سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :5

 

رياض حسين بليدي

 

هميشہ علم حاصل ڪريو

ٻارو! علم هڪ اهڙي دولت آهي، جنهن جو ڪوبه مٽ نه آهي، علم کانسواءِ انسان انڌو آهي. علم انسان جي ٽئين اک آهي. علم طاقت آهي، حضور صلعم جي حديث آهي ته علم پرايو پينگهي کان وٺي قبر تائين.“

اسان جي سماج ۾ تعليم اڄ جي دؤر جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، اسان کي گهرجي ته هر هنڌ، هر جڳهه تي علم جهڙي روشني پکيڙيون ۽ هر هڪ کي اهو سبق ڏيڻ ته علم پرايو ۽ حقيقت ۾ علم پرائڻ گهرجي، اڄ جي دؤر ۾ دوستي ڪابه حيثيت نٿي رکي، جي دوستي به رکو ٿا ته پڙهيل، هوشيار ۽ سٺن ڇوڪرن سان دوستي رکو. جيترو ٿي سگهي، ڪتابن سان دوستي رکو ۽ جنهن مان اوهان کي ئي فائدو ملندو. هر ماڻهو، مرد، عورت ننڍن توڙي وڏن کي علم پرائڻ گهرجي ۽ علم پرائڻ فرض ڪيو ويو آهي. جاهل وڏيرو ۽ تعليم يافته غريب ڪڏهن به ٻئي برابر نه ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ ته تعليم يافته غريب وٽ عقل ۽ احساس هوندو آهي ۽ جاهل وڏيري وٽ عقل ۽ احساس نه هوندو آهي، ٻيو ته جاهل وڏيرو علم کان وانجهايل يعني علم کان سواءِ انڌو هوندو آهي، ۽ تعليم يافته غريب عقل ۽ احساس سان ڀريل هوندو آهي ۽ ان کي احساس به ٿيندو آهي.

پيارا ٻارو! اڄ جي دؤر ۾ توهان کي هر سهوليت موجود آهي، اهڙين سهوليتن جي باوجود به توهان علم نه پرايو ته عجب جهڙي ڳالهه آهي، توهان اهو به سمجهو ته علم پرائڻ واري جي لاءِ ڪابه ڏکي ڳالهه نه آهي، مگر توهان محنت ڪريو ۽ احد ڪريو ته علم پرائڻو آهي، پڙهڻو آهي، منزل ماڻڻي آهي، ان منزل تي پهڻو آهي، جيڪا انسان کي بلند درجي تي پهچائي ٿي.

محنت ڪري علم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو حصو بڻجو، جيڪڏهن توهان پڙهندؤ ته توهان کي پنهنجا والدين، مائٽ، مٽ استاد ۽ ٻيا پڻ چاهيندا ۽ توهان جي نيڪي سڄي شهر ۾ ماڻهو ڪندا ۽ جيڪڏهن توهان نه پڙهندؤ ته توهان کي ڪوبه نه ڀائيندو ۽ هر ڪوئي ڌڪاريندو.

علم تڏهن حاصل ٿيندو آهي، جڏهن محنت ڪبي آهي، سڀاڻ ڪڏهن به موٽي نه ايندو.

جيڪڏهن توهان نه پڙهندا ته توهان جي والدين کي ضرور ڏک ٿيندو. علم حاصل نه ڪرڻ وڏي نقصان جي ڳالهه آهي.

ٻارو! اسان کي گهرجي ته علم پرايون، محنت ڪريون ۽ ٻين تي نه ڀاڙيون ته جيئن اڳتي هلي پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ سٺا انسان ٿي سگهون.

 

پرديپ ميلواڻي

 

ايفل ٽاور

1889ع ۾ فرانس جي گادي واري شهر پئرس ۾ انجنيئر ريفل دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽاور تعمير ڪيو، جنهن کي ايفل ٽاور جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي اوچائي 985 فوٽ  11 انچ آهي، جيڪو پئرس جي افق تي ڇائنجي ويو آهي، ان ۾ برقي لفٽ لڳائڻ کان علاوه، عجائب گهر، هڪ عدد سئنيما، هوٽل، پوسٽ آفيس ۽ هڪ استقباليه ڪمرو به تيار ڪيو ويو آهي.

1989ع ۾ هن ٽاور جو سئو سالا سالگرهه ملهائي وئي.

شروع ۾ ان جو وزن 7500 ٽن هو، پر آهستي آهستي ان ۾ اضافو ٿيڻ ڪري، ٽاور جو وزن يارهن هزار ٿي ويو آهي. بعد ۾ انجنيئر جي خيال تي ان جو وزن پنج سيڪڙو گهٽ ڪيو ويو، جڏهن ته هن تي ڪل رقم 25 ملين فرئنڪ خرچ ٿي چڪي آهي. صرف گذريل سال 3 ڪروڙ 30 لک سياح ان کي ڏسڻ لاءِ آيا، جن مان هڪ ڪروڙ ڊالر جون ٽڪيٽون وڪرو ٿيون، نامور فراسيسي اديب موپاسان هڪ دفعي چيوهو ته:مان پيرس ۽ فرانس کي صرف ان ڪري ڇڏي آيو هوس، ڇاڪاڻ ته ٽاور مون کي بيحد پريشان ڪيو هو.“

1909ع ۾ فرانسيسي فوج ٽاور مان مواصلاتي نظام جو ڪم ورتو، پهرين جنگ عظيم ۾ ٽاور ۾ لڳل ايريل جي مدد سان ريڊيو پيغام پڪڙيو ويو. هڪ هوا باز پنهنجو جهاز ان جي اندر گذارڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر اهو پاڻ ان دنيا مان گذر ڪري ويو.

هينگري جي هڪ درزي برساتي پيراشوٽ جهڙو لباس تيار ڪيو ۽ ان کي آزمائڻ لاءِ ٽاور تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو.

ٻئي طرف هڪ عورت جو واقعو قابل ذڪر آهي، جنهن 1923ع ۾ ٽاور تان ٽپو ڏنو، بروقت ڪارروائي ڪري کيس بچايو ويو، جنهن کي پنجن مهينن کانسواءِ صحتمند پٽ پيدا ٿيو.

 

 

گل ڦل قلمي دوستي

 

نالو: علي عباس جکراڻي

ڪلا:: نائون (اي)

وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت حميد مٺائي وارو، نزد ذوالفقار علي ڀٽو لائبريري، ڪچهري روڊ پنو عاقل.

نالو: الاهي بخش منگي

ڪلاس: نائون (بي)

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، عمر ڊهو ضلعو گهوٽڪي.

نالو: نديم خان لغاري

ڪلاس: اٺون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: معرفت رشيد احمد لغاري، پوسٽ آفيس ڌڱاڻو، بوزردار.

نالو: عبدالمجيد جويو

ڪلاس: ٻيون (اي)

وندر: وڏن جو ادب ڪرڻ

عمر: 7 سال

ائڊريس: عيدگاهه محلو، جويو ڊيڪوريشن ڏوڪري.

نالو: محمد علي چانڊيو

ڪلاس: ڏهون (اي)

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: پي او فريد آباد، ضلعو دادو.

نالو: ونود ڪمار

ڪلاس: پنجون (بي)

وندر: علم سان چاهه

عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گهارو.

نالو: غلام مرتضى سميجو

ڪلاس: ستون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول، ڦلپوٽا (ن).

نالو: غلام شبير منگي

ڪلاس: ستون (اي)

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: گلستان هيئر ڊريسر، نيو بس اسٽينڊ لاڙڪاڻو.

نالو: مبارڪ سومرو

ڪلاس: ڇهون (سي)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول، بدين.

نالو: محمد شريف احمداڻي

ڪلاس: اٺون (بي)

وندر: علم سان چاهه

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، تلهار.

نالو: عباس حيدر شيخ

ڪلاس: نائون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: آفتاب وِلاز طارق روڊ، هالا نوان.

نالو: اشفاق گاد

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گاد گهٽي محله قافله سراءِ لاڙڪاڻو.

نالو: احمد علي شيخ

ڪلاس: نائون (سي)

وندر: ڪتاب پڙهڻ

 عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، شهدادڪوٽ.

نالو: پرڪاش لعل تلريجا

ڪلاس: اٺون (بي)

وندر: علم سان چاهه

عمر: 14 سال

ائڊريس: پرڪاش لعل جنرل اسٽور، جروار.

نالو: ريجهو مل ميگهواڙ

ڪلاس: اٺون (سي)

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر:  13 سال

ائڊريس: ڏيچند بوٽ هائوس، صمد مارڪيٽ، عمرڪوٽ.

نالو: امتياز حسين شاهه

ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس، گڏيجي صوڀو ديرو ضلعو خيرپور.

نالو: پنهل جوڻيجو

ڪلاس: پنجون

وندر: ريڊيو ٻڌڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت اسماعيل حجام ڳوٺ عالي جوڻيجو تلهار.

 

نالو: غلام مصطفى ميراڻي

ڪلاس: اٺون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪري.

نالو: عبدالقادر ميمڻ

ڪلاس: اٺون (اي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: ڪٽ نمبر  9335، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.

نالو: طيب علي سرائي

ڪلاس: پنجون

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: ڏهه سال

ائڊريس: معرفت سليمان پان هائوس، ويجهو برف ڪارخانو، سجاول.

نالو: عاشق علي جوکيو

ڪلاس: اٺون

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس غلام قادر جوکيو، دولتپور.

نالو: اسد الله منگي

ڪلاس: ڏهون (اي)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو.

نالو: ايم عيسيٰ هنڱورجو

ڪلاس: ڏهون (اي)

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت ڀٽائي بوڪ اسٽال کپرو.

نالو: مومن علي هنڱورجو

ڪلاس: نائون (اي)

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: محمد بن قاسم هائوس ڪٽ  9278، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.

نالو: عطاءَ الله لانگاهه

ڪلاس: اٺون (سي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول، دولتپور صفن.

نالو: اياز احمد محمدي

ڪلاس: چوٿون (اي)

وندر: خوشخطي ڪرڻ

عمر: 9 سال

ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول، پنو عاقل.

نالو: پنيل احمد ميمڻ

ڪلاس: ستون (اي)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: پوسٽ افيس هالا پراڻا ضلعو حيدرآباد.

نالو: ضياءُ احمد جوڻيجو

ڪلاس: نائون

وندر: علم سان چاهه

عمر: 14 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس نم شريف ڳڙهي ضلعو شڪارپور.

نالو: پلوشه ابڙو

ڪلاس: اٺون (بي)

وندر: ناول پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: شهباز ميوزڪ سينٽرل نيو هالا.

نالو: شوڪت اسلام ڪنڀر

ڪلاس: نائون

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 13 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس چيلهار، ڇاڇرو.

نالو: حمود الرحمان انصاري

ڪلاس: ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: ڳوٺ بچل شاهه مياڻي سکر.

نالو: گل محمد ڪورائي

ڪلاس: ڏهون (اي)

وندر: سنڌ سان پيار

عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول داد لغاري، ميرپور ماٿيلو.

نالو: محمد عمر سرڪي

ڪلاس: ڏهون (اي)

وندر: ڪتاب پڙهڻ

عمر: 16 سال

ائڊريس: عبدالڪريم ٽيلر ماستر صرافه بازار ٺل.

نالو: محمد مسعود عاسي

ڪلاس: پنجون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: جامعة العلوم الاسلاميه منصوره.

نالو: شمشاد حسين لغاري

ڪلاس: ستون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: ڳوٺ ڌڱاڻو بوزردار ٽنڊو الهيار.

نالو: عنايت الله سيال

ڪلاس: ڏهون (اي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنيمنٽ هاير سيڪنڊري اسڪول، سيتا روڊ دادو.

نالو: عبدالستار ميمڻ

ڪلاس: اٺون (اي)

وندر: قلمي دوستي رکڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: پوسٽ ٻيل تعلقو سجاول.

نالو: ذوالفقار علي ڪنڀر

ڪلاس: نائون (سي)

وندر: رسالا پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ شاهه ولي الله هاءِ اسڪول ميرپورخاص.

 


 

 

کل ته سهي

استاد (شاگرد کي) ڪالهه تون اسڪول ڇونه آيو هئين؟

شاگرد: سائين، ڪري پيس ۽ لڳي وئي.“

استاد: ڇا لڳي وئي؟

شاگرد: سائين کٽ تان هيٺ ڪري پيس اک لڳي وئي.“

عبدالرؤف جوڻيجو، سڪرنڊ.

هڪ ڏينهن، ملا نصير الدين گوشت وٺي وڃي رهيو هو، واٽ تي هڪ سرڻ لامار ڏيئي گوشت کڻي ويس، ملان رڙ ڪري چوڻ لڳو، ڀلي کڻي وڃ پر، رڌيندين ڇا ۾، اهو سامان ته مون وٽ آهي.

عبدالقادر قريشي، ميهڙ.

مالڪ (نوڪر کي) مون کي ٺيڪ 5 ٿين ته اٿارجان،

نوڪر سائين، پنج ته ٿي ويا آهن.

مالڪ: پوءِ ڏسين ڇا ٿو، ”مون کي اٿار نه!“

رميش ڪمار، مٺي.

هڪ همراهه، هوٽل ۾ داخل ٿيو، بيري کي چيائين تهويهه مانيون ۽ ٻه پليٽون ٻوڙ جون کڻي اچ.“

بيري چيس: سائين ٻيو همراهه ڪٿي آهي.“ ان ڪاوڙ مان بيري کي چيو ڇا مان توکي جانور ٿو لڳا.“

اعجاز حسين لوهر، بدين.

هڪ شخص کي گوڙ ڪرڻ تي محفل مان اٿاريو ويو. محفل ختم ٿي ته، ٻاهر دوستن چيس يار، افسوس جو توکي ڀري محفل مان اٿاريو ويو.

ان جواب ڏنو، اها ته ننڍي محفل هئي، مون کي ته وڏين وڏين محفلن مان ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيندا آهن.

ننگر سومرو، اسٽيل مل ڪراچي.

ريل گاڏيءَ جي، گاڏي ۾ سيت تي هڪ ٿلهو ماڻهو ويٺو هو. هڪ همراهه ان کي ڏسي چيو ڇاهي ريل گاڏي هاٿين جي ويهن لاءِ آهي.“ ٿلهي همراهه جواب ڏنس: نه ڪتن، ٻلن ۽ ڀولڙن لاءِ به آهي. اچو ويهو.“

واڌو ڪمار، سلطان آباد.

مڙس زال کي چيو: گهڻو گوڙ نه ڪر مان ايف اي آهيان.

زال: اهو وري ڪيئن.

مڙس: فادر آف عدنان.

زال: بس، مان توکان وڌيڪ پڙهيل آهيان، يعني مان ايم اي آهيان.

مڙس: اهو وري ڪيئن.“

زال: يعني، مڌر آف عدنان.“

اهو ٻڌي سندس پٽ چيو ته: وڙهو ڇو ٿا، کڻي نالو ئي منهنجو ٻيو رکو.

اياز علي سهتو، ڪوٽ غلام محمد.

هڪ فوجي آفيسر پنهنجي ڪمپني جي سپاهين کي دعوت ڏني، جڏهن اهي پهتا ته آفيسر چين ته: کاڌي تي دشمن وانگر وار ڪريو.“ ان تي سپاهي کاڌو کائيندا به رهيا، ۽ ڪجهه پليٽون ۽ چمچا، ور ۾ به هڻندا ويا. آفيسر جو اهو ڏٺو ته رڙ ڪري چيائين: اهو ڇا ٿا ڪريو؟“ انهن جواب ڏنو:سائين ڪجهه کاڌو اٿئون ۽ ڪجهه قيد ڪيا اٿئون، ڇو ته توهان چيو هو ته دشمن وانگر وار ڪريو، سو جنگ ۾ ته ائين ٿيندو آهي.“

معظم علي ٻرڙو، قمبر

استاد: شاگرد  کان سوال ڪندي پڇي ٿو ته: مرد جي جمع ڇا آهي؟

شاگرد: سائين مردود.

عابد علي جعفري، ڪراچي.


 

 

خط

ادا مان گل ڦل“ جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، ۽ هاڻي هر مهيني گل ڦل باقاعدي سان پڙهندو آهيان، هاڻ گل ڦل مقرر وقت تي مليو، منهنجو مطلب ته حسين شاهه جي اچڻ کان پوءِ ئي رسالو صحيح ٽائيم تي مليو، جنهن لاءِ مان اوهان کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

توهان جو رسالو هر لحاظ کان بهتر آهي، پر محترم هن ۾ سلسلا تمام گهٽ آهن، مهرباني ڪري سلسلا وڌايو، لطيفي لات وارو صفحو تمام وڻندڙ هوندو آهي، ان سان گڏ هر ڀيري شاعري به سٺي هوندي آهي، گل ڦل قلمي دوستي ۾ ڦُٽو به ڇاپيا وڃن اسان پڙهندڙن جي موڪليل خطن تي ضرور عمل ڪيو.

منور علي لانگاهه دولتپور، صفن

ادا، اوهان کي منهنجو هي عرض آهي، ته ادا سائين مون کي مئي 1995ع جو گل ڦل مليو ۽ پڙهي خوش ٿيس، هن دفعي مون کي ڪهاڻيون ڏاڍيون وڻيون جن ۾، وڏو ڪير، ڪوڙ ۽ سچ، احساس عقل خدائي ڏات، جذباتي عمل، اڇو گابو، ڊاڪٽر جي مخالفت، ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پسند آيو، هي منهنجو پهريون خط آهي، اميد آهي ته ضرورت شايع ڪندا.

اوهان جو: جنسار علي دايو ميان جو ڳوٺ

ٻالڪ ادب جي حوالي سان آئون هڪ پهريون خط لکي رهيو آهيان، اميد ته مايوس نه ڪندا ۽ شايع ڪري همت افزائي ڪندا ته ساٿ سلامت رهندو.

رسالو گل ڦل تمام گهڻو پسند آيو، جهڙوڪ، لطيفي لات، جانورن جي لائبريري، ڊاڪٽر جي مخالفت، سچ ۽ ڪوڙ، قلمي دوستي ۽ جذباتي عمل“.

گيانچند گل“ منڇاڻي شيخ ڀرڪيو.

ادا، آئون هي پهريون خط لکي رهيو آهيان، اميد ته هي منهنجو خط توهان شايع ڪندا، ته مهتباني ٿيندي، اسان مئي وارو رسالو گل ڦل پڙهيو ته دل کي راحمت اچي وئي، جنهن ۾ لطيفي لات، حج جي ڏينهن جي فضيلت، نماز، محنت، ٽي سٽا، عيد، عقل، ڪوڙ ۽ سچ، سڀ کان وڏو ڪير، کل ته سهي، قلمي دوستي، خط ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پسند آيو.

اوهانجو: گلاب علي پهوڙ وارهه

ادا، مئي 1995ع وارو پرچو عيد جي ڏينهن سائيڪل واري وٽان خريد ڪيم، پڙهي بيحد خوشي ٿي، اڇو گابو، ڪنڀر، احساس، ڪوڙ ۽ سچ ۽ ڪمپيوٽر جي آکاڻي مون کي تمام گهڻي پسند آئي. هاڻي رسالو بلڪل پوري وقت تي نڪري ٿو، پر افسوس جو مون غريب جو نه خط نه مواد شايع ڪيو ٿا، شايد اسان غريبن جي خطن کي گهٽين جي حوالي ڪري ڇڏيو ٿا، يا وري ٽوڪريءَ جي حوالي آخر ائين ڇو؟ ڇا اسان ماڻهو نه آهيون؟ ڪو ته سبب آهي.

اوهانجو: پراڻو پڙهندڙ محمد موسيٰ سولنگي

ادا، جيئن ته مئي 1995ع وارو پرچو پڙهيم، مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، هاڻي گل ڦل پوري ٽائيم تي نڪري ٿو.

پيارا ڀاءُ، سچ پڇو ته مان سلائي جو ڪم سيڙائي ڪري هر مهيني گل ڦل پڙهندو آهيان، ۽ مون کي گل ڦل پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو آهي، هي پهريون خط لکي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪندا، ڀاءُ مان صرف پنج درجا پڙهيل آهيان، جيڪڏهن خط ۾ ڪا غلطي هجي ته معاف ڪندا.

اوهانجو: عبدالرزاق درزي هنڱورجا

ادا، گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، ۽ مان هي پهريون خط لکي رهيو آهيان، اميد ته هن خط کي اسان جي گلن جهڙي گل ڦل ۾ شايع ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

مئي جو شمارو منهنجي هٿن ۾ آهي، ان ۾ لطيفي لات، حج جي اهمت، ٻيا سلسلا پسندا آيا، هي رسالو اسان جو پسنديده آهي، ۽ هي اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪري ٿو ۽ اسان کي هن جو شدت سان انتظار ڪرڻو ٿو پوي.

اوهانجو: لياقت علي ڀٽي وارهه.

ادا، اوهانجو رسالو گل ڦل مئي 1995ع وارو اسان جي هٿن ۾ آهي، مگر هڪ ڳالهه ته نه اسان جو ڪو لطيفو شامل هيو ۽ نه ڪو خط ڇا اسان لطيفا خراب ٿا موڪليون يا خط غلط لکيل هوندا آهن، ٻئي ڳالهه ته غلام مصطفى سولنگي صاحب جي ڪهاڻي اڇو گابو گلڙا ۾ شايع ٿي ۽ توهان به شايع ڪئي! اها ته سٺي ڳالهه نه آهي، هڪ ڪهاڻي ٻن ٻن رسالن ۾ شايع ٿئي، ان ڪري منهنجي توهان کي گذارش آهي ته توهان ڪهاڻي موڪليندڙ ڏانهن اهو پيغام موڪليو ته هڪڙي ڪهاڻي توهان ڪهڙي به هڪ رسالي ۾ شايع ڪرايو. اها ڪهاڻي ڪنهن ٻئي رسالي ۾ شايع نه ڪرايو ته مهرباني.

هاڻي اچون ٿا توهان جي سلسلن ڏي، حج جي ڏينهن جي فضيلت، پورهيتن جو عالمي ڏينهن، تڪو تارو، جانورن جي لائبريري، سڀ کان وڏو ڪير، مطلب ته سڀ سلسلا سٺا هئا.

افتخار علي ساجن“ سهاڳ طيب شريف.

ڀاءُ، اوهان جو مئي وارو رسالو گل ڦل اسان جي هٿن ۾ آهي، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو ته هي رسالو تمام بهترين ۽ سٺو آهي، انهي ڪري آءُ هي پهريون خط اوهان جي نظر ڪري رهيو آهيان، اميد ته ضرور شايع ڪندا، ڪهاڻين ۾، اڇو گابو، تو ڪوتارو، عقل خدائي ڏات، بيحد پسند آيون.

اوهانجو ڀاءُ لياقت علي شاد“ راهوجا

ادا، اسان جو اوهان ڏي هر مهيني ڪيترو ئي مواد موڪلي رهيا آهيون. پر اسان جو مواد ڪڏهن به شامل نه ڪيو پيو وڃي، ڇا گل ڦل ۾ اسان جو حق نه آهي، ڇا؟ جيڪڏهن توهان اسان کي فيس وٺڻ چاهيو ته اسان اها به ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. 1995ع وارو گل ڦل پڙهيوسين ان ۾ حج جي فضيلت وارو مضمون وڻيو.

اوهانجو: شفيق الرحمان ڄامڙو

ادا، مئي 1995ع وارو گل ڦل 7 مئي تي مليو، جيڪو مون پڙهيو ۽ ڏاڍو سٺو لڳو، ڪهاڻين ۾ اڇو گابو، ڪنڀر، عقل، جذباتي عمل، احساس، ڪوڙ، ۽ سچ سڀ کان وڏو ڪير ۽ کجي گهڻيون پسند آيون. مستقل سلسلن ۾ کل ته سهي، قلمي دوستي، خط، نتيجو خال ڀيو، پڻ سٺا لڳا، ادا مون هن ۾ قلمي دوستي موڪلي هئي، پر اوهان شايع نه ڪئي.

اوهانجو: اختر ڪنڀر.

 

نتيجو رنگ ڀريو- 20

 

هن تصوير ۾ ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا. پهريون نمبر آيو، قمر الدين قريشي، ڳوٺ ڌڱاڻو جوڻائي پوسٽ آفيس، وارهه.

هن ڀاءُ کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

 

نتيجو خيال ڀريو- 20

هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا، جن مان هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا. کين رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

جواب: 1- هڪ ڀيرو 2- ابولولو 3- 1998ع 4- محي الدين 5- 11875ع.

نالا:

خادم حسين ميمڻ، ناز ميڊيڪل اسٽور مانجهند.

روشن علي سولنگي، پوسٽ عالم پلي وايا ڍورو نارو، عمرڪوٽ.

برڪت علي ميمڻ، محلو الهه بچايو ميمڻ پوسٽ دادو.

خوشحال داس مالهي، ڪي- ڪي فوٽو اسٽوڊيو، عمرڪوٽ.

علي مردان ريٽي، پوسٽ وسايو ڀٽو، رتوديرو

فدا حسين ملاح، پوسٽ مٺياڻي.

اعظم مهيسر معرفت: الطاف حسين مهيسر اسٽانپ وينڊر ميهڙ.

صفدر ڀٽو، داتا ڪريانه مرچنٽ ملڪ محلو ڪنڌڪوٽ.

سنگيت ڪمار، راجا برتن اسٽور مين روڊ ڪنڌڪوٽ.

 

 

رنگ ڀريو- 22

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي اعزازي موڪلبي.

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس:.....................

خال ڀريو- 22

 هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح خال ڀري موڪليو. جن ٻارن جا پنج ئي خال صحيح ڀريل هوندا. انهن کي گل ڦل“ رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي!

پاڪستان ۾ زڪوات جو نظام جون........... سن عيسوي ۾ رائج ٿيو.

................ ڌاتو تي تيزاب اثر نه ڪندو آهي.

اولمپڪ ميڊل ۾............ گرام سون هوندو آهي.

لئنسڊائون پل سکر جو افتتاح 28 مارچ............. سن عيسوي ۾ ٿيو.

پاڪستان ٽيلي ويزن سينٽر لاهور جو افتتاح............. سن عيسوي ۾ ٿيو.

 

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽ ائڊريس:......................

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com