سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽرانچارج: اڪبر جسڪاڻي

ڳالهه ٻولهه

 

پيارو ٻارؤ

 گل ڦل جو هي پرچو جڏهن، اوهان جي هٿن ۾ پهچندو، تڏهن اوهان عيدالضحيٰ جون خوشيون ملهائي رهيا هوندؤ. ۽ اهڙي خوشي جي موقعي تي اوهان جو ساٿي گل ڦل به اوهان سان گڏ هوندو.

حقيقت ۾ عيد نالو ئي خوشيءَ جو آهي. ۽ هيءَ عيد اسان حضرت ابراهيم عليه اسلام جي قرباني جي ياد ۾ ملهائيندا آهيو، اها قرباني جنهن ۾ حضرت ابراهيم عيلہ اسلام، خدا جي راهه ۾ پنهنجي اکين جي نور حضرت اسماعيل عيلہ اسلام ، خدا جي راهه ۾ قربان ڪيو پي، پر قدرت پاران ان جاءِ تي جانور اچي ويو، ۽ حضرت اسماعيل جن بچي ويا.

هي عيد اسان کي اها ياد ٿي ڏياري ته خدا جي راهه ۾ سچ جي خاطر جي توهان کي پنهنجي اولاد کي به قربان ڪرڻو پوي ته قربان ڪري ڇڏيو. ڇو ته سچ اها شيءِ آهي، جنهن جي لاءِ هر پيغمبر ۽ اولياءِ تبليغ ڪندا ويا ته، ”اي انسان هن ڌرتي تي توکي، ڪوڙ کي ڀڄائڻو آهي، ماڻهن ۾ ميٺ محبت پيدا ڪرڻي آهي ته پوءِ اهو سچ آهي، جنهن سان انسان ۾ ماڻهپو پيدا ٿيندو. ۽ هي ڌرتي سچ جي روشنائي سان گل ۽ گلزار ٿيندي.

ٻارؤ اوهان به هميشہ سچ جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهو، ڇوته اهو سچ ئي آهي، جنهن جي وسيلي اوهان پنهنجي منزل حاصل ڪري سگھندا.

اداري گل ڦل پاران سڀني ٻارن کي عيد وڌايون هجن.

ساٿ سلامت

اوهان جوڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

\

رحيم بخش ”قمر“

 

لطيفي لات

 

دوسفت ڪُهائي دادلا، مُحبت، مارائي،

خامن خليلن کي، سختيون سهائي،

”الله الصّمد“ بي نياز، سا، ڪري جا چاهي،

انهيءَ منجھ آهي، ڪا اَونهي ڳالهه اسرار جي.

(شاهه)

مٿيون ڀلارو بيت، ڀٽائي گھوٽ رحمة الله عليہ جن جي رسالي مبارڪ ۾ سر ڪيڏاري جي ٽئين داستان ۾ موجود آهي.

سمجھاڻي: ”ڪيڏارو“ هڪ هندستاني راڳڻي جو نالو آهي. ۽ ”ڪيڏارو“ جي معنيٰ آهي جنگ جو ميدان. بيان ڪيل سُر ۾، عاليمقام، سيد امام حسين عليہ السلام جن جي شهادت، استقامت، همت، صبر، جرئت، جونجهاريت، صبر ۽ رضا جو بيان نهايت ئي نرالي نموني ۾ ڪيو ويو آهي. شامل ڪيل بيت ۾ سيدنا ابراهيم عليہ السلام ۽ سندس پٽ سيدنا اسماعيل ذبيح الله عليہ السلام جن جي قربانين ۽ پيءُ جي هٿان، سندس سڪيلڌي پٽ جي ڪسڻ جو بيان ڪيل آهي.

معنيٰ: دوست:- پرين. داد لا:- پيار. خليلن:- دوستن(حضرت ابراهيم خليل عليہ السلام ڏانهن اشارو آهي) ”اَ لله الّصمَدُ“الله تعاليٰ بي نياز آهي.

ادل سومرو

 

جمن جمالي- ڀلو ٽپالي

 

ڳوٺ پنهنجي جو جمن جمالي،

آهي ڏاڍو ڀلو ٽپالي.

ننڊ مان جلدي آهي اُٿندو،

سنبري سائيڪل تي آ چڙهندو،

اسٽيشن تي تڪڙو پڄندو،

اتان ٿيلهي ۾ خط هو کڻندو،

خط کڻي وري واپس ورندو،

پوءِ خطن تي مُهرون هڻندو،

ڦيرا پائي منجهند ڌاري،

ڪندو خطن جو ٿيلهوخالي،

ڳوٺ پنهنجي جو جمن جمالي.

گرمي سردي ڏسندو ناهي،

برساتن ۾ ويهندو ناهي،

هر دم خاڪي وردي پائي،

پيارن جا پيغام پڄائي،

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ خط ورهائي،

اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌائي،

ڳوٺ جي مڙني ماڻهن کان،

سندس نوڪري آهي نرالي،

ڳوٺ پنهنجي جو جمن جمالي.

ننڍي وڏي کي صحيح سڃاڻي،

تن لئه خط ۽ تارون آڻي،

جتي جتي هو ويندو آهي،

مانُ اتي هو لهندو آهي،

ڪڏهن به ڪاوڙ ڪندو ناهي،

هر دم کلندو رهندو آهي،

جيئڻ وارو سندس طريقوم،

جڳ ۾ سچ پچ آهي مثالي،

ڳو‎ٺ پنهنجي جو جمن جمالي.

 

 

آصف مٺياڻوي

ڄاهو

ڪاري رنگ سان ڪنڊن وارو!

تنهن کي چون ٿا ڄاهو ٻارو.

هٿ لائڻ سان ڍيري ٿئي،

نانگ بلا جو ويري ٿئي،

خوب ٿئي ٿو تن جومارو.

نانگ بلا کي پڇ مان جهلي،

تڪڙو تيز تڏهن ٿو  هلي،

جيتڻ جو ٿولڳائي نعرو.

ڪنڊن ۾ ٿو منهن لڪائي،

هٿ لائڻ سان سو سٽ پائي،

وڏ واڪي ڪري وارو.

ڏينهن سڄو آرام ٿو ڪري،

رات اونداهيءَ ۾ ٿو نڪري،

پڌرو پٽ تي ڪارو ڪارو.

زهر ڀريو زهريلوآهي،

هونئن به هيءُ هٺيلو آهي،

هاڪ ڀريو آهي هاڪارو.

هن جي ياري هاريءَ سان،

۽ ٻيو رات انڌاريءَ سان،

اونده ۾ ڄڻ ٽمڪي تارو.

آصف سان احوال ڪري ٿو،

کولي ساري ڳالهه ڪري ٿو،

ڏينهن جو ڄڻ آهي ويچارو.

 

عزيز منگي

 

گيت

 

هي ٻارڙا هي پيارڙا،

هن سهڻا آهن سارڙا.

 

هن ديس جا سينگارڙا،

هن جڳ جا من ٺارڙا.

 

هي ديس جا واسي ٻارڙا،

هي گلڙن جهڙا پيارڙا.

 

هي وطن جي خوشبو ٻارڙا،

هي هر ڪنهن ماءُ جا پيارڙا.

 

هي پوپٽ وانگر پيارڙا،

مٺا ماکي جهڙا ٻارڙا.

 

هي ٻارڙا هي پيارڙا.

هي سهڻا آهن سارڙا.

 

 

حبيب پٺاڻ

 

ملڪ جي هيءَ سونهن سوڀيا ٻارڙا

 

ملڪ جي هيءَ سونهن سوڀيا ٻارڙا،

شل رهن آباد ڀورا ڪارڙا.

ڪل پڙهن گھوڙي چڙهن جوڌا جوان،

نور اکڙين جو رهن ٿي تارڙا.

سنڌ ماتا جا اهي ٻچڙا جيئن،

پنهنجي وڏڙن جا وٺڻڪل چارڙا.

سوهڻا موتي املهه هي آبدار،

خوب ڳچڙين جا ٺهن ٿي هارڙا.

ڪي ٿين دودا ته ڪي هوشو هوشيار،

گھاءُ دشمن کي وجھن هي گھارڙا.

ٿي رهن اتحاد ۾ سورهيه سدا،

ڀاڳ جا تن کي ملن ڪي وارڙا.

ملڪ مٺڙي جا هو بڻجي پاسمان،

وطن جا سر هو کڻندا ٻارڙا.

ٻڌ حبيب آهي منهنجي هيءَ دعا،

خوش هجن ننڍڙا مٺا ۽ کارڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com