سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

يشوت مهتا       قسط-2                    ڪارٽون ڪهاڻي

 

چون چون چاچو

 

 (8) ٽوٽو جي عجب کائڻ تي، چون چون ٻڌايس ته ان رستي تان U وانگر موٽر موڙڻ جي منع هئي. ان ڪري مان اکر وانگر موٽر ڦيرائي آيس، مان قاعدي جو پڪو آهيان، (9) موٽر تيزي سان هلڻ لڳي. (10) راڪيٽ ڇٽڻ وارو هنڌ ڀرسائين هو.

(11)  ٻئي اڳتي ڪري آيا، هينئر موٽر کي کاٻي طرف موڙڻو هو. (12) موٽر کي موڙڻ لاءِ رستو ننڍو هو، ان ڪري چون چون موٽر کي پٺتي هلائڻ جو ويچار ڪيو، ۽ موٽر جي ڦيٿي کي لت ٺڪاءُ ڪئي. (13) ٽو ٽو پڇيس ته مٽر جي ڦيٿي کي ڇو لت هنئيه؟ (14) چون چون ٻڌايس ته هن موٽر جو ڦيٿو ٺيڪ ڪم نٿو ڏئي، ان ڪري. (هلندڙ)

ڊاڪٽر اسماعيل سليم

قلفيءَ وارو

گرمي ٿي پيئي ساڙي ٻارو،

آيو آهي قلفيءَ وارو.

وٺو قلفي، ڪيو وارو،

آيو آهي قلفيءَ وارو.

قلفيءَ جو آ ذائقو پيارو،

آيو آهي قلفيءَ وارو.

گرميءَ کان بچڻ جو هڪ ئي چارو،

آيو آهي قلفيءَ وارو.

کير ۽ کنڊ جو ميلاپ سارو،

آيو آهي قلفي وارو.

گرميءَ جو دشمن، منهنجو نعرو،

آيو آهي قلفيءَ وارو.

سليم“ جو آهيان پاڙي وارو،

آيو آهي قلفيءَ وارو.


 

انجم قاضي

بادل

آيا آيا ڪارا بادل،

ڪيڏا هي موچارا بادل،

آيا آيا ڪارا بادل.

ڌرتيءَ ٿيندي سائي هاڻي،

ديس ڄو گلزار ڪرڻ لاءِ،

خوب ڪندا وِسڪارا بادل،

آيا آيا ڪارا بادل.

چوڏس هر هر ڊوڙن بيٺا،

آس خوشيءَ جي جوڙڻ بيٺا،

مهڪي ڏيندا ڳوٺ سمورا،

وڻندڙ واهه پيارا بادل،

آيا آيا ڪارا بادل.

پيار منجهان سڀ مورنچن ٿا،

گلڙا سهڻا منور لڳان ٿا،

ٻنيون ٻارا ساوڪ ٿيندا،

صاف ڪندا سڀ چارا بادل،

آيا آيا ڪارا بادل.

گيت گلابي ڳائي ڪوئل،

موسم کي مهڪائي ڪوئل،

رنگ برنگي پوپٽ جهومن ٿا،

ڏاڍا هي سڪ وارا بادل،

آيا آيا ڪارا بادل،

آيا آيا ڪارا بادل.

 

زبيده پنهور

ٻڍڙيءَ جو انصاف

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ٻڍڙي عورت رهندي هئي، جنهن جو الله جي سهاري کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هو، هُن کي پنهنجي گذر سفر لاءِ هڪ ڍڳي ۽ ان سان گڏ ست گابا به هوندا هئا، جيڪي ست ئي پڇ ڪٽيل هوندا هئا.

هڪ ڏينهن هوءَ روزاني جيان پنهنجن گابن کي چارڻ لاءِ جبل تي وئي ته اوچتو منهن اچي وسڪارو ڪيو، هوءَ هاڻي الاهي پريشان ٿي. دل ۾ سوچيائين، ڪيڏانهن وڃي!“ هوءَ پنهنجي گهر کان به الاهي پري نڪري آئي هئي، ڪوبه چارو نه ڏسي جبل تي ٺهيل هڪ ڇپر ۾ پنهنجن گابن کي اوٽ ۾ جهلي بهاريائين، ته جيئن منهن بس ٿئي ته هو گابن کي گهر ڀيڙو ڪري، پر مينهن به بس ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي.

هوءَ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، پٽ تي ڪانن جي مٿان پنهنجي رئي جو ڳوٽڙو ٺاهي ڪنڌ رکي ليٽي پئي. هوءَ به هئي ٿڪل، سو هُن کي ٿوري جهٽ ۾ ننڊ اچي وئي،  مينهن جڏهن ٿورو بس ٿيو ته سندس ست ئي گابا اوٽ مان نڪري چڱو پري نڪري ويا.

جڏهن هوءَ ننڊ مان اُٿي، ڏسي ته گابا آهن ئي ڪونه! هوءَ ڏاڍي پريشان ٿي، سمجهه ۾ نه آيس ته آخر هو ڪاڏي ويا. هوءَ هيڏي هوڏي ڳوليندي جبل تي ڀٽڪندي رهي، پر ڪٿي به گابا نظر نه آيس، هوءَ مايوس ٿي پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي.

هوڏانهن جبل تي گابا گاهه چرندا رهيا، اُتان اوچتو ڪو هڪ پيرسن مرد لانگهائو ٿيو، ڏسي ته گابا گاهه پيا چرن، هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙيائين پر ڪير به نظر نه آيس، اندر ۾ اچي لالچ پيدا ٿيس، ۽ موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجا گابا ڪري انهن کي پنهنجي گهر وٺي آيو، ۽ مَنهن ۾ وڃي انهن کي ٻڌائين.

سندس زال جي، جو نظر پئي گابن تي، ته هُن کان رڙ نڪري وئي ۽ پڇيائين،توهي گابا ڪٿان آندا آهن.“

هو پهرين ته منجهي پيو، پر گهٻرائيندي چوڻ لڳو، ڪ.... ٿان وري ڪٿان.... مون ڪو چوري ڪيا آهن، ڇا! هي گابا ته مون کي الله جي پٽ تان مليا آهن.“ سندس زال کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، ۽ چڙندي چيائين الله جي پٽ تان اچي توکي هي گابا مليا، سو به هڪ نه ٻه، سڄا سارا ست گابا“ هاڻ هوءَ وڙهڻ لڳي ۽ چوڻ لڳس، خدا جي واسطي هنن کي گهر کان ٻاهر ڪڍ، يا وڃي اوسي پاسي مان پڇا ڪراءِ ته هي گابا ڪنهن جا آهن، ۽ ڇو ته پڪ هيءُ گابا ڪنهن جا مينهن ۾ ڀُلجي ڪٿي پري نڪري آيا هوندا.“

بس ڪر هاڻي، ڏيائين نه ڏنڊو، وڌيڪ ي وات ڪرين.“ هو منهن ٺاهيندي رعب ڪري چوڻ لڳو، ته هاڻي اهو به ٻڌي ڇڏ، جيڪڏهن ڪابه ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي اٿئي ته پوءِ مون کي به سڃاڻين ٿي.“ زور اڳيان زاري وانگي هوءَ ڪجهه نه ڪڇي سگهي، چپ ڪري وڃي پنهنجي نصيب تي روئڻ لڳي.

پيرسن سوچيو ته جيڪڏهن گابا گهر ٻڌل هوندا ته ماڻهن کي خبر پئجي ويندي، پڪ مون تي شڪ ڪندا، پوءِ ڇو نه هنن کي ڪهي روز کائجي. هن نه ڪئي هم نه تم روز هڪ هڪ ڪهي انهن جون منڍيون، اوجهريون پاوا ويو زمين ۾ پوريندو، گوشت ويو رڌرائي کائيندو. سندس الاهي سمجهايس ته الله نه ڏمرجئي، پر اهڙي لالچ ۾ اچي ويو جو اکيون پوري ست ئي گابا کائي پورا ڪيائين.

هوڏانهن ويچاري ٻڍڙي عورت کي جڏهن ڪٿان به گابن ملڻ جو آسرو نظر نه آيو ته رب ي رضا سمجهي روئي پٽي ويهي رهي.

ان ڳالهه کي پورو سال گذي ويو، وري ساڳيو موسمون ڦريون ساڳيا جهڙ ۽ مينهن سو هن پيرسن کي به پنهنجو پر وارن سال ياد اچڻ لڳو ۽ دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳو، ۽ گوڏا اُڀا ڪي پروڪو سال ياد ڪري، سُٽ به ڪتيندو ٿي ويو ۽ وڏي وات ڳائيندو به ٿي ويو.

پر پروڪي سال ڏاڍا مزا ڪيتاسين،

ست گابيان لنڊيان گابيان نال ڪٺاسين،

اوجهريان هت هنياسين،

پائي هت هنياسين، ته منڍيان هت هنياسين.

ويٺي هر هر جهونگاريائين.

اوچتو ان ڏينهن ٻڍڙي پنهنجي ڍڳيءَ کي جو چارڻ وئي، اتان جو لنگهي، ته هن آواز جو ٻڌو ته بيهي ڪنائڻ لڳي، هو به پنهنجي ڌن ۾ ويو ٿي ڳائيندو، ٻڍڙي کي ان مهل اچي دل ۾ وهم پيدا ٿيو ته هن ئي ماڻهوءَ پروڪي سال منهنجا گابا چورائي کاڌا آهن. سو وري به پڪ ڪرڻ لاءِ هوءَ گهر اندر لنگهي وئي، ۽ پيرسن کي چوڻ لڳي ته ادا، تنهنجو آواز ته ڪيڏو مٺو آهي، مون کي اهو ٻڌائيندي، جيڪو تون هاڻي پئي ڳايو.“

ها ها ڇو نه.“ هو ڪجهه به نه سوچي وري ساڳئي نموني ڳائڻ لڳو.

هاڻي ٻڍڙي عورت کي پڪ ٿي وئي ته اهي گابا هن پوڙهي ئي چورائي کاڌا آهن، سو اتان موڪلائي سڌ وئي جمعدار ڏي، ۽ سڄي حقيقت بيان ڪيائينس.

جمعدار کي به هن ٻڍڙي عورت تي ڪهل آئي ۽ هن سان گڏ پيرسن جي گهر جو اچي در کڙڪيائين.

جڏهن پيرسن در کوليو ته هن ٻڍڙيءَ کي جمعدار سان گڏ ڏسي پهرين گهٻرائجي ويو پوءِ پڪ سمجهيائين اها ئي عورت آهي جنهن جا گابا مون کاڌا آهن. جمعدار جڏهن هن کان پڇيو ته اڙي پوڙها ڇا! تو پر سال هن ٻڍڙي جا گابا چورائي کاڌا.“ هو ته جهلجي پيو هئو، هن جي چوري پڪڙجي پئي هئي، سو هن کي اٽڪل سُجهي ۽ پڪائي ڪري چوڻ لڳو:

اپڻي وات مُٺاسين ته اپڻي وات مٺاسين.“

اهو ڇا پيو بڪين! مان پڇان ٿو ته تو هن ٻڍڙي جا گابا کاڌا آهن، يا نه“ پر هو ساڳئي نموني جملو دهرائڻ لڳ، اپڻي وات مٺاسين ته اپڻي وات مڍاسين.“ جمعدار کي ڪاوڙ اچڻ لڳي ۽ پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪري چيائن: اڙي هن کي ٿاڻي تي وٺي هلو، پاڻهي سڀ سچيون ڪندو.“ جڏهن هن کي هٿڪڙيون هڻي وٺي ويا ته ٻڍڙيءَ کي ان مهل الائي رحم اچڻ لڳو، ۽ جمعدار کي ليلائي چوڻ لڳي، ابا توهان هن کي ڇڏي ڏيو، مون هن کي معاف ڪيو، ڀلا هن جي پڪڙڻ سان مون کي گابا وري نه ملندا.“ جمعدار سوچڻ لڳو هيءَ ٻڍڙي ڪهڙي آهي، هاڻي اسان وٽ آئي ۽ اسان کي وٺي آئي ۽ جڏهن هن کي ٻڌي ٿا وڃون ته چوي ٿي ته نه جهلي وڃوس.

امڙ تون چوين ٿي ته کڻي ڇڏيونس ٿا نه ته هن کي اهڙو سبق سيکاريونس ها جو آئينده ڪڏهن به وري ائين ڪرڻ جي اهمت نه ڪري ها.“

نه ابا بس مون هن کي معاف ڪيو.“ جمعدار ۽ هن جا ماڻهو اتان ويا هليا، ته پيرسن کي هن ٻڍڙي جي انصاف تي حيراني ٿي، ۽ سوچڻ لڳو هڪ ٻڍڙي عورت جنهن جوگذر سفر انهيءَ مال تي، ته به هن مون کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ مون کان ڪجهه به نه ڀرايو. هو ٻڍڙي جي هن فيصلي تي دل ئي دل ۾ پشيمان ٿيو ۽ الله جو ڊپ به ٿيس، ۽ اهو سوچي هن جي پيرن تي ڪري پيو، ۽ ڏاڍو پسيمان ٿيو ۽ معافي وٺڻ لڳو. آئينده اهڙي قسم جي چوريءَ کان توبهه ڪيائين، هن ٻڍڙي جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هُن مٿي تي هٿ رکي هن کي معاف ڪري ڇڏيو. پنهنجو رستو وٺي پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي.

 

(لوڪ ڪهاڻي)

مترجم: واحد بخش مڱريو

دنيا جي سڀ کان وڏي لائبرري

دنيا جي سڀني کان وڏي لائبريري آمريڪا جي گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن ۾ واقع آهي، قديم يورپي ملڪن جي ڀيٽ ۾ آمريڪا هڪ نئون ملڪ آهي. هن کي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن کان آيل ماڻهن آباد ڪيو. هن گهڻي ڀاڱي ماڻهو پنهنجي خوشيءَ سان آيا ۽ گهڻن کي زوريءَ اتي آباد ڪيو ويو.

هن ملڪ جي ترقي جو دارو مدار زرعي معدني دولت تي آهي. يورپ جي گهڻن ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪرڻ جو سبب انهن ماڻهن جي سخت محنت آهي ۽ انهن وڏيون تڪليفون به برداشت ڪيون. گڏوگڏ علم کي وڌائڻ جو ڪم به جاري رکيو، انهيءَ زماني ۾ ڪتاب تمام گهٽ هونداهئا. ماڻهن جي مطالعي جي ذوق ۽ شوق لاءِ گشتي لائبريري قائم ڪيائون. جيڪي مختلف شهر ۾ هونديون هيون.

توهان مشهور آمريڪي صدر ابراهم لنڪن جو نالو ته ٻڌو هوندو. هو هڪ پورهيت گهراڻي جو ڇوڪر هو. جنهن جاءِ ۾ هو ۽ اُن جا مائٽ رهندا هئا، اُن جي ڇت ايتري ڪمزور ۽ زبون هئي جو ان مان آسمان صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ ايندو هو.

ابراهم کي به مائٽن ٻنيءَ جي ڪم ڪار ۾ لڳائي ڇڏيو، اُتي ان ڪڙميءَ وٽ هڪ ڪتاب ڏٺو، جنهن کي پڙهڻ لاءِ هو بي چين ٿي پيو. آخر اُن ڪڙميءَ کان ڪتاب گهري ورتائين. ڪُڙميءَ اُن کي ڪتاب ان شرط تي ڏو ته هو هڪ رات ۾ ئي پڙهي موٽائيندو ۽ ان جي عيوض هو. ان ڪڙميءَ جي ٻنيءَ تي هڪ ڏينهن بنا ڪنهن معاوضي جو پورهيو ڪندو. لنڪن وڏي خوشيءَ سان اها شرط قبول ڪئي. انهيءَ مان اندازو لڳائجي ته اڳيان وڌڻ جي جذبي سان سرشار هڪ نئين قوم جي هن پُٽ کي مطالعي جو ڪيتري قدر شوق هو. انهي مطالعي ۽ سخت محنت ان کي هڪ ڏينهن آمريڪا جو مشهور صدر بڻائي ڇڏيو. هن جون ڇپيل تقريرون اڄ به ماڻهو وڏي شوق سان ڪتابن مان پڙهندا آهن، انهيءَ عظيم صدر جي ملڪ جي هي لائبريري آف ڪانگريس“ سڏائبي آهي. آمريڪا جي قومي اسيمبلي کي ڪانگريس چوندا آهن. هي لائبريريءَ ڪانگريس جي ميمبرن جي لاءِ قائم ٿي هئي.

اڄ هيءَ ڪتابن جي عظيم ذخيري کان علاوه آمريڪا جي پنهنجي تاريخي دستاويز ۽ تحريري يادگارن جو مرڪز سمجهي ويندي آهي.

هن لائبريري جي وسعت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي ڪتابن جي الماڙين کي به قطار سان ٺاهي رکجي ته هن جي قطار جي ڊيگهه 535 ميل ڊگهي ٿي پوندي. الماڙين ۾ رکيل ڪتابن ۽ ٻين شين جو تعدا ساڍا اٺ ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي. صرف ڪتابن جو تعداد ٻه ڪروڙ آهي. هن لائبريريءَ ۾ جيترا نقشا، گلوب، نيوز ريلون، دستاويزي فلمون، رڪارڊ، موسيقيءَ جون شيون، ماڻهن جا ذاتي ڪاغذات، سرڪاري دستاويز ۽ اهم شخصيتن جون خاص شيون جمع آهن. سڄي دنيا ۾ ان جو مثلا نٿو ملي، هن ۾ دنيا جي سڀ کان پراڻي چرپر ڪندڙ فلم پيل آهي ۽ ڇپائيءَ جا پراڻا نمونا به موجود آهن. دنيا جي سڀ کان پهرئين ڪاغذ جي پني جا ٽڪرا ۽ دنيا جي سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو ڪتاب به موجود آهي. هن لائبريري ۾ روزاو 31 هزار کان به وڌيڪ نوان ڪتاب ۽ رسالا وعيره ايندا آهن. لائبريري کي سڄي دنيا جا مصنف علمي ۽ ادبي ماڻهو ۽ ادارا به پنهنجيون قلمي ڪاوشون ۽ ڪتاب وغيره موڪليندا رهن ٿا. اهري طريقي سان وڏو اهم تحريري مواد ۽ ڪاغذات لڳاتار لائبريري ۾ پهچائيندا رهن ٿا. مثلاً جيئن ته توهان کي ڄاڻ آهي ته ابراهم لنڪن کي واشنگٽن جي فورڊ ٿيٽر ۾ هڪ ڊرامو ڏسندي قتل ڪيو ويو هو، هن لائبريريءَ ۾ لنڪن جون اهم يادگار شيون مثلاً: سُنهري فريم واري عينڪ، پاڪيٽ چاقو ۽ ان جي ڪوٽ جي کيسي مان مليل پنج هزار ڊالرن جو هڪ نوٽ وغيره به هتي محفوظ آهن. لائبريري آف ڪانگريس ۾ دنيا جي 470 مختلف ٻولين جي تحريري رڪارڊ موجود آهي. هيءَ عربي ادب جي به دنيا جي سڀني کان وڏي لائبريري آهي. هن ۾ تبتي ٻوليءَ جا جيترا ڪتاب موجود آهن، اوترا تبت جي ملڪ ۾ به ڪونهن.

هن لائبريري وارن جي دعوا آهي ته روس جي شاهي دؤر جون جيتريون تصويرون هتي آهن، اوتريون روس ۾ به نه آهن. هن لائبريريءَ ۾ مطالعيءَ لاءِ 23 ويڪرا ڪمرا آهن. جنهن ۾ هر شخص سڪون سان مطالعو ۽ تحقيق ڪري سگهي ٿو.

1800ع ۾ جڏهن هيءَ لائبريري فلاڊلفيا کان واشنگٽن آندي وئي ته اُن وق ان ۾ وڌيڪ پنج هزار ڊالرن جا ڪتاب خريد ڪري جمع ڪيا ويا هئا.

جيئن آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر گهڻي ڀاڱي مطالعو ڪري سگهن، پر 1814ع ۾ برطانوي فوجن هن لائبريري کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. هن کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ اڳوڻي آمريڪي صدر ٿامس جيفرسن پنهنجا 6487 ذاتي ڪاب هن اداري کي فروخت ڪيا، جيڪي ناياب ۽ قيمتي هئا.

1851ع ۾ هن لائبريري کي ٻيهر باهه لڳي ۽ اٽڪل اڌ ڪتابن جو ذخيرو سڙي رک ٿي ويو.

1870ع ۾ ڪانگريس هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن تحت ڪتاب، نقشا، تصويرون، موسيقيءَ جا رڪارڊ وغيره حاصل ڪرڻ وارن لاءِ اهو لازمي قرار ڏنو ويو جو هو ان شين جون ٻه ٻه ڪاپيون لائبريري کي ڏين. اهڙي طريقي سان هن ۾ اضافي جي رفتار تيز ٿي وئي. وڌندڙ لائبريري لاءِ نئين عمارت جوڙڻ جو به فيصلو ٿيو، جيڪا 1897ع ۾ ٺهي راس ٿي. اها عمارت وڌيڪ حسين ۽ فن تعمير جو هڪ اعلى نمونو آهي.

1935ع ۾ اها عمارت به ننڍي ٿي پئي، جنهن لاءِ هڪ وسيع عمارت تعمير ڪئي وئي. 1965ع ۾ اها عمارت به ننڍي محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري واشنگٽن شهر کا ٻاهر گودام ڪرائي تي وٺڻا پيا.

1980ع ۾ ان لائبريريءَ جي نئين عمارت جيمز ميڊيسن ميموريل مڪمل ٿي، جنهن ۾ سمورو علميءَ ادبي مواد موجود آهي. هن وقت هيءَ لائبريريءَ دنيا جي سڀني کان وڏي لائبريريءَ آهي، هن ۾ پنج هزار ماڻهوءَ ڪم ڪندا آهن. جن مان 900 صرف ڪانگريس جي ميمبر ۽ حڪومت لاءِ تحقيق ۾ رڌل هوندا آهن. هتي دنيا جو سڀني کان وڏي ۾ وڏو تحقيقي عملو آهي. هي عملو هر سال ڪانگريس جي ميمبرن جا 4 لک کن سوالن جا جواب مرتب ڪندو آهي.

آمريڪا جي 7 لک معذور ۽ نابينن ماڻهن جي لاءِ علمي مواد) بريل جا ڪتاب) جيڪي اڀريل هوندا آهن، ۽ نابينا آڱر رکي پڙهندا آهن، ان کان سواءِ پلي ڪارڊ ۽ ٽيپ وغيره هڪ خاص عملو تيار ڪندو رهي ٿو. لائبريري ۾ جمع ٿيل ڪتاب، نقشا فلمون، تصويرون ۽ اخبارن وغيره کي محفوظ ڪرڻ لاءِ به سوين ماڻهوءَ ڪم ۾ رڌل هوندا آهن، لائبريري کي باهه کان محفوظ رکڻ لاءِ سخت انتطام ڪيا ويا آهن، هڪ خاص حفاظتي تدبير هي ڪئي ويئي آهي ته علمي ادبي مواد ۽ ڪتابن وغيره جون مائڪرو فلمون ٺهرائي حفاظتي خانن ۾ محفوظ ڪيو ويون آهن.

انگريزي ٻوليءَ جو هڪ قول آهي ته روم ملڪ جي تعمير هڪ ڏينهن ۾ مڪمل ڪانه ٿي هئي.“

هيءَ عظيم لائبريري به هڪ ڏينهن ۾ ڪانه ٺهي، هي هڪ پرعزم، محنتي ۽ علم دوست قوم جي لڳاتار ڪوششن جو نتيجو آهي. جو سالن جي محنت کان پوءِ هي لائبريري اڄ هن حالت ۾ آهي، جو هر قسم جو علمي، ادبي، تاريخي دستاويز محفوظ آهن، هر لائبريري پنهنجي قوم کي دنيا جي هڪ عظيم طاقت بنائڻ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو آهي.

ڇا اسان ائين نٿا ڪري سگهون؟

بلڪل، اسان به ائين ڪري سگهون ٿا، اسان ماضيءَ ۾ اهڙا ڪم ڪري دنيا کي راهه ڏيکاري، اسان هي ڪم اڄ به ڪري سگهون ٿا، پر ان لاءِ اسان کي سخت محنت، ايمانداري، جفاڪشي ڪرڻي پوندي.

 

آصف مسعود پنهور

جسم جي لاءِ ضروري غذا

1- نشاستو  (Carbohydrates)

هي گهڻو ڪري زمين ۾ پوکيل فصل جهڙوڪ: ڪڻڪ، چانور، اناج، مڪائي، پٽاٽا، کاڄا، ڪمند ۽ گوگڙو وغيره ۾ هوندو آهي. توانائي پيدا ڪندڙ جزو آهي، ۽ آنڊي ۾ هضم ٿي جيري ۾ گلائڪوجين جي صورت ۾ ذخيرو ٿيندو آهي. اتان رت سان مشڪن ۾ پهچندو آهي ۽ انهن کي مضبوط ڪندو آهي.

2- سڻڀ (Fats)

سڻڀ کاڌي جو اهم حصو آهي، سڻڀ: مکڻ، گيهه، جانور جي چرٻيءَ مان حاصل ٿيندي آهي. نباتاتي گيهه ۽ تيل پڻ ٻُوٽن ۽ جانورن ٻنهي مان حاصل ڪيو ويندو آهي. سڻڀ ۾ حياتين A ۽ B ۽ D اهم جزا آهن.

3- لحميات يا پروٽين  (Protein)

بيضا، مڇي ۽ مختلف جانورن جي گوشت مان لحميات حاصل ٿيندي آهي، جانورن کان سواءِ دالين ۽ بند گوبي وغيره مان لحميات حاصل ٿيندي آهي. لحميات معدي ۽ آنڊي ۾ هضم ٿي رت ۾ شامل ٿيندي آهي، ۽ جسم جي تعمير ڪندي آهي. طبعي ۽ جسماني ٿڪاوٽ جي ڪري جيو گهرڙن جي ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه جي مرمت به لحميات ڪندي آهي. هي جسم کي توانائي به فراهم ڪندي آهي.

4- حياتين (Vitamin)

حياتين تازين ڀاڄين، ميون، بيضن ۽ کير ۾ موجود هوندي آهي. مختلف حياتين ٻوٽن مان به حاصل ڪيون وينديون آهن. حياتين اي (Vitamin A) هي پٽاٽن، گجر ۽ ٻين ڀاڄين ۾ موجود هوندي آهي. هي جسم جي تعمير ۾ مدد ڏيئي ٿي ۽ مشڪن جي ڀڃ ڊاهه جي مرمت ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.

حياتين بي: Vitamin B) هي جانورن، اناج ۽ ڀاڄين ۾ موجود هوندي آهي، هي سٺي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ تمام اهم حياتين آهي.

حياتين سي:(Vitamin C)  هي ساين ڀاڄين، ليمي ۽ نارنگين ۾ گهڻي مقدار ۾ ٿيندي آهي، هن حياتين جي گهٽتائيءَ جي ڪري جسم ۾ سنڌن، نازڪ ڏندن جي مهارن ۽ ڪمزور رت نلي ۾ سور پوندو آهي.

حياتين ڊي: (Vitamin D) هي سڻڀ ۾ موجود هوندي آهي ۽ مضبوط هڏن ۽ ڏندن جي تعمير ۾ مدد ڪندي آهي.

معدنيات  (Mineral)

معدني لوڻ يا غير نامياتي لوڻ جسم ۾ ميٽا بالزم (Metabolism)  جي عمل کي درست رکن ٿا ۽ جسم ۾ موجود اهم مادن جو جزو آهن.

ڪئلشيم (Calcium)

ڪئلشيم اسان جي ڏندن ۽ هڏن کي مضبوط ڪندي آهي، جن کاڌن ۾ ڪئلشيم گهڻي هوندي آهي، اهي کير، پنير، بيضا ۽  ڀاڄيون آهن.

 

فاسفورس  (Phosphorus)

فاسفورس ڪئلشيم سان گڏجي مضبوط هڏن، ڏندن ۽ تنتي جيوگهرڙي جي تعمير ۾ مدد ڪندو آهي، هي مٽرن، جيري، بيضن ۽ ڀاڄين مان ملي ٿو.

لوهه  (Iron)

لوهه هيموگلوبن جو اهم جزو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم ۾ لوهه جو مقرر مقدار موجود نه هوندو آهي ته اهو ائنيميا (Anaemia) جي بيماري ۾ مبتلا سمجهيو ويندو آهي، لوهه سڪل ميون، ساين ڀاڄين، جيري ۽ ڪجهه تازن ميون ۾ گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي.

آيوڊين  (Iodine)

گلي جي غدودن ۾ باقاعدي ڪم ڪرڻ لاءِ آيوڊين لازمي آهي. هي غدود جسم جي اوڄن (Tissues) ۾ کاڌي جي آڪسيجن جي عمل (Oxidation) کي هلائڻ لاءِ ٿائرو آڪسائين (Thyroxine)  مهيا ڪندا آهن. سمنڊ مان حاصل ٿيندڙ غزائون آيوڊين (Iodine) سان ڀرپور هونديون آهن. آيوڊين ي گهٽتائي سبب گوائٽر (Goitre) جي بيماري پيدا ٿيندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com