عبدالرسول قادري بلوچ
اُستاد ۽ شاگرد جا فرئض
علمي دنيا ۾ امام غزالي رحمة الله عليہ جو مرتبو
۽مان، شوڪت ۽ شان اُتم ۽ اعلي آھي. سندس علمي ڌاڪو
مشرق ۽مغرب ۾ نشانبر آھي. تصوف ۽ فلسفي جو عميق
مطالعو ۽ نچوڙ سندس تصنيفات ۾ سمايل آھي. گوياڪ
سندس تصنيفون موجن ڀريو مهراڻ، بحربي ڪران ۽ اڻ کٽ
علمي سمنڊ آھن امام غزالي جي علمي سمنڊ جي ھر ھڪ
ڇولي ۽ لهر ۾ ادب و اخلاق، علم و حڪمت ۽ تصوف ۽
فلسفي جو درس موجزن آھي.جنهن مان علم جا پياسا
پنهنجي تشنگي دور ڪري، علمي پالوٽ مان فيضياب
ٿيندا رھيا آھن.
امام عزالي عملي دنيان جو نفسياتي مطالعو ڪري
اُستاد ۽ شاگرد جا فرائض لکيا آھن. جيڪڏھن اڄ جا
عالم استاد ۽ طالب علم (شاگرد) انهن اصولن جو گھرو
مطالعو ڪري، اُن عمل پيرا ٿين جه، اسان جي تعليمي
ادارن ۾ غير يقيني واريون حالتون ختم ٿي سگھن
ٿيون.
استاد ۽ شاگرد ھڪ ٻئي کي پنهنجو سمجھي، ويڇا وساري
مطمئن رھي سگھن ٿا. نفرت ۽انتقام جي پاڙ پٽي محبت
۽ اخوت جو پائدار ٻج پوکي سگھجي ٿو. ھوند اڄ به
علمي ماحول،ادب اخلاق جو گلشن بنجي پوي ۽ اُن علمي
گلشن جي ھٻڪار دل ۽ دماغ کي معطر ڪري ڇڏي ۽ اسان
جو موجوده علمي ماحول به اُن سرھاڻ سانواسجي سڳنڌ
ڀريو ٿي پوي. ھينئر استاد ۽ شاگردن جي فرائض جو
ذڪر ڪجي ٿو. امام عزالي اُستاد جي فرضن جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن تون عالم استاد آهين ته،
هنن ڳالهين کي ڌيان ۾ رک. برداشت ڪرڻ ۽ حلم اختيار
ڪرڻ. وقار ۽ رعب سان ويهڻ. ننڍي توڙي وڏي سان تڪبر
نه ڪرڻ، ظالمن کي ظلم کان تببيهه ڪرڻ. محفلن ۽
مجلسن ۾ تواضع سان پيش اچڻ. عام ماڻهن ۽ خاص ڪري،
طالب علم سان کل ڀوڳ نه ڪرڻ. شاگردن سان نرمي سان
پيش اچڻ
گھٽ ذهن واري شاگرد جي عمدگي سان اصطلاح ڪرڻ.
بخيلي کان ڪم نه وٺڻ. هر ڳالهه تي ائين نه چوي ته
آئون نه ٿو سمجھان. سوال ڪندڙ تي پنهنجي لياقت آهر
همت صرف ڪرڻ ۽ اُڻ جي سوال کي آهستگي سان سمجھڻ
صحيح حجت کي قبول ڪرڻ. فضول ڳالهين کي ڇڏي حق طرف
رجوع ٿيڻ ۽ مڃڻ.
طالب علم کي نقصانڪار علمن کان روڪڻ. اُن کي ديدار
الاهي ۽ مفيد علم حاصل ڪرڻ جو تاڪيد ڪرڻ. شاگر کي
هن ڳالهه کان روڪڻ گھرجي ته هو فرض عبين جي فارغ
ٿيڻ کان اڳ ۾ فرض ڪفايه ادا نه ڪري. استاد کي
گھرجي ته پهريان پنهنجي نفس کي نفس کي تقويٰ
سيکاري ته، جيئن شاگرد پهريان استاد جي ڪردار مان
مستفيض ٿئي ۽ پوءِ اُن جي گفتار مان فائدو حاصل
ڪري.“
وري امام غزالي طالب علم جا فرض ڳڻيندي لکي ٿو ته:
طالب علم کي هنن ڳالهين جو ادب ۽ ڌيان رکڻ گھرجي.
پهريان اچڻ سان استاد جو سلام ڪري. ان جي روبرو،
گھڻو ۽ اجايو ڳالهائڻ گھٽ ڪري. جو استاد نه پُڇي
ان بابت ڪلام نه ڪري. استاد جي صحيح راءِ جي
برخلاف مشورو نه ڏئي. استاد جي روبرو ويهي هيڏي
هوڏي ڌيان نه ڪري، پر خاموش ۽ ادب سان ويهي. جڏهن
استاد جي طبيعت ملول هجي ته، ان کي زياده پريشان
ڪري نه ستائي. جڏهن استاد اُٿي بيهي ته پاڻ احترام
طور تعظيم لاءِ اُٿي بيهي.
استاد جي رهڻي ڪهڻي بابت اهي ڳالهيون نه ڪري، جنهن
سان استاد جي ذات ۽ شخصيت تي حملو هجي.
استاد جي ظاهري ڪمن جي نسبت بدگمان نه ٿئي.
جيتوڻيڪ اهي ظاهر ۾ چڱا معلوم نه ٿين. ڇو ته اُن
جي رازن ۽ ڀيدن کان پاڻ استاد ئي چڱي طرح واقف
آهي. انهي موقعي تي حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ حضرت
خضر عليہ السلام ڇا جي ڪري ٻيڙي ۾ سوراخ ڪيو هو؟
ظاهر ۾ ته هي خضر عليہ السلام جو فعل چڱو معلوم نه
پئي ٿيو. پر حقيقت ۾ حڪمت تي مبني نه هو.“
طالب علم کي استاد ۽ شاگرد جا فرائض ياد ڏياريندي،
امام غزالي والدين جي باري ۾ به نصيحت ڪندي چوي ٿو
ته: ”جيڪڏهن تنهنجا ماءُ پيءُ زندهه آهن ته انهن
جي باري ۾ هيٺين آدابن جي پابندي لازمي آهي.
والدين جي هر گفتگو خيال سان ٻڌي، والدين جي ادب
بجا آڻڻ لاءِ اُٿي بيهي، والدين جي حڪم جي بجا
آوري ڪري. انهن جي اڳيان نه هلي، والدين جي آواز
کان پنهنجو آواز مٿاهون نه ڪري. جيڪڏهن اهي سڏ، جو
جواب ڏئي، والدين جي رضامندي جو لحاظ رکي. انهن
سان تواضع سان پيش اچي. جيڪڏهن والدين سان نيڪي جو
ٿورو نه سمجھي. جيڪڏهن والدين جي تابعداري ڪري ته
به احسان جو بدلو نه وٺو . شوربل اکين سان انهن ڏي
نه نهاري ۽ والدين جي اجازت کانسوءِ سفر تي نه
وڃي.
(تلخيص ۽ ترجمو: بداية الهداية_ امام غزالي رحه،
عربي.
منير ڪليري ڪنڊيارو
روشني
هن روڊ تي ڪريل سئو جو نوٽ، يڪدم کڻي کيسي ۾ وڌو.
هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙايائين، کيس ٻئي ڪنهن ڪونه
ڏٺو هو. ٿورو اڳ اهو نوٽ، وڏي عمر جي هڪ پوڙهي
ماڻهو جي کيسي مان، ڪريو؛ ج ”قادري اسپتال“ داخل
ٿي ويو هو.
هن پنهنجي پيرن ۾ پاتل، چتيون لڳل پراڻي چپل کي
ڏٺو ۽ پوءِ پراڻن ڪپڙن تي نظر وڌي. اسڪول ۾ ٻين
ڇوڪرن کي، نوان نوان ڪپڙا ۽ بوٽ ڏسي، کيس به چاهنا
ٿيندي هئي ته، وٽس به اهڙا ڪپڙا بوٽ هجن!
ڪيڏو نه ڏک ٿيندو هوس! ان ويل اندر جي اها خواهش
ڪڏھن به پوريڪانه ٿي سگھي ھئس تڏھن سندس ذھن ۾،
سوچن جا انيڪ طوفان جنم وٺندا ھئا. پر اڄ... اڄ ته
کيس خوشين جو ساگر ملي ويو ھو. اڄ ھو ضرور نوان
ڪپڙا يا بوٽ ئي خريد ڪندو.
ھن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته، سندس پراڻي قميص جي
کيسي ۾، سئو جو نوٽ آھي. پڪ ڪرڻ لاءِ کيسي ۾ ھٿ
وجھي، نوٽ ٻاھر ڪڍيائين نئون نڪور کڙڪندڙ نوٽ!
خوشيءَ جي ھڪ تيز لهر، سندس سموري جسم ۾ ڊوڙي
ويئي. دل چاھيس ته، نوٽ کي چميون پائي. ان نوٽ ۾
ئي ته سندس خوشيون سمايل ھيون.
هڪ وار ٻيهر پيرن ڏي ڏٺائين.
سندس ذهن تي پسنديده بوٽ، تري آيو. هو اڳتي وڌيو ،
بوٽ خريد ڪرڻ لاءِ. ٻئي لمحي سندس ذهن تي ان پوڙهي
ماڻهو جي شڪل تري آئي. مايوس، پريشان پريشان. هلڻ
۾ هو مريض پئي لڳو... مريض! هن جي ذهن کي جھٽڪو
لڳو. سندس سموريون خوشيون، هڪ ئي پل ۾، ڪافور ٿي
ويون.
”پئسا واپس ڪرڻ گھرجن. هن وٽ به ڪي مجبوريون
هونديون.“ اندر جو انسان کيس ملامت ڪرڻ لڳو.
”نه ته... هرگزنه... بوٽ ئي خريد ڪيو... بس بوٽ...
پر پوڙهي جو ڇا ٿيندو. جڏهن هو کيسي ۾، هٿ وجھندو،
تڏهن کيسو خالي ڏسي. هن سان ڪهڙي حالت ٿيندي. اف
ويچارو پوڙهو!... هون! ڇا به هجي، پر مان بوٽ ئي
خريد ڪندس. بوٽ... بوٽ... پوڙهو هن جون مجبوريون.“
هو ٻه واٽي تي بيٺو هو. کيس سمجھ ۾ ئي نه ٿي آيو
ته، ڪهڙي واٽ وٺي. هڪ طرف سندس خوشيون هيون، ٻئي
طرف پوڙهو ، جنهن وٽ به، ڪي نازڪ گھرجون ٿي سگھن
ٿيون!
هن نوٽ کي عجيب نظرن سان ڏٺو. کيس ٻوسٽ محسوس ٿيڻ
لڳي. هو تيزي سان وڌيو ”قادري اسپتال“ طرف. اسپتال
جي ٻاهرين گيٽ وٽ، هن کي پوڙهو بيٺل نظر آيو...
پيرن ۾ ڇڳل جتي، چتيون لڳل پراڻا ڪپڙا، اکين تي
نظر جي عينڪ، عينڪ پٺيان پريشان اکيون، جن اڇو گند
وهي رهيو هو. منهن تي گھنجھن جي ڄار. هن کي من ۾،
ڪنڊا چُڀندي محسوس ٿيا.
”ڏاڏا.“ هو پوڙهي جي اڳيان بيٺو.
”هون.“ پوڙهو ڀڻڪو.
”توهان جو هي نوٽ.“ هن نوٽ پوڙهي ڏانهن وڌائيندي
چيو.
”پٽ.“ پوڙهي جو مرجھايل منهن گلاب جيان ٽڙي پيو.
هن ڏانهن عجيب نظرن سان ڏٺائين. سندن نظرن ۾،
شڪريو هو، احساس هو.
هن جي من جو بار هلڪو ٿي پيو. هن کي محسوس ٿيو، هو
گگھ اونداهي ۽ ٻوسٽ واري فضا مان نڪري، کليل ۽ پُر
سڪون فضا ۾، پهچي ويو هو. جتي چوڏس روشني ئي روشني
پکڙيل هئي.
امانت
امانت جي معنيٰ آهي ته جيڪا شيءِ ڪنهن وٽ رکجي ته
هو اها شيءِ ساڳي طرح واپس ڪري. جنهن ماڻهو ۾ اها
خوبي موجود هوندي آهي ان کي امين يا ايماندار چئبو
آهي. جنهن شخص ۾ اها خوبي نه هوندي آهي ان کي
خيانتدار چئبو آهي. واعدو، قول ۽ امانت ڪهڙي به
شڪل ۾ هجي ان جو پورو پورو خيال رکڻ هر مسلمان مرد
۽ عورت جو فرض آهي.
موڪليندڙ:_ دريا خان سهاڳ، ٽالپر وڏا. |