سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع

مضمون

صفحو :3

 

محمد خان ’غني‘

شاعر

همنشين، پوري ڪريان ٿو پنهنجي من جي مدعا،

اچ ته شاعر جِي، ٻڌايان توکي، هستي آهه ڇا.

ڇا ٿيو جي زندگيءَ ۾ هي رهيو گمنام ٿي،

صفحهء دنيا ۾ هن جي نام کي حاصل بقا.

ڪو سڃاڻي يا نه، پر سڀ کي سڃاڻي هي سگهي،

رند، زاهد، شيخ، يا توڙي هجي ڪو پارسا.

هي اُهو، جهن زندگيءَ ۾ جي نه ڪيو ڪارِ ثواب،

نيڪ جنت جا رهن ٿا در انهيءَ جي لاءِ وا.

نار جهنم جي وسامي، سرد تر دوزخ ٿئي،

لفظ توبهه جو زبان سان ٿو ڪري جنهن دم ادا.

هِت پيئڻ جي پَرِ سکڻ لئه روز مئخاني وڃي،

جو سرِ ڪوثر متان ٿئي هوش ڪِي هن جو خطا.

دُور ٿيو هن جي تصوّر کان نه جلوهُ ڪائنات،

راز کولي ٿو ڇڏي قدرت سندي اسرار جا.

حسنِ فطرت جو مصوّر، نقشِ قدرت جو امين،

ٿو قلم جي لوڪ سان نقشا چٽي تن جا چٽا.

هي زمين جو ذڪر ڇڏ، جو هيءَ ته پيرن هيٺ آهه،

عرش کان ڀي دور پهچي ٿو سندس فڪرِ عُليٰ.

آهه قدرت کي به ٿي منظور هن جي خاطري،

ماه و انجم، شمس ٿيا سڀ بخش جُو نُور و ضيا.

هن جي ڪشتي دائما ٿي بحر ۽ طوفان ۾،

ڪشتيء دنيا جو ليڪن هُو برابر ناخدا.

ٺوڪرن سان ٿو اُڏائي گنج کي تارون جي،

هَڙَ هريڙون، گوڏ ۾ ڪجهه ناهه ٺڪرين جي سوا.

خونِ دل، خونِ جگر ٿيا هن جي محفل جو شراب،

پاڻ ساقي، پاڻ ٿي ميخوار، ٿو ماڻي مزا.

ٿو توڪّل تي رکي هو پنهنجو بارِ زندگي،

پر ڇڏي ٿو هٿ منجهان هو ڪينڪي شيوه سخا.

بتڪدن ۾ هي برهمن، شيخ ڪعبي ۾ ٿيو،

صلح ڪُل جا سڀ سبق هن کان سکن ٿا صوفيا.

دين ڇا، ايمان ڇا، ڪهڙي حقيقت ڪفر جي،

رازِ سربسته کي کولي ٿو ڪري بلڪل صفا.

ڪفر کي ايمان، يا ايمان کي چئي ڪفر هُو،

حقّ آهي، هر طرح هو ٿو ڪري حق کي ادا.

ٿو ڪڏهين منبر تي پهچي، وعظ واعظ جيئن ڪري،

باده خواري جي ڪري ٿو، ته به ڪري ٿو برملا.

هي ڪڏهن ناهي ويو ڪنهن جنگ جي ميدان تي،

پر وطن جي لاءِ پيدا هن سپاهي لک ڪيا.

مرده روحن کي ٿو بخشي ڪير نئين سر زندگي،

باليقين پيغام هن جو آهي مزدهء جانفزا.

جي ٿئي محمل نشين، ته به آهي هن کي اختيار،

ٿي ڪٿي مجنون، ڪري جي جان ليلا تان فدا.

نازنينانِ جهان آهن هتي منت پذير،

مشتهر تن جو ڪري ها ڪير نه ته ناز و ادا؟

گلستان توڙي گلن کي آهي هن جو اعتراف،

شان ۾ بلبل رهي هن جي سدا مدحت سرا.

هي خزان جو دورو بدلي ٿو سگهي، آڻي بهار،

ذڪر گل جو جي ڪري، معطر ٿئي اُن دم هوا.

هن زمين جا زبوَر جي ٿو ڏسين نقش و نگار،

هيچ آهن هن اڳيان، هن جو تخيل آهه ڇا!

دشت دريا، ڪوهه صحرا، يا بيابان، باغ گل،

بيزبانن کي ڪري ٿو تابِ گويائي عطا.

آسمان ٿيو آهه هن جي آهَ هڪڙيءَ جو غبار،

هن جي لڙڪن مان ڀريل هي بحر دنيا جا ٿيا.

هن جي پاسي ۾ پيل جو آهه بوسيده ڪتاب،

آهه سو لاريب دنيا لاءِ نسخهء ڪيميا.

نام ظاهر ۾ هزارين، در حقيقت آهه هڪ،

جي ’غني‘ آهي ڪٿي، تان هو ڪٿي آهه گدا.

 

 

ڪمل ’پياسي‘

سخنور جي سچ پچ عجب زندگي آ

ڪڏهن عرش تي سهڻا محلات ٺاهي،

ڪڏهن فرش تي چنڊ تارن کي لاهي:

ڪڏهن کير ساگر کي ڪچڪول اندر،

خبر ناهه ڪيئن ٿو سگهي هو لڪائي:

نديءَ جيئن نه هن جي ڪڏهن پابندي آ.

سخنوَر جي سچ پچ عجب زندگي آ.

خيالن جي ڪشتي ۽ آشا جو ساگر،

ڪري راس لهرن تي البيلو شاعر:

سرڳ پنهنجي خواهش جو ٺاهي سگهي ٿو،

۽ پٿر کي ٺاهي سگهي ٿو جواهر:

سندس آرزو ۾ عجب تازگي آ،

سخنوَر جي سچ پچ عجب زندگي آ.

هو کيلي هوائن سان هردم ٿو، ساٿي،

مندن مڌڀرين ۾ وٺي دم ٿو، ساٿي؛

پرينءَ جي دنيا ۾ رهي پل ٻه ڇاهي،

رهي هن دنيا جو ٿي آدم ٿو، ساٿي:

سندس ڪلپنا ڄڻ سندس بندگي آ،

سخنور جي سچ پچ عجب زندگي آ.

وڻن جي پتن جي ٿي حرڪت ٻڌائي،

گلن ۾ سڳنڌ جي ٿي عادت ٻڌائي،

ٻڌائي ٿو غنچو ۽ مالهي اصل کان،

ڪويتا سندس دل جي چاهت ٻڌائي:

جهانن ٻنهي لئه سندس سرڪشي آ،

سخنور جي سچ پچ عجب زندگي آ.

 

نياز علي شاهه ’محسن‘

جتي گناهه ٿو پلجي

شباب تِير هَوَس جو نشان بنجي ٿو،

شباب دستِ گنهه کان ڪڏهن بچي نه سگهي؛

شباب، هاءِ، هِي رنگين شباب جو چرچو،

شباب عصمتِ آدم جو پوش ٿِي نه سگهي!

جتي گناهه لئه آهن هي وقف سڀ راتيون،

جتي گناهه معاشي ضرورتن جو سبب؛

گنهگار جو عمدو ٿئي ٿو استقبال،

گناهه ڀي، ۽ گنهگار ڀي رکي ٿو رب!

جتي گناهه ٿو پلجِي، وڌي درخت ٿئي،

جواني شرط آ، پاپن جي پالنا خاطر؛

جتي گناهه جو چرچو رهي ٿو صبح و شام،

خوش آمديد، اڙي بوالهوس، هوس پرور!

تڏهن به رحمتِ حق جي تمنا دل ۾ آهه،

هي امتحان آ بخشش جو، هاءِ ڙي بنده!

تون پنهنجي ’محسنِ‘ اعظم کان ڇا طلب ٿو ڪرين،

اِنهيءَ طلب تي ڪڏهن ٿين نٿو ڇا شرمنده؟

 

عبدالله ’خواب‘ حيدرآبادي

آزمائش

ٿون ڏسان بزمِ جهان ۾ ٿي چمن بندي نئين،

باغبان انداز بدلايو، روش پڻ ٿي نئين.

شام پنهنجي زلف کي مصحف کان ڪيو آهي پري،

وقت جو نُوري نظارو پنهنجيون جهوليون پيو ڀري.

قافلن جي گوش ۾ ٿو هوشوَر آواز ڏي،

وقت جي سُر ساز جي ماحول ٿو اندازي ڏي.

قوتون برقِ توانائي جون ڇا هن تو اڳيان،

جنبشِ ابرو سان تارن جا هلن ٿا ڪاروان.

بشريت معراج جي عرش، رسا تان ٿي عيان،

هڪڙي پل ۾ لامڪان تان موٽي آيو ڪاروان.

عزم، همت جي اڳيان عرشِ برين هڪ گام آهه،

مرد مومن لاءِ ڇا معراج جو پيغام آهه.

منهنجي لب تي آهه ملت جي تراني جي صدا،

تنهنجي الماڙين ۾ آهي بند تفسيرِ هُدا.

جوت تارن جي سدا واٽون تڪيندي ٿي رهي،

سربلندي پست ذهنن کي سڏيندي ٿي رهي.

پنهنجي گلشن جو عجب انداز ٿو اڄڪلهه ڏسان،

ماڪ جا موتي به غنچن کان ڏسان ٿو بدگمان.

جي ڪَليون مرڪيون نه آهن، سي لتاڙيون ٿيون وڃن،

باغِ عالم غمڪده ٿيو، ٿا کِلن اهلِ چمن.

پاتو بلبل آهه ڪَليُن جي لهو سان پيرهن،

اهڙي منظر کي ڏسي لوح و قلم ٿا رت روئن.

سو ڏيئو گل ٿي ويو، جو رونقِ ڪاشانه هو،

محفلن مان نور ويو، پروانو ٿي بيگانه ويو.

دل وفا نا آشنا ٿي،۽ وفا وسري وئي،

اشڪِ غم پيئندو رهيس، هر مدعا وسري وئي.

شمعِ محفل ٿو سڏايان، سوزوَر ناهي ضيا،

منهنجا پروانا به مون کان ٿي رهيا آهن خفا.

طور جي شعلن ۾ پيدا نور جون لاٽون ڪجن،

مردگي ۾ زندگيءَ واري ڪجي پيدا لگن.

نبضِ دوران ۾ حوادث کان ٿيو رد و بدل،

وقت اهڙي ۾ به ڳائيندو رهيو شاعر غزل.

ڪئين صديون گذري ويون پر ماڳ تي پهتو نه ڪو،

هر قدم تي مون کي منزل جو گمان وڌندو رهيو.

بيخودي جي شوق ۾ اهڃاڻ ڪو لکجي وڃي،

ڇا عجب جو شوق جي دنيا سا ڳائيندي رهي.

خون بِي جان و جگر جو نظم جا موتي پَسو،

دل جي دريا جا ٿي ٽوٻر، فڪر جا گوهر لهو.

’خواب‘ وانگر، درد جي دولت ورهائي پيا وڃون،

زندگيءَ جي پيار کي اڄ آزمائي پيا وڃون.

 

شعبان ’بخت‘

تنهنجي ياد

دل به ڌڙڪي ٿي ياد تنهنجي سان،

۽ زبان تي ٿو تنهنجو نام رهي؛

تنهنجي الفت جي آرزو خاموش،

منهنجي دم سان ٿي همڪلام رهي:

تنهنجي هر ياد سان تو پيار ڪريان،

ٿو جڏهن توکي ياد يارَ ڪريان.

توڻي توکي پريان ئي چاهيو مون،

تنهنجي قربت نه ٿي نصيب مون کي؛

تنهنجي خالي ملڻ جي خواهش سان،

هڪ سڪون ٿي مليو عجب مون کي؛

عشق کي ئي ٿو اشڪار ڪريان،

ٿو جڏهن توکي ياد يارَ ڪريان.

اڄ به تنهنجو مون کي خيال آيو،

منهنجي پرڻم اکين ڀريا سڏڪا؛

دل ۾ به آس حسرتون تڙپيون،

۽ زبان تي اچي ڏڪيا وعدا:

بيڪسيءَ کي ٿو بيقرارِ ڪريان،

ٿو جڏهن توکي ياد يارَ ڪريان.

ڇا، ڪڏهن تو به آهه ياد ڪيو،

منهنجو غربت زده دُکي رومان؟

منهنجي مجبور زندگيءَ وانگر،

منهنجو مجبور اندريون انسان!

زندگيءَ کي ٿو شرمسار ڪريان،

ٿو جڏهن توکي ياد يارَ ڪريان.

 

آزاد نظم

 

امداد حسيني

غافل

 

رات کي روئندو ڏسي گل کان ٿي کل نڪري وئي،

۽ خزان، اهڙي مٺي مرڪڻ مٿان،

گلستان ۾ پير پاتا موهجي—

گل ويو ڪومائجي!

ختم ٿيو رنگن جو رقص،

هاءِ، خوشبو جي الهڙ دوشيزگي لُٽجي وئي،

بلبلن جا گيت آهُن ۾ ويا تبديل ٿي:

۽ پريان،

انسان، هر انجام کان

بي نياز و بي خبر،

عيش و عشرت جي گلابن سان سجايل سيج تي،

جرم جي چانڊوڪين جي هنج ۾،

ڪنهن حسينه جي گلن جهڙِ بدن سان جهٽيل،

ڪنهن جي وڏين، ڪارين اکڙين جي مستين ۾ ٻُڏل،

ريشمي وارن جي ٿڌڙيءَ ڇانوَ هيٺان هو سُتل!

 

رحمان رضواني                         [پنجابي]

سنڌيڪار: امدادي حسيني

هاءِ، هي لوهي دروازا!

ها، هي لوهي دروازا-

جن جي پٺيان

تڙپن، ڦٿڪن، سَوَن جون ڪومل آسون!

هاءِ، هي لوهي دروازا-

جن جي پٺيان

ڪيتريون هِيرون، ڪيترا رانجها،

پنهنجي من جي چِتا تي جلندا رهجي وڃن ٿا:

۽ هي بيدردي دروازا،

ڇاتي ڪڍيو، ڦونڊ ۾ ڀرجيو،

ڪجهه نه ڏسن ۽ ڪجهه به نه سمجهن!

رسم رواج ۽ ذات پات جا،

هاءِ، هي لوهي دروازا!

- پنهنجي جڳهه تان هٽن ڪٿي ٿا؟

- وقت جي رَو ۾ وهن ڪٿي ٿا؟

ڪيتروين معصوم اميدون،

تن سان پنهنجو سر ٽڪرائي،

موت جي هنج ۾ سڏڪي سُتيون!

 

 

قمر شهباز

زندگي

او زندگي!

مُرڪ تنهنجي ابتدا،

۽ لُڙڪ تنهنجي انتها.

ڪا گهڙي تنهنجي سلوڻي ساز کي ٻڌندو رهيس،

ڪا گهڙي ويران دل، آليون اکيون اگهندو رهيس-

ڪير آهي، جنهن جي اکڙين ۾ نِراشا ناهه، چئه، ڪير آهي؟

هر مسافر جي اُڃايل ۽ سَتايل سيني ۾ ڇا تنهنجو ئي نيشان ناهه؟

تون ماءُ ڀي اَن موت ڀي،

تنهنجي اونداهي، انڌاري روح ۾

ٽِمٽِمائي  ٿي ڪا جهِيڻي جوت ڀي:

هڪ هٿيليءَ تي رکي امرت نچين-

ڇَنَنَ ڇَن ڇَن، ڇَنَنَ ڇَن ڇَن؛

مرڪ سان پر زهر ڦهلايو ڇڏين-

خاموشيون... خاموشيون... خاموشيون!

هر ڦُول ۾ توکي ڏٺم؛

هِرِ ڪُراڙي، بي سهاري جي بُکايل گهُور ۾ توکي ڏٺم؛

هر پُڄاريءَ جي پراڻي پاپ ۾،

هر بِکاريءَ جي وڇايل جهول ۾ توکي ڏنم؛

ساز ۽ آواز ۾،

آلاپ ۽ ورلاپ ۾ توکي ڏٺم:

او زندگي،

سچ ٿو چوان، توکي ڏٺم!

 

نيون طرزون

’مجبور‘ واسواڻي                [سانيٽ]

پڇتاءُ

 

ڏينهن ڇا، هت ورهيه ٿا گذري وڃن،

زندگي آهٽ بنا ڪيئن ٿي هلي:

ديپ ٿو خاموش روز و شب جلي،

پر اکين جا پلڪ ٿا ورلي کُلن.

اف، حياتيءَ جو نه ڪِيَڙو قدر مون،

بس، هٿوراڙيون هنيم نابين جيان،

يا رنم، راڙو ڪيم مسڪين جيان،

عارفن جيان ڪو گذر ڪِيَڙو نه مون.

ڇا ٿي ويندس ختم مثل اُن لهر جي،

بحر جي سيني مٿان جا ٿِي اُٿي،

عرش پهچڻ جون رٿون ڪيڏيون رٿي،

پر وري آغوش ۾ ٿئي بحر جي:

ڪنهن ٻڌي، نا ڪنهن ڏٺي هستي سندس،

ڪير ڄاڻي، ٿي ڪٿي بستي سندس!

 

 

نعيم دريشاڻي                        [نظم معريٰ]

هڪ بنگالي دوشيزه ڏانهن

آءُ، تنهنجي چپن مان چوسيان آءٌ

ڪجهه ڪُنواريون ۽ شوخ خوشبويون؛

تنهنجي اکرين جي ڍنڍ ۾ گوليان،

ڪي پُراسرار، سيبتيون مُرڪون.

آءٌ، تنهنجين رڳن جا ڇيڙي ساز،

نرم وائن ۾، پوپري نينگر،

مان پکيڙيان اُهي طلسمي راڳ،

جيڪي سالن کان تنهنجي هردي ۾،

پيا ٿا تڙپن، مگر بنهه خاموش.

زندگيءَ جي سدا روان نئن ۾.

پاڻ آهيون به ناتوان ڪَکڙا؛

هيءُ ميلاپ آ رڳيون ڪي گهڙيون،

پوءِ ڪنهن کي خبر، ڪٿي هجون تون مان!

آءُ اوري، الا، نه ايئن ترساءِ.

منهنجي سپنن کي آد کان هڪڙي

اجنبي جسم جي مِٺيءَ خوشبوءِ

پئي سدائين ئي آهه مهڪايو؛

مون ازل کان وٺي ڪا اڻڄاتل

روشني پئي ڪئي آ، هوءِ، تلاش.

اڄ ملياسون جو اتفاق سان پاڻ،

اوچتو مون کي ايئن ڀاسيو آ،

منهنجي رنگين، مڌ ڀرن سپنن

تنهنجي هستيءَ جو روپ ڌاريو آ:

تنهنجي نيڻن مان ڦاٽ کائي ٿِي،

سا ئي مون کان سدا گُريزان جوت!

آءُ اوري، الا، نه ايئن ترساءِ:

هيءُ ميلاپ آ رڳيون ڪي گهڙيون،

پوءِ ڪنهن کي خبر، ڪٿي هجون تون مان!

 


 

 

غزل

 

حيدر بخش جتوئي، ’حيدر‘

 

ٿو مرد مرد ٿئي، ڪجهه تفنگ تِير سهي،

سهي ڪي سُور، ڪري راز ٿو سرير سهي.

جتي ڪٿي به آ، آزاد آهه مرد آزاد،

ڪَڙين ۾ قابو سهي، قيد ۾ اسير سهي.

اَڏي ويا خاڪ ٿي زنجير، زور ۽ زندان،

ڪٿي سگهي ٿو ڀلا تابِ حق شرير سهي!

هزارين حيلا ڪيائون، مگر مري نه سگهيا،

جي دل دماغ جا آزاد هئا، فقير سهي.

ڪري جو ٻئي کي غلام، آهه بس غلامِ غلام،

حضور صدر سهي، زار سهي، مير سهي.

غلامي ۾ به آ زنده ته آهه مذهب ڇا؟

ڪو مجتهد سهي، عَلامہ سهي، پير سهي.

اچي ويو نيٺ هتي ’انقلاب زنده باد‘،

عوام نيچ سهي، ۽ سپاه امير سهي.

هي دورِ اوج خوشا، زنده باد پاڪستان!

زبانون بند سهي، زخميل ضمير سهي.

سدا بهار رهين، خالق، آسمان اندر،

زمين ۾ ظلم سهي، راڙ ڦاڙ چِير سهي.

زمين جي حصي ۾ آندءِ خرابي، خونخواري،

جهان جي ظاهري تصوير دلپذير سهي.

اهي دعائون ئي نڪتيون غريب انسان کان،

بشر حقير سهي ۽ خدا قدير سهي.

گذار ماٺ ۾ ’حيدر‘، هي شاعري ڇاهي،

خيال ۽ جذبو سندءِ گرچه بينظير سهي.

 

کيئلداس ’فاني‘

ڏسي در تي رولاڪ ۽ رولَ، ساقي،

کُليا تنهنجي اخلاق جا پولَ، ساقي!

لُڏين تون ٿو، بنياد لُڏندو ڏسين ڪيئن؟

ڪلاري ڪري ڪيئن نه ڪرڳولَ، ساقي!

(ڪلاري = شرابخانو)

سوين عيب توکي نظر نيٺ ايندا،

وجهين جي گريبان ۾ ڦولَ، ساقي!

خوشيءَ ۾ خوشي ڪٿ، جا غم ۾ خوشي هئي،

وڌي ويا خوشيءَ ۾ ڇا دلهولَ، ساقي!

ڀَريو باغ جن، خون ڏيئي، گُلن سان،

ڏسج تن جي ڪنڊن ڀري جهولَ، ساقي!

پياڪن جو ’فاني‘ نه دل ۾ ڪجي، پر

اشارا اِهي ڄاڻ اڻمولَ، ساقي!

 

’امداد‘ حسيني

مسڪرايو! هُو اِجهو آيو ڪي آيو، دوستو!

حسرتن جي ڪنوار کي ميندي لڳايو، دوستو!

ٿورڙو پنهنجي وفائن کي پڏايو، دوستو!

منهنجي اکين سان ذرا اکيون ملايو، دوستو!

چنڊ کي ترسايو، هو آيو ڪي آيو، دوستو!

رات کي، وارو ڪريو، ٿورو وڌايو، دوستو!

هڪڙو ڀيرو هن جي نيڻن جو هلي جادو ڏسو،

مون تي ناحق تهمتون ڇو ٿا لڳايو، دوستو!

چنڊ جي مشعل وساڻي، ختم ٿي تارن جي راد،

ڇو اچڻ وارو اڃا تائين نه آيو، دوستو!

زخم سڀ جاڳي پيا، لڙڪن وري ڦٿڪي ڏنو،

هاءِ ڪنهن جو مسڪرائڻ ياد آيو، دوستو!

ميڪدي جي رسم جو هر حال ۾ رکجو ڀرم،

زهر جا ساغر پيو ۽ مسڪرايو، دوستو!

ڪنهن زماني کان اِهو ٻڌندا اچون، هُو ٿو اچي،

راهه ۾ ويٺا آهيون اکيون وڇايو، دوستو!

دل کي سمجهايان پيو، لڙڪن کي پرچايان پيو،

اوچتو ئي اوچتو ڇا ياد آيو، دوستو!

منهنجي حالِ زار تي، ڪنهن بيوفا جي پيار تي،

مسڪرائي رو، ۽ روئي مسڪرايو، دوستو!

هُن ڀريل ساغر کي منهنجي اڳيان اکڙيون کنيون،

پوءِ ميخاني تي ڇا گذريو، ٻڌايو، دوستو!

دل پريشان، زندگي ويران، تمنائون اداس،

هاءِ گهوڙا، وڇڙيل گهڙيون ورايو، دوستو!

هي اٿو ’امداد‘ جي گهايل وفا، بسمل خلوص،

وارِ ڪريو، دوستيءَ جون حق نڀايو، دوستو!

 

’محبوب‘ سروري

باغبان کان نه گل پِني وٺجي،

گلِ مقصود خود ڇنِي وٺجي.

پهرين پهرين ڪا شي گهُري وٺجي،

پو لڙائي لڙي، لڙي وٺجي.

موت کي ماري زندگي وٺجي،

درد و غم کان کسي خوشي وٺجي.

صلح سازيءَ مان جي بلو نه ٿئي،

چنڊ کان زوري چاندني وٺجي.

سج جي ڳل تي هڪ چماٽ هڻي،

پنهنجي حصي جي روشني وٺجي!

 

 

 

نياز علي شاهه ’محسن‘

هيءَ خزان، هي بهار، ڇا معنيٰ؟

دوستو، گل ۽ خار، ڇا معنيٰ؟

بزدليءَ جو نٿا ڏيون طعنو،

زندگيءَ کان فرار ڇا معنيٰ؟

ياد ان کي ڪجي، جو وسري وڃي،

ذڪر و اذڪارِ يار، ڇا معنيٰ؟

خود غرض تون به، مان به، سڀڪوئي،

هي محبت، هي پيار، ڇا معنيٰ؟

ڪنهن ڀي اهڙو ثبوت ناهه ڏنو،

’توتان صدقي، نثار‘، ڇا معنيٰ؟

جيڪو ايندو، سو خودبخود ايندو،

انتظار، انتظار، ڇا معنيٰ؟

ڇا خوشي ٿو مطلب ڪرين، ’محسن‘،

تنهنجو غم ساڻ پيار، ڇا معنيٰ؟

 

علي محمد ’مجروح‘

تنهنجي لب و رخسار کي عنوان بنائي،

ويٺو غمِ دنيا جو ڪو افسانو ٻڌائي.

ساقي، تنهنجي مخمور نگاهن جو تبسّم،

مون کي ته زماني کان ٿو بيگانو بنائي.

اکين تي اهي عشق ۾ ناڪاميون، ليڪن

هو منهنجي نگاهن سان نگاهون ته ملائي!

هي دورَ ته دنيا جا اچن ٿا ۽ وڃن ٿا،

ساقيءَ کي چئو، دور ته ساغر جو هلائي.

آخر به ڪندا لڙڪ وهي راز هي پڌرو،

ڪو تنهنجي تمنا کي ڀلا ڪيڏو لڪائي.

روڪي ٿو صبا کي، نه اچي ڪُنجِ قفس ڏي،

ڪيڏو نه اسيرن کي ٿو صياد ستائي!

ڇو بزمِ سخن ۾ هي اُداسي پئي ڏسجي،

’مجروح‘ کي آڻيو ته ڪو محفل کي مچائي.

 

نارائڻ ’شام‘

وهِائُو تَڪيان، باک ڏي يا نهاريان:

اَجل کي سڏيان، زندگيءَ کي پڪاريان؟

نه نغمو، نه ساغر، نه گل ئي ميسّر،

حياتي گذاريان ته مان ڪيئن گذاريان.

نه ميٺاج مستي، نه ڪا سونهن سنڀران،

ڪُجس زندگي موت تان ڇو نه واريان.

ٻڏڻ ئي نصيبن ۾ آهي لکيل جي،

ته ’طوفان، طوفان‘ ڇا لئه پڪاريان.

بنا ڀاڳ جي جيڪڏهن ڪجهه نه آهي،

خدا جي هئڻ ۾ ڀلا شڪ اوٿاريان؟

 

’سليم‘ ڳاڙهوي

نزاڪت آفرين تنهنجي نظر ناهي ته ٻيو ڇاهي،

بهار، اي يار، توکان بهره ور ناهي ته ٻيو ڇاهي!

چمن ۾ چؤطرف خونِ جگر ناهي ته ٻيو ڇاهي،

اِهو تنهنجي نگاهن جو اثر ناهي ته ٻيو ڇاهي!

هزارين چشم جا موتي ڇپايا جي مون دامن ۾،

مسافر واسطي زادِ سفر ناهي ته ٻيو ڇاهي!

نزاڪت شاخ جي، مرڪڻ ڪَليءَ جو، ناز نرگس جو،

ادا تنهنجيءَ تي ناقص نقل اگر ناهي ته ٻيو ڇاهي!

غمِ فر، غمِ امروز جو چڪرّ ڏسو، يارو،

جهان اهڙيءَ طرح ئي درگذر ناهي ته ٻيو ڇاهي!

محبت جي عوض نفرت، وفائن جو جفا بدلو،

انهيءَ جو نام ئي دنيا اگر ناهي ته ٻيو ڇاهي!

بهشتي حرص زاهد کي، شرابي شوق رندن کي،

زمانو خود غرض ۽ خود نظر ناهي ته ٻيو ڇاهي!

وري هُن دوست پنهنجي رُوي زيبا تان کنيو پردو،

’سليم‘، اميد جو اُڀريو قمر ناهي ته ٻيو ڇاهي!

 

احسن الهاشمي

مون کي حاصل ٿي خزان مان دولتِ صبر و قرار،

ڇيڙ، اي بلبل، نه منهنجي زيست جي خاموش تار.

مون وري وحشت ۾ ويهي ذرا ذرا ڪيا رفو،

جو ڪمالِ هوش ۾ ٿي ويو گريبان تار تار.

هُت ٿيو خوابِ گران ۽ ختم هِت خوابِ حيات،

مرحبا هُو وعده شب، مرحبا هي انتظار.

منزلون سڀ نزع جون آسان يڪسر ٿي وڃن،

تون خدا جي واسطي مون ڏي رڳو مشڪي نهار.

ڇو نه ٿئي منهنجي خزان ۾ موسمِ گل جو مزو،

منهنجي آهُن جون هوائون، منهنجي اشڪن جي بهار.

مدعا محشر جي شايد هيئن اچي بررُوي ڪار،

هُو ڪري جي اعترافِ لغزشِ پاي وقار.

ڏينهن ڏون آهي حياتي، پوءِ ملڻ ٿئي يانصيب،

اچ ته ڪو دم پاڻ ۾ گڏجي ڪروين ڪي چار چار.

ڪير ٻيو هن ’احسن‘ آشفته ري، مهرو! ڪندو،

تنهنجي ابرو جي اشاري تان تصدق وار وار.

 

جان محمد عباسي، ’فدا‘ (مرحوم)

ڇُٽا تير اِجل، تيرِ، نظر گڏ،

نگهه هڪ سان ويا دل ۽ جگر گڏ.

پري مون کان نه ٿي، اي ماه پارا،

تون مون سان ويهه ٿي، اي سيمبر، گڏ.

پڇا جو ٿو ڪرين وحشيءَ سندءِ جي،

پيو آه خاڪ و خون سان بيخبر گڏ.

نه ڪر آهون، ڪري در دوست ڏي مُنهن،

انهيءَ ۾ ٿا رهن شعلا شرر گڏ.

تماشو هي اچي، اي خوبرو، ڏس،

اکين مان ٿا وهن لعل و گُهر گڏ.

سِڪن ديدار تنهنجي کي ٿا دائم،

دلِ آزرده ۽ سڀ چشم تر گڏ.

ٿيا بيشڪ ڏسڻ سان دلربا جي،

شڪي ڏاڍا، ’فدا‘، شمس و قمر گڏ.

 

رشيد ’ارشد‘

اِها ڀي بُرائي، اُها ڀي بُرائي،

فقط فڪرِ دنيا، فقط پارسائي.

نه ڏر گُمراهيءَ جو، نه رهزن جو خطرو،

مبارڪ، اٿم عشق جي رهنمائي!

اَي صيّاد، وسري ويم آشيانو،

نه رک مون کان انديشهءِ بيوفائي.

تون گم خانقاهي معارف ۾، زاهد،

مبارڪ هجيئي سندءِ پارسائي.

اُنهيءَ باغ کي ڪيئن چوان باغ پنهنجو،

ٿي جنهن باغ جي آهي هر شي پرائي!

سندءِ شعر اِلهام آهن، اي ’ارشد‘،

سدائين ڪندو رهه ڌڻيءَ جي وڏائي.

 

تاج بلوچ

هو کِليون، مان ڀي کِلي روئي پيس،

طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس.

هاءِ، هيءَ چانڊوڪي ۽ دورِ فراق،

دل ۾ تاريڪي پَسي روئي پيس.

بي ثباتي باغ عالم جي ڏسي،

ڪا جڏهن مکري ٽري، روئي پيس.

خونِ بلبل جو سبب ٿينديون ڪَليون،

عالمِ شبنم ڏسي روئي پيس.

فرش تي بارِ گران منهنجو وجود،

دوست، تنهنجي بيرخي، روئي پيس.

صبر جو دامن گهڻو سوگهو جهليم،

شمعِ گريان کي ڏسي روئي پيس.

ياد ڪوئي ٿو پوي جانِ بهار،

ڪُوڪ ڪوئل جي ٻڌي روئي پيس.

ابرِ پاران ۾ هيو هُو چشم تر،

’تاج‘ کي رئندو ڏسي روئي پيس.

 

آنچل

ڏکويل دل کي ڏڍ ڏيئي اِيئن پرڀائبو آهي،

ڏيئي لَب ٽول جو جيئن ٻار کي پرچائبو آهي.

جُڙي جڳ  ۾ رهي، راڻا، سدائين ڪاڪ مومل جي،

نظر جو هڪ فريب آهي، جو دل سان کائبو آهي.

ڪرين پڇتاءُ ڇو ٿي جستجوي يار ۾، اي دل،

وڃائي عيش تَنَ جو، مِيت مَنَ جو پائبو آهي.

شبِ غم واقعا گڏجڻ ۽ وڇڙڻ جا سنڀاريندي،

ڪڏهن پيو روئبو آهي، ڪڏهن پيو ڳائبو آهي.

ادا شوخيءَ ڀري ۽ چال پنهنجي پائي مستاني،

اسان جي هر خطا تي پاڻ پيو شرمائبو آهي!

محبت جي حقيقت در حقيقت ايتري آهي،

نظر جو هڪ فريب آهي، جو دل سان کائبو آهي.

 

’ذوالفقار‘ راشدي

مون اوجاڳن جي آوهه ۾ خيالن جي خدائي ماڻي آ،

تون ڏينهن به ڏينم ته خوابن جا،جي سورن-رات وهاڻي آ.

ڏس، پرهه تائين مان يادن جي دونهين ۾ جهاتيون پايان پيو،

مون پيار جا ماڻڪ چونڊڻ لئه ماضيءَ جي خاڪ به ڇاڻي آ.

هي سُور سُٺا ۽ پُور مِٺا، جي بخشن ٿا آلاپ، الا،

مون سور سوا ۽ پور بنا ڪا تند نه هرگز تاڻي آ.

هي ڦٽ ڏکن جا، ڏولاون جا چيِر اندر کي اوجارِن،

هي منهنجي ڪَلا، هي بيت ڀلا، هيءَ ڏات به ڏکڙن- هاڻي آ.

او ٽهڪ ڏيو، او چهڪ ڏيو، اڄ مينهن وسائي ويٺس مان،

او ماڻهو! تنهنجو ساٿ ڇڳو، ٿي پيار جي نيٺ پڄاڻي آ.

تَن روڳي آ، من موڳو آ، اڄ مونجهه آ، موڙ هٽ هيڪاندو،

ڪنهن پيارَ پريءَ جي ياد ۾ دلڙي دردَ ڀري ويڳاڻي آ.

آئي آ خزان، بلبل به وئي، ڀونئرا به ويا، پوپٽ به مئا،

هوءَ خاڪ جي هيٺان خاڪ ٿيل جا آهي، گلن جي راڻي آ.

هيءَ سيج سڃي ۽ ڀينگ آ بستي، دنيا ماتم خانو آ،

سڀ رنگ ٽُٽا ۽ راز ڇُٽا، هر ڪنهن جي اکين ۾ پاڻي آ.

 

ڪو وقت هيو، مون بيراڳيءَ ڪا باهه برهه جي ٻاري هئي،

ڪا چڻنگ جا خاڪ ۾ ٽلڪِي پئي، سا هاڻي هاڻي وساڻي آ.

او چنڊ، ستارؤ، پنهنجا ڏيِا هيڪر ته وسايو، پردو ٿئي،

ڪنهن پرده نشين جي روح سان پنهنجي خيال جي ٿي گڏجاڻي آ.

او منهنجا فن، او منهنجا من، او منهنجا غزل، او منهنجا ازل،

سڀني کان اجازت چاهيان ٿو، سڀني سان وات - ٽڪاڻي آ.

 

قطعا

 

احسن الهاشمي

جذبهء دل مثال ٿي نه پوي،    آهَ ڪٿ لازوال ٿي نه پوي،

عشق ورتو جي شعر جو دامن،  حسن توتي وبال ٿي نه پوي!

 

امداد حسيني

(1)

سڪي سڪي سُتيون اکيون، ڏسي ڏسي راهون،

ٻري ٻري ٻه ڏيا ڄڻ ويا وسامي، دوست:

هلي هلي ٻه مسافر مري پيا راهن تي،

کلي کلي ٻه نگاهن جا گل ويا کامي، دوست!

(2)

خدا جي واسطي ڏاها ٿيو، سياڻا ٿيو،

نه دير، ڪعبي، ڪليسا جي راهه کان گذرو:

جي پهچڻو ئي اٿو جلد پنهنجي منزل تي،

ته ڪنهن حسين جي قاتل نگاهه کان گذرو.

(3)

ايتري بيرخي کي ڇڏي، ساقي،

ڪجهه ته مستن جي منهن کي مرڪائي:

جام ڏي، پوءِ زهر جو ئي سهي،

پنهنجي در تان اُڃيو نه موٽائي!

 

(4)

وڃي وڃي وري موٽي ٿو فڪرِ تنهائي،

اچي اچي ٿي سندءِ ياد غم کي جاڳائي:

دک دکي ٿا ٻرن هجر ۽ فراق جا زخم،

وري وري ٿي نظر زندگي کان شرمائي!

’سليم‘ ڳاڙهوي

(1)

اک اڙي توسان، نظر باز ٿيس،

ورنه مون جهڙو حيادار نه هو؛

مون ڪيو تنهنجي محبت جو گناهه،

مون جيان ڪوبه گنهگار نه هو.

(2)

جي وڃين ٿو ته پيار ڏيندو وڃ،

حسرتن کي خمار ڏيندو وڃ؛

واعدو ڪر دوا جو، پوءِ ڀلي،

دردَ دل کي هزار ڏيندو وڃ.

نياز علي شاهه ’محسن‘

(1)

نظر اُداس ۽ چهري تي رقصِ مايوسي،

اِها ته منهنجي جوانيءَ جي ابتدا آهي؛

کُٽڻ جي ناهه، کُٽڻ ساڻ خود ٿئي ٿي فزون،

هِي آرزو ته نه آهي، الاجي ڇا آهي!

(2)

جگر ۾ درد ۽ ظاهر ۾ شادان،

اِهائي زندگي آهي اسان جي؛

لڪايون زخمِ دل کي ٿا ورنه، يارو،

خوشي پنهنجِي، خوشي ناهي اسان جي.

(3)

تجربو مون کي دوستيءَ جو آهه،

دوستي، مُنڍ دشمنيءَ جو آهه؛

موت جو غم ته خير، ڪجهه ناهي،

غم اگر آ، ته زندگيءَ جو آهه.

 

’محبوب‘ سروري

(1)

ايتري بيرخي چڱي ناهي،

هئن ڪناره ڪشي چڱي ناهي؛

منهنجي غم جي به ڪجهه ملاوت ڪر،

توکي خالص خوشي چڱي ناهي.

(2)

تون اگر آهين حسن جو مالڪ،

مان به اُن جو ئي مدح خوان آهيان؛

جهڙو تون شوخ، تهڙو مان خوددار،

تون جي ’تون‘ آهين، مان به ’مان‘ آهيان.

 

(3)

روئي روئي، کلي کلي ڏسجي،

زندگيءَ جو مزو وٺي ڏسجي؛

منهنجي دل کي فقط تون ڏوهه نه ڏي،

پنهنجي دل کي به هٿ رکي ڏسجي.

 

’سوز‘ ٽکڙائي

(1)

اڄ رقيبن جا منهن لٿل آهن،

مون رٺل يار آهي پرچايو؛

هر خطا درگذر ڪري منهنجي،

يار مون ساڻ مرڪي ڳالهايو.

(2)

دلربا، توسان رسم و راهه ڪندس،

زندگي پنهنجي خود تباهه ڪندس؛

تنهنجي نازڪ ڳلن، چپن جو قسم،

توسان هر حال ۾ نباهه ڪندس.

(3)

تنهنجي در تي ائين پيل آهيان،

نڪي جيئرو، نڪي مُئل آهيان؛

يا ته خيراتِ حسن ڏي، جاني،

يا کڻي چئو ته مان کُٽل آهيان!

 

’ماعر‘ نو آبادي

پنهنجو ساغر ۽ پنهنجو پيمانو

(1)

دل گهري ٿي ته باده خوار ٿيان،

دخترِ رز سان همڪنار ٿيان؛

زاهد ۽ محتسب جي اکين لئه،

دائما خار نوڪدار ٿيان.

(2)

ساقيا، ميڪشن کي جام ڏيو،

جام هر صبح عام جام ڏيو؛

خويش و بيگانه کي پياريو خوب،

ميڪشيءَ جو صلاي عام ڏيو.

(3)

ساقيا، جلد کول ميخانو،

پِرت جو ڪو پيار پيمانو؛

شمعِ الفت کي آڻ محفل ۾،

ته ڪري ان تي رقص پروانو.

(4)

اسين سڀ ميڪش و ميخوار آهيون،

اسين ’بنت العنب‘ جا يار آهيون؛

چڱا آهيون خدا وٽ، پر اَلا ڇو،

نگاهِ محتسب ۾ خار آهيون!

 

(5)

ساقيا، تنهنجي مَي خراب آهي،

اهڙي مَي آفت و عذاب آهي؛

ميڪشن کي ائين نه ڪريو رنج،

انڪساريءَ سان هي خطاب آهي.

(6)

ساقيا، مَي جو رنگ روپ سڌار،

ياده خوارن کي پوءِ جام پيار؛

جيڪڏهن مَي ۾ نَي ۽ لَي ناهي،

چئه ته پوءِ رند ٿيندا ڪيئن سرشار.

(7)

ساقيا، آڻ بادهء گلرنگ،

تشنه ڪاميءَ کان آءٌ آهيان تنگ؛

مَي پيو ۽ پياريو، ۽ ڪڍو

قلم مان خوفِ قاضي و سرهنگ؛

جلد ڏي جام، ڇو ته اڄ مون کي،

محتسب ساڻ آهي ڪرڻي جنگ؛

گوش منهنجي کي آهي شوق سماع،

آڻ ميدان ۾ رباب ۽ چنگ؛

مدحِ مَي ڪانه ٿيندي ’ماعر‘ کان،

پير منهنجي قلم جو آهي لنگ.

(8)

ساقيا، شل وسيئي ميخانو،

محتسب جو خراب ٿئي خانو!

حڪم تنهنجو مڃي ٿو عالم ۾،

هر قدح خوار، رند، مستانو؛

آهي تنهنجي قدح نوازيءَ جو،

عالمِ ميڪشان ۾ افسانو؛

جو اوهان جو نٿو مڃي فرمان،

سو حقيقت ۾ ناهي ديوانو؛

آهي موجود هر گهڙي مون وٽ،

پنهنجو ساغر ۽ پنهنجو پيمانو.

(9)

ساقيا، آڻ بادهء گلفام،

ڪير ٿو چئي ته آهي باده حرام!

جو چوي ٿو قدح کي بد، سوئي

آهي عالم ۾ بدتر ۽ بدنام.

ميڪشن جو چڱو آهي آغاز،

نيز ٿيندو سٺو سندن انجام.

زاهد و محتسب کي ناهي بقا،

ساقي و جام لاءِ آهي دوام.

مفت جي مَي اسان کي ڪانه کپي،

مفت جي مَي آ موت جو پيغام.

آهي ’ماعر‘ ۽ رهندو تا آخر،

ساغر و ساقي و وسبو جو غلام.

(10)

ميڪشن لاءِ حورو غلمان آهي،

مون سان ساقيءَ جو اهڙو پيمان آهي.

روز اوّل کان باده خوارن تي،

ساقيءِ مهربان جو احسان آهي.

خوب کائو، پيو، پياريو پڻ،

اهڙو صادر ازل کان فرمان آهي.

خود پيئڻ، ۽ ٻين کي اُڃ مارڻ،

هي وڏو جرم آهي، عصيان آهي.

جو نٿو خم ڪري سرِ تسليم،

سو ته نمرود، نامسلمان آهي.

’ماعرا‘، خوب معرگوئي ڪر،

تنهنجي اڳيان وسيع ميدان آهي.

 


 

رباعيون

امداد حسيني

(1)

هر رات ستارن جي لهڻ تائين رنم،

شبنم جي روئڻ، گل جي کلڻ تائين رنم؛

اکين ۾ رهي ساوڻي دريا جي اٿل،

هن سج جي اجھامڻ ۽ ٻرڻ تائين رنم.

(2)

لڙڪن کي لڪايوسين، کڻي ڇا به ٿيو،

کِلياسين کِلايوسين، کڻي ڇا به ٿيو؛

هر آهَ کي نغمي جو ڍڪايوسين لباس،

تو ساڻ نڀايوسين، کڻي ڇا به ٿيو!

(3)

مرڪي پيو گل گل ۾ بهارن جو سحر،

ميڪش وٺي ويٺا اچي ميخاني جو در:

هٿ هٿ تي رکي هاڻ ويهڻ ٺيڪ نه آهه،

اي ساقيءَ نوخيز، اٿي، ساغر ڀر!

(4)

[شاعر]

هي ڪير پيو حسن جا نغما ڳائي؟

بلبل کان به نڪريو وڃي هائي هائي!

هرسُو ٿا ٻرن رنگ ۽ خوشبو جا ڏيا،

ڄڻ ڪنوار هٿن تي پئي ميندي لائي!

 

نياز علي شاهه ’محسن‘

(1)

ناڪار، گنهگار،  خدايا، آهيان،

بدڪار، سيہ ڪار، خدايا، آهيان،

حقدار يقيناً مان نه آهيان، ليڪن

بخشش جو طلبگار، خدايا، آهيان.

(2)

ڪاٿي ٿا ڏين، مون کي مسرت ڏيندا؟

حقدار کي حق حسبِ ضرورت ڏيندا؟

ڪجهه وقت خوشيءَ ساڻ گذريان مان ڀي،

احباب ڀلا مون کي اجازت ڏيندا؟

(3)

اي دوست، اوهان کي ته خبر ئي ناهي،

ڪنهن جي به حقيقت سان اوهان جو ڇاهي:

’محسن‘ کي ڏسي خوب چيو ڪنهن عاشق،

مرحوم تمنّا جو جنازو آهي!

(4)

تنهنجي به عنايات جو لائق ناهيان،

افسوس، ٻئي کي به نٿو مان چاهيان:

هن ساري زماني ۾، خدا ٿو ڄاڻي،

محسوس ڪريان ٿو ته اڪيلو آهيان.

(5)

انسان کي انسان جي عزت ڪاٿي،

اک آهه، مگر اُن ۾ بصيرت ڪاٿي:

بيسُود محبت جِي ڪرين ٿو ڳولا،

هن دور ۾ بيلوث محبت ڪاٿي!

 

 

سَڪَ تنهنجي سُپرين، جئن تران تئن تارِ،

تون ئي رهين روح ۾، تون ئي اکيان ٻارِ،

پرين، تنهنجي پارِ، مون واجهائيندي ورهيه ٿيا.

سِڪَ تنهنجي، سُپرين، ڪَپي ۽ ڪوري،

سَگهان نه چوري، ڏاڍو نِيَرُ نينهن جو.

سِڪَ تنهنجي، سُپرين، اندر ئي اَجهَلَ،

پَڙ ڪيو ٻاهر نڪري، کورٖي کانئِي کَلَ،

ري سيراهيءَ سَلَ، مون کي ڏنا سڄڻين.

ڏٺيِ ٿيڙم ڏينهَن، ڪُهُه ڄاڻان ڪهڙا پرين،

نيڻ ڀَرجِي نينهَن، پَلٽيا پاريون ڪري.

ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهُه ڄاڻان ڪهڙا پرين،

سهسين سِڄَ اُلهِي، واجهائيندي ويِام،

تنهين سالَ ٿيام، جنهين ساعَت نه سَهان.

نڪو سَنڌو سُور جو، نڪو سنڌو سِڪَ،

عددُ ناهي عشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لهي.

جي قيام مِڙن، ته ڪَرَ اوڏا سُپرين،

تِهان پَري سُڄن، واڌايون وصال جُون.

- شاهه لطيف ؒ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com