سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

اي_ ايم_ ٻڳهيو

 

مار

 مون کي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن مان پنجين درجي ۾ پڙهندو هوس. ته ڏاڍو هوشيار ۽ ذهين هوندو هوس سڀئي استاد مون کي پيار ڪندا هئا، پر اوچتو جڏهن هڪڙي دفعي استاد محمد جمن بدلي ٿي آيو ته هڻي منهنجا هڏائي ڀڃي وڌائين. سندس پيار بجاءِ مار مون تي ايترو ته گھرو اثر ڇڏيو جو مان اڄ ڏينهن تائين ڏڪي ۽ ڪنبي رهيو آهيان. سائينءَ محمد جمن مون کي چهمڪن ۽ تلهڙن جي ايتري ته مار ڏني جو مان اڄ ڏينهن تائين وري ڪو سبق چڱي طرح ياد ۽ ذهن نشين نه ڪري سگھيو آهيان.

سائينءَ مون کي مار ڇو ڏني، بس سائين جو چوڻ هيو ته مان وڏيري صاحب جي ٻنيءَ مان ساڳ ۽ پلي پٽي اچان. ۽ ٻيو ته سندس نياپو کڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي پهچائي اچان، منهنجي انڪار تي سائين محمد جمن ڪاوڙجي پيو، پگھر ۾ شل ٿي ويو ۽ مون کي لڪڻ جا وسڪارا ڪرڻ لڳو. منهنجو چوڻ هيو ته مان غريب جو ٻار آهيان- اسان وڏيري صاحب جي ڳوٺ ۾ ويٺا آهيون ۽ وڏيرو اسان غريبن کي لڏائي ڇڏيندو. سائين جو چوڻ هيو ته نه، اسان استاد آهيون. اڳ ۾ حق اسان جو آهي ۽ توهان ڇورن کي اسان جو ڪم اڳ ۾ ڪرڻو پوندو. مان سندس نياپو به نه کڻي ويس جيڪو مون کي سٺو نه لڳو. سائين ويتر ڪاوڙجي ويو ۽ موقعو وٺي رُولن جي مار ڏيڻ لڳو جنهن ڪري منهنجا هٿ ۽ ڪلها اڄ ڏينهن تائين ڏڪي ۽ سڙي رهيا آهن ۽ مان خوابن ۾ ته ڇا ويٺي ويٺي به ڇرڪي ۽ ڪنبي رهيو آهيان ۽ اهو منظر اڄ به جڏهن مون کي ياد ٿو اچي ته مان ويٺي ويٺي کٽ ۽ پلنگ تان اُڀو ٿيندو پيو وڃان ۽ فٽ کن مٿي ٿيو وڃان.

اسان جي اسڪول ۾ سائين محمد خان مون کي ڏاڍو پيار ڪيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن مان چوٿين ۾ پڙهندو هوس ته، سائينءَ مون کي بخار جي ڪري امتحان ۾ ويهڻ کان سواءِ ئي پاس ڪري ڇڏيو. جڏهن بابو سائين مون کي هنج تي کڻي اسڪول آيو ۽ سائين مون کي ڏسڻ شرط چئي ڇڏيو ته تون پاس آهين ۽ ائين ئي مان سائين جي قرب ڪري ۽ پنهنجي ذهانت جي ڪري چوٿين درجي ۾ پاس ٿي ويس ۽ ائين ئي اهو سائينءَ جي پيار جو واقعو مون کي ياد ٿي ويو جيڪو دوستو اڄ توهان کي ٻڌايم. اهو ته هيو سائين محمد خان جو واقعو پر سائين محمد جمن جو واقعو مونکي اڄ تائين نٿو وسري جنهن جي پيار، قرب، سادگي ۽ سچائي بدران مار مون کي اڄ نائين ڪنبائي ڇڏيو جنهن ڪري، مان هلندي گھمندي به ڪنهن کي لڪڻ ۽ سونٽي ڏسندي، ڇرڪي پوندو آهيان ۽ رسفتو بدلائي ڇڏيندو آهيان.

 

 

کل ته سهي

 - هڪڙو ماڻهو نشو ڪري آيو ۽ گھر جو دروازو کولڻ لڳو، پر هو گھڻو ڏڪي رهيو هو ۽ تالي اندر چاٻي نه وڃي رهي هئي، ٻيو ماڻهو پويان ڏسندو رهيو ۽ ان چيو ته ادا مونکي ڏي ته مان دروازو کولي ڏيائين، ته نشي واري چيو، ته ادا تون جاءِ کي جھل ته مان تالو پاڻ کوليندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com