سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع

مضمون

صفحو :6

 

وڪٽر هيوگو                

سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

 

زندگيءَ جي آغوش ۾

 

رات هن جي جهوپڙيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي رهيو هو، ۽ ’جيني‘ جاڳي رهي هئي. هو اڃا واپس نه موٽيو هو. ٻارڙا پنهنجي پيءُ جو انتظار ڪري ڪري سمهي پيا هئا. مگر جينيءَ جي اکين کان ننڊ ڪوهين دور هئي. ٻاهر ڪارو سمنڊ بکئي ازدها وانگر ڦوڪون ڏيئي رهيو هو. ان جون لهرون پنهنجو مٿو ڪناري سان ٽڪرائي رهيون هيون. ۽ جينيءَ جو خاوند، پنهنجيءَ پراڻي ٻيڙيءَ ۾، اڃا تائين پري، سمنڊ ۾ خوفناڪ طوفاني لهرن جو مقابلو ڪري رهيو هو.

هو مهاڻو هو. موجن ڀرئي مهراڻ سان مقابلو ڪرڻ هن جو ڌنڌو هو. ٻارڙن جي پيٽ پالڻ خاطر هو هر روز مينهن واچ ۽ طوفان ۾ به پنهنجي ٻيڙي هلائيندو رهندو هو. سندس جيني پنهنجي جهرپڙيءَ ۾ ويٺي ڄار ۽ سڙهه جي مرمت ڪندي هئي، ٻارڙن کي نپائيندي ۽ پرچائيندي هئي، ۽ مڇي پچائيندي هئي. جڏهن پنجئي ٻار سمجهي پوندا هئا، تڏهن هوءَ پنهنجا هٿ آسمان طرف کڻندي هئي، ۽ پنهنجي خاوند جي سلامتيءَ خاطر دعا گهرندي هئي. هو به، وڌندڙ طوفاني موجن ۽ گهگهه اونداهيءَ جي گهيري ۾، پنهنجيءَ جينيءَ کي ياد ڪندو هو.

اڄ رات به هوءَ سندس انتظار ۾ جاڳي رهي هئي. ٻاهر تيز هوا سوساٽ ڪري رهي هئي. پٿرن سان ٽڪرندڙ موجن کيس ويتر ڊيڄاري رهيون هيون. هوءَ پنهنجي خيالن ۾ غلطان هئي. کيس پنهنجيءَ غربت جو خيال اچي رهيو هو. سندن ٻار سڄو سال ننگا گهمندا هئا. ڪڻڪ جي ماني ته کين اڄ ڏينهن تائين نصيب نه ٿي هئي. ٻاهر طوفان اڃا به تيز ٿيندو ٿي ويو. لهرون ڪناري تي مترڪا وسائي رهيون هيون. هوءَ ڏڪي ويئي. هن کان ڳوڙها ڳڙي پيا. هو اڃا تائين سمنڊ جي نامهربان گود ۾ هو.

طوفاني رات ۾، هو اڪيلو پُرشور لهرن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. اڃا سندس ٻار به بلڪل ننڍا هئا. اهي پنهنجي پيءُ جي ڪم ۾ هٿ وٺائي نه سگهندا هئا. هن سوچيو ته جيڪڏهن اهي وڏا هجن ها ته اڄ جيڪر پنهنجي پيءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ ضرور پهچن ها.

مگر هي ڪيتريقدر نه عجيب خيال هو. سڀان جيڪڏهن هي ٻار وڏا ٿي پنهنجي پيءُ سان گڏ طوفان ۾ گهيريل هوندا، ته سندن ماءُ اهوئي سوچيندي ته ’ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو منهنجا ٻچڙا هن وقت اڃا ننڍا ئي هجن ها!‘

جينيءَ چادر ويڙهي، ڏيو کڻي، هن جي راهه تڪڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي. ٻاهر سخت برسات وسي رهي هئي، ۽ سمنڊ تي ڀيانڪ تاريڪي ڇانيل هئي. ڀرواريءَ جهوپڙيءَ ۾ ڪابه روشني وغيره نظر نٿي آئي.

جينيءَ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ته سندس نظر وڃي هڪڙيءَ ڪِريل جهوپڙيءَ تي پيئي. ان جو دروازو ڀڄي پيو هو، ۽ اندر باهه يا ڪنهن ٻيءَ روشنائيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو. جيني سوچڻ لڳي ته هن ويچاريءَ بيوهه ٻڍيءَ جو الاجي ڪهڙو حال ٿيو هوندو!

هوءَ سڌي ان جهوپڙيءَ ڏانهن ويئي. اندر وڃي ڏٺائين ته سڄو فرش پاڻيءَ ۾ ٻڏو پيو هو، ۽ ڪنڊ ۾ ڪا ڊيڄاريندڙ شيءِ اونڌي ٿي پئي هئي.

اهو ويچاريءَ پوڙهيءَ جو لاش هو. ان جا وار ڇت مان ڪِريل گندڪچري مان ٻاهر نڪتل هئا، ۽ ان جون بي نور اکيون آسمان طرف کُتل هيون. هيءَ پوڙهي به ڪڏهن صحتمند ۽ مسرور ماءُ هئي، مگر هينئر دکي انسانيت مجسمو هئي. دنيا سان ايتري ڊگهي عرصي جي جنگ جوٽڻ ڪري، ٿڪ سبب، شڪست کائي سمهي رهي هئي. مئل ماءُ جي ڀر ۾ هڪڙي ڀڳل ٽٽل کوٽلي تي به ٻار، هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري ستا پيا هئا، ۽ ننڊ ۾ مشڪي رهيا هئا. سندن ماءُ پنهنجي چادر به لاهي سندن ئي مٿان وجهي ڇڏي هئي، ۽ پاڻ ٿڌ وگهي سيءَ ۾ سُڪي دم ڏنو هئائين. ٻاهر زور شور سان مينهن وسي رهيو هو، ۽ آسمان ڏمريل شينهن وانگر گجگوڙ ڪري رهيو هو.

ڇت مان هڪڙو قطرو پوڙهيءَ جي منهن تي اچي ڪريو، ۽ ڳوڙهن جيان وهي هليو ويو.

جيني پنهنجي چادر ۾ ڪا شيءِ لڪائي اتان ٻاهر نڪتي، ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي، پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن هلي آئي. سندس ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. هن پردي جي پٺيان ويهي رهي. هن جي دل جي پريشاني سندس منهن مان بکي رهي هئي. هوءَ سوچڻ  لڳي هو ويچارو ڇا  چڍوندو. هو ته اڳ ۾ ئي مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ آهي، کيس پنجن ٻارن جو پيٽ پالڻو ٿو پوي. هاڻي ته آءٌ مٿس ٻيڻو بار وجهي رهي آهيان!، وري هوءَ پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويئي. کيس پنهنجي آسپاس جو به سڌ سماءُ نه رهيو، اوچتو ڪنهن مهل دروازو کليو، سندس مڇي ماريندڙ مڙس پنهنجو پسيل ڄار کڻي اندر آيو. هو مشڪي رهيو هو. کيس ڏسي، جيني ٽپ ڏيئي اٿي کڙي ٿي، ۽ پنهنجا رخسار سندس آلن ڪلهن سان گسائڻ لڳي.

سگريءَ جي ويجهو ويندي ملاح چيو، ”آءٌ صحيح سلامت اچي ويو آهيان، جيني!“ ۽ هن پنهنجو اطمينان بخش چهرو باهه جي ويجهو ڪيو.

”سمنڊ تي سخت طوفان هو؛ انهيءَ ڪري هڪڙي مڇي به مون کي هٿ نه آئي، بلڪ هڪ دفعي ته آءٌ ئي ٻڏي وڃان ها.“

جيني پريشان نظر اچي رهي هئي.

وري هن يڪدم پڇيو، ”تون ڇا پيئي ڪرين؟“

”مان؟“ جينيءَ مشڪل سان چيو،“ مون ته ڪجهه به ڪونه پئي ڪيو. بس، اهو ئي سبڻ ٽاڪڻ، پاڻي جا ڌڌڪا ٻڌي، مون کي ڏاڍو ڊپ پئي ٿيو!“

ملاح چيو، ”ها، اڄڪلهه موسم ڏاڍي خراب آهي. خير _“

وري جينيءَ پنهنجي ڏوهه قبول ڪرڻ واري لهجي ۾ چوڻ شروع ڪيو، ”اسان جي پاڙيسرڻ مري ويئي آهي، ويچاريءَ کي ٻه ننڍڙا پيارا ٻارڙا آهن، ڇوڪرو ته بانبڙا ڏيئي هلي ٿو، پر ڇوڪري ٻاتڙين ٻاتڙيون ڳالهيون ڪري ٿي. ويچاري پوڙهي ڏاڍي غريب هئي!“

ملاح سوچ ۾ پئجي ويو. هن پنهنجي ٽوپي لاهي کڻي گوڏن تي رکي، وري پنهنجو مٿو کنهي چوڻ لڳو، ”پر ڇا ڪجي _ اسان کي اڳ ۾ ئي پنج ٻار آهن، پوءِ ته ست ٿي پوندا، هاڻي به ته ڪيترا ئي ويلا بک تي ويهڻو ٿو پوي، اسين ڀلا ڇا ڪريون، اهو سڀڪجهه خدا جي طرفان آهي، اهي ڳالهيون تنهنجي منهنجي سوچڻ جون نه آهن. اهڙا پيارا ننڍا ٻار! وڃ، جيني، انهن کي کڻي، اچ، جيڪڏهن هو جاڳي پيا ته پنهنجي مئل ماءُ کي ڏسي ڊڄي ويندا. اسين انهن کي پالينداسين. اهي اسان جي ٻارن جا ڀاءُ _ ڀيڻ ٿي رهندا، جڏهن خدا ڏسندو ته اسين انهن ٻين ٻارن کي پاليون ٿا ته هو اسان کي وڌيڪ مڇيون ڏيندوَ! مون کي ڇا هي، مان ته پاڻيءَ ڍڪ پي به زنده رهي سگهان ٿو. مان پهرين کان ٻيڻي محنت ڪندس، بس، هاڻي ئي وڃ ۽ کين کڻي اچ!“

”پر تون وري ڇو سوچ ۾ پئجي ويئن؟ ڇا، توکي منهنجي ڳالهه نه وڻي؟ تون ته منهنجي هر ڳالهه مڃندي آهين، جيني!“

جينيءَ آهستگيءَ سان پردو هٽائي ڇڏيو، ۽ پردي پٺيان پيل کٽ ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳي:

”هيڏانهن نهاريو!“

ننڍڙا ٻه ٻار، ننڊ ۾ مشڪي رهيا هئا.

 


 

 

ايوان ڪينڪر               

سنڌيڪار: شمشير الحيدري

هيءَ ڪهاڻي ڪهڙي!

 

سمهڻ کان اڳ، ٻارڙا پاڻ ۾ طرح طرح جون مزيدار ڳالهون ڪندا رهندا هئا. اها سندن هر رات جي کيتي هئي، چُلهه جي پاسي ۾ ويهي، جيڪي ايندو هون سو پيا چوندا هئا ۽ ٻڌندا هئا؛ ڳالهين ڪندي ٿڪندا ئي ڪين هئا، اڃا شام جي لهندڙ روشني پنهنجين ننڊاکرين اکين سان درين اندر ليئو پائيندي هئي ته ڪئين خاموش پاڇولا، ٻارڙن لاءِ نيت نيون ڪهاڻيون کڻي، هوريان هوريان، هر ڪنهن پاسي کان نروار ٿيڻ لڳندا هئا.

ٻارڙن جي ذهن ۾ جيڪي به ڳالهيون اينديون هيون، سي هڪٻئي سان بيان ڪندا هئا. پر سندن ذهنن ۾ سدائين خوشگوار ڪهاڻين جا خاڪا اُڀرندا هئا. ڪهاڻيون، جن ۾ روشني ۽ حرارت شامل هوندي هئي، جن مان محبت ۽ اميد بکندي هئي. ٻارڙن لاءِ مستقبل جو سمورو مطلب هو، ڊگهيون ۽ مزيدار موڪلون. ڪرسمس کان پوءِ ۽ اِيسٽر کان اڳ، نه ڪو روزو هو ۽ نه فاقي جي تڪليف، تمام پري، ڪنهن هنڌ، گلن ڦلن جي سونهري پڙدي جي پويان، سموري زندگي موج مزي ۾ چهڪندي رهندي هئي؛ ۽ روشني، اوندهه جي هڪڙي دائري کان ٻئي دائري اندر گشت ڪندي محسوس ٿيندي هئي. لفظ سر گوشين جيان ادا ٿيندا هئا، ۽ اڌورا سمجهه ۾ ايندا هئا، ڪنهن به ڪهاڻيءَ جو مُنهن مٿو ڪونه هوندو هو؛ نه ڪو اسلوب هوندو هو؛ ۽ نه اها ڪهاڻي ڪٿي ختم ٿيندي هئي. ڪنهن ڪنهن وقت ته چار ئي ٻارڙا هڪ ئي وقت ڳالهائڻ لڳندا هئا، پر ڪوبه ٻئي جي ڳالهه ۾ خلل ڪونه وجهندو هو، ٻارڙا هڪڙي مَلڪوُتي سوجهري کي پيا گهوريندا هئا، انهيءَ سوجهري جي پڙدي تي هرڪو لفظ سادو ۽ سچو هوندو هو. هر ڪهاڻيءَ جو چهرو ٽڙيل ۽ ڳالهائيندو نظر ايندو هو؛ ۽ هرڪا سادي حڪايت شاندار نتيجي تي ختم ٿيندي هئي.

ٻارن جا مهانڊا پاڻ ۾ ايتريقدر مشابهت رکندڙ هئا جو شام جي جهَڪيءَ روشنيءَ ۾ سڀ کان ننڍي نينگر، ’ٽون ڪڪ‘، جي صورت سڀ کان وڏي نينگر، ’لوزيڪا‘، کان الڳ سڃاڻڻ ۾ ڪانه ايندي هئي، چئن جا مينهن ڏٻرا ۽ ٻالا ڀولا هئا، اکيون البت وڏيون هين، جيڪي هردم پوريءَ ريت کليل رهنديون هيون.

پوءِ، تنهن ڏينهن شام جو هيئن ٿيو جو هڪڙي اڻڄاتل شيءِ هڪڙي نامعلوم هنڌان اُڀري، ۽ انهيءَ روشني جي ملوڪتي دائري اندر پيهي آئي، انهيءَ اڻڄاتل شيءِ ٻارڙن جي موڪلن وارين بيفڪر گهڙين، ڪهاڻين ۽ حڪايتن، سڀني کي نهايت بيدرديءَ سان چڪنا چوُر ڪري ڇڏيو. ٽپال رستي خبر آئي هئي ته سندن پيءَ اٽلي ۾ ’مارجي ويو‘ ٻارڙن جي نگاهن اندر هڪڙو عجيب نموني جو انداهو پاڇولو اُڀريو، جيڪو سندن سمجهه کان مٿي هو، تمام قداور ۽ وڏو ويڪرو پاڇولو اڳيان ٻيٺو رهيو. نه ان جو ڪو چهرو هو، نه اکيون، نه وات ڪجهه به ڪونه هو، وري اُهو ڪٿان آيو هو، تنهن جو به ڪو پتو ڪونه هو، ديول جي رونق مان، گهٽين جي گوڙ گهمسان مان آيو هو؟ نه. چُلهه جي ڀر پاسي، شام جي لهندڙ سج جي حرارت مان به نه، ڪهاڻين مان به نه! دل کي آُن مان ڪابه خوشي ڪانه ٿي، ته وري اها ڪا اهڙي شيءِ هئي، جنهن تي ڪو رنج ڪيو وڃي. اهو ته رڳو هڪڙو پاڇولو هو، ۽ بيجان هو، کيس ته اکيون به ڪين هيون. سندن نگاهن مان اِهو ڀيد کُلي سگهي ها ته اهو پاڇولو ڪيڏيءَ مهل ۽ ڪهڙي هنڌان اُڀري نڪتو هو. نڪو کيس وات هو جو ڳالهائي سگهي ها ۽ پنهنجو ڀيد پاڻ کولي ها. ٻارڙن جو تخيل، انهيءَ ڊپ جهڙي پاڇولي اڳيان ڪنڌ جهڪائي، چپ چاپ ۽ هيسيل، ائين بيٺو هو، ڄڻ ڪنهن پربت جيڏي ڀت اڳيان بيٺو هو. معصوم تخيل، هوريان هوريان وڌندي، اچي ڀِت جي ويجهو پهتو، ۽ حيرت وچان گم سم، انهيءَ کي تڪيندو رهيو.

ننڍڙو ’ٽون ڪڪ‘، جو پنهنجن خيالن ۾ گم هو، يڪايڪ پڇڻ لڳو: ”پر هو ايندو ڪڏهن؟“

’لوزيڪا‘ کيس ڪاوڙ وچان ٺونٺ هڻي ڪڍي: ”جڏهن هو مارجي ويو ته پوءِ ڀلا واپس ڪيئن ايندو؟“

وري به ماٺ ڇائنجي ويئي. ٻارڙا انهيءَ ڀوائتيءَ ڀِت اڳيان بيٺا رهيا، ان کان پري هو ڪجهه به ڏسي نٿي سگهيا.

اوچتو ’ميٽيڪا‘ جنهن جي عمر اٽڪل ست سال هئي، چوڻ لڳو: ”آءُ جنگ ۾ لڙائي ڪرڻ ويندس!“ هن اها ڳالهه اهڙي نموني چئي، ڄڻ ته کيس ئي اصل ڳالهه جو سَڳ هٿ آيو هو، ظاهر آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿي چئي سگهيو.

چئن ورهين جي ”ٽون ڪڪ“، ٻُڏل آواز ۾، ملائمت سان چيو: ”تون تمام ننڍو آهين!“

’ملڪا‘، جيڪو مڙني ۾ ضعيف هو ۽ پنهنجي ماءُ جي وڏيءَ شال ۾ ويڙهيو، ڪنهن مسافر جي ڳٺڙيءَ جان پئي ڏٺو، سو ڪنهن ڏورانهين هنڌان، ڇاپولن جي پويان، پنهنجي سنهڙي ۽ ملائم آواز ۾ چوڻ لڳو: ”ڀلا جنگ ڪيئن ٿيندي آهي؟ ميٽيڪا، اِهو ته ٻڌاءِ! آءٌ اها ڪهاڻي ضرور ٻڌندس!“

تڏهن ميٽيڪا وضاحت ڪئي: ”اهو هيئن آهي ته جنگ ائين ٿيندي آهي جو ماڻهو هڪٻئي کي ڇُرا هڻندا آهن؛ ۽ تلوار سان هڪٻئي کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا اهن؛ ۽ بندوق جون گوليون هڻندا آهن. پوءِ جيترو مارجي، اوترو چڱو، ڪابه روڪ ٽوڪ ڪانهي، ڪوبه ڪونه ڪڇندو آهي، ڇو؟ اهو هن ڪري جو...بس ائين ئي ٿيندو آهي، اها آهي جنگ!“

”پر ماڻهو ڀلا هڪٻئي کي ڇُرا ڇو ٿا هڻن؟ ڇو ٿا هڪٻئي کي مارين ۽ وڍين؟”

ملڪا جرح شروع ڪئي.

ميٽيڪا جواب ڏنو: ”بادشاهه جي لاءِ!“

سڀ چپ ٿي ويا، سندن ڌنڌ ڀريل اکين اڳيان، پري، غبار ۾، هڪڙي عجب شي نمودار ٿي- ڀوائتي ۽ چمڪندڙ، جنهن جي چوڌاري ”عظمت“ جو گهيرو هو، هو گم سم ۽ ششدر بنيا ويٺا رهيا. جيئن ديول ۾ دعا گهرڻ وقت ماٺ ڪري ويهندا هئا.

ميٽيڪا پنهنجن ڀٽڪندڙ خيالن کي وري تيزيءَ سان يڪجا ڪيو، شايد هن خاموشيءِ جو ڳرو بار پنهنجن ڪلهن تان ڇنڊڻ ٿي چاهيو: ”آءُ به جنگ ڪرڻ ويندس، دشمن سان!“ ”دشمن ڇا ٿيندو آهي؟ ڇا، ان جي مٿي تي سنڱ ٿيندا آهن؟“ اوچتو ملڪا جو سنهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

”ها، ڇو نه! نه ته اُهو دشمن ڪيئن چئبو؟“ ٽون ڪڪ تمام سنجيدگيءَ سان، بلڪ ڪي قدر چڙ مان، پنهنجي فتوا ڏيئي ڇڏي.

هاڻي ته ميٽيڪا به منجهي پيو ته اصل ڳالهه الائي ڇا آهي، سو، هوريان هوريان، هٻڪندي چيائين: ”آءُ ڀانيان ٿو ته... ائين ڪونه آهي.“

لوزيڪا بيدليءَ سان چيو: ”ڀلا ان جي مٿي تي سنڱ ڪيئن هوندا؟ هو به اسان وانگر ماڻهو هوندو آهي نه!“ وري ڪجهه سوچي چيائين: ”اها، مان ڀانيان ٿو، ان کي روح ڪونه ٿيندو آهي.“

ڳچ دير ماٺ رهڻ کا پوءِ ٽون ڪڪ وري پڇيو؛ “پر لڙائيءَ ۾ ماڻهو پَٽ تي ڪري پوندو آهي، سو ڪيئن؟... هيئن، پٺيءَ ڀر؟“ هن اِنهيءَ نڪتي جي وضاحت لاءِ پُٺيءَ ڀر جهُڪي ڏيکاريو.

ميٽيڪا ڌيرج سان چيو: ”ماڻهو اُن کي ماري ڇڏيندا آهن - صفا!“

”بابا چيو هو، آءُ تنهنجي لاءِ بندوق آڻيندس.“

”اڙي، هو تنهنجي لاءِ بندوق ڪيئن آڻيندو، جيڪڏهن هو جنگ ۾ ڪري پيو هوندو؟“

”۽ ماڻهن ان کي ماري ڇڏيو هوندو؟ صفا ماري ڇڏيو هوندو...“

”صفا ماري ڇڏيو ويندو!....“

هڪڙي عجيب، نامعلوم تڪليف ۽ خاموشيءَ، ڦاٽل معصوم اکين سان، انڌيري کي گهُوريندي رهي. هڪ اهڙيءَ ڪيفيت کي ڳوليندي رهي، جيڪا دل ۽ دماغ جي سمجهه کان ٻاهر هئي.

اُن وقت، گهر اڳيان هڪڙي بيئنچ تي، ٻارڙن جي ڏاڏي ۽ ڏاڏو ويٺا هئا، ٻڏندڙ سج جا آخري ڪرِڻا باغيچي جي ڪُنڊ ۾ چمڪي رهيا هئا. شام جي گهرڙي ماٺ چوڌاري ڇانيل هئي، رڳو ڪنهن ڪنهن وقت سڏڪن جو گهُٽيل ۽ ڏک ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿي سگهيو. سڏڪن جو اهو آواز يقينن اُن جوان ماءُ جو هو، جيڪا مال کي چاري ڏيڻ لاءِ وٿاڻ ڏانهن ويئي هئي. ٻيئي ڄڻا، ٻڍو ۽ ٻُڍي، هڪٻئي کي ويجها ويٺا رهيا، هو ڪجهه وڌيڪ جهڪي ويا هئا. هٿ هٿ ۾ جهلي، هو ائين ويٺا هئا، ڄڻ ته اها ساعت مدتن کان پوءِ آئي هئي. هو چپ چاپ ٻڏندڙ شفق جي ملڪوتي حسن کي گهوريندا رهيا، ۽ سندن اکيون خشڪ هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com