
ٻوليءَ جي گهري ڄاڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن به
لفظ کي ٻڌل ۽ پڙهيل معنيٰ ۾ ئي ڪير ڪتب آڻي ٿو، ته
اهو لفظ جي حُرمت کان واقف ڪونهي.
هتي هڪ ڳالهه اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيان، ته مون کي سڀني
لکندڙن لاءِ عزت ۽ عقيدت آهي. پوءِ اهو ڪهڙي به
مڪتب فڪر جو کڻي ڇونه هجي (هتي مان گروهه يا ٽولو
لفظ استعمال نٿو ڪريان)! سڀني لکندڙن سنڌي ٻوليءَ
۽ ادب جي خدمت پئي ڪئي آهي. ڪيترن هنڌن تي انهن
سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو ۽ اها ادب ۾ هڪ صحتمند
علامت آهي ۽ ساڳئي وقت ادب کي متحرڪ رکڻ لاءِ
ضروري پڻ آهي؛ پر سنڌي ادب ۾ سدائين هٿراڌو اختلاف
کي هُلايو پئي ويو آهي ۽ ائين سنڌي ٻوليءَ جي سائي
ستابي ٻنيءَ مان لاڀ وٺڻ بدران اُن کي ڀيليو پئي
ويو آهي. ان سموري ڪٿا ۾ ڏُک جو ڏيک اهوئي آهي، ته
اهو سڀ ڪجهه ڏاڍن سهڻن نعرن ۾ پئي ڪيو ويو آهي.
ٿوري ۾ ائين کڻي چئجي ته اسين جنهن ڌار تي بيٺل
آهيون، ان کي ئي ڪپي رهيا آهيون.
ڪيترن پڙهندڙن کي ڌارين لفظن جي واهپي تي مٺيان
لڳي آهي. مان مڃان ٿو ته لفظن جي چونڊ جي سڄي
جوابداري لکندڙ تي آهي. هن کي پنهنجي اکر اکر سان
سچو ۽ کرو رهڻ گهرجي. مان اهو به مڃان ٿو ته
ڪيترائي ڌاريان لفظ فيشن طور ڪتب آندا ويا آهن؛ پر
’لفظ‘ جي ان واهپي تي ساڳيو اصول’ سنڌي لفظ‘ تي به
لاڳو ٿئي ٿو. ڪوبه لفظ ڌاريون يا پنهنجو، فيشن يا
ڀراءُ طور اجوڳو ۽ هروڀرو ڪتب آيو آهي، ته اصولي
طور تي ان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي. سٺي ليک مان مراد:
بي معنيٰ ٺيٺ سنڌي اکرن جو ڍير ڪڏهن به ناهي.
اڄ جڏهن سڀ رسالا ٺَپ آهن، تڏهن مهراڻ جون
جوابداريون تهائين وڌي ٿيون وڃن. ساڳي ڳالهه لکندڙ
۽ پڙهندڙ سان پڻ لاڳو سمجهڻ گهرجي. انڌي تقليد ۽
ورجائپ، سهل پسنديءَ جي اُگري روايت کي جنم ڏيندي
آهي ۽ ادب لاءِ اهو هڪ اهڙو خطرو آهي، جنهن کي
جيڪڏهن اٿندي ئي ٻَنجو نه ڏنو ويو، ته پوءِ نئين
ادب جو حشر به روايتي ۽ ترقي پسند ادب کان گهڻو
پري ڪونهي.
ڪيتريون ئي اهڙيون صنفون آهن، جيڪي قلم جي ڇُهاءُ
لاءِ واجهائي رهيون آهن، جيئن: ڳالهه، تاثر،
ساروڻيون، خاڪا، ڳالهه ٻولهه، ڊائري، نوٽبڪ...
لکندڙ کي انهن صنفن ڏانهن به ڌيان ڏيڻ کپي. ائين
ادب ۾
Variety
ايندي ۽ ساڳئي وقت ادب کي نوان موضوع پڻ ملندا؛ پر
ان ڏس ۾ اهم ڳالهه اها ئي آهي ته، فرض ادا ڪرڻ ۽
آگ لهرائڻ، ۾ جيڪو فرق آهي، ان کي سمجهيو وڃي.
بهرحال مهراڻ لکندڙ ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو
اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مهراڻ لکندڙ جي سوچ کي
پڙهندڙ ڏانهن
Convey
ڪرڻ ۽ منجهس لوچ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، اهڙي
مون کي پڪ آهي. دراصل مون چوڻ اهو پئي چاهيو ته
اها ڪاميابي لکندڙ، پڙهندڙ، پريس ورڪرز ......
سڀني جي گڏيل ڪوششن ۽ محنتن جو ڦل آهي ۽ پڙهندڙ ٻه
وکون اڳتي وڌي مهراڻ جي آجيان ڪئي آهي. تخليق توڙي
تحقيق ۾ اهميت اهڙين تحريرن کي آهي، جن کي ور ور
پڙهڻ تي دل ٿئي- ۽ منهنجي پاران ڪوشش اها ئي آهي،
ته مهراڻ ۾ اهڙو وکر وهائجي، جيڪو ڪڏهن به پئي
پُراڻو نه ٿئي. ان ڪوشش ۾ ڪيتريقدر ڪاميابي ملي
آهيم، ان جو فيصلو مهراڻ جي سُڄاڻ پڙهندڙن تي ٿو
ڇڏيان.
هند ۾ ڇپيل ”قاضي قادن جو ڪلام“ سنڌي ادب جي هڪ
اهم تصنيف آهي. شري هيري ٺڪر جنهن اُڪير ۽ محنت
سان، قاضي قادن جي ڪلام کي، پراڻي ديوناگري لپيءَ
۾ لکيل دستخطي نسخي تان اُتاري، سوڌي ۽ سنواري
سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، ان لاءِ هن کيرون لهڻيون.
سنڌ جي عالمن ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي ان جي شانَ
مانَ وٽان آجيان ڪئي آهي. مهراڻ جي پرچي ۾ ان
تصنيف بابت سنڌي جي برک عالمن ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ تنوير عباسيءَ جا
اهم مقالا شامل آهن. سنڌ جي نامياري عالم ۽ محقق
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو مقالو ان تصنيف جو
هر پهلو کان هڪ مڪمل اُڀياس آهي؛ جنهنجو پهريون
ڀاڱو هتي پيش ڪيو ويو آهي، ٻيو ڀاڱو ايندڙ پرچي ۾
پيش ڪيو ويندو.
w
بُگي ۽ قيس پنهنجا چتر عطيي طور ڏنا آهن، جنهن
لاءِ سندن ٿورائتو آهيان.
- امداد حسيني
لطيفي لات
سَڄَڻَ سَنئيُون ڪَن، لوڪان ليکي وِنگِيون،
سندي سُپيرينَ، پَر پروڙڻ ڏاکڙو.
(آسا- د-3، ب- 8)
گوندَرَ هَٿَ نه پيرَ، وِرِهُ منجهين وَهَڻو،
ڪُڙهِ ۾ قطارون ڪري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مون جئن گهاري ڪيرَ، هيڪلي رِيءَ سڄڻين؟
(رپ- د-1، ب-3)
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هنئڙو اوٺي وڳَ جئن،
مون پِريان سين نِينهن، ڇنَڻ ڪارڻ نه ڪِئو.
(رپ- د- 1، ب- 7)
مون منجهيئي مينهن، ڪوهُ ڪرينديس ڪڪرين؟
سَرلو سارو ڏينهن، مون پريان جو نه لهي.
(رپ- د-1، ب- 10)
چَتَرُ رهي نه چِت، ويڻين واڳيو نه رهي،
رئيءَ لَٽجي نِت، هنئڙو واٽ وِرکَ جئن.
(رپ- د-1، ب- 12)
چيتاريان چُڻڪن، وِساريان نه وسري،
ويروتار ڏُکَن، سَڄَڻَ ڀڳي هَڏَ جئن.
(رپ- د-1، ب- 14)
گَوَني ۽ گُوني، پرين پٽائين گَجَ جئن،
جي مَنَ مڃوتِي، سي ڪئن وڃن وسري؟
(رپ- د-2، ب-3)
اندر اندريون، جئن سي وانجهيءَ لٺ ۾،
مون تَن نيزيون، ته ڪئن مِلبو سڄڻين؟
(رپ- د- 2، ب-4)
اُتَرَ ڏئي اوتَ، نه مون سَوَڙ، نه گَبَرو،
چارئي چُنيءَ پوتَ، مون ريڙهيندي رات گئي.
(رپ- د-2، ب-8)
جي ڪو ڏُٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻُ ڏاکڙو،
ڇَپَرُ ڪينَ ڏِئي، سُوکڙيون سُتن کي!
(کاهوڙي-د-1، ب-9)
سُونهَپَ ۾ سَپَ گهڻا، مُنجهڻُ ماکي هوءِ،
پَرو تنهين پوءِ، جو اُجهي پوءِ اُن تان.
(کاهوڙي-د-3، ب-4)
صورت گهڻا سهڻا، ٽاڻا سندن ٽُوهَ،
ريلو ڏئي رُوحَ، جو کائي سو کامي مري.
(بروو سنڌي- د-1، ب-9)
جيءُ منهنجو جَنِ، انگڙ يارو وَڍيو،
پُڄاڻان پِريَنِ، سِبان، سڄو نه ٿئي!
(حسيني- د-9، ب-2)
کاڻيءَ مَ کليو، مُٺيءَ مَنگرُ مَ ڏيو،
هيڪر اُجهايو، ڏيئي ٻُرَ لُهارَ جئن.
(حسيني- د-9، ب- 6)
”شاهه جو رسالو“- ڪلياڻ آڏواڻي
(چونڊ: سحر امداد)
فن- فنڪار:
مقصد، پرک جو ملهه
- سوليزينتسن
... اسان به فن کي هٿن ۾ کنيو، انهيءَ کي ڏاڍي خود
اعتمادي سان پنهنجي مِلُڪَ سمجهندا آهيون؛ تيزيءَ
سان اُن جو مقصد متعين ڪري وٺندا آهيون؛ نئين سر
انهيءَ جي تعمير ۽ تشڪيل ڪندا آهيون؛ ان جا
پڌرناما ٺاهيندا آهيون؛ انهيءَ کي روڪ قيمتن تي
وڪرو ڪندا آهيون؛ سگهارن جي خوشامد ڪندا آهيون.
ڪڏهن اُن کي ناچ گانن ۽ ڪلبن ۾ تفريحي مقصدن لاءِ
کڻي ويندا آهيون ۽ ڪڏهن- روڪ يا ڏنڊي جي استعمال
سان، انهن مان جيڪو به مقصد هجي- غير مستقل سياسي
يا محدود سماجي گهرجن کي پورو ڪندا آهيون؛ پر فن
اسان جي انهن عملن ڪري ناپاڪ نٿو ٿئي. ان ڪري اوُ
پنهنجي فطرت کان سڱ نٿو ڇني. پر هر ڀيري هر
استعمال سان اوُ پنهنجي پراسرار اندروني، روشنيءَ
جو ڪجهه حصو اسان جي جهوليءَ ۾ وجهي ٿو.
... اهي سڀيئي ماڻهو جيڪي اها اڳڪٿي ڪندا آهن ته
فن وکري رهيو آهي، اُن جون هيئتون بي معنيٰ ٿي
چڪيون آهن ۽ اهو ته اوُ مري رهيو آهي، غلطيءَ تي
آهن ۽ غلطي تي ئي رهندا. اسان مري وينداسين پر فن
باقي رهندو. ڇا اسان فنا ٿيڻ کان اڳ اُن جي سڀني
پهلوئن ۽ انهيءَ جي مقصدن کي سمجهي سگهنداسين.
... هر شيءِ جو نانءُ هئڻ ضروري ناهي. ڪي شيون
اسان کي لفظن کان ماورا علائقن ۾ وٺي وڃن ٿيون.
فن، سرد ۽ اُداس دل کي گرم ڪري انهيءَ کي اعليٰ
روحاني تجربي لاءِ وشال ڪري ٿو، فن جي وسيلي اسان
تي ڪڏهن ڌنڌلي طور تي، مختصر طور تي، اهڙا انڪشاف
ٿين ٿا، جن تائين عقل جي رسائي اڻ ٿيڻي آهي.
... فن پاري جي سچائيءَ جي پرک خود اُن جي ذات ۾
هَڪِي هوندي آهي. جُڙتو، گٺل پيٺل تصور مثالن جي
روپ ۾ پرک جي معيار سان بنهه نٿا ٺهڪن، اهي ٽڪرا
ٽڪرا ٿي ويندا آهن، بيمار ۽ پيلا پئجي ويندا آهن.
انهن کي ڪو به نه قبوليندو. اهي فن پارا جي سچائين
مان جنم وٺندا آهن، زندهه ۽ سگهاري صورت ۾ پيش ڪيا
ويندا آهن، اسان کي پنهنجي وس ڪيو ڇڏين. اسان کي
اَوسَ ڪيو وجهن ته اسان انهن ۾ دلچسپي وٺون- ۽ ڪو
اهڙو شخص ڊگهي عرصي کان پوءِ به نه اُٿندو جو انهن
کي رد ڪري سگهي.
- ترجمو: ولي رام ولڀ
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
غزل
دل ٿي ڌڙڪي اچي دلدار جي در کي ويجهو،
جو متان هو نه ڏسي ديدهِ تر کي ويجهو.
تلخِي دهر جي ڪثرت کان هي حالات ٿيا،
مان پڄي ڪونه سگهيس شهد شڪر کي ويجهو.
تئن ئي جاني جو نه حاصل ٿي سگهيو صبحِ وصال،
جيئن وڃي ڪونه سگهي شام سحر کي ويجهو.
هو پري آهه هميشہ کان پري ئي رهندو،
جيئن اچي ڪين سگهي شمس قمر کي ويجهو.
گوهرِ عشق تي هر وقت نهايت مون ڪئي،
ڪونه هرگز مان ويس سيم ۽ زر کي ويجهو.
شاعري ذهن جي احساس جو نالو آهي،
مون وڃي اَهه ڏٺو حسنِ بشر کي ويجهو.
ڇو ڀلا ’طالب الموليٰ‘ رهي غمگين هردم،
آهي مولا ته سندس دست نگر کي ويجهو.
ڏٺاسون زماني ۾ دانا ديوانا،
ڪي دانا ديوانا، ڪي ديوانا دانا.
گهرون ٿا ته آباد ڪريون ويرانا،
طبيعت محبت ڪئي وحشيانا.
اچن ٿا سوين ياد پنهنجا فسانا،
هو پنهنجا فسانا، هو گذريل زمانا.
اوهان سرد مهري ۾ آرامي آهيو،
اسان جا اهي جذبا تازا توانا.
اڃا تائين احساس دردن کي آهن،
هنيا جي نگاهن جا تو تازيانا.
حقيقت ۾ آهون ۽ دانهون ئي آهن،
جهان وارا سمجهن ٿا نغما ترانا.
ڪئي سون نه شاهن جي ڪا دست بوسي،
وسن شال ساقين سندا آشيانا.
سڄي عمر اڄ تائين اينهين ئي گذري،
اسان جون اميدون، اوهان جا بهانا.
اڃا پهريون سجدو ئي پورو نٿو ٿئي،
پُڄن ٿا ڪٿي باقي فرضي دوگانا.
هي مخدومي پيري جو آهي ڪو پردو،
طبيعت فقيرانا يا عاشقانا.
اي مولا، سندءِ ’طالب الموليٰ‘ تر ٿئي،
ڏجئين کيس دارين جا ٻئي خزانا.
سليم ڳاڙهوي
ناچ
زندگي رهگذارن ۾ تڙڦئي رهي
آه اُڀري رهي
ساز وڄندا رهيا، راڳ جاري رهيو، جام ڦرندا رهيا.
ڇير ڇمڪي رهي
ناچ ٿيندو رهيو
باهه ڀڙڪي رهي، شمع روئندي رهي
محفلن ۾ ڪي راڪاس کِلندا رهيا
ڪي پتنگن جا انبوهه جلندا رهيا
ڪن جا عشرت ڪدا رت سان روشن رهيا، ڪن جي خس خالي
جي خاڪ ڇڻندي رهي.
ناچ ٿيندو رهيو
ڇير ڇمڪي رهي
اهرمن جا وڏا ڏند ٽڙندا رهي، وحشتن جا گهڻا ميڙ
مڙندا رهيا.
دُنگ دنگن مٿان جام جاري رهيا، مئه به ڇلندي رهي،
گـرگ
گڙندا رهيا.
ڪنڌ لڏندا رهيا، شور وڌندو ويو، جوش جاڳي پيو،
هوش ويندو رهيو
روح ريهون ڪيون
ڪنهن جون آهون اٿيون، ڪنهن جون دانهون اٿيون، ڏاڍ
جي
روههَ ۾ سڀ عدم ٿي
ويون.
ڪيئي اکڙيون ڀنيون، ڪيئي ڳوڙها ڳڙيا،
ڪنهن جي دامن مٿان لال ليڪا لڙيا
ڪيئي سُڏڪا سڙيا
ڪيئي اُڌما ٻڏا، ڪيئي آسون ٽٽيون،
ڪي جوانيون لٽيون، ڪي ڪهاڻيون کٽيون،
وار کولي شرافت رُلي زار زار
بي سڪون، بيقرار،
زخم ٽمندا رهيا، داغ ٻرندا رهيا.
خوب تاڙيون وڳيون
ڇير ڇمڪي رهي
ناچ جاري رهيو!
ڪافي
ڪوئي علم نه ڄاڻان اڳ جو، ڏس مون کي ڏئي وڃ دڳ جو
ڏس مون کي ڏئي وڃ دڳ جو.
هڪ واٽ ڏکي، ٻي واري، ٽين ڪاري رات ڪٽاري،
وڃي ڪاڏي منزل ماري، پتو ڪونه پوي ٿو وڳ جو.
ڏس مون کي ڏئي وڃ دڳ جو.
منهنجو دوست دلاور تون ئي، منهنجي روح جو رهبر تون
ئي،
منهنج پيار جو پرور تون ئي، اهو راڳ سندم رڳ رڳ
جو.
ڏس مون کي ڏئي وڃ دڳ جو.
تنهنجون اندر منجهه اڪيران، منهنجي ساهه ۾ اڀرن
سيران،
کڻي آءُ اُٺي جون هيران، بند کول وري جڳ جڳ جو.
ڏس مون کي ڏئي وڃ دڳ جو.
تنهنجي لاءِ سليم سڏايان، تنهنجي نور جو طالب
آهيان،
تنهنجا گيت غزل ٿو ڳايان، سهڻو ساٿي تون جڳ جڳ جو.
ڏس مون کي ڏئي وڃ دڳ جو.
گيت
ٻيڙي پار اُڪار، او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.
ننڍڙي ٻيڙي، ڪُن ٿا ڪڙڪن، سامهون آهي سير،
ڪاريون راتيون، واءُ اڻائو، وير مٿاهون وير،
سوچي سمجهي ونجهه هلائج، غفلت ۾ نه گذار؛
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.
وک وک تي هڪ واڳو ويٺو، ڇوليءَ ڇوليءَ ڇوهه،
مانگر مڇ کي مارڻ ڪارڻ، بازن کي ڪر لوهه،
ڪاهج ڪاهج، سڙهه کي ساهج، همت مور نه هار؛
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.
ٻيڙيءَ وارا غم جا ماريا، تنهنجي لاري لاري،
هيڻن جو هڏ ڏوکي ٿي هل، ٻيڙي پار اُڪاري،
سچ جو ساٿي سچن کي سونهي، ڪوڙن سان ڪر ڪار:
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.
پاڻي آخر پاڻي ٿيندو، ڇوليون ڇوهه ڇڏينديون،
هار ڳچيءَ ۾ توکي پوندا، سوڀون پير چُمنديون،
پل پل توکي پار اُڪاري، نينهن منجهان ته نهار.
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.
محمد ابراهيم داغ ٽکڙائي
ڪافيون
ساري ساهه ٿو سنگهارن کي، تن ويڙهيچن ولهارن کي.
ڪڍ قيد منجهان اي مير عمر،
شل تنهنجا ڪِرن اهي ڪوٽ قصر،
هُتي توکي پِٽيندا منهنجا پنهور،
سونهي ڪينَ ستم سردارن کي!
اڄ آهه اُتر کان هيرَ کُلي،
وڻ ٽڻ کي وسڻ جي کِيرَ ملي،
ڏي موڪل مون کي ميرَ کِلي،
وڃي ويڙهه ڏسان وسڪارن کي.
ڪري ياد وطن اکيون روز روئن،
پيون پنهنجي وطن لئي واجهه وجهن،
جئن رات ڀڄي نيڻ وسن،
نٿو صبر اچي سِڪَ وارن کي.
مَنَ داغ وصل جو واءُ وري،
شل قهري عمر جو ڪوٽ ڪِري،
نه ڪا دانهن اثر ٿي منهنجي ڪري،
وڃي پَت سان پُڄان پنهوارن کي.
آيو يار اڱڻ ڪوڙين ڪرم ڪري،
ڏسي جنهن کي سندم پئي دلڙي ٺري.
تنهنجي گهورن تان آءٌ گهور وڃان،
جيسين جيئري هئان تنهنجا ٿورا مڃان،
تنهنجا پير پرين اهي ڇونه چُمان!
جيڪي آئين وٽم محبوب ڀري.
تنهنجي حسن جو آهي هر جا هُل،
ڪري ريس نه توسان ڪوبه ڪنول،
ويهه سيڄ چڙهي منهنجا محب مٺل،
متان مون کان پِرين ٿين پل به پري.
تنهنجا ٿورا نه ٿورا ڀائيندس،
ڪري قرب ڪمال ڪمائيندس،
وري پير نه پَرتي هٽائيندس،
توسان داغ نِڀائي نينهن مري.
عبدالرحمان عبد منگيو
(نظم)
اڄ ائين ئي اوچتو مٺڙا اباڻا ياد پيا،
سَٽَ آئي ساهه کي، پکڙا پراڻا ياد پيا!
باغ، ٻوٽا، سبز ڇٻرون، گل گلابي هت ڏسي،
ڪرڙ، ڪانڊيرا، کٻڙ ۽ لُلَر لاڻا ياد پيا.
ٿوم، هُرٻو، ڦودنو، پالڪ، ٽماٽا ۽ ڦريون،
سرنهه، ڄانڀو، ساڳ سهڻو، جِلِ ڌاڻا ياد پيا!
نارنگيون، ڪيلا ۽ ڏاڙهون، صوف سردا هت ڏسي،
ريڀڙيون، ونگا، چڀڙ، گدرا، هنداڻا ياد پيا!
هِت سدائين هوٽلن تي ”سالنا سنگل“ جو شور،
ماني ٻاجهر جي مٿان مکڻ جا چاڻا ياد پيا!
چانهه ”گوليمار“، ”پوڻيا“ هَئي پيون هي زهر ٿا،
ڏُڌ، ڌؤنرا، کير، گيهه سي انَ کاڻا ياد پيا!
مشنري هر جاءِ حرڪت ۾ ڏسي، حيرت وٺي،
ڳوٺ پنهنجي جا ڦِٽل چرخا، آڏاڻا ياد پيا!
پلنگ، پٿراڻيون ۽ صوفا سيٽ بخمل جا ڏسي،
هُرمچي ۽ ڪانو- پيري جا وڇاڻا ياد پيا!
ڪوڙ وارا شان شوڪت شهر وارن جا ڏسي،
ڪوري، شيدي، موچي، ماڇي ۽ مهاڻا ياد پيا!
شهر جي چالاڪين ۽ چالبازين کان پري،
ڳوٺ جا سي صاف دل سادا ڳوٺاڻا ياد پيا!
منهنجي مارُن کي کٿو، رونبو مليل آ ڏاج ۾،
شام جو موٽن ٿا ساڻا سي سياڻا ياد پيا!
اڄ به ڪيئي پيسجن پيا ظلم جي جانڊاهه ۾،
تن کي ساري مون کي اڄ ماضيءَ جا گهاڻا ياد پيا!
ظلم جي طوفان سان وڻ تان هليا ويا سڀ پکي،
ٽار جڏهن پيا ٽُٽي، ڳيرا اُڏاڻا ياد پيا: |