ذوالفقار راشدي
ٿرڊ ڪلاس
هڪ رواجي ڪم پٺيان ساري ڏينهن جو سيڙاپو منهنجي عادت بڻجي چڪو
هو؛ ۽ مون کي رکي رکي پاڻ تي چڙ لڳندي هئي. نيٺ
ٻيا به ماڻهو آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ۾ ڏهن ڪمن کي
منهن ڏيو پيا اچن؛ پر آءٌ ئي هڪ آهيان، نڪار ۽
سست، جنهن کان هڪ ڏينهن رڳو هڪ ئي ڪم اُڪلي ٿو.
تنهن ڪري اڄ پڪو پهه ڪيم ته اڳو پوءِ جو شهر وڃان
ته اتان رڳو هڪ ئي ڪم اُڪلي ٿو. تنهن ڪري اڄ پڪو
پهه ڪيم ته اڳوپوءِ جو شهر وڃان ته اتان آفيس جو
ڪم پورو ڪري، شهر مان ڌوٻيءَ ۽ پريس وٽان ٿيندو،
واڍي کي چِتائيندو، پوءِ سڌو هليو وڃان ريلوي
اسٽيشن تي. هڪ وڳي گاڏي ٿي اچي، ۽ منهنجي بس گهڻو
گهڻو ته ڏهين وڳي شهر پهچندي. سڄا سارا ٽي ڪلاڪ
هنن ٻن ٽن هلڪن سلڪن ڪمن لاءِ کوڙ آهن. هڪ واريءَ
گاڏيءَ ۾ سڌو وڃي باڊهه لهندس، اتان اڌ ڪلاڪ اندر
بس وڃي نصيرآباد پهچائيندي؛ اڳوپوءِ اتان جو ڪم به
سُتڙ ڪري، چئين وڳين شام جو وڃي گهر ٿانيڪو ٿيندس.
ڀلا اها به ڪا تُڪ چئبي جو ٽڪي جي ڪم پٺيان ورهيه
جيڏو ڏينهن لاڙي ڇڏجي. بس، اڄ رڳو ڪم سان ڪم رکبو،
وڌيڪ ڌانڌل سان ضرور ئي ڪونهي. ڏهاڙي سنگت ساٿ سان
ٺڙا ماشا نه ٿيا ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پيئي. ’اڄ‘
کي سڀاڻي ته نه ٽاربو ته پوءِ سڀان، ٻئي ڏينهن،
ٽئين ڏينهن، گهر ويهي آرام ڪبو. هي ڏهاڙي ڏهاڙي
گهوڙي گاڏين ۽ لارين جو سفر هڻيو هچ ڪريو وجهي.
ڀلا اها به ڪا حياتي چئبي- رڳو راڙو ئي راڙو-
هُنهه!
اسان جي لاري منهنجي ڪٿيل وقت، ڏهين وڳين کان به پندرهن منٽ اڳي
پهتي. انهيءَ ئي مهل هڪ ڀلي گهوڙي گاڏي ڀاڙي ڪري،
ڪم سان لڳي پيس. پنهنجيءَ رٿ موجب، هڪ گهڙي به
نڪمي ڪانه وڃايم. ڪنهن قربن ڀرئي گهڙي کن جهلڻ جي
ڪوشش ڪئي، ته ڪو بهانو بڻائي نڪري ويس. ڪم ته الهه
جي آسري هڙئي اُڪلي ويا، پر
ايتري ۾ هڪ به وڄي ويو، پڪ هئي ته گاڏي ٽيشن تي
پڄي چڪي هوندي. ڪوچوان گهوڙي کي ٻه- چار تلهڙ
ورايا. ٽيشن تي پڳاسين ته گاڏيءَ به سيٽي وڄائي.
ڀڄندي ڊوڙندي، اچي ”اُچي درجي واري ٽڪيٽ گهر“ وٽ
پڳس ته اُتي وري ڪا مرامت مڙي پئي هلي، سو ڀڃ-
ڊاهه لڳي پيئي هئي. ايتري مهل ڪانه هئي، جو ’اُچي
درجي واري‘ نئين دري ڳولجي. منهنجي نوڪر مڙسي ڪري
دري جي اڳيان وڌي، ٿرڊ ڪلاس جون ٻه ٽڪيٽون وڃي
ورتيون. تڙ تڪڙ ۾ ڊوڙندي، ٽيشن جي پل صراط جهڙي پل
پار ڪري، پليٽفارم تي پير رکيوسين ته گاڏي ڪوڪ ڪري
رڙهڻ لڳي. مان سامهون واري ٿرڊ ڪلاس جي در کي ڌڪو
ڏيئي اندر ڪاهي پيس، ۽ منهنجي پٺيان منهنجو نوڪر.
* * *
ٽن ڪلاڪن جي يڪيءَ وٺ- پڄان کان پوءِ وري هن پوئينءَ ڊوڙ
پگهرائي وڌو. ويتر جو گاڏيءَ ۾ چڙهياسين ته
هيڪاندي پيهه ڏسي، هانءُ ٻوساٽجي ويو. پر پريان
ڪنهن اشراف سڏي چيو:
”سائين، بيٺا ڇو آهيو، هيڏانهن ٿي ويهو.“
اتي ساهه سامت ۾ آيو. ته هن ڀلي ماڻهوءَ پنهنجي يارهن- ٻارهن
ورهين جي ڇوڪري کي اٿاري، پاڻ به ٿورو سري، مون کي
جاءِ ڏني. نوڪر به زنجير جهلي، ٽپ ڏيئي وڃي مٿي
ويٺو. چوڌاري اک وڌائي ڏٺم ته هن ننڍڙي ٿرڊ ڪلاس
جي مڙيني مڪينن جي اک مون ۾ هئي. منهنجي ساڄي پاسي
هڪ باريش مولوي صاحب اُڀي پير بيٺل هو، ۽ سامهون
واريءَ سيٽ تي، پنجابي ويس ۾، هڪ جوان زال جهوليءَ
۾ پنهنجو سال کن جو ٻالڪ جهليو ويٺي هئي. زال ٻُڪل
هنيو، ڪنڌ نوڙايو ويٺي هئي. وقتي، گهاٽا ڇپر مٿي
کڻي، هيڏي هوڏي نهاري، وري ڪنڌ ڍرڪائي پئي
ڇڏيائين، ۽ گود ۾ ليٽيل گول مول ٻالڪ جي ڳاڙهڙن
ڳلن تي هوريان هوريان هٿڙن ڦيرڻ ۾ مگن ٿي پئي
ويئي.
مون پلڪ منجهه پرکي ورتو ته هنن ٿرڊ ڪلاس واسين جي اکين ۾ مون
لاءِ ڪيڏي نه عزت آهي. پنهنجن وڏ- مُلهائتن ڪپڙن ۽
هٿن ۾ اڌ درجن رسالن ۽ ڪتابن جي هئڻ سبب، مان هن
وايومنڊل تي ڇانئجي چڪو هوس. اهو ڄاڻي، منهنجي
اندر ۾ خوشيءَ ۽ آڪڙ جي اُٿل اچي ويئي. ماڻهو سچ
به وڃي ۽ ويهي اهڙي هنڌ، جتي هر ڪنهن جون اکيون
ڏانهس واجهائين. اهڙيءَ جاءِ تي وڃڻ مان ڇا هڙ
حاصل، جتي هرڪو ’مان‘ ۾ محو هجي. مون کي پلڪ ۾ پرو
پئجي ويو ته گانڌي ڇو ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. دل
پئي گهريو ته اڄ ته ڪو گَهِرو يار رَلجي وڃي ته
جيڪر مڃائي ڇڏيانس ته ٿرڊ ڪلاس جي سفر ۾ وڏا سهنج
۽ سک آهن!‘ اول ته چڱي ماڻهوءَ کي در لنگهندي ئي
ٿرڊ ڪلاسين جون اکيون آجيان چون، ٻيو ته ماڻهو سڄي
وايو منڊل تي ڇانئجيو وڃي، ٽيون پئسي جي بچت. ٻيا
به انيڪ فائدا، جيئن ته-
”صاحب، سنڀال!“
سامهون ويٺل زال جي خاوند ٺيٺ پنجابڪيءَ ۾ رڙ ڪئي. مون ڇرڪي پاڻ
سنڀاليو. سامهون ويٺل زال جي ڀوري بگي ننڍڙي پيشاب
ڪري ڇڏيو هو، ۽ وهڪرو اچي منهنجن پيرن ڀرسان پڳو
هو. مون جهٽ پٽ پير پري ڪري ڇڏيا. هن زال جي
موچاري منهن تي لڄ ڀري لالي اچي ويئي، ۽ چپن کي هڪ
مٺڙي ۽ من- موهه مرڪ چمڻ لڳي. اها مرڪ، جيڪا
چنبيليءَ جي مُکڙي، ٽڙڻ مهل مرڪندي آهي، جيڪا وهي
چرهندڙ نينگريءَ جي ڪنوارن چپن تي چُرندي آهي،
جيڪا سج اڀرئي سان ماڪ جي ڦڙن مان جهاتيون وجهندي
آهي، جيڪا چوڏهينءَ جي رات کير جي پيالن ۾ جرڪندي
آهي: اهڙي ئي پياري پياري ۽ ساهه ۾ سانڀڻ جهڙي مرڪ
هئي هن جي. هن مون ڏانهن ڏسي، ٻارڙي کي هلڪڙي پيار
ڀري لپاٽڙي هڻندي، پنجابڪيءَ ۾ چيو:
”پرائي صاحب جا ڪپڙا وڃائين ها، شودا!“
هاڻي هڪ سُريلي ٽهڪڙي سان گڏ هن جا ڪچ ڪوڏين جهڙا ڏند چمڪڻ لڳا.
مان ڳالهه نٽائڻ لاءِ ڪنهن ڪتاب جا پنا اٿلائڻ لڳس، ۽ گاڏي هلي
رهي هئي. ڪنهن مهل ڪنڌ مٿي ڪيم ته هوءَ مون ڏانهن
تڪي رهي هئي. ڇو؟ ڇا لاءِ؟ مان ان نهار جو ڀيد
پائي ڪونه سگهيس. ڪجهه سوچڻ لاءِ سگريٽ دکايم، ۽
گهڙيءَ ۾ دونهي جو دود ٿي ويو. مون ڏٺو ته هن
پنجابي جوڙي پاڻ ۾ ڪجهه سرٻاٽيو. منهن مان ئي پرکي
ورتم ته هن زال کي سگريٽ جي بانس ڪانه ٿي وڻي، پر
مون کي جهلي پلي به نٿا سگهن. جهٽ سگريٽ هيٺ اڇلي،
ان کي بوٽ سان چيٿاڙيندي، اڙدوءَ ۾ چيم:
”مون کي معاف ڪجو!“
هو ٻئي پهرين وائڙا ٿيا ۽ پوءِ شرمائجي ويا. هاڻي هوءَ زال
اهڙين ٻاجهارين ۽ پيار ڀرين نظرن سان نهاري رهي
هئي، ڄڻ مون هن تي هيڪاندا ٿورا ٿڦيا هئا. هن جا
نماڻا نيڻ پنهنجو پاڻ اها پرولي سلي رهيا هئا. هن
جي اکين ۾ ٻاجهه آهي، شڪريو آهي، سڪ آهي، يا ڪو
سنيهو آهي؟ مگر نه، هوءَ ته ماءُ آهي- هڪ پياري،
گلن جهڙي ٻچڙي جي ماءُ- هڪ مڙس جي نڪاح ٻڌي زال.
گاڏي، جهٽڪو کائي، ڏوڪريءَ ۾ بيهي رهي.
اسان جي گاڏيءَ ۽ پئسينجر جي ڪراسنگ سبب گاڏي ڳپل وقت بيهڻي
هئي. سو، جيئن ئي پليٽفارم تي پهتي، تيئن گهورڙيا
گاڏيءَ ۾ گهڙي آيا.
”گرما گرم نيزا.“
”ڀُڳل مڱيرا، ٻي آني پاءُ.“
مان وندر لاءِ هيٺ لهي، پليٽفارم تي پسار ڪرڻ لڳس.
’- ته ههڙيءَ نهار جي معنيٰ ڪهڙي؟ الائجي ڇا! مان ڇو هن لاءِ
هيتري ڇڪ پايان ٿو پنهنجي اندر؟ هوءَ ڇو يڪو مون
ڏي پيئي نهاري؟‘ پر مون وٽ ڪا دلجاءِ جهڙي ڀڃڻي
ڪانه هئي هن ڳجهارت جي! سوالن پٺيان سوال ڪنن جو
ڪڙو کڙڪائڻ لڳا. ڇا ائين واٽ ويندي اڻڏٺن سان
اکيون اٽڪنديون آهن؛ بنا ڄاڻ پڇاڻ هيئن تڙي کڙي دل
لڳندي آهي! او ’هِير‘ جي ڏيهه جي نوجوان ناري، مون
کي هي سمجهاءِ، ڇا توکي پنهنجو وَر دل تي ناهي؟ ڇا
توکي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪنهن اوپري رانجهي جي گهرج آهي؟
جنهن توکي هي ڀُورو ڀگو، وسن جهڙو ٻچڙو ڏنو، تون
ان جي پاٿاريءَ سان ڪوڙي آهين! مگر مان- مان توسان
پريت جو ناتو نه ڳنڍيندس. منهنجي سنڌڙيءَ ۾ ’ڪانڌ
ڪميٽي‘ ڌُريان ئي ڌڪاريل ليکبي آهي. هتي زال تڏهن
ئي زال آهي، جڏهن هن جو نينهن، هن جي نهار ۽ هن جي
پيار ڀري مرڪ رڳو هن جي وڪاڻل هجي. پوءِ هوءَ
مارئي آهي، پوءِ هوءَ ديوي آهي، نه ته ڌڪار، ڦٽڪار
وَر وٽ ۽ ملامت جي حقدار.
مگر مان ڇو هي ’مارئيءَ‘ ۽ ’هير‘ جي ڀيٽ ڪرڻ لڳو آهيان! هن
ويچاريءَ الائجي ڇو کڻي مرڪيو ته مان هن کي بي
ماني سمجهي، هن کي ڌڪارڻ به لڳس! مون پاڻ کان
پڇيو:
’ڪيئن، ميان، پاڻ کي وڏو آزاد خيال چوائيندو آهين نه؟‘ بس، هڪ
عورت جي مرڪ سهي نٿو سگهين! اها ٿورڙي خوشيءَ ڀري
مرڪ به توکي مونجهارن، وسوسن ۽ ڇڪ ۾ وجهيو ڇڏي.
تڏهن مرضي ڇا اٿئي، ڇا تون گهرين ٿو ته تنهنجي
ڏيهه جي مارئي سدائين ڪوٽن ۾ قابو رهي ۽ رت جا
ڳوڙها پيئي ڳاڙي، ۽ کيس کل خوشي ورلي به نصيب نه
ٿئي؟ ۽ تون ان کي اُچي تهذيب سڏيندين نه! اوهين
ڪنهن ناريءَ جي مرڪ يا ٽهڪ کي بيحيائيءَ سان ڇو ٿا
ڀيٽيو، ان جا بڇڙا تعبير ڇو ٿا ڪڍو؟ ڇا زال ذات جي
ڀاڱي ۾ رڳو روئڻ رينگڻ ئي رکڻ ٿا گهرو؟‘
”اڙي يار، اڄ ڇو اڪيلو اڪيلو ڦيريون پيو پائين؟“
ڪنهن دل- پرتي دوست، ٻک وجهي، مون کي ويچارن جي ڪنڊ مان ڪڍي
ورتو.
”او سڄڻ، ائين ئي.“ مون هن جي جيون ڀرئي ٽهڪ سان پنهنجو هٿراڌو
ٽهڪ ملائيندي چيو. ”ڪٿان پيو اچين ۽ ڪيڏانهن پيو
وڃين؟“
”هيڏانهن ويو هوس، سنڌ جي تهذيب ڏسڻ، موئن جي دڙي تي، ۽ هاڻي
ڳوٺ پيو وڃان.“
هيڪر دل ۾ آيو ته جيڪر پڇانس: ’اي دوست، اتي هيبتناڪ دڙن هيٺ
دٻيل ڪنهن مارئيءَ جي دانهن ته ڪانه ٻڌءِ، ڪنهن
ڀَڳلڀُريل محل جي لڪيل ڇپيل تهخاني مان ڪو سُڏڪو
ته ڪن ڪونه پيئه، ڪنهن زنجير-‘ پر مان پاڻ جهلي
ورتم، متان هو مون کي چريو سمجهي!
”تون ڪٿان پيو اچي؟“ هن پڇيو.
۽ مان ان ويل انهيءَ ويچار ۾ هوس ته ڪي ڏينهن ٿيا آهن جو ايڊيٽر
جو خط آيو آهي. ”مهراڻ“ لاءِ ڪجهه موڪلڻ واسطي، پر
منهنجي ڪَلا سانت ۾ سُتل هئي ۽ مون وٽ ڪجهه ڪونه
هو. ڀانيم پئي، جيڪر اڄ ڪنهن آکاڻيءَ جو اوڳر ملي
پوي، سو جهٽ وراڻيومانس:
”آکاڻي پيو ڳوليان.“
”آکاڻي؟... اڙي ها، تنهنجي اها ’آکاڻي!‘“ هن وٺي ٽهڪ ڏنو.
اسين ٻئي کلندا هڪ گهورڙئي جي مٿان اچي بيٺاسين، ۽ مون ’بي. پي‘
کٽمٺڙن جون پئڪيٽ خريديو.
”ڪٿي ويٺو آهين، هوڏي هلي مون سان ويهه.“
”ها، پر ٻه منٽ ترسجانءِ.“ مان ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهي ويس. ماڻهو گهڻا
هتي لهي ويا هئا، ۽ هاڻي هت به فرحت لڳي پيئي هئي.
منهنجو نوڪر به سيٽ تي پير ڊگهاريو، بي اونو ٿيو
ويٺو هو. مون وڃڻ سان کٽمٺڙن جو رنگا رنگي پئڪيٽ،
ماءُ جي هنج ۾ کلڪاريون ڪندڙ ٻارڙي جي پتڪڙن هٿن ۾
ڏنو.
”هي ڇا، بابوجي!“
”هيءُ هن جي انهيءَ مرڪ جو انعام، جيڪا هن جي منهن تي پرهه جي
آڇاڻ پيئي هاري.“
ان مان هن الائجي ڪهڙي معنى ڪڍي، ۽ لڄائجي، شرمائجي، لالڙي ٿي
ويئي. مون ڪتاب هٿ ۾ کڻندي، نوڪر کي چيو، ”مان
هلان ٿو سيڪنڊ ڪلاس ۾، تون باڊهه ۾ لهي پئجانءِ.“
ٻارڙو رنگا رنگي پئڪيٽ سان، هونگون ڏيئي، ڳالهڙيون ڪري رهيو هو.
ماءُ جو منهن هپجي ويو، ۽ اکيون نماڻيون ٿي ويس-
ڄڻڪ چونديون هجن: ’بابوجي، سوڙهه سنگهيڙ ۾ به هت
ويٺو رهين، هاڻي توکي سيڪنڊ ڪلاس ڪيئن ياد پيو.
هونهه، کڻ پنهنجا کٽمٺڙا، اسين ڪو توکان بيک ٿا
پنون ڇا!‘
۽ مان تڙ تڪڙ ۾ هيٺ لهي آيس. منهنجي دوست ٽوڪيندي پڇيو:
”تو هت پئي آکاڻي ڳولي؟“
”هائو، آکاڻي ملي به وئيم.“
”هونهه، پڪ
T.C.
آکاڻي هوندي.“
”ڇا معنى؟“
”معنى، ٿرڊ ڪلاس آکاڻي!“
”اڙي تو ڏٺو ڪين، يار، هتي هِير جي وطن جي، وارث شاهه جي ملڪ
جي، جيئري جاڳندي، کلندڙ مرڪندڙ تهذيب ويٺي هئي:
مان ان جي جياپي ڀريءَ مرڪ مان آکاڻي چٽيندس.“
”اونهه، بڪواس- هڪ
T.R.
عورت.“
”ڇا مطلب؟“
”مطلب، هڪ ٿرڊ ريٽ
(Third rate)
مال!“
- ۽ مارئيءَ جي تهذيب روئي ڏنو.
اَمَر جليل
عورت
ٿڪل قدمن سان هو ڪاليج جي ڪمپائونڊ مان ٿيندو، ڪلاسن جي سامهون
واري ورانڊي ۾ پهتو. سندس دل بيحد اُداس هئي.
خواهه مخواهه نگاهن تي آنسن جي جهالر لڏي رهي هيس،
ڄڻ ته سندس سيني ۾ ڪجهه ڀَڄي پيو هو.
هن در جي وٿ مان اندر ڪلاس ۾ نهاريو. شاگرد غور سان پروفيسر
ولسن جو ليڪچر ٻڌي رهيا هئا. هن شاگردن جي هڪ هڪ
قطار ۽ هڪ هڪ بينچ کي غور سان ڏٺو، پر کيس ڪملا
نظر نه آئي. هن جو درد وڌي ويو. کيس پنهنجن سنڌن ۾
سور جو احساس ٿيو. ۽ وري سندس نگاهن تي لڙڪن جي
جهالر پئجي ويئي.
هو ٻڏل دل ۽ روئندڙ روح سان ڪاليج جي گارڊن ۾ آيو. سڀ شاگرد
ڪلاسن ۾ هئا. هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ
هن وسيع دنيا ۾ سندس ڪوبه نه هو. تنهائيءَ هن جون
مايوسيون سمنڊ جي گَهراين کان به وڌيڪ اونهيون ڪري
ڇڏيون. هو پپر جي ڇانوَ ۾، ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي،
سائيءَ ڇٻر تي ليٽي پيو. دل کانئس پڇيو ته آخر
ڪملا کيس ڇو ستائي رهي آهي- هوءَ هڪ هفتي کان غير
حاضر آهي! ۽ پوءِ هن پاڻ سان ڳالهايو: ’ها، ڪملا
هڪ هفتي کان غير حاضر آهي. آخر هوءَ سمجهي ڇو نٿي
ته مان کيس دل جي گَهراين سان چاهيان ٿو. منهنجي
محبت پوڄا آهي. مان کيس پوڄيان ٿو. ها، پوڄيان ٿو.
هوءَ منهنجي من- مندر جي ديوي آهي. پر ديويون
ستائينديون ته ناهن... ته پوءِ ڪملا هڪ هفتو
منهنجي نظر کان اوجهل رهي، مون کي ڇو ستائي رهي
آهي!‘
هن ڪنڌ ورائي، سامهون ورايءَ بينچ کي مسرت سان ڏٺو. هڪ دفعو اڳ،
ڪملا ان بينچ تي ويٺي هئي ۽ هو سندس قدمن ۾ ويٺو
هو.
”تون ديوانو آهين، ستيش!“ ڪملا چيو هو.
۽ جواب ۾ هن ڪنڌ جهڪائي، ڪملا جا پير چمي ورتا هئا. ڪملا حيرت
مان اٿي بيهي رهي، ۽ پوءِ ستيش جي اکين ۾ ڏٺائين.
ستيش جون نگاهون ڄڻ ته ڳالهائي رهيون هيون، ’ڪملا،
منهنجي دنيا تون آهين. منهنجي بهار تون آهين.
منهنجي شفق تون آهين. منهنجو پيار تون آهين.
منهنجي پوڄا تون آهين، ڪملا!‘
۽ اڄ هو ان ڪملا لاءِ تڙپي رهيو هو، جنهن جي هن پوڄا ڪئي هئي.
انتظار ڪندي ڪندي، هن محسوس ڪيو ته هو ڪملا کان
سواءِ زندگيءَ جي خاڪ ۾ ملي ويندو.
پوءِ، اوچتو، ڪملا گارڊن جي در وٽ اچي بيٺي. ستيش کان سڀ شڪوا ۽
شڪايتون وسري ويون، ۽ سندس چئني طرف مسرت جون
مکڙيون کلڻ لڳيون.
”اوه، ڪمو!“ هن ٻانهون کوليندي چيو، ”منهنجي ڪمو، منهنجي ڪملا!“
ڪملا در وٽ ئي بيٺي رهي؛ ۽ پوءِ هن پنهنجا هٿ اڳتي وڌايا.
آسمان مان رت جا ڦڙا ٽمڻ لڳا.
ڪملا جي هٿن تي مينديءَ جي روپ ۾ ستيش جي حسرتن جو خون هاريل
هو.
پوءِ هوءَ، ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي، هميشہ لاءِ هن کان جدا ٿي
ويئي.
ڪملا عورت هئي- هن جي محبوبه!
*
*
*
پوءِ سڄيءَ دنيا جون محروميون، مايوسيون ۽ اُداسيون هڪ دُکي
انسان جي حصي ۾ هليون آيون- ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي
اوندهه فقط ستيش لاءِ هئي، ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جا
ڪنڊا فقط ستيش لاءِ هئا، ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي
ناڪامين جو زهر فقط ستيش لاءِ هو.
۽ زهر ستيش جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو. هن جون حسرتون لٽجي ويون، ارمان
لٽجي ويا، ۽ سندس آرزوئن سان ڀريل دل ڀڄي پيئي: هڪ
عورت جي پيار ۾ کيس روئندڙ اکيون، ويران ذهن،
جلندڙ جذبات، ۽ پنهنجي ئي دل جا ٽڪرا مليا!
آخر هو ڪيستائين سهي سگهيو ٿي! هن جو سڄو جسم هڪ عورت جي
بيوفائيءَ ۾ سڙي رهيو هو. صبر جو دامن هن جي هٿن
مان ڇڏائجي ويو، ۽ هن کي پاڻ تي رحم اچڻ لڳو. رحم
جي جذبي هن کي شراب جي بوتلن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جيئن
ڪجهه دير لاءِ هو پاڻ کي ۽ پنهنجي لُٽيل، اجڙيل ۽
ويران دنيا کي وساري سگهي- ۽ وساري ڇڏي ته هڪ عورت
کيس پيار ۾ دوکو ڏنو، ۽ پنهنجي مجبوريءَ جو سهارو
وٺندي کيس فريب ڏنو!
هڪ رات هن خوب پيتو. شراب هن جي جسم ۾ داخل ٿي رهيو هو، ۽ سندس
ذهن درد جي احساس کان آجو ٿي رهيو هو. هو آخري پئگ
پِي، بار مان ٻاهر نڪتو. هن جي ذهن ۾ آرام ۽ سڪون
هو. هو ويران سڙڪن ۽ ٽيوب- لائيٽ ۾ چلڪندڙ رستن تي
بيسُڌ هلندو رهيو. ۽ پوءِ جڏهن هاسٽل جي ٻاهرئين
در وٽ پهتو ته در بند ٿي چڪو هو، ۽ هاسٽل جا ٻئي
چوڪيدار سامهون ورانڊي ۾ ستل هئا. هن ڀت ٽپڻ مناسب
نه سمجهي.
پوءِ هن جا ٿڙندڙ قدم هڪ بلڊنگ ڏانهن هلڻ لڳا. ان بلڊنگ جي هڪ
فيلٽ ۾ هڪ عورت رهندي هئي، جنهن سان هن ننڍي هوندي
راند ڪئي هئي، ۽ جنهن سان هو هڪ ئي گهر ۾ نپيو ۽
پليو هو. ان عورت جي جنهن ڏينهن شادي ٿي رهي هئي،
تنهن ڏينهن ستيش بيحد اُداس ۽ مايوس، مهمانن جي وچ
۾ گهمي رهي هو؛ ۽ پوءِ جڏهن ڦيرن جي رسم به پوري
ٿي ويئي ۽ منڊپ جي باهه به سرد ٿي ويئي، تڏهن هن
جون اکيون وسي پئيون. هو معصوم ٻارن وانگر، ڪيوڙي
جي سائي ٿڙ سان لڳي، سڏڪا ڀرڻ لڳو-- ۽ ڄڻ ته ڪيوڙو
به سندس آهُن ۾ سڪڻ لڳو. پوءِ اُها عورت سندس آلو
چهرو پنهنجي سيني ۾ لڪائي، هن جي وارن تي پنهنجا
چپ ۽ ڳل ڦيرڻ لڳي. هن عورت جي سيني تان منهن
هٽائي، کيس پرنم نگاهن سان ڏٺو، ۽ عورت سندس آلين
اکين تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا.
”هن کي گهر ۾ توکان سواءِ منهنجي دل نه لڳندي، چندرا.“ هن سڏڪن
۾ چيو.
”مان هميشہ تنهنجي رهنديس، ستيش.“ عورت جو سندرو ستيش جي چپن کي
لڳي پيو. ”منهنجو نئون گهر به تنهنجو ئي آهي.“
۽ هينئر هو انهيءَ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. بلڊنگ جي ڏاڪڻ ۾
ٿاٻڙندو، هو فليٽ جي در وٽ بيهي رهيو. هن بيل تي
آڱر رکي، ۽ اندر گهنٽي وڳي. هو انتظار ڪندو رهيو،
۽ پوءِ هن وري بيل تي زور ڏيئي گهنٽي وڄائي. ڪجهه
دير کان پوءِ ان عورت در کوليو. ستيش جي وات ۽
ڪپڙن مان نڪرندڙ شراب جي بوءِ، عورت کي سخت ناگوار
لڳي. هوءَ هڪ قدم پوئتي هٽي ويئي. ستيش اندر داخل
ٿيڻ لاءِ قدم وڌايو، پر عورت هن جي سامهون اچي
ويئي.
”نه، ستيش،“ هن چيو، ”منهنجو گهر تو جهڙن اوباشن لاءِ ناهي!“
”چندرا!“
”پنهنجي زندگي ته تباهه ڪري چڪو آهين، هينئر مون کي برباد نه
ڪر، نڪري وڃ. هليو وڃ، ستيش، ۽ وري منهنجي چانئٺ
تي قدم نه رکجانءِ!“ عورت کيس حقارت سان ڏسندي
چيو، ۽ پوءِ در بند ڪري اندر هلي ويئي.
ستيش جو درد جاڳي اٿيو، هن جا زخم گهرا ٿي ويا، ۽ هو ڪنڌ جهڪائي
ڏاڪڻ لهي آيو.
چندرا عورت هئي—هن جي ڀيڻ!
*
*
*
جڏهن هڪ انسان جون حسرتون خاڪ ۾ ملي وينديون آهن، جڏهن قدم قدم
تي انسان کي ٺوڪرون ملنديون آهن؛ جڏهن منزل نظرن
کان اوجهل ٿي ويندي آهي، ۽ جڏهن انسان رات جي
تاريڪين ۾ ۽ ڏينهن جي روشنين ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس
ڪندو آهي، تڏهن هو سهارا تلاش ڪندو آهي.
ستيش کي به سهاري جي ضرورت هئي. کيس هڪ بهاني جي ضرورت هئي،
جنهن جي سهاري هو جِي سگهي. ورنه هن جون ته سڀ
آسون ۽ اميدون مٽجي چڪيون هيون- هن کي قدم قدم تي
دوکا مليا، کيس موڙ موڙ تي فريب مليو، ۽ پوءِ
تمنائن جا ديپ وسامي ويا. هينئر زندگيءَ جي تاريڪ
راتين لاءِ کيس فقط جگنوءَ جي ضرورت هئي، جيئن هو
جِي سگهي. هو قدرت جي قانون موجب زنده هو، پر سندس
دل مري چڪي هئي.
هڪ ڏينهن، ستيش کي ياد آيو ته زهر جو علاج زهر آهي: پوءِ هو
پنهنجي ذهن جي تلخيءَ ۽ زندگيءَ جي ڪوڙاڻ مٽائڻ
لاءِ، زهر کي امرت جي پيالي ۾ وجهي پيئڻ آيو.
”تنهنجو نالو؟“ هن زهر کان پڇيو.
”مان شانتي آهيان.“ زهر جواب ڏنو.
”۽ مان ستيش آهيان.“ هو زهر جي پاسي ۾ ويهي رهيو، ۽ پوءِ
شانتيءَ هن کي سهارو ڏنو؛ کيس درد ڀريا گيت ٻڌائي،
سندس زخمن تي پهو رکيو. کيس پيار ڏيئي، هوءَ کانئس
سندس ماضيءَ جون چوٽون کسيندي رهي؛ ۽ هو زندگيءَ
جي محور تي موٽي آيو. شانتيءَ هن کي جيئڻ جو ڍنگ
سيکاريو، کيس زندگيءَ جي قدرن جي اهميت سمجهائي، ۽
وري هن جي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي آئي. شانتيءَ جي
محبت ستيش کي جهڪائي ڇڏيو، ۽ هن سوچيو ته شانتي
سندس درد جي دوا آهي: شانتي عورت جو مڪمل روپ آهي،
شانتيءَ جي گيتن ۾ گنگا ۽ جمنا جي وهڪري جي رواني
آهي- ۽ هن شانتيءَ کي محبت جي عيوض سڀڪجهه ڏيئي
ڇڏيو. هن کي سڪون جي تلاش هئي، آرام جي جستجو هئي،
ته پوءِ هو ڇو نه شانتيءَ کي سڀ ڪجهه ڏيئي، سندس
پيار ۽ سندس الفت خريد ڪري وٺي ها!
پوءِ، هڪ ڏينهن، اوچتو ئي اوچتو، شانتيءَ هن کان منهن موڙي
ڇڏيو. شانتيءَ جي توجهه ٻئي ڪنهن طرف ٿي ويئي.
سندس گيت ۽ سندس دلفريب ادائون انهن لاءِ رهجي
ويون، جن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجه هو. پر ستيش ته سڀڪجهه
ڏيئي چڪو هو. ۽ هڪ ڏينهن ڪنگال ستيش کي شانتيءَ
پنهنجي ڪوٺيءَ مان ڌڪاري ڇڏيو. اها چوٽ عظيم هئي،
اها ضرب ڪاري هئي، ۽ ان فريب ۾ اذيتناڪ تڪليف هئي.
هڪ عورت، هڪ دفعو، وري کيس ڀڳل شيشن تي اڇلائي
ڇڏيو.
شانتي عورت هئي- هڪ وئشا!
*
*
*
مسلسل ظلم هن جي سيني ۾ داغ وجهي ڇڏيا. زماني خوب دل کولي کيس
ستايو. بدتر حالتن کانئس سڀڪجهه ڦري ورتو. قدرت هن
جو مذاق اڏايو ۽ دنيا هن جي مجروح دل تي ٽهڪ ڏنا،
۽ هو پنهنجي غم ڀلائڻ لاءِ شرابخانن ۽ سينگاريل
ڪمرن ۾ ڀٽڪڻ لڳو. هو پنهنجي دلجوئيءَ لاءِ انهن
ڪمزور سهارن کي چنبڙي رهيو هو، جن کان دنيا کي
نفرت آهي. پوءِ، آهستي آهستي، سڀ کانئس دور ٿيندا
ويا، پري ٿيندا ويا، پر هو لاپرواهه رهيو.
هاڻي ستيش جو سينو ڇلجي پيو ۽ کنگهه ۾ کيس رت اچڻ لڳو. وچڙندڙ
مرض هن کي اڇوت ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هن وڏن شهرن
کان منهن موڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن پوسٽ آفيس مان هڪ
عورت کي تار ڪئي؛ ۽ ڪجهه دير کان پوءِ، هو هڪ
گاڏيءَ جي دريءَ وٽ، ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪري ويٺو هو،
۽ ريل کيس منزل ڏانهن نيئي رهي هئي. اسٽيشنون
اينديون رهيون، مسافر لهندا ۽ چڙهندا رهيا. ڪن جون
منزلون آيون، ۽ ڪي منزلن لاءِ سوار ٿيا. دريءَ مان
ايندڙ سرد هوا سندس ڪمزور جسم ۾ خنجر وانگر چڀي
رهي هئي. سندس سيني ۾ درد وڌي رهيو هو، ڄڻ ته سرد
هوائون سلهه لاءِ موزون هيون. کيس کنگهه جو دورو
پيو، ۽ هن ڪوٽ جي کيسي مان رومال ڪڍي، هڪ هٿ سان
وات تي رکيو ۽ ٻئي هٿ سان سيني کي زور ڏيئي، دريءَ
تي ليٽي پيو. گاڏيءَ جا مسافر ڄڻ ته سڀڪجهه سمجهي
ويا. سڀني جي اکين ۾ حقارت ڀرجي ويئي، ۽ سندن نڪ
نفرت جي اظهار ۾ شهنائين وانگر ويڪرا ٿي، سُسي
ويا.
ستيش سڀني کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. هن دريءَ جي چانئٺ تي ٻانهه
رکي، منهن ويٽيءَ ۽ ڏوري جي وچ تي رکي ڇڏيو. سندس
ٻيو هٿ دريءَ کان ٻاهر لٽڪي رهيو هو. هزارين؛ خيال
تيزيءَ سان سندس دماغ ۾ اڀري ۽ ٻڏي رهيا هئا.
ڪملا، چندرا ۽ شانتيءَ جون تصويرون سندس تصور ۾
اُجاگر ٿيون.
ڪملا سندس ديوي هئي، جنهن کي هن محبت جي نالي ۾ پوڄيو؛ چندرا
سندس ڀيڻ هئي، جنهن کيس اوباش ۽ آوارهه سمجهي
ڌڪاريو؛ ۽ شانتي وئشا هئي، جنهن کيس ڪوڙو پيار ۽
مصنوعي محبت ڏيئي، کانئس سڀڪجهه ڦري ورتو.
ڪملا، چندرا ۽ شانتي، عورت جا مختلف روپ هئا: ۽ عورت هر روپ ۾
هن تي ظلم ڪيا، کيس زخم ڏنا، کيس پائمال ڪيو،
ستايو، لٽيو، ۽ آخر ۾ کيس زندگيءَ جي اذيتناڪ
مايوسين، محرومين ۽ تاريڪين ۾ ڌڪي ڇڏيو.
۽ هينئر هو وري هڪ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. کيس خيال آيو ته
موٽي وڃي. هن عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ نٿي چاهيو.
کيس ڊپ هو ته جيڪڏهن عورت کيس چوٿين روپ ۾ به پيار
بدران نفرت ڏني، يا کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ته پوءِ
هو هڪ لمحو به زندهه رهي نه سگهندو، ۽ سندس روح
موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ لٽڪندو رهندو. هن موٽي وڃڻ
جو خيال ڪيو.
پر اڳين اسٽيشن سندس منزل هئي. هو دريءَ وٽ ويٺو ئي رهيو: هن
فيصلو ڪيو ته عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ کان اڳ، هو
ريل سان گڏ اڳتي هليو وڃي، ڀل ته سڀڪجهه پوئتي
رهجي وڃي. هن ڪمزور اکين جي سرد نگاهن سان هڪ دفعو
پنهنجي منزل جي اسٽيشن ڏسي، اکيون بند ڪري ڇڏيون.
يڪا يڪ سندس ڪن تي لرزندڙ ۽ ڪنبندڙ آواز پيو، ”ستيش! منهنجا
لال!“
هن ٿڪل پنبڻيون مٿي ڪيون. عورت سندس سامهون پليٽفارم تي بيٺي
هئي. هو ڪجهه دير عورت کي ڏسندو رهيو. عورت هن جون
سڪل آڱريون، زرد چهرو ۽ اُداس اکيون ڏسي ورتيون.
هن ٻانهون کولي، کيس وري سڏ ڪيو، ”منهنجا لال،
منهنجا ستيش! لهي آ، منهنجا لال!“
گاڏي سرڻ لڳي هئي. ستيش عورت جي اکين ۾ سمنڊ جون لهرون ڏسي
ورتيون، پيار جو ساگر ڏسي ورتو؛ ۽ پوءِ هن هلندڙ
گاڏيءَ مان پليٽفارم تي ٽپو ڏنو. سندس رهيل کهيل
رت منهن ۾ تري آيو، ۽ ساهه جي وچ ۾ پردا پئجي ويس.
وري ساڳيءَ کنگهه کيس بحال ڪري ڇڏيو. عورت سندس
پاسي ۾ فرش تي ويهي رهي، ۽ کيس معصوم ٻار وانگر
پنهنجيءَ هنج ۾ ليٽائي ڇڏيائين. هو کنگهي رهيو هو.
سندس سيني ۾ بڙڇيون چڀي رهيون هيون. پوءِ کيس خون
جي اُلٽي آئي. عورت سڄي اُلٽي پنهنجن ڪمزور ۽
ڪنبندڙ هٿن ۾ کڻي ورتي. پيار جو ساگر اٿلي پيو:
”تو ڇا ڪيو، منهنجا لال، منهنجا لال، منهنجي جوت!“
عورت هن جو رت ۾ ٿڦيل چهرو چمي ورتو. ۽ هن آهستي چيو:
”ڪجهه به ناهي... مان هينئر جلد ٺيڪ ٿي ويندس، جلد ٺيڪ ٿي
ويندس!“
پوءِ ٻنهي جي چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي؛ ٻنهي جي اکين ۾ محبت جون
کوڻيون چمڪڻ لڳيون، ۽ ٻنهي ڳڙاٽڙي پائي، هڪٻئي جي
سيني ۾ چاهت جا نغما ٻڌي ورتا.
- اها عورت هن جي ماءُ هئي.
ڪرشن چندر
سنڌيڪار: اقبال احمد آگرو
ڪارو سج
ميدانن کان اڳتي، ڳچ پنڌ پري، چوڌاري اُوچن جبلن سان گهيريل هڪ
ماٿري هئي. انهيءَ ماٿريءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي ۽ وڻندڙ
ڍنڍ هئي. هڪڙي سنهڙي ۽ ماٺي ندي، اُڀرندي پاسي
وارن جبلن مان نڪري، اچي ٿي ان ڍنڍ ۾ پيئي، ۽ وري
ان جي ٻئي ڪناري کان ڦُٽي، جبلن جي الهنديءَ قطار
ڏانهن هلي ٿي ويئي.
ٻاهر کان انهيءَ ماٿر تائين پهچڻ جو رستو ڏاڍو ڏکيو هو. چئني
طرفن کان شاهي جبلن جون قطارون هيس، جن جون چوٽيون
گرميءَ جي مند ۾ به برف سان پوشيل رهنديون هيون.
اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ٽنهي پاسن کان ماٿريءَ ۾
داخل ٿيڻ جو ڪو گس ئي ڪونه هو. رڳو اولهه طرف وارن
جبلن جي قطار ۾، جتان نديءَ جو لنگهه هو، هڪڙو
سوڙهو لَڪُ هو. اهو به سال جي اٺن مهينن تائين
بنديل رهندو هو، ڇو ته اهو سمورو وقت اتي تمام
گهڻي برف پيئي ڪرندي هئي. باقي چئن مهينن ۾ به
انهيءَ لَڪَ اندر ايترو ڌُنڌ ۽ ڪوهيڙو هوندو هو،
ايتري گَپَ ۽ ترڪڻ هوندي هئي، ۽ ايتريون ته کڏون ۽
کاهيون انهيءَ لَڪَ ۾ هيون، جو ڪو شير دل مسافر به
اڪيلو انهيءَ ماٿريءَ ۾ اچڻ يا ٻاهر وڃڻ جو مشڪل
سان سَتُ ساري سگهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان، خچرن
۽ گهوڙن تي سامان لَڏي، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ قافلو ايندو
هو، ۽ تمام تڪليفن سان ماٿريءَ ۾ اُهو سامان
پهچائي، وري اُتي جون پيدا ٿيندڙ شيون پاڻ سان کڻي
ويندو هو. ايترو واپار به گرميءَ وارن ٻن- ٽن
مهينن اندر سو ممڪن هو، جڏهن لَڪَ جي برف ڳري
ويندي هئي ۽ موتمار برفيليون هوائون ڪي قدر ماٺيون
ٿينديون هيون- نه ته سال جا اَٺ- نَوَ مهينا ته هن
ماتر جا ماڻهو ٻاهرينءَ دنيا کان اصل الڳ ٻيا
پنهنجو وقت گذاريندا هئا.
هن ماٿريءَ جي ماڻهن جيئن ته ٻاهرين دنيا تمام گهٽ ڏٺي هئي،
تنهنڪري هو پنهنجيءَ انهيءَ ماٿريءَ کي ئي دنيا جي
سڀ کان سهڻي بستي ڪري ڀانئيندا هئا. ۽ ان ۾ ڪوبه
شڪ ناهي ته سندن اها بستي هئي ڏاڍي سهڻي. برف سان
پوشيل چوٽين کان هيٺڀرو، جبلن جي لاهن تي، چِيل ۽
ديال جي وڻن جا ٻيلا هئا. وڻن تي جهنگلي انگورن
جون وليون ڳاهٽ پئي ٿيون. اگر جي سڳنڌ ڀريل جهڳٽن
سان سارو جهنگ واسيل هو. صاف سائي رنگ وارا طوطا،
موج مزي ۾ چهڪندا، هڪڙيءَ لام کان ٻيءَ لام تي
ڦرندا وتندا هئا. خوبصورت بلبلون ۽ ٻيا ڀانت ڀانت
جا پکيئڙا، مٺريون لاتيون لَوندا، بنفشي جي گلن تي
ٻلهار پيا ٿيندا هئا. چمڪندڙ اکين وارا هرڻ، اڇيءَ
پشم وارا رڇ، ۽ شهزادين جهڙيءَ لوڏ سان هلندڙ
لومڙيون انهن ٻيلن جي زينت هيون. ٻيلن کان هيٺ وري
چوڌاري ڊگهي ۽ گهاٽي گاهه جون ڄڻ چادرون وڇايل
هيون، جيڪي اونهاري ۾ اهڙو سونهري رنگ وٺي
بيهنديون هيون جو ائين پيو ڀانئبو هو، ڄڻ زمين مان
سج جا ڪرڻا ڦُٽي نڪتا آهن. انهيءَ گاهه تي اهي
رڍون ۽ ٻڪريون پَلبيون هيون، جن جي گهاٽي ۽ ملائم
اُنَّ انگورا جي اُنَّ کي به جيڪر شهه ڏيئي ڇڏي.
ماٿريءَ جي هارين، ٽَڪَر ڪاٽي، صدين جي محنت سان، اناج اُپائڻ
لاءِ ٻنيون تيار ڪيون هيون، جن ۾ مڪائيءَ جي پوک
ٿيندي هئي. ٻَنن مٿان سورج مکيءَ جا گل جهولندا
ڏسبا هئا، يا ته وري وڏن وڏن پنن واريون، غذا جي
قيمتي خزانن سان ڀريل وليون هر هنڌ پکڙيل هيون.
هيٺ، ماٿريءَ ۾، نديءَ جي ڪنارن تي ميويدار وڻن جا جهڳٽا هئا، ۽
بيد جي وڻن جون گهاٽيون قطارون هيون، جن جون
ڊگهيون ۽ مخروطي ٽاريون ڳچ تائين پاڻيءَ اندر
جهُڪيل هيون. پري کان ڏسڻ سان ائين ڀانئبو هو، ڄڻ
نديءَ جي ڪناري تي ڪئين ڳوٺاڻيون ڪنواريون
نينگريون، مَٿا نِوائي، وار کولي، پنهنجين مينديءَ
رتين آڱرين سان پاڻيءَ سان راند رهي رهيون آهن.
ڍنڍ جي چئني پاسن رنگا رنگي گلن جون جهالرون هيون، ۽ انهن جي
وچان وري ٿڌي مِٺي پاڻيءَ جون لارون پئي وهيون.
پاڻيءَ جون اهي لارون، گلن ڦلن جي جهالرن وچان
وهنديون، وڃي ٿي ٻنين ۾ پييون. جڏهن چانڊوڪي
چمڪندي هئي، جڏهن ڌنار بنسريون وڄائيندا هئا، ۽
جڏهن ٻنبن مان پوک جي سرسراهٽ جا سُريلا ڀُڻڪا پيا
ٻڌبا هئا، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڌرتيءَ جي رونءَ
رونءَ ۾ محبت جي ڪا اڻڄاتي سُرهاڻ رچي ويئي آهي:
ڌرتي ڪَرَ موڙي جاڳي رهي آهي، ۽ پنهنجا اڌ- ٻوٽيل
نيڻ کولي، هوريان هوريان، سِڪ ۽ پيارَ جا مٺا مٺا،
ٿڌا ٿڌا ساهه کڻي رهي آهي.
ڍنڍ جي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي، خوبصورت ٻيٽاري هئي، جنهن تي ڳوٺ جي
سردار جي ٻِماڙ جاءِ اڏيل هئي. ٻيٽاريءَ جي چوطرف
ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون بيٺل رهنديون هيون. انهن
ٻيڙين تي چڙهي، ڳوٺ جا مهاڻا مڇيون ماريندا هئا-
يا قوتي اکين واريون مڇيون، رنگا رنگي پُڇن واريون
مڇيون- اهڙيون مڇيون، جن ۾ رڳو هڪڙو ڪنڊو هوندو
هو؛ اهڙيون مڇيون، جن جا سونهري ڇِلر کِڙندڙ تاري
جيان تجلا پيا ڪندا هئا.
انهيءَ ماٿريءَ جا ماڻهو مڪائيءَ ۽ چانورن جي پوک ڪندا هئا.
ٻيلن مان ماکي، بنفشو ۽ کستوري گڏ ڪندا هئا. رڍن
جي اُنّ ۽ لومڙين جون کلون وڪڻندا هئا ڳائيندا
هئا؛ نچندا هئا؛ شاديون مُراديون ڪندا هئا؛ ٻارن
سان دل وندرائيندا هئا؛ سياري ۾ چيِل جي ڪاٺين مان
باهه ٻاري، ۽ اونهاري ۾ وڻن جي ٿڌڪار هيٺ ويهي
ڪچهريون ڪندا هئا؛- ۽ ڏاڍا خوش گذاريندا هئا.
ماٿريءَ جا سمورا ماڻهو ڪم ڪندا هئا، ۽ تمام خوش
هئا. ڳوٺ جي سردار وٽ سڀڪجهه هو، پر هو خوش ڪونه
هو. هن وٽ سڀني کان گهڻي زمين هئي. سندس جاءِ سڀني
کان مٿانهين هئي. سندس زال سڀني کان سهڻي هئي.
سندس ٻارن وٽ بهترين ٽول هئا. وٽس سڀني کان گهڻي
مايا هئي. پر پوءِ به هو خوش نه هو! هن ڪڏهن به ڪو
پورهيو ڪونه ڪيو هو- سندس پيءُ به ڪڏهن پورهيو
ڪونه ڪيو هو- پوءِ به هو خوش ڪونه هو. سڀڪجهه
هوندي به، کيس معلوم نه هو ته پاڻ ڇو خوش نه هو.
سردار کي پنهنجي ماٿريءَ سان ڏاڍي محبت هئي. هو انهيءَ ماٿريءَ
کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ نوان نوان طريقا
پيو سوچيندو هو. هڪڙي ڏينهن هن سوچيو ته هيءَ
ماٿري ڏينهن جو ته ڏاڍي خوبصورت ٿي ڏسجي، پر رات
جو جڏهن اوندهه ٿيو وڃي، تڏهن هي ٻنيون، هي
باغيچا، هي سمورو چهچٽو ائين گم ٿيو وڃي، ڄڻ ته
هتي اوندهه بنا ڪجهه هوئي ڪونه! رات جو هيءَ ماٿري
ڪيڏي نه ڀوائتي ٿيو پوي! ٻيلن منجهان وحشي جانورن
جا آواز ڊيڄاريو ڇڏين؛ ۽ تيز برفيليون هوائون،
راڪاسن جيان خوفناڪ رڙاٽ ڪنديون، ماٿريءَ جي هڪڙي
سري کان ٻئي سري تائين ائين ڌوڪينديون وينديون
آهن، ڄڻ ته هتي راڄ ئي سندن آهي، سردار جو راڄ آهي
ئي ڪونه!
سردار پڙهيل- لکيل ۽ عقلمند به هو، ۽ ماٿريءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ
امير به هو. سو، گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ
ماٿريءَ کان ٻاهران هڪڙي بجلي پيدا ڪرڻ جي مشين
گهرايائين، ۽ گهڻي تڪليف سان اُها پنهنجي ٻيٽاريءَ
جي هڪڙي پاسي آڻي هڻايائين. ٿورن ئي ڏينهن اندر
ماٿريءَ جي گهر گهر ۾ بجليءَ جي روشني پهچي ويئي.
ننڍن ننڍن پيچرن تي به بجليءَ جا بلب لڳي ويا.
نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ هڪڙي عمدي سڙڪ ٺاهي
ويئي، ۽ ان کي به بجليءَ سان سنيگاريو ويو. سردار
جو پنهنجو گهر ته بجليءَ جي روشنيءَ سان بنهه چنڊ
جيان چمڪڻ لڳو. گهر جي ٻاهران لڳل رنگا رنگي بلب،
پري کان گلن جي ٽارين جيان چمڪندا ٿي ڏٺا؛ ۽
ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان هڪٻئي کي اوڏانهن
اشارا ڪري چوڻ لڳا: ”هو ڏسو، هُن ٻيٽ تي اسان جي
سردار جو گهر آهي!“
ماٿريءَ جا ماڻهو سردار جي عقلمنديءَ تي ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ جڏهن
سردار اها رٿا ڪئي ته هرڪو شخص پنهنجي گهر ۾ بجلي
هڻائڻ ۽ رستن ۽ گهٽين تي روشني ڪرائڻ لاءِ ٽئڪس
ادا ڪري، ته هر ڪنهن اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول
ڪئي. انهيءَ ٽئڪس مان سردار کي ايتري اُپت ٿيڻ لڳي
جو ڳوٺ وارن تي ٿيندڙ بجليءَ جو خرچ ڪڍي، ۽ سندس
ٻيٽ تي ٿيندڙ روشنائيءَ جو سمورو خرچ ڪاٽي، پوءِ
به هر مهيني کيس چڱي خاص رقم بچندي هئي. ايتري
اُپت کيس گذريل ڏهن سالن ۾ به ڪانه ٿي هئي، جيتري
هاڻي رڳو هڪڙي مهيني ۾ ٿيڻ لڳي هيس. ٽئڪس هن
البت وڌيڪ لڳايو هو، پر ماٿريءَ جي ماڻهن ان جي
پرواهه ڪانه ڪئي. سندن گهرن ۾ بجلي آئي هئي، ۽ ان
جي روشني ڪاٺين جي باهه کان ۽ تيل جي ڏيئن ۽ بتين
کان هزار درجا بهتر هئي، سو هنن وڌيڪ ٽئڪس ڀريندي
به اُن کي بُرو نه سمجهيو.
ان کان پوءِ سردار جي ذهن ۾ هڪڙي ٻي ترڪيب سُجهي آئي. هن سوچيو
ته ماٿريءَ جا سادا سودا هاري، ڳوٺاڻا ۽ ڳنوار،
ڏاڍن ڏاکڙن سان الهندي لَڪَ کي پار ڪري سگهن ٿا:
ڪڏهن ڌُنڌ آهي ته ڪڏهن تِرڪڻ؛ ڪڏهن هو ويچارا
اونهين کاهين ۾ ڪِريو مريو وڃن، ته ڪڏهن نديءَ جي
چاڙهه اندر لڙهيو وڃن: ڇو ته اتي هڪڙي پل ٻڌرائي
ڇڏجي! هڪڙي مضبوط پڪي پل هوندي، ته ٻارهن ئي مهينا
آمدرفت ڪري سگهبي، ۽ وري ماٿري کان ٻاهر وارن سان
به سڄو ئي سال ميل جول قائم رکي سگهبو.
ماٿريءَ جي ماڻهن کي سردار جي اها رٿ به پسند آئي. سڀني انهيءَ
جهاد ۾ خوش خروش سان حصو ورتو، ۽ سڀني جي گڏيل
محنت سان پُل ٽن مهينن ۾ جُڙي راس ٿي ويئي. پوءِ
سردار انهيءَ پُل تي چوڪيدار بيهاريا، جيڪي رات-
ڏينهن ان جي حفاظت ڪندا هئا. پوءِ سردار پُل تي
ٿيل خرچ ڪڍڻ لاءِ ۽ پُل جي حفاظت وغيره لاءِ هڪڙو
ٽئڪس لڳايو، جيڪو هر ڪنهن پُل تان لنگهندڙ ۽
ماٿريءَ جي اندر ۽ اُن کان ٻاهر ويندڙ هر هڪ
ماڻهوءَ کي ڀرڻو پوندو هو. ٽئڪس البت زياده هو، پر
ڪنهن به ان کي بُرو نه سمجهيو، ڇو ته پُل ماٿريءَ
جي رهاڪن جي هڪڙي وڏيءَ ضرورت جي پورائي ڪري رهي
هئي. هاڻي هو ٻارهوئي ٻاهرينءَ دنيا سان لاڳاپو
رکي سگهيا ٿي، ۽ پنهنجي ماٿريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ انّ،
کلون، پشم، ماکي، کستوري، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي
چيزون ماٿريءَ کان ٻاهرين هنڌن تي وڃي وڪڻي سگهيا
ٿي. مهانگيون يا سستيون، پر اهي جنسون وڪجي ضرور
سگهيون ٿي. انهيءَ ڪري ڪنهن به چون چرا ڪانه ڪئي،
۽ بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ پُل جو ٽئڪس به ڏيڻ لڳا.
هاڻي سردار کي بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ وري پُل جي ٽئڪس مان به
آمدني ٿيڻ لڳي. هن پنهنجيءَ ٻماڙ جاءِ مٿان هڪڙي
ٽي به ماڙي اَڏائي، ۽ پنهنجي تهخاني ۾ سونن سِڪّن
جا انبار گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. اڳي هن وٽ ڪوبه ڪم
ڪار ڪونه هوندو هو، پر هاڻي ڪيترو ئي ڪم نڪري پيو.
هو ڏينهن جو ڳچ وقت پنهنجي تهخاني ۾ گذاريندو هو-
ويٺو سونن سِڪن کي ڳڻيندو هو، ۽ انهن جا دل کي
فرحت ڏيندڙ ڇڻڪاٽ ٻڌي پيو خوش ٿيندو هو.
پوءِ عقلمند سردار وري هڪڙي ٻي ترڪيب سوچي. هن خيال ڪيو ته ’هي
ويچارا جاهل ماڻهو هِن ماٿريءَ اندر پيدا ٿيندڙ
قيمتي جنسن کي جدا جدا کڻي ٿا وڃي وڪڻن، تنهن مان
گهڻو ڪري ساڻن ٺڳي ٿئي ٿي. ڪڏهن لومڙيءَ جي هڪڙي
قيمتي کَل ويهين روپئين وڪجي ٿي، ته ڪڏهن اُها ئي
کَل ڏهين ۾ به ڏيو اچن. اِن طرح، ماٿريءَ جي دولت
تمام سستن اگهن ۾ لُٽجو وڃي.‘ سردار سوچيو ته ڇو
نه انهيءَ ڪم کي هڪڙي مرڪز تان هلائجي: ڌڻين کي
مقرر ڪيل رقم به هر سال ملي ويندي، ۽ هو قيمتن جي
گهاٽا واڌيءَ کان به ڇُٽي پوندا: خود کيس به
انهيءَ ڪم عيوض مڙئي ڪجهه منافعو ٿيندو رهندو- بس،
ٿورڙو، معمولي منافعو.
پر جڏهن هن پنهنجي اها تجويز ماٿريءَ جي ماڻهن اڳيان رکي، ته
گهڻن ئي ماڻهن اها نه مڃي؛ ڇو ته سردار هر هڪ شيءِ
تي جيڪي اگهه ٻَڌي رهيو هو سي هڪجهڙا هئا، پر گهڻن
کي ٻاهر وڃي ان کان وڌيڪ قيمتون ملي وينديون هيون.
ائين برابر هو ته ڪن ماڻهن کي گهٽ قيمت به ملندي
هئي، پر هو پنهنجون شيون انهيءَ اُميد تي ڏيئي
ايندا هئا ته آئيندي سال شايد وڌيڪ اگهه ملندا.
اهي ڳالهيون ڳڻي، ماڻهن سردار جي نئينءَ تجويز جي
مخالفت ڪئي. ڪن ماڻهن هائوڪار ڪئي، پر گهڻا ماڻهو
سردار جي سمجهائڻ کان پوءِ به مخالف رهيا. لاچار،
سردار وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه رهيو ته
هو الهندي لَڪَ واريءَ پُل تي توبون رکرائي،
ماٿريءَ جي ماڻهن جو ٻاهر اچڻ- وڃڻ صفا بند ڪري
ڇڏي. ماڻهن انهيءَ تجويز کي آخر تائين نه مڃيو، ڇو
ته ان جي ڪري سڄيءَ ماٿريءَ جو واپار هڪڙي ئي
ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اچي ٿي ويو. پر جڏهن پُل تي توبون
چڙهي ويون، وڌيڪ چوڪيدار مقرر ٿي ويا ۽ پهرو تمام
سخت ٿي ويو، ۽ ماڻهن ڏٺو ته هاڻي هو ڪنهن به طرح
ٻاهرينءَ دنيا سان پنهنجي تجارت قائم رکي نه
سگهندا، تڏهن سڀئي ماڻهو سردار وٽ مجبور ٿي آيا.
کين سردار جي مقرر ڪيل قيمتن کي منظور ڪرڻو پيو، ۽
هو پنهنجون سموريون جنسون- اُنّ، کَلون، ماکي،
ميوا، اناج، کستوري- وٽس وڪڻي ويا.
هاڻي جو سردار ماٿريءَ جي سموري گڏ ڪيل پيداوار ٿورڙو اگهه
وڌائي ٻاهر نيڪال ڪئي، ته ان مان کيس ايتري ته زور
آمدني ٿي جو هاڻي سندس تهخاني ۾ سونين اشرفين رکڻ
جي ڪا جاءِ ڪانه رهي. هن هڪدم ٻيو تهخانو ٺهرايو،
۽ حفاظت لاءِ پنهنجي ٻيٽاريءَ جي چوگرد فوج جو
پهرو لڳائي ڇڏيائين. هاڻي هو ماڻهن سان تمام گهٽ
ملندو هو. ٽئڪسن جي وصوليءَ جو ڪم سندس ڪارندا
ڪندا هئا، ۽ پاڻ گهڻو سارو وقت پنهنجن تهخانن ۾
سون جي اشرفين سان کيڏڻ ۾ گذاريندو هو.
جيئن جيئن تهخانن ۾ سون جا انبار وڌندا ويا، تيئن تيئن سردار جي
لالچ به ويئي وڌندي. هاڻي هن چاهيو ٿي ته هو رڳو
هن ماٿريءَ جو نه، بلڪ سڄيءَ دنيا جو پهريون نمبر
شاهوڪار ماڻهو ڪوٺجي. کيس ڏينهن- رات اهائي ڳڻتي
رهندي هئي ته ڪا اهڙي ترڪيب ڪڍجي، جنهن سان هاڻوڪي
آمدني ٻيڻي ٿي پوي. هن حساب ڪري ڏٺو هو ته جيڪڏهن
سندس آمدني هينئر کان ٻيڻي ٿي ويندي ته هو دنيا جو
سڀ کان امير ماڻهو بنجي ويندو.
پر اهڙي ترڪيب ڀلا ڪهڙي ٿي سگهِي ٿي؟ ماٿريءَ جي سموري دولت وٽس
هئي؛ ماٿريءَ جي سموري تجارت وٽس هئي؛ ماٿريءَ جي
سموري زمين وٽ گروي ٿيل هئي: ٽئڪس وڌائي، ۽ هڪ کان
پوءِ ٻيو ٽئڪس لڳائي، هن ماٿريءَ جي ماڻهن ۾ ايتري
سَگهه ڪانه ڇڏي هئي جو هينئر هو سولائيءَ سان ڪنهن
نئين محصول ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن. ’ته پوءِ ڇا
ڪجي؟‘ هو ڏينهن- رات سوچيندو رهيو.
ست ڏينهن ۽ ست راتيون- هو پنهنجي تهخاني اندر سونين اشرفين جا
آواز ٻڌندو رهيو، ۽ پنهنجي هاڻوڪي آمدنيءَ کي ٻيڻي
بنائڻ لاءِ پُور پچائيندو رهيو. جڏهن ستين رات ختم
ٿي ۽ اٺين ڏينهن جي سج ڪَني ڪڍي، ته هو تهخاني کان
ٻاهر نڪتو. اوچتو ئي، سج روشنيءَ سندس اکين کي
تِرورائي ڇڏيو ۽ اهي خودبخود بند ٿي وئيون. عين
اُن وقت، کيس خيال آيو ته جيڪڏهن ڪنهن طرح ڏينهن
جو به رات جهڙي اوندهه ٿي وڃي ته پوءِ... هو
ماٿريءَ جي ماڻهن کي ڏينهن جو به بجلي وٺڻ تي
مجبور ڪري سگهي ٿو! اها ترڪيب خيال ۾ ايندي ئي، هن
زور سان پنهنجيءَ ران تي هٿ هڻي چيو، ”واهه واهه!“
۽ اُنهيءَ جو اُنهيءَ مهل پنهنجن اعتماد جوڳن
سپاهين کي پاڻ وٽ سڏائي، کين پنهنجي نئينءَ ترڪيب
کان واقف ڪيائين.
اعتماد جوڳن سپاهين به جڏهن اها ترڪيب ٻڌي ته ڪنن تي کڻي هٿ
رکيائون، ۽ ’توبهه! توبهه!‘ ڪندي، ان تي عمل ڪرڻ
کان نابري واريائون. پر سردار جو پنهنجيءَ دل ۾
اڳي ئي پنهنجي دولت کي ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو
هو، تنهن ڪنهن جي به ڳالهه نه ٻڌي، ۽ جڏهن ڏٺائين
ته سپاهي اصل پڙ ڪڍي بيٺا آهن، تڏهن سڀني انڪار
ڪرڻ وارن سپاهين کي انهيءَ دم گوليءَ سان اَڏائي
ڇڏيائين. آخر ۾ هڪڙو سپاهي، جنهن جو نالو ”هيرو“
هو، تمام مشڪل سان سردار جي ترڪيب تي عمل ڪرڻ تي
راضي ٿيو. سردار ان کي تمام گهڻيون اشرفيون انعام
ڏنيون، سندس اڳيون قرض معاف ڪري ڇڏيائين، سندس
گروي ٿيل زمين به موٽائي ڏنائين، ۽ کانئس وعدو
ورتائين ته هو سردار جي ڏسيل ترڪيب تي ضرور عمل
ڪندو ۽ سڀاڻي صبح جو ئي ان جي پورائي ڪندو.
پر ٻئي ڏينهن ’صبح‘ ٿيو ئي ڪونه! ٻئي ڏينهن ماڻهو گهڻيءَ دير
تائين سُتا رهيا، پر صبح ڪونه ٿيو. پوءِ هو جاڳي،
اکيون مَلي، ’صبح‘ جو ويهي انتظار ڪرڻ لڳا. پر
ائين پئي معلوم ٿيو ته اِها رات هاڻي سدائين
رهندي، صبح ٿيندو ئي ڪونه. پوءِ ماڻهن پنهنجن بند
گهرن جا در ۽ دريون کولي ڇڏيا، ۽ يڪٽِڪ آسمان ۾
اکيون وجهي ويهي ورهيا. اوڀر طرف وارن جبلن جي
چوٽين ڏانهن نهاري نهاري سندن اکيون ٿڪي پئيون، جن
جي پٺيان اڳي سج نڪرندو ۽ هو ۽ صبح ٿيندو هو. پر
اڄ نڪو سج نڪتو، نڪو صبح ئي ٿيو. آسمان ۽ زمين تي
رڳو ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي. ماڻهو تمام گهڻيءَ دير
تائين صبح جو انتظار ڪندا رهيا. ڪنهن مهل، ماٿريءَ
جي ماڻهن اوڀر طرف وارن جبلن جي پويان هڪڙي
ميرانجهڙي ۽ تمام جهَڪي روشنيءَ جي لاٽ ڏٺي- ايتري
جهڪي، جيئن اوندهه ۾ کڙ کٻيتي جو چمڪو. ان کان
پوءِ جيڪو نظارو ماڻهن ڏٺو، تنهن سان ڪيترا ته غش
ٿي ڪري پيا. ٻارڙا پنهنجين مائرن جي هنجن ۾ لڪي
ويا. عورتون دانهون ڪري روئڻ لڳيون. ماٿريءَ جي
ماڻهن ڏٺو ته اوڀر وارن جبلن وٽان جيڪو سج اڄ نڪتو
آهي، تنهن جو منهن ڪارو آهي!- ڄڻ ته ڪنهن ان جي
منهن تي ڪاراٺ ملي ڇڏي هئي. اڄ سج مان روشني نٿي
آئي. روشني نٿي آئي، ته گرمي به نٿي آئي. هڪڙي
ميرانجهڙي روشني سج مان چوڌاري گهيري جي نموني
نڪري رهي هئي، جنهن سان ماٿريءَ جي هر شيءِ هلڪي
ڌنڌ ۾ لپيٽيل هئي، ۽ ماڻهو ڏينهن جي وقت ۾ به ائين
محسوس ڪرڻ لڳا، ڄڻ رات اڃا هلي پيئي، ۽ صبح ڪڏهين
به ڪونه ٿيندو. گهڻا ماڻهو ته چريا ٿي ماٿريءَ ۾
ڊوڙڻ لڳا- ’قيامت اچي ويئي! قيامت اچي ويئي! ڀڄو،
ڀڄو، قيامت اچي ويئي! گناهه بخشايو، قيامت اچي
ويئي!‘
انهيءَ شور غل ۽ دانهن ڪُوڪ ۾ ٻه ڏينهن گذري ويا، ٻه راتيون
گذري وئيون. ٻئي ڏينهن وري سج نڪتو، پر ڪارو. ٻئي
ڏينهن به ماڻهن صبح جو انتظار ڪيو، پر صبح ڪونه
آيو. ٽئين ڏينهن به انتظار ڪيائون. چوٿين ڏينهن سڀ
ماڻهو سردار وٽ ويا، ۽ کيس مدد لاءِ التجا ڪيائون.
سردار چيو: ”هيءُ خدائي قهر آهي! اوهان ڪئين ڀيرا
منهنجي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هيءُ ان جو
نتيجو آهي- هاڻي ڀل ته اهو لوڙهيو!“ ماڻهو ٻاڏائڻ
لڳا: ”سردار، اسان تي قياس ڪر! اسين غريب، تنهنجا
غلام آهيون- تون ڪا نه ڪا صورت ضرور ڪڍ.“
سردار مُرڪي چيو، ”فقط هڪڙي صورت آهي: اڳي رڳو رات جو بجلي خرچ
ٿيندي هئي، هاڻي اوهان کي ڏينهن جو به بجلي
استعمال ڪرڻي پوندي- نه صرف گهرن ۾، پر ٻنين ۾ به،
۽ چراگاهن ۽ ٻيلن ۾ به، جتي اوهين مال چاريو ٿا،
ڪاٺيون ڪريو ٿا، ماکي ۽ کستوري گڏ ڪريو ٿا: هاڻي
اوهان کي ڏينهن- رات بجلي واپرائڻي پوندي. ان لاءِ
مون کي ٻي مشين به لڳائڻي پوندي ۽ منهنجو خرچ چؤڻو
ٿي ويندو، تنهنڪري اوهان کي پوءِ ٽئڪس به چؤڻو
ڏيڻو پوندو!“ ماڻهو ويچارا ڇا ڪن؟ مرندي جهُرندي،
چؤڻو ٽئڪس قبول ڪيائون- انهيءَ اميد تي ته ممڪن
آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هن ڪاري سج بدران اُهوئي
پراڻو، چمڪندڙ سج نڪري اچي، ته پوءِ هو ٽئڪس ڏيڻ
بند ڪري ڇڏيندا.
ماڻهو هر روز صبح جو اُٿي اُنهيءَ سهڻي سج لاءِ آسمان ڏانهن
واجهائيندا هئا، پر هر روز کين مايوسي ٿيندي هئي-
هر روز ساڳيو ئي ڪارو سج اُڀرندو هو. اڀرندي طرف
وارن جبلن کان نڪري، الهندي طرف وارن جبلن ۾ وڃي
گم ٿيندو هو. جهڙو ڏينهن، تهڙي رات- اِها ئي ماڻهن
جي هاڻي زندگي هئي- هڪڙي مسلسل ڪاري رات. روشني ڇا
ٿيندي آهي، ڏينهن ڇا کي چئبو آهي، اُس ڪهڙيءَ ريت
چمڪندي آهي، گل ڦل ڪيئن مشڪندا آهن، نديءَ جون
لهرون ڪيئن روشنيءَ ۽ پاڇولن جي راند رهنديون آهن،
اکين مان محبت ڪيئن جهاتيون پائيندي آهي، ڍنڍ ۾
سونن ڇلرن واريون مڇيون ڪيئن ڇلڪنديون ترنديون
وينديون آهن،-- اِهي سڀ ڳالهيون ماٿريءَ جا ماڻهو
ڀلجي ويا.
اهڙيءَ ريت ڳچ ڏينهن گذري ويا-- مهينا گذري ويا-- سال گذري ويا.
ماٿريءَ تي هڪ خوفناڪ اُداسي ڇانئجي ويئي. هاڻي
ڪوبه شخص کِلندو ڪونه هو. زالون گيت ڪونه
ڳائينديون هيون. ٻارڙا رانديون ڪونه رهندا هئا.
مرد پوکن ۾ رُڌا ئي رهندا هئا، پر پيداوار ڏينهون
ڏينهن گهٽبي ويئي پوءِ گلن رنگ ڇڏي ڏنو. پوءِ ميون
۾ ميٺاج نه رهيو پوءِ گاهه جو رنگ ڪارو ٿي ويو،
چانورن جو مزو مٽيءَ ۾ ملي ويو. پوءِ ٻار انڌا
پيدا ٿيڻ لڳا-- ڇو ته جڏهن اکين کي روشني نه ملي
ته اکين جي تارن جي ڪهڙي ضرورت جڏهن اکين جا تارا
ڏسي نه سگهن ته محبت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت جڏهن ماڻهو
محبت نه ڪري سگهي ته ڪنهن جو هٿ جهلي مرڪڻ جي ڪهڙي
ضرورت-- ۽ جڏهن ماڻهو ڪنهن جو هٿ جهلي مرڪي نه
سگهي ته انسان چوائڻ جي ڪهڙي ضرورت! ٿورن ئي ڏينهن
اندر ماٿريءَ جا ماڻهو، انسان مان وحشي بنجي پيا.
چورين، ڦُرن، ڌاڙن، خونن ۽ اغوا جي ڏوهن ۾ اضافو
ٿيندو ويو.
هيڏانهن ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو هو، ۽ هوڏانهن تهخاني جي سونن
انبارن ۾ اضافو ٿي رهيو هو. دولت، چئني طرفن کان
ميڙجي سهيڙجي، اچي تهخانن ۾ گڏ ٿي رهي هئي. لالچ ۽
حرص سان انڌو سردار، اشرفين جون مُٺيون ڀري، نچائي
ٽپائي، انهن کي ڪڻڪ جي ڍِڳين جيان تهخاني ۾ سٿيندو
رهندو هو، ۽ انهن جو ڇڻڪاٽ ٻڌي پيو ٽڙندو ۽ ٽپا
ڏيندو هو، بلڪ خوشيءَ وچان پاڳل بنجي، وحشين جهڙا
ٽهڪ پيو ڏيندو هو. ان طرح، ڏينهن پٺيان ڏينهن
گذرندا ويا- مهينن پٺيان مهينا گذرندا ويا- سالن
پٺيان سال گذرندا ويا.
*
*
*
ٻڍڙو ”هيرو“ پنهنجي گهر ۾ پوين پساهن ۾ هو. هو ڪوڙهه جي مرض ۾
مري رهيو هو مرڻينگ حالت ۾، هن پنهنجي ستن سالن جي
پٽ کي سڏي چيو: ”هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٻڌاءِ،
پنهنجي گهر جي آسپاس ڪو ماڻهو ته ڪونه لڪو بيٺو
آهي؟“
ستن سالن جي نينگر، گهر جي چئني پاسن جو چڪر هڻي، موٽي اچي چيو:
”نه، ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه آهي.“
ٻڍي هيري چيو: ”آءُ مري رهيو آهيان. مون هڪڙو وڏو گناهه ڪيو
آهي-“
پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.
”هن ماٿريءَ تي جيڪا مصيبت آئي آهي، سا منهنجي آندل آهي- انهيءَ
جو ڪارڻ آءٌ آهيان. آءٌ مري رهيو آهيان؛ پر انهيءَ
مصيبت کي هاڻي تون ئي دور ڪري سگهين ٿو.“
پٽ چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.
ٻڍي هيري کنگهي چيو: ”ٻڌ-- ڪن لائي ٻڌ. هن ماٿريءَ ۾ جيڪو ڪارو
سج نڪرندو آهي، تنهن جو رنگ اڳي ڪارو ڪونه هو!“
ڇوڪر چيو: ”مون ته سدائين ڪارو ڏٺو آهي. ڇا، سج ڪنهن ٻئي رنگ جو
به ٿيندو آهي؟“
ٻڍي چيو: ”اڳي اُن جو رنگ ڪارو ڪونه هو. مون هڪڙي ڏينهن صبح
جو-“
”’صبح‘ ڇا کي چئبو آهي؟“ ننڍڙي نينگر پڇيو.
ٻڍو کنگهندي کنگهندي رڪجي ويو. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن
سوچيو، ’آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان! منهنجي ٻچي صبح
نه ڏٺو آهي! هن رنگبرنگي پَرَن وارا پوپٽ نه ڏٺا
آهن، سورج مکيءَ جو گل نه ڏٺو آهي! آءُ ڪيڏو نه
ظالم آهيان!‘
”هيءُ جو ڪارو سج تون روز ڏسين ٿو، تنهن جي چهري تي مون هڪڙي
ڏينهن ڪاراٺ هڻي ڇڏي هئي. مون، سردار جي چوڻ ۾
اچي، هڪڙي صبح جو، الهندن جبلن جي چوٽين پٺيان،
انهيءَ سج کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو-- ۽ ان جي
منهن تي ڪاراٺ هڻي ڇڏيم. منهنجي هٿن تي هيءُ جو
ڪوڙهه ٿو ڏسين، سو انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو آهي.
مون چند سونين اشرفين خاطر سڄيءَ ماٿريءَ جي امن
امان، خوشيءَ ۽ آسودگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سج جي
منهن کي ڪاراٺ مليندي مليندي، منهنجا ٻيئي هٿ سڙي
ويا، ۽ منهنجيون ٻيئي اکيون به انڌيون ٿي وئيون.
ماٿريءَ ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، تنهن کي ڏسي مون
ڪئين ڀيرا خيال ڪيو آهي ته وري به وڃي سج کي صاف
ڪري اچان، ۽ ان جي منهن تان ڪاراٺ لاهي، ان کي وري
اڳي جهڙو روشن ۽ چمڪندڙ بنايان. پر آءٌ انڌو
آهيان! هاڻي اهو ڪم توکي ئي ڪرڻو پوندو.“
”مون اڪيلي کي؟“ نينگر پڇيو.
”ها، تو اڪيلي کي. ڏس-- منهنجي هنڌ هيٺان تارپين جي تيل جو ڏٻو
پيو آهي. اهو مون سنڀالي رکي ڇڏيو آهي. سج جي چهري
تي جيڪا ڪاراٺ مَليل آهي، سا هن ئي تيل سان لهندي.
تون سڀاڻي صبح جو ئي اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي
هليو وڃج--“
”صبح ڪهڙي وقت ٿيندو آهي؟“ نينگر پڇيو.
”هاڻي ته مون کي به معلوم ناهي!“ هيري اُداسائيءَ سان چيو.
”بهتر ته ائين آهي ته هينئر ئي هيءُ تيل جو ڏٻو
کڻي نڪري پئه. رات سڄي هلندو رهج. پوءِ جڏهن تون
اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي وڃين، تڏهن ان جي
پويان وڃي، سڀ کان مٿانهين هنڌ تي بيهي سج جو
انتظار ڪج: ۽ جيئن ئي سج نڪري، ان کي ٻنهي هٿن سان
پڪڙي، تارپين جي تيل سان وهنجاري ڇڏجانءِ. پوءِ
اُن جو چهرو صاف ٿي ويندو-- پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي
ويندو. اچي، هيءُ ٽوال به پاڻ وٽ رک-- انهيءَ سان
سج جي منهن کي چڱيءَ طرح اگهي صاف ڪجانءِ-- متان
ڪٿي ڪو داغ نه رهجي وڃي! سمجهيئه؟“
”جي ها-- آءٌ ائين ئي ڪندس.“
ستن سالن جو ٻالڪ پنهنجي مرڻينگ پيءُ کان موڪلائي نڪتو. تارپين
جي تيل جو ڏٻو سندس هٿ ۾ هو. جهنگ ۾ رڇ کانئس
پڇيو، ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ جواب ڏنو،
”آءٌ سج کي وهنجارڻ پيو وڃان!“ اِهو ٻڌي، رڇ به
ساڻس گڏجي هليو. اڳتي ويا ته هڪڙو هرڻ ملين. ان
ٻالڪ کان پڇيو ته ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ
وراڻيو ته ”وڃان ٿو سج کي وهنجارڻ!“ تڏهن هرڻ به
ان سان گڏجي هليو. اڳيان هڪڙو طوطو گڏين. هو ٻالڪ
جي ڪلهي تي ويهي، ’ٽيون- ٽيون‘ ڪري پڇڻ لڳو ته
”ادا، هن ڏٻي ۾ ڪهڙي مٺائي کنئي اٿيئي؟“ ٻالڪ چيو،
”ميان، هيءَ مٺائي نه آهي، تارپين جو تيل آهي: آءٌ
اِنهيءَ سان سج کي وهنجاريندس!“ اِهو ٻڌي، طوطو به
ساڻس گڏجي هليو. ايتري ۾ باندر اچي نڪتو، ۽ پڇڻ
لڳو ته ”اڙي ڇوڪر، هيءُ ڪُلهي تي ڪپڙو ڇا لاءِ
کنيو اٿيئي؟ مون کي نه ڏين!“ ٻالڪ وراڻيو ته ”توکي
ڪيئن ڏيندس، انهيءَ سان ته آءٌ سج جو منهن
اگهندس-- ان جي چهري جي ڪاراٺ اُگهندس.“ پوءِ
باندر به ساڻس گڏجي هلڻ لڳو. باندر ٽوال پنهنجي هٿ
۾ کنيو. طوطي پنهنجيءَ چهنب ۾ تارپين جو ڏٻو
جهليو. رڇ ٻالڪ کي پنهنجيءَ پٺيءَ تي سوار ڪيو. رڇ
ڏاڍو تکو هو. باندر ۽ هرڻ به وڏا وڏا ڇال هڻندا
هليا. طوطو وري هوا ۾ تڪڙو اُڏامندو هليو. انهيءَ
ڪري هي چارئي دوست جلدئي اڀرندي وارن جبلن جي
چوٽيءَ تي پهچي ويا.
ٻالڪ، پنهنجي پيءُ جي چوڻ مطابق، اڀرندن جبلن جي پويان، سڀ کان
مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي سج جو انتظار ڪرڻ لڳو.
سندس پاسن کان هرڻ، رڇ، طوطو ۽ باندر چپ چاپ بيٺا
هئا.
ٻالڪ طوطي کي چيو ته ”تون ٿورو اڳڀرو اُڏامي وڃي ڏسي اچ ته سج
اچي پيو يا نه.“ طوطو اُڏامي ويو، ۽ ٿوريءَ دير ۾
موٽي اچي چيائين، ”هشيار! اچي پيو ڪارو سج!“
جيئن ئي سج پهاڙ پٺيان ڪَني ڪڍي، ٻالڪ ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙڻ
چاهيو. پر سج سندس هٿن منجهان ٿيڙ کائي، مٿي چڙهي
ويو. ٻالڪ جا هٿ ان تائين پهچي نه سگهيا، پر سندس
ننهنِ جا رهنڊڙا سج جي ڪاري چهري تي لڳي ويا هئا-
۽ جتي جتي رهنڊڙا لڳا هئا، اُتان اُتان ڪاراٺ
رهڙجي ويئي هئي، ۽ نُور جون ڌارائون اُمالڪ زمين
ڏانهن وهڻ لڳيون.
”سج اندران ڪارو نه آهي!“ ٻالڪ خوشيءَ وچان رڙ ڪئي. هن پنهنجون
ٻئي ٻانهون سج ڏانهن وڌايون، پر سج سندس هٿن جي
پهچ کان ٻاهر هو، ۽ اڃا به مٿي ٿي رهيو هو. ليڪن
ٻالڪ جي دوستن ڏاڍيءَ سياڻپ کان ڪم ورتو.
ٽڪريءَ تي پهرين رڇ بيٺو-- رڇ جي مٿان هرڻ-- هرڻ جي مٿان
باندر-- ۽ باندر جي مٿان ٻالڪ باندر سج جي گهير کي
پنهنجي پڇ سان وٽ ڏيئي قابو ڪيو؛ پوءِ طوطي
پنهنجيءَ چهنب سان تارپين جو ڏٻو کوليو، ۽ ٻالڪ
ٽوال کڻي، تارپين جي تيل سان سج جي چهري کي اُگهڻ
شروع ڪيو. جيئن جيئن هو سج جي چهري کي اُگهندو
ويو، تيئن تيئن ان تان ڪاراٺ لهندي ويئي-- ۽ سج جي
چهري تي مرڪ ڦهلجي ويئي.
پر اها ڪن ورهين جي پُراڻي ڪاراٺ هئي، سا تمام مشڪل سان ٿي لٿي.
ٻالڪ جا هٿ هئا تمام ننڍڙا، ۽ وري سج کي هو گهڻي
وقت تائين روڪي به نٿي سگهيا، سو ٻالڪ طوطي کي چيو
ته هو ماٿريءَ ۾ وڃي سندس ساٿين کي خبر ڏئي ته هو
سندس مدد لاءِ هڪدم هليا اچن-- ”فوراً، هن ڪم ۾
دير اصل نه ٿيڻ کپي!“
طوطو هوا سان ڳالهيون ڪندو، اُڏامندو، هيٺ ماٿري ۾ آيو، ۽ وڏي
سڏ رڙيون ڪري چوڻ لڳو: ”ٻڌو، ٻڌو! مٿي، اُڀرندن
جبلن جي چوٽيءَ تي، هڪڙو ٻالڪ سج کي وهنجاري رهيو
آهي: جنهن کي اچڻو هجي، هڪدم مدد لاءِ اچي! جنهن
کي روشني کپي، سو هڪدم مدد لاءِ نڪري اچي!“
”ڊم! ڊم! ڊم!“ طوطي هڪڙو دهل کڻي ڳچيءَ ۾ لڙڪايو، ۽ اُهو زور
زور سان وڄائيندو، خوشيءَ منجهان رڙيون ڪندو، سڀني
طرفن اُڏامندو رهيو. واقعي، ماڻهن ڏٺو ته اڀرندن
جبلن وٽان روشني ڦٽي نڪتي آهي! سج اڃا ڪونه نڪتو
هو، پر صبح ٿيو هو.
ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان رڙيون ڪرڻ لڳا. ننڍڙا ننڍڙا
ٻارڙا، سڀني کان اڳيان، اُڀرندن جبلن ڏانهن ڊوڙڻ
لڳا. انهن جي پويان جوان هئا، جوانن جي پويان
وڏڙا، ۽ انهن جي پويان عورتون. سڀئي ماڻهو
بالٽيون، ٽوال ۽ صابڻ هٿن ۾ کڻي، نڪري پيا. سڀني
جي پٺ ۾ هو سردار، جيڪو بيوس ٿي دانهون ڪري رهيو
هو-- ”نه وڃو! آءٌ چوان ٿو، ايڏانهن نه وڃو!“
پر هو بلڪل بيوس هو. اڄ ڪنهن به سندس ڳالهه کي نٿي ٻڌو-- ڪنهن
به سندس حڪم جو خيال نٿي ڪيو-- ڪنهن کي به سندس
ڌمڪين جي پرواهه ڪانه هئي.
ماڻهو ائين ته تيز ۽ تڪڙا پئي ويا، ڄڻ کين پَرين وارا پَرَ لڳي
ويا هئا. هو اُنهيءَ گهڙيءَ جهنگ لتاڙي، اڀرندن
جبلن جي چوٽيءَ تي اچي سهڙيا. هڪدم، سڀني گڏجي، سج
کي وهنجاريو. ان جي بت کي چڱيءَ طرح مهٽي صاف ڪيو.
ان جي منهن تي پائوڊر هنيو. ٻارڙا خوشيءَ منجهان
تاڙيون وڄائي، نچڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳا. عورتون جهومر
هڻي، گيت ڳائڻ لڳيون.
جڏهن سج جو چهرو آرسيءَ جيان چمڪڻ لڳو، تڏهن باندر پنهنجي پڇ جو
وٽ کوليو ۽ ٻالڪ سج کي مٿي هوا ۾ ائين اُڇل ڏني،
جيئن ڦوڪڻي کي اُڏائبو آهي.
هاڻي جيڪو سج اڀرندن جبلن کان نڪتو، سو ڪارو نه هو، بلڪ اڳئين
کان به خوبصورت ۽ چمڪندڙ ٿي پيو هو.
- هيٺ، ماٿريءَ ۾ نُور ڦهلجي ويو هو. |