حال
احوال
پيارو ٻارو!
اسان
اڳئين پرچي
۾،
اڳ
لکي چڪا
آهيون، ته
وئڪيشن ملڻ
بعد،
اوهين گهڻو
اس
۾
گهمندا ڦرندا
نه
ڪريو، هيل
ته
گرميون به
تمام
سخت پيون
آهن،
۽
روزانو اخبارن
۾
اچي
رهيو آهي
ته
گرميءَ جي
ڪري
ڪيترائي ماڻهوءَ
بيهوش ٿي
ويا،
۽
ڪي گذاري
ويا
۽
ان لاءِ
اسان
جي اوهان
کي
وري به
گذارش آهي
ته
گرميءَ ۾ پنهنجو
گهر
۾
ئي رهو،
۽
گهر
۾
ئي ويهي
اسڪول طرفان
مليل
گهرو ڪم
ڪريو.
ٻارو، هي
پرچو
جڏهين اوهان
جي
هٿن ۾ پهچندو
ته
سنڌ جي
لاکڻي لطيف
جو
ميلو به
شروع
ٿي چڪو
هوندو، حقيقت
۾
انهن
بزرگن جا
ڏينهن ملهائبائي
انهيءَ ڪري
آهن،
جيئن انهن
کي
ياد ڪري
۽
سندن
پيغام تي
عمل
ڪجي!
ٻارو، ٻارن
جي
پورهئي تي
بندس
وجهڻ لاءِ
اسان
جي حڪومت
به
سوچي رهي
آهي،
۽
سڄي دنيا
۾
ان
بابت آواز
اٿاريو پيو
وڃي،
اوهين به
ڪٿي
ڏسو ته
ڪنهن
معصوم ٻار
کان
جبري پورهيو
ڪرايو ٿو
ڃي
ته ان
لاءِ
آواز اٿاريو،
۽
واسطيدار عملدارن
کي
لکيو.
ٻارو، آخر
۾
ڌڻي
در اهائي
دعا
آهي ته،
سنڌ
ڌرتي تي
امن
۽
سڪون رهي.
۽
اوهين سنڌ
ڌرتي
جا ٻار
سدائين آباد
هجو.
اوهانجو ادا:
اڪبر
جسڪاڻي
ڪلياڻي آڏواڻي
لطيفي لات
ساري
رات، سُبحان
جاڳي
جن ياد
ڪيو،
ان
جي عبداللطيف
چئي
مٽي لڌو
مان،
ڪوڙين ڪن
سلام، آگهه
اچيو
ان جي.
مٿيون بيت
شاهه
صاحب جي
رسالي مان
کنيو
ويو آهي،
جو
سر سري
راڳ
داستان ٻئي
جو،
ٻيو نمبر
بيت
آهي.
سمجهاڻي: جن
ساري
رات جاڳي،
الله
سائين جي
عبادت ڪئي
يا
ان کي
ياد
ڪيو، انهن
جي
درگاهه تي
ڪوڙين ماڻهو
اچيو
سلام ڪن.
هن
بيت مان
اهو
سبق ملي
ٿو
ته، جيڪي
الله
سائين جي
عبادت ڪن
ٿا،
الله تعالى
وٽ
انهن جو
وڏو
مانُ آهي،
جو
مُئي به
سندن
درگاهه تي
هزارين عقيدتمند
اچن
ٿا.
صاحب
خان سورهيه
ميراڻي
شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؒ
سنڌ
جي عظيم
صوفي
شار حضرت
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي،
ضلعي
حيدرآباد، تعلقي
هالا
حويليءَ ۾ سن
1690ع
مطابق
1102
هجري
۾
هڪ
مشهور بزرگ
شخصيت شاهه
حبيب
جي گهر
۾
اکيون کوليون،
سندن
گهر علمي
۽
مذهبي هو،
شاهه
عبداللطيف جو
پڙ
آڏو حضرت
شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ
وارو
پنهنجي وقت
جو
وڏو صوفي،
بزرگ
شاعر ۽ الله
کي
پيارو ٻانهون
هو.
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي
ننڍپڻ کان
ئي
مڪتب ۾ پڙهڻ
ويٺو
خدا کيس
اهڙي
ذات ڏني
آهي،
جو سنڌ
بلڪه
سڄي دنيا
۾
شاعرن جو
سرتاج سڏجڻ
لڳو،
شاهه عبداللطيف
جو
هر هڪ
بيت
آيت مثل
آهي،
انهيءَ ڪري
پاڻ
فرمايو اٿن
ته:
جي
تو بيت
ڀانيان سي
آيتون آهين
نيومن لائين
پريان سندي
پار
ڏي.
سندس
ڪلام جي
مجموعي کي
”شاهه
جو رسالو“
چئون
ٿا. شاهه
عبداللطيف ڀٽائي
جي
ڪلام ۾ جت
سنڌ
جي سماجي
تاريخ، جاگرافيائي،
تهذيب، تمدن
۽
وڻج
واپار طرف
اشارا ملن
ٿا،
اتي سندس
شاعري ۾ تصوف
جو
بيان ۽ صوفيانه
نقطا
۽
سبق پڻ
ملن
ٿا، سندس
ڪلام
۾
وحدانيت، هم
اوست، فاني
في
الله ٿيڻ،
فنا
في الشيخ
ٿيڻ،
مرشيد ڪامل،
مؤمن، صوفي،
عرفت
جو راز،
نفس
اماره، عبادت،
تڪبر، صبر،
ٻيائي، غفلت،
خودي، حسد،
نيڪي، پرهيزگاري
وغيره جهڙن
موضوعن ت
پڻ
بيت ملن
ٿا.
شاهه
صاحب محبت،
ايڪي، ٻڌي،
ڀائيچاري، ۽ پيار
جو
پيغام ڏيندي
پکين
جو مثال
ڏيندي چوي
ٿو
ته:
وڳر
ڪيو وتن،
پرت
نه ڇنن
پاڻ
۾
پسو
پکيئڙن ماڻهان
ميٺ
گهڻو.
شاهه
سائين اسان
کي
بيت ذريعي،
پکين
جو مثال
ڏئي
چوي ٿو
ته،
پکي به
وڳر
ڪيو ٿا
تن،
هنن جي
پريت
پڪي آهي،
اسان
کي به
پاڻ
۾
گڏجي ميٺ
۽
محبت
سان رهڻ
کپي،
ڇو ته
ٻڌيءَ ۾ برڪت
آهي.
لطيف جو
رسالو فقط
چند
سُرن جو
نالو
نه آهي.
سندس
رسالو هڪ
دؤر
جي تاريخ
۽
سنڌ
جي وڏي
حصي
جي جاگرافي
پڻ
آهي، سندس
ڪلام
مان اسان
کي
ڪيترائي تاريخي
نقطا
ملن ٿا.
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي
اسان
جي سنڌ
جي
مشهور رومانوي
قصن
عمر مارئي،
مومل
راڻو، سسئي
پنهون، نوري
ڄام
تماچي، ليلا
چنيسر ۽ راءِ
ڏياچ
جو ذڪر
پنهنجي امر
ڪلام
۾
ڪيو آهي.
دنيا
۾
اهڙا شاعر
گهٽ
ملندا جن
ديس
کان علاوه
پوري
عالم لاءِ
به
گيت ڳائي
هجن،
پر اسان
جي
لاکڻي لطيف
اسان
جي جيجل
سنڌ
سان گڏ
پوري
عالم لاءِ
به
دعا گهري
آهي۽
چيو آهي:
سائينم سدائين
ڪرين
مٿي سنڌ
سُڪار،
دوست
تون دلدار
عالم
سڀ آباد
ڪرين.
سلام
آهي شاعرن
جي
سرتاج شاهه
عبداللطيف ڀٽائي
کي
جنهن سنڌ
کي
ماڪ جي
قطرن
وانگر چمڪدار
بنايو، سندس
مٿان
ڪٽ لاهي،
اهو
چمڪدار هيرو
بنايو جو
ڪنهن
کان وسرڻ
جو
نه آهي.
شاهه
عبداللطيف کي
اڄ
به هر
سنڌي
ماڻهو ياد
پيو
ڪري، ۽ شاهه
جي
هڪ هڪ
بيت
کي سنڌي
ماڻهوءَ دل
۾
سانڍي رکيو
آهي.
شاهه
عبداللطيف ڀٽائي
1752ع
مطابق
14
صفر 1165
هجري
۾
هن فاني
دنيا
مان پرواز
ڪري
وڃي، پنهنجي
مالڪ
حقيقيءَ سان
مليا، سندس
ورسي
هر سال
14
صفر
تي سندس
مزار
تي نهايت
عقيدت ۽ احترام
سان
ملهائي ويندي
آهي،
جنهن کي
اسان
”ڀٽائي
جو
ميلو“ جي
نالي
سان ياد
ڪندا
آهيون.
سڄي
ملڪ مان
شاهه
جا پانڌيئڙا
ان
ميلي ۾ شريڪ
ٿي
حاضري ڀريندا
آهن.
حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي
حيدرآباد جي
ڀرسان ڳوٺ
ڀٽ
شاهه ۾ دفن
ٿيل
آهن.
سندس
مزار تي
عاليشان مقبرو
اڏيل
اٿس، جيڪو
ڪلهوڙن جي
مشهور حاڪم
ميان
غلام شاهه
ڪلهوڙي جوڙايو
هو.
23
اپريل
95
ٿي،
ٽپهري مهل،
هاءِ
اسڪول فريد
آباد، جي
نائين ڪلاس
جي
شاگرد ارشاد
علي
ڏيرو، مٿان
وڄ
ڪري ۽ هو
لاڏاڻوڪري ويو.
جوهر
بروهي
ارپنا
اميدن جي
پاچي
۾؛
جيون
امنگون،
ٿي
پاليون.
اما؛
پيءُ ۽ تو
اي
مٺڙا!
سندءِ ٽهڪ،
ڄڻ
زندگي جا
حوالا
سندءِ ٻالپڻ؛
کيرٿر ۾ جمالا.
اڃان
آس اک
ڪانه
کولي هئي،
امان
جي کٽي
ڪانه
لولي هئي،
اڃا
تنهنجي وک
اڳتي
اڀرڻ گهريو
هو.
سندءِ ٻول
ٻاتن
به اسرڻ
گهريو هو،
ٿيا
ڪونه،
جيون
جا،
پاڇا
سنوان
نه
سرجيا،
غزل
گيت نغما
نوان،
تو
ڪاڇي جي
صحرا
۾،
سايا
ٿي جاچيا.
پڪل
ڪڻڪ جي
فصل
۾
تو
به آنڀون
ٿي
چونڊيا
تون
انڊلٺ جي
رنگن
۾
رنڱجي ويو
هئين.
اها
شام،
ڄڻ
قيام
بڻجي
ٽٽي هئي.
جڏهن
جهڙ ڏسي،
پوري
ڪاڇي جي
جيوت،
ٿي
نعرا هنيا.
ڀيڄ!
ڀيڄ!
انهيءَ وقت
وچ
چمڪو کاڌو
هيو.
ڪري
تو مٿان!!
پر؛
مان
ڀانيان ٿو
هيئن!!
ابي؛
ماءُ ۽ ڀائرن؛
تنهنجي جيڏن
جي
دل
کي
جلائي وئي،
ٻه
ٽي سڏڪا
”جوهر“ به
اڄ
ارپيا
قبولين
ته
آسيس
ڪافي
ملي.
ڊاڪٽر قاسم
ٻگهيو (عالمي
لوڪ ادب
(مان)
ڪتو
ڪار جي
پويان ڇو
ڊوڙندو آهي؟
اوڀر
آفريڪا ۾ هر
ڪو
ماڻهو ڄاڻي
ٿو
ته ڪتا
ڪار
جي پويان
ڇو
ڊوڙندا آهن.
ڪجهه
وقت اڳ
جڏهن
ڪار نئين
نئين
ايجاد ٿي
هئي،
گڏهه، ٻڪر
۽
ڪتو
شهر کان
پنهنجي پنهنجي
ڳوٺ
وڃڻ لاءِ
هڪ
ٽيڪسيءَ ۾ چڙهيا
هئا.
جڏهن
گڏهه جي
ڳوٺ
ويجهو آيو
ته
هن ڊرائيور
کي
گاڏي بيهارڻ
لاءِ
ڪلهي تي
ٿپڪي
ڏني.
”اتي
بيهارجان، گهڻا
پئسا،“ گڏهه
پڇيس.
”ٽي
هزار فرئنڪ.“
ڊرائيور گهريا،
گڏهه
کيس پئسا
ڏنا
۽
ڊرائيور، ٻڪر
۽
ڪتي
کي کنيو
اڳتي
روانو ٿيو.
ٿورو
اڳتي هلي،
ٻڪر
کي لاهڻ
لاءِ
چيو ۽ پڇيو
ته
”گهڻا
پئسا.“
”ٽي
هزار فرئنڪ“،
ڊرائيور وراڻيو،
ٻڪر
ٽپو ڏئي
ٽيڪسي مان
لٿو،
۽
بغير پئسن
ڏيڻ
جي وٺي
ٻوڙن
۾
ڊوڙ پات
۽
ڀڄي
ويو.
نيٺ
ڪتي جي
منزل
به اچي
وئي،
”گهڻا
پئسا“،
ڊرائيور کان
پڇيائين.
”ٽي
هزار فرئنڪ“
ڊرائيور جواب
ڏنو.
ڪتي
پنجن هزارن
جو
نوٽ ڪڍيو.
ڊرائيور جهپڙ
ڏئي
ڪتي کان
نوٽ
کسي ورتو
۽
تيزيءَ سان
گاڏي
ڊوڙايون ٽهڪ
ڏيندو ڀڄي
ويو.
هاڻي، اوهان
پڪ
سان سمجهي
ويا،
هوندؤ ته
گڏهه، ٻڪر
۽
ڪتا،
ڪار کي
ڏسي
ڇو مختلف
رويو
اختيار ڪندا
آهن.
گڏهه
اتي ئي
بيٺو
هوندو آهي،
ڪار
لنگهڻ سان
سندس
صحت تي
ڪوبه
اثر ڪونه
پوندو آهي،
جو
هن پنهنجو
ڪرايو ڏئي
ڇڏيو
آهي ۽ ڪوبه
غلط
ڪم ڪونه
ڪيو
آهي، جو
کيس
شرمندو ٿينو
پوي.
ڪار
جيئن ئي
ٻڪر
جي ويجهو
ايندي آهي.
ٻڪر
وڍي هيڏي
هوڏي
ڊوڙندو آهي،
جو
کيس خبر
آهي
ته هن
ڪريو
ڪونه ڏنو
۽
آهي
۽
ڊرائيور پڪ
کيس
تلاش ڪندو
هوندو ته
جيئن
پئسا وصول
ڪري
سگهي.
پر
ڪتو هميشه
ڪار
جي پٺيان
ڊوڙندو رهندو
آهي،
جو ڊرائيور
سندس
پئسا کڻي
ڀڄي
ويو هو.
(اتر
گهانا، ماريطانيا
جي
لوڪ ادب
مان)
مقصود گل
اونهارو
ايلي
ڙي! اونهارو
آيو،
گرميءَ کان
هر
من گهٻرايو.
جان
لائي جون
مهينو،
بت
۾
ڪپڙا پاڻ
پسينو.
جهولي، جا
گهوگهاٽ هوا
۾،
برسي
ٿي ڄڻ
باهه
فضا ۾.
ڏينهن سڄو
اڀ
آگ وسائي
رات
جو ٻوسٽ
مونجهه منجهائي.
ڪوٺن
ته ڏسي
کوڙ
کٽولا،
وڃڻا
هٿ ۾، آلا
چولا.
ماڻهن سان
گڏ
مانديون مينهون،
مالوندن جي
گهر
۾
دونهيون.
آرايون، پت،
ڦرڙيون نڪتيون،
ٻار
ننڍا ڄڻ
ڪُرڙيون ڦٿڪيون.
مڇرن
جا ڇمڪار
الاڙي!
ٻاڪارن ٿا
ٻار
اباڙي!
پوڙهيون هي
آلاپ
اٿارن،
واءُ
ڏکڻ جي
سڀئي
سارن.
آءُ
اڏامي ڏکڻ
ڏيهي،
ڀڃ
اچي مڇرن
جي
پيهي.
ڏکڻ
ايندو ڌمچر
ڌم
سان،
گهوڙِي ٻڌندو
سائيءَ نم
سان.
شربت
بوتل، مِلڪ
ملائي،
سيٺن
جي ٻارن
لئه
آئي.
ڏڌ
جو هلڪو
ٿڌڙو
جهارو،
پي
ٿا ڪن
مسڪين گذارو.
بجلي
وارن جي
من
مستي،
هر
هر اوندهه
ساري
بستي.
آفيسر ۽ سيٺيون
سارا،
ڪولر، فرج
۽
اي
سيءَ وارا،
گرمي
۾
سيءُ، ٿڌڙا
ڪمرا،
هر
موسم ۾ سيٺيا
سنرا.
بجلي
بند جنريٽر
چالو،
راڊيون، بلب
۽
ڪولر
چالو.
پئسو
ٿو سڀ
رنگ
پسائي،
مرضيءَ تي
موسم
بدلائي.
ساري
سختي مسڪينن
لئه،
گرمي
سردي مسڪينن
لئه،
وقت
مٿي گل
سڀ
جو وارو،
ويندو گذري
نيٺ
اونهارو.
الطاف شيخ
ٽي
جادوءَ جون
سوغاتون
ڪنهن
زماني ۾
”تي-
هو“
نالي هڪ
غريب
چيني ڇوڪر
رهندو هو.
هڪ
ڏينهن هو
گهر
کان ٻاهر
راند
کيڏي رهيو
هو
ته هن
کي
هڪ ڪينئون
نظر
آيو، جيڪو
بلڪل
مرڻينگ حالت
۾
هو.
هو
ان ڪينئين
کي
پنهنجي گهر
کڻي
آيو ۽ جيتريقدر
ٿي
سگهيو، سندس
ٽهل
ٽڪور ڪرڻ
لڳو.
جڏهن به
کيس
ڪجهه کائڻ
لاءِ
ملندو هو
ته
ان مان
ڪينئين کي
به
کارائيندو هو.
ٿورن
ڏينهن ۾ ڪينئون
چاق چڱو ڀلي
ٿي
ويو ۽ هاڻ
قد
۾
پڻ وڌڻ
لڳو،
جيڏانهن به
”تي-
هو“ نڪرندو
هو
ته هي
به
سندس پٺ
وٺي
هلندو هو
۽
ٻئي
ڄڻا سٺا
دوست
ٿي ويا.
ڪڏهن
ڪڏهن
”تي-
هو“
جي ماءُ
ڪاوڙجي کيس
دڙڪا
پڻ ڏيندي
هئي:
”نادان
ڇوڪر! ڪو
ڌنڌو
ڌاڙي ڪري
ڪمائڻ بدران
هروقت ڪينئين
سان
راندو ڪندو
رهين
ٿو. ان
مان
ڇا ورندءِ.
جي
ائين وقت
وڃائيندو رهندين
ته
هڪ ڏينهن
پڪ
بک وگهي
مري
وينداسون.!“
”تي-
هو“
جواب ڏيندو
هو:
”امان
تون فڪر
ڇو
ٿي ڪرين،
هڪ
ڏينهن جڏهن
منهنجي هو
ڪينئون وڌي
وڏو
ٿيندو ته
پاڻهي پنهنجي
مدد
ڪندو، تون
رڳو
ڪجهه وقت
ترس،
پوءِ ڏس
ته
ڇا ٿو
ٿئي.“
هڪ
ڏينهن
”تي-
هو“
کي ڪينئين
چيو:
”منهنجا
مالڪ
جان بچائڻ
۽
هيترو وقت
کارائڻ پيارڻ
لاءِ
وقت اچي
ويو
آهي، ته
وڏي
درياءَ ۾ وڃي
رهان. سو
مهرباني ڪري
مون
کي اوڏانهن
وٺي
هل.“
سو
”تي-
هو“ جڏهن
درياءَ جي
ڪپ
وٽ پهتو
ته
ڪينئين هڪدم
درياءَ ۾ کڻي
ٽٻي
هنئي، درياءَ
۾
گهڙن
سان هو
ڪينئين مان
ڦري
هڪ وڏي
اجگر
بلا ٿي
ويو.
جنهن جا
وڏا
پَرَ ۽ سنهري
ڇلر
چلڪڻ لڳا.
اجگر
بلا رڙ
ڪري
چيو:
”منهنجا
مالڪ! منهنجي
خدمت
ڪرڻ جي بدلي
۾
آئون
توکي هڪ
گڏهه
ڏيندس، جنهن
وقت
به توکي
سون
جي ضرورت
پوي
ته هن
کي
فقط ايترو
چئجانءِ
”گڏهه،
گڏهه
مون کي
سون
ڏي“ ۽ گڏهه
جي
وات مان
سون
جون چڪيون
نڪري
اينديون، پر
ياد
رکجانءِ، گهر
پهچڻ
کان اڳ
هن
کان متان
سون
جي گهر
ڪئي
اٿئي.“
اجگر
بلا، اڃا
ڳالهايو ئي
پئي
ته درياءَ
مان
هڪ گڏهه
نڪري
آيو، پوءِ
اجگر- بلا
موڪلائي درياءَ
منجهه غائب
ٿي
ويئي.
تي-
هو، ان
بعد
گهر جور
خ
ڪيو، پٺيان
پٺيان سندس
گڏهه
به هلندو
آيو،
رستي تي
رات
گذارڻ لاءِ
هو
هڪ مسافر
خاني
۾
آيو ۽ مسافر
خاني
جي مالڪ
کي
چيو:
”آئون
هتي
رات ٽڪڻ
چاهيان ٿو،
پر
مهرباني ڪري
منهنجي گڏهه
جو
پڻ چڱيءَ
طرح
خيال رکجانءِ.
هن
کان سون
جي
گهُر هرگز
نه
ڪجانءِ.“
مسافرخاني جي
مالڪ
کي ڏاڍو
تعجب
لڳو ته
نينگر اهو
سڀ
ڪجهه کيس
ڇو
ٻڌايو. پر
ڪجهه
چوڻ بدران
هو
ماٺ ۾ رهيو،
پوءِ
جڏهن نينگر
گهاٽيءَ ننڊ
۾
سمُهي رهيو
ته
مسافر خاني
جو
مالڪ آهستي
آهستي ڪري
گڏهه
وٽ پهتو.
گڏهه
جي ڳچيءَ
تي
پيار مان
هٿ
گهمائي چيو:
”گڏهه، گڏهه
مون
کي سون
ڏي.“
هن جي
ائين
چوڻ سان
گڏهه
پنهنجو وات
کولي
سون جون
ننڍيون چڪيون
ٻاهر
ڪيون.
”ڪهڙو
ته عجيب
گڏهه
آهي“،
مسافر خاني
جي
مالڪ چيو،
”اهڙي
گڏهه کي
ته
مون کي
پاڻ
وٽ رکڻ
کپي.“
ٻئي
ڏينهن مسافر
خاني
جي مالڪ
”تي-
هو“ جو
گڏهه
پاڻ وٽ
رکي
هن کي
پنهنجو ڏيئي
ڇڏيو.
”تي-
هو“ گهر
پهچي
پنهنجي ماءُ
کي
چيو:
”خبر
اٿئي، منهنجو
ڪينئون هڪ
اجگر
بلا ٿي
پيو،
۽
ڏس هي
گڏهه
هن تحفي
طور
ڏنو آهي.
هن
گڏهه جي
اها
خاصيت آهي
ته
هن کي
جي
چئبو ته
”گڏهه، گڏهه،
سون
ڏي“ ته
وات
مان سون
ڪڍي
ڏيندو.“
”چڱو
اچو ته
ڏسون
ته اهو
واقعي جادوئي
گڏهه
آهي يا
نه.“
اهو چئي
ماڻس
گڏهه کي
چيو:
”گڏهه،
گڏهه
سون ڏي.“
پر
ڪجهه به نه
ٿيو،
وري
”تي-
هو“
رڙ ڪري
چيو،
”گڏهه،
گڏهه
سون ڏي.“
پر
وري به
ڪجهه
به نه
ٿيو.
تي-
هو کي
ڏاڍي
ڪاوڙ لڳي،
”اجگر
بلا پاڻ
سان
شايد ڪو
دوکو
ڪيو آهي.“
هن
چيو
”هن
سان
مون کي
ان
بابت ضرور
ملڻ
کپي.“
ٻئي
ڏينهن
”تي-
هو“
جڏهن نديءَ
جي
ڪناري تي
پهتو
ته اجگر
بلا
اڳهين هن
جي
انتظار ڪري
رهي
هئي.
”تون
مون
کي چکو
بيوقوف ٺاهيو.“
تي-
هو چيو،
”گڏهه
تي ٽڪر
به
سون جو
نه
ڏنو.“
”مون
توسان ڪوبه
چرچو
يا دوکو
نه
ڪيو آهي،
منهنجا مالڪ“
اجگر
بلا چيو،
”بهرحال هن
دفعي
آئون توکي
هڪ
ميزپوش ڏيان
ٿي،
جنهن وقت
به
توکي بک
لڳي
ته هن
ميز
پوش کي
وڇائي فقط
اهو
چئجانءِ ته
”ڪپڙا
ڪپڙا“ مون
کي
ماني ڏي
ته
ڪيترن ئي
قسمين جا
کاڌا
اچي حاضر
ٿيندا. هن
دفعي
بيحد خبردار
ٿجانءِ ۽ رستي
تي
ان بابت
ڪنهن
سان به
ڳالهه نه
ڪجان.“
درياءَ مان
هڪدم
اڇي رنگ
جو
ميزپوش اڀري
”تي-
هو“ وٽ
تري
آيو، ان
بعد
اجگر بلا
موڪلائي درياءَ
۾
وري
غائب ٿي
ويئي.
”تي-
هو“
ميز پوش
کنيو
۽
گهر ڏي
روانو ٿيو.
رستي
تي رات
ٿيڻ
تي هو
وري
ساڳي مسافر
خاني
۾
ٽڪيو.
سمهڻ
کان اڳ
”تي-
هو“ مسافر
خاني
جي مالڪ
کي
چيو:
”منهنجي
ميزپوش کان
کاڌي
جي گهُر
هرگز
نه ڪجانءِ“
هن
جي اها
ڳالهه ٻڌي
چالاڪ مالڪ
سمجهي ويو
ته
گڏهه وانگر
هي
ميز پوش
پڻ
جادوءَ جو
آهي.
۽
پوءِ
جڏهن
”تي-
هو“
سمهي
رهيو
ته مسافر
خاني
جي مالڪ
آهستي آهستي
ڪري
ميز پوش
کنيو
۽
پنهنجي ٽيبل
تي
وڇائي چيو:
”ڪپڙا، ڪپڙا
مون
کي ماني
ڏي.“
انهيءَ چوڻ
جي
دير هئي،
جو
هڪدم ڪيترن
ئي
قسمن جا
طعام
ان ميز
پوش
تي وڇائجي
ويا،
جيڪي هو
پيٽ
ڀري کائيندو
رهيو.
ٻئي
ڏينهن صبح
جو
”تي-
هو“ جادوئي
ميز
پوش بدران
مسافر خاني
جي
مالڪ جو
ميز
پوش ڪڇ
۾
وجهي
گهر ڏي
روانو ٿيو.
جڏهن
هو گهر
پهتو
ته هن
کي
ڏاڍي بک
لڳي،
هن هڪدم
ميزپوش کي
ٽيبل
تي وڇائي
چيو:
”ڪپڙا،
ڪپڙا، مون
کي
ماني ڏي.“
پر
ڪجهه به
نه
ٿيو.
هن
جي ماءُ
جيڪا
هي سڀ
ڪجهه
ڏسي رهي
هئي،
تنهن پنهنجي
پٽ
کي ٽوڪيندو
چيو:
”اجگر
بلا
هڪ دفعو
وري
توکي بيوقوف
بنايو.“
”تي- هو“
کي
اجگر تي
تمام
گهڻي چڙ
آئي.
هن ڀيري
هو
ڊوڙندو ڊوڙندو
درياءَ جي
ڪپ
تي پهتو
ته
ڏٺائين ته
اجگر
بلا وري
سندس
انتظار ڪري
رهي
هئي.
”تو
مون
کي چڱو
بيوقوف بڻايو.“
تي-
هو ڪاوڙ
مان
رڙ ڪري
چيو.
”منهنجا
پيارا، مالڪ
مون
توکي بيوقوف
هرگز
نه بنايو
آهي.“ اجگر
بلا
جواب ڏنو.
تنهنجي سستيءَ
ڪري
ائين ٿيو،
پر
خير ڪا
ڳالهه ناهي،
هن
ڀيري آئون
توکي
هڪ لڪڻ
ڏيان
ٿي، هي
لڪڻ
تنهنجو پاڻهي
خيال
رکندو، جڏهن
تون
ڪنهن کي
مارڻ
چاهين ته
هن
لڪڻ کي
فقط
ايترو چئجانءِ
ته
”لڪڻ،
لڪڻ ماڻهوءَ
کي
مار.“ ۽ پوءِ
مارڻ
بند ڪرائڻ
لاءِ
”لڪڻ،
لڪڻ،
هاڻ بس
ڪر.“
چئجان.“
ان
بعد درياءَ
مٿان
هڪ لڪڻ
ترندو هن
ڏي
آيو. اجگر
بلا
هڪ دفعو
وري
موڪلائي درياءَ
۾
غائب
ٿي ويئي.
”تي-
هو“ لڪڻ
کڻي
گهر ڏي
روزانو ٿيو،
رستي
جڏهن رات
ٿي
ته هو
وري
ساڳئي مسافر
خاني
۾
ترسي پيو.
مسافر خاني
جي
مالڪ کي
هن
ٻڌايو:
”ڏس
منهنجي
لڪڻ کي
مارڻ
لاءِ هرگز
نه
چئجانءِ.“
مسافر خاني
جو
مالڪ سمجهي
ويو
ته گڏهه
۽
ميزپوش وانگر
هي
لڪڻ به
پڪ
جادوءَ جو
ئي
هوندو.
مسافر خاني
جو
مالڪ هاڻ
وڏو
امير ٿي ويو
هو،
جو گڏهه
کيس
هر وقت
سون
ڏيندو رهيو.
ان
کان علاوه
هي
سخت ٿلهو
متارو پڻ
ٿي
پيو هو،
جو
ميز پوش
ذريعي هر
وقت
کاڌا گهرائي
کائيندور هيو
ٿي،
پر هي
ايڏو
لالچي هو
جو
اهو لڪڻ
به
غريب ڇوڪر
کان
کسڻ چاهيو
ٿي.
ان
رات جيئن
ئي ”تي- هو“ ستو
ته
مسافر خاني
جي
مالڪ هن
جو
لڪڻ کڻي
ان
جي جاءِ
تي
هڪ پنهنجو
لڪڻ
رکي ڇڏيو،
۽
پوءِ
پڪ ڪرڻ
لاءِ
ته اهو
لڪڻ
واقعي جادوءَ
جو
ئي آهي
يا
نه، لڪڻ
کي
چيو
”لڪڻ،
لڪڻ،
ماڻهوءَ کي
مار.“
بس
هن جو
ائين
چوڻ لڪڻ
کيس
مارڻ شروع
ڪري
ڏنو، هو
رڙيون ڪري
گهر
۾
هيڏانهن هوڏانهن
ڊوڙڻ
لڳو، پر
جيڏانهن وڃي
لڪڻ
سندس پويان
۽
ڌڪن
جو وسڪارو
ڪندو
رهيو.
رڙين
جي آواز
تي
”تي-
هو“ جي
به
اکي کلي
پيئي
۽
ڏٺائين ته
مسافر خاني
جو
مالڪ موچڙا
کائي
رهيو آهي،
اهو
ڏسي
”تي- هو“
کي
ڏاڍي کل
آئي.
”بچاءِ،
بچاءِ،مون کي
بچاءِ.“ مسافر
خاني
جي مالڪ
هاڻ
زور زور
سان
دانهون شروع
ڪيون.
”مهرباني
ڪري پنهنجي
لڪڻ
کي چئه
ته
مون کي
مارڻ
بند ڪري.
آئون
توکي گڏهه
۽
ميزپوش به
واپس
ڪري ڇڏيندس.“
پوءِ
ان تي
”تي-
هو“ رڙي
ڪري
لڪڻ کي
چيو:
”لڪڻ
لڪڻ،
مارڻ بند
ڪر.“
ان بعد
لڪڻ
مارڻ بند
ڪيو
۽
اچي پنهنجي
اصلي
مالڪ
”تي-
هو“
وٽ
ڪريو.
ڊپ
۾
ڏڪندڙ مسافر
خاني
جي مالڪ
هڪدم
گڏهه ۽ ميز
پوش
”تي-
هو“ جي
حوالي ڪيو،
۽
پوءِ
رات گذاري
صبح
ٿيڻ تي
”تي-
هو“ پنهنجي
گهر
ڏي روانو
ٿيو.
هن ڀيري
پنهنجي اصلي
جادوئي گڏهه،
جادوئي ميزپوش
۽
جادوئي لڪڻ
سميت
هليو ويو.
اڪبر
جسڪاڻي
ڪوئو
۽
بجلي
هڪ
گهر جي
ڀرسان ڪوئن
جي
ٻر هوندي هئي،
ڪوئا
ان گهر
۾
گهڙي
ڪپڙا، لٽا
ٽڪي
پنهنجو پيٽ
پاليندا هئا.
انهن
۾
هڪ ننڍو
ڪوئو
ڏاڍو شرارتي
هوندو هو.
اهو
ان گهر
مان
ڪڏهن ڪنهن
ٻار
جي پينسل،
ڪڏهن
اکرن مٽائڻ
وارو
رٻڙ، کڻي
ويندو هو،
پوءِ
جڏهن گهر
۾
پينسل يا
رٻڙ
نه ملندو
هو،
ته پوءِ
عامر
۽
عاصمه پاڻ
۾
پيا
وڙهندا هئا،
۽
هڪ
ٻئي کي
پيا
چور
ڪندا
هئا، سندن
امڙ
گهڻو سمجهائيندو
چين
ته
”ابا،
ٿي
سگهي ته
اسڪول ۾ وساري
آيا
هجو.“ جڏهن
ڀيڻ
ڀاءُ وڙهندا
هئا
ته، ڪنهن
ڪنڊ
۾
ڪوئو اهو
لڪاءَ ڏسي
ڏاڍو
خوش ٿيندو
هو، پوءِ پنهنجي
ٻِرَ
۾
اچي، سڀني
ساٿين کي
فخر
سان ٻڌائيندو
هو،
ته
”اڄ
پينسل
تان ڀاءُ
۽
ڀيڻ
کي ويڙهايو
اٿم.“
اها
ڳالهه ٻڌي،
ڪوئا
ڏاڍو خوش
ٿيندا هئا،
پر
انهن جي
امڙ
پريشان ٿي
ويندي هئي،
۽
کيس
سمجهائيندي هئي،
”او،
چريا انسان
جا
هٿ نه
لڳا
اٿئي، جي
خبر
پئجي وين
ته
ماري ڇڏيندي،
انهن
اسان جي
خبر
انهن اسان
جي
ڦاسائڻ لاءِ
ڪيترن ئي
قسمن
جون ڪوڙڪيون
ٺهرايون آهن، ۽
ان
۾
ڪانه ڪا
کاڌي
جي شيءَ
وجهي
ڇڏيندا آهن،
ائين
تو جهڙا
بيوقوف،
ان
۾
ڦاسي پوندا
آهن.
اڳي رڳو
ٻليءَ جو
ڊپ
هوندو هو،
پر
اُها، ميائو
ڪندي
هئي ته
اسان
وڃي ٻر
۾
لڪندا هئاسين،
پر
هاڻ ته
انسانن اسان
جي
ڦاسائڻ ۽ مارڻ
لاءِ
قسمين قسمين
شيون
ٺاهيون آهن.
اها
ڳالهه ٻڌي
ننڍو
ڪوئو کلندو
هو
۽
چوندو هو
”امڙ،
هاڻ اسان
به
هوشيار ٿي
ويا
آهيون، توهان
جو
دؤر گذري
ويو“
اها
ڳالهه ٻڌي
ٻيا
ڪوئا کلندا
هئا،
پر سندن
امڙ
پريشان رهندي
هئي.
هڪ
ڏينهن ننڍو
ڪوئو
هڪ پلاسٽڪ
جي
بجلي جي
تار
ٻر ۾ کڻي
آيو.
سڀ ڪوئا
پريشان ٿي
ويا
ته هي
ڇا
آهي، ۽ پوءِ
ننڍي
ڪوئي سمجهاين
ته
”سامهون جيڪو
بنگلو ٺهي
راس
ٿيو آهي.
ان
۾
هڪ اهڙي
مشين
لڳائي اٿن،
جو
سڄو ڪمرو
ٿڌو
رهي ٿو.
جڏهن
ان
مشين کي
لڳائي رهيا
هئا
ته مان
ڪنڊ
۾
لڪو بيٺو
هوس،
۽
جيڪو ان
کي
لڳائي رهيو
هو،
انکي اليڪٽريشن
ٿي
چيائون ۽ ان
مشين
کي ايئرڪنڊيشن،
جڏهن
ايئرڪنڊيشن لڳائي
بس
ڪيائون ۽ بجلي
جو
بٽڻ جو
هيٺ
ڪيائون ته
سڄو
ڪمرو آهسي
آهستي ٿڌو
ٿي
ويو. مون
اهو
سڄو بجلي
جو
ڪم سکي
ورتو
آهي، ۽ان ايئر
ڪنڊيشن جي
اندران به
گهمي
آيو آهيان،
۽
هي
تار به
کڻي
آيو آهيان.
اها
ڳالهه ٻڌي
سندس
امڙ کان
رڙ
نڪري ويئي
”او
چريا، پاڻ
به
مرندين ته
ٻين
کي به
مارائيندين، اها
بجلي
ڏاڍي ظلم
اٿيئي، ٿوري
غلطي
تي انسان
کي
به ماريو
وجهي“ پر
هن
تي ڪوبه
اثر
نه ٿيو
۽
سڀني
ڪوئن کي
رات
جو ساڻ
وٺي،
ان ڪمري
۾
آيو.
سندس ماءُ
ڪانه
آئي، جڏهن
سڀ
ڪوئا، ان
ڪمري
۾
پهتا ته
ٿڪار
لڳي پيئي
هئي،
گهر
جا
سڀ ڀاتي
ننڊ
۾
هئا. فخريه
انداز ۾ سڀني
ڪوئن
کي چيائين،
”او،
اها، اٿو
ايئرڪنڊيشن بيهو
ته
مان اندران
چڪر
هڻي اچان“
گهڻن
ڪوئن جهليس
ته
”ٻيلي
اندر نه
وڃ،
متان ڪجهه
ٿي
پويئي“ پر
هن
مڇن کي
هيٺ
مٿي ڪندي
چيو:
”پرواهه
نه ڪريو،
مان
اهو سڄو
ڪم
سکي ويو
آهيان، اندر
کوڙ
ساريون تارون
به
آهن، جن
جي
ٽڪڻ سان
ڏاڍو
مزو ٿو
اچي،
توهان مان
به
ڪير هلي“
پر
سڀني ڊپ
مان
جواب ڏنس،
پوءِ
فخريه نموني
سڀني
کي ڏسندو،
ٽڪ،
ٽڪ ڪندو
وڃي
ان دريءَ
وٽ
پهتو. جتي
ايئر
ڪنڊيشن لڳل
هو
۽
پوءِ گهڻي
سوچ
ويچار کان
پوءِ، ان
جي
اندر گهڙي
ويو،
ڪمي ۾ ٻين
سڀني
ڪوئن جو
ساهه
مُٺ ۾ هو
ته
هاڻ الائي
ڇا
ٿيندو. ايتري
۾
ڌماڪو ٿيو،
ڪوئا
ساهه مٺ
۾
هو
ته هاڻ
الائي ڇا
ٿيندو.
ايتري ۾ ڌماڪو
ٿيو،
ڪوئا ساهه
مٺ
۾
ڪري بنگلي
۾
پيل
الماڙي جي
هيٺان لڪي
ويا
۽
گهر ڀاتي
آواز
ٿي اٿيا،
بجلي
جي روشني
ختم
ٿي چڪي
هئي.
گهر
ڀاتي اٿي
ٽارچ
ٻاري ڏسڻ
لڳا،
پوءِ انهن
مان
هڪ ايئر
ڪنڊيشن جي
تار،
اڌ بتي
مان
ڪڍي ۽ اڇن
بٽڻ
کي کولي
اها
ڏسڻ لڳو
۽
چيائين، اي
سي
جو فيوز
اڏامي ويو
آهي،
اها ڳالهه
الماڙي جي
ڪنڊ
۾
لڪل ڪوئن
ٻڌي
۽
ڏٺي. پوءِ
ان
اچي بٽڻ
۾
بجلي
جي ننڍڙي
تار
وجهي. ان
کي
وري اتي
هنيائين ته
روشني ٿي
ويئي. الماڙي
هيٺان لڪل
ڪوئن
کي اچي
سر
جي لڳي
ته،
اسان کي
گهر
ڀاتي ڏسي
نه
وٺن، پر
پوءِ
هوءَ وري
اي- سي کي
ڏسڻ
لڳا، ايتري
۾
هڪ
ڇوڪر رڙ
ڪئي،
”او،
اجهو
ڪوئو مئو
پيو
آهي،
”تار
ٽڪي
اٿائين،“ ٻه
تارون گڏ
هيون“
ائين
چئي،
ڪئي کي
پڇ
کان وٺي
هيٺ
اڇلائين، ۽ انهن
تارن
کي جوڙي،
پلاسٽڪ ٽيپ
هي،
وري جوا،
اي
سي جي
تار
اڌ بتي
۾
وجهي
بٽڻ هيٺ
ڪيائين ته
ڪمرو
ٿڌو ٿي
ويو
۽
گهر ڀاتي
سمهي
پيا.
آهستي آهستي
ڪوئا
الماڙي مان
نڪتا، ۽ سڄي
ڳالهه اچي
ماءُ
کي ٻڌايائون،
جنهن
روئندي چيو
ته
”مون
ته گهڻو
سمجهايو مانس
پر
نه مڙيو.
۽
اڄ
پنهنجي ان
انجام تي
پهتو، ٻيلي
هو
ته ويو،
پر
خدا جي
واسطي اڳتي،
اوهان اهڙي
شرارت نه
ڪجو،
اها بجلي
انسان مان
به
نه مڙندي
آهي،
اسان ته
جانور آهيون“
اها
ڳالهه ٻڌي
سڀني
ڪوئن توبهه
ڪئي
ته اڳتي
اهڙو
ڪم
نه
ڪندا. |