آغا گل محمد پٺاڻ ڪهاڻي – 2
سلسلو – 24
پڇتاءُ
خميس جو ڏينهن هو صبح جا 8 ٿي رهيا هئا. سليم آفيس ۾ پهچي،
ڀرواري آفيس جي پٽيوالي کي سلام ڪري آفيس کولي
صفائي ڪري اسٽول آفيس مان ڪڍي، آفيس جي در تي ان
تي چڙهي ويهي ٿو ۽ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
وحيد: ”يار سليم ڪهڙي سوچ ۾ گم آهين،“ سليم جي ڪلهي کي لوڏي چوي
ٿو. سليم ڇرڪ ڀري خيالن جي دنيا مان نڪري، نماڻيون
اکيون کڻي وحيد کي ڏسي. ٿڌو ساهه ڀري ٿو.
وحيد: ڇا ڳالهه آهي سليم ڪالهه کان تنهنجو ڀاءُ هن آفيس ۾ آفيسر
ٿي آيو آهي ۽ تون به ڪالهه کان اُداس پيو ڏسجين.“
”ها يار وحيد.“ سليم چوي ٿو ”آءٌ اداس انهيءَ ڪري آهيان جو مون
ننڍي هوندي پڙهيو ڪونه ۽ اڄ هڪ معمولي پٽيوالو
آهيان. ڪاش! جي آءٌ به ننڍي لاءِ ڀاءُ وانگر دل
لڳائي پڙهان ها ته اڄ جيڪر هن اسٽول تي نه پر اندر
صاحب جي ڪرسيءَ تي ويٺو هجان ها.“ وحيد ”يار سليم
تون هاڻ به پڙهي سگهين ٿو.“ ايتري ۾ صاحب اچي وڃي
ٿو ۽ سڀ آفيس وارا پنهنجي ڪم ۾ لڳي وڃن ٿا ٻئي
ڏينهن جمعو آهي ۽ آفيس بند آهي سليم پنهنجي کٽ تي
سمهي ڪجهه سوچي رهيو آهي... پرائيويٽ طور به ته
ماڻهو پڙهي سگهي ٿو ۽ هڪ سٺو وڪيل ٿي سگهي ٿو.
اهو سوچي سليم هڪ وڏي عزم پڪي ارادي سان پڙهڻ شروع
ڪري ٿو.
انٽرويو وٺندڙ: علي حسن عباسي اسان جا اديب
اياز گل
اياز گل، جو اصل نالو، اياز علي ۽ ”گل“ تخلص اٿس. اياز گل هن
وقت ٽنڊي الهيار ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي. ادبي
دنيا ۾، اياز گل کي ڪير نه سڃاڻي. هو لفظن جا گل
چونڊي، انهن جو گلدستو جوڙي ڪنهن غزل، گيت يا نظم
جي شڪل ۾ تخليق ڪري جڏهن پيش ڪندو آهي، ته انهيءَ
کي پڙهڻ سان پڙهندڙن جي دل کي هڪ نئون لطف ۽
سُرُور اچي ويندو آهي اياز گل جيتري پياري ۽ مٺڙي
شاعري ڪندو آهي. ان کان به وڌيڪ هي ملڻ ۽ ڳالهائڻ
جو پيارو ۽ سندر آهي. اياز گل جي شاعريءَ جا چار
مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن مان هڪ ”سوچون سرها گل“
تاج جويي سان گڏ اٿس. انهن چئن مجوعن ۾ هڪ مجموعو
ٻارڙن لاءِ ”گل ۽ تارا“ اٿس جيڪو 1979ع ۾ ڇپيو
آهي. اياز گل، ايم- اي سنڌيءَ ۾ ۽ انٽرنيشنل رليشن
۾ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي شاهه عبداللطيف ڪئمپس
خيرپور مان ڪئي آهي. مون کي اياز گل لطيف ڪئمپس ۾
ملي ويو ته سوچيم ڇو نه ”گل ڦل“ جي ٻارڙن لاءِ
”گل“ کان انٽرويو وٺان. مان کانئس ان لاءِ ٽائيم
گهريو ته هن مون کي چيو: ”سڀاڻي مختيار ملڪ جي
جڳهه تي اوهان سان ملندس:“ ٻئي ڏينهن تي اياز گل
کام مون جيڪي سوال پڇيا، انهن سوالن سميت اياز گل
جا جواب هيٺ پيش ڪري رهيو آهيان.
سوال: اوهان جي ٻاراڻي زندگي ڇا هئي؟
جواب: ادا، حيقيت ۾ ته مان ٻاراڻي زندگيءَ جو مزو ورتو ئي ڪين.
ڇو ته مون کي جيستائين ياد آهي ته، مان جڏهن کان
سمجهه ڀريو ٿيو آهيان، تڏهن کان مونکي راندين سان
چاهه گهٽ رهيو آهي. مان ڪتاب گهڻا پڙهندو هئس.
(پوءِ کڻي ڪهڙو به ڪتاب هٿ اچي ويندو هو). سو مان
ٻاراڻي زندگي ڄڻ ڏٺي ئي ڪانه.
سوال: ٻارڙن لاءِ شاعري ڇا نثر وڌيڪ مناسب آهي؟
جواب: بلڪل، ٻارڙن لاءِ شاعري نثر کان وڌيڪ مناسب آهي. ڇاڪاڻ ته
ٻارڙا ڪنهن به شعر يا نظم کي جيترو جلد سمجهي
ويندا، اوترو نثر کي نه ڇو ته ٻارڙن کي ڪو گيت يا
شعر ياد به جلد ٿي ويندو آهي، بنسبت نثر جي هڪ
ٽڪري جي. اوهان عام طور تي ڏٺو هوندو ته ننڍڙا
ٻارڙا ڪوئي گيت يا بيت ياد ڪيو، گهٽيءَ گهٽيءَ ۽
گهر گهر ۾ جگهونگاريندا وتندا آهن. انهيءَ مان
ظاهر آهي ته هنن لاءِ نثر کان وڌيڪ شاعري ئي مناسب
آهي.
سوال: ننڍڙن ٻارڙن کي نظرياتي ادب پڙهائڻ ڇا ٺيڪ آهي؟
جواب: نظرياتي ادب پڙهائڻ واسطي ٻارڙن جي عمر جو خيال رکيو وڃي.
ڇهين، ستين کان پوءِ ٻارڙن کي نظرياتي ادب ڀل
پڙهايو وڃي. باقي ان کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي
پاسو ڪرائجي ته بهتر آهي. پر مٿين ڪلاس جي ٻارڙن
لاءِ به اها ڳالهه ضروري ياد رکجي ته هن جي مٿان
ڪوبه نظريو زوريءَ مڙهيو نه وڃي. ڇو ته اهو اڳتي
هلي هنن کي عملي زندگيءَ ۾ ڪم ڏيندو.
سوال: نوان لکندڙ ٻارڙن لاءِ لکي: ادبي دنيا ۾ پير پائن ٿا. ڇا
ٻارڙن لاءِ لکڻ ايترو سولو آهي؟
جواب: نه ادا، ٻارڙن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته ٻارڙن لاءِ
جڏهن به ڪجهه لکيو ويندو آهي، ته اهو ٻارئي ٿي
لکڻو پوندو آهي. جڏهن به ڪو ليکڪ ٻارڙن لاءِ لکڻ
چاهيندو آهي ته ان کي پنهنجي عمر جي حد کان هٽي
ڪري، بلڪل هيٺ لهي اچڻو پوندو آهي ۽ ٻار ٿي سوچڻو
پوندو آهي. ان ڪري منهنجي خيال م ته ٻارڙن لاءِ
لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
سوال: اوهان ٻارڙن لاءِ اڄڪلهه ڇو نٿا لکو؟
جواب: مان جيئن اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته ٻارن لاءِ لکڻ بي حد
ذميداريءَ جو ڪم آهي ۽ مان اڄڪلهه ان لکڻ جي سلسلي
۾ ڪافي عيرذميدار ٿي پيو آهيان ۽ پنهنجي ان
ڪوتاهيءَ جو اعتراف به ڪيان ٿو، بهرحال دير سوير
ٻارن لاءِ لکڻ ضرور چاهيندس.
سوال: اوهان ٻارن لاءِ صرف شاعري ڪئي آهي يا نثر به لکيو آهي؟
جواب: ادا، ٻارڙن لاءِ مون شعرن لکڻ کانسواءِ، ڪجهه وقت اڳي،
ننڍڙن اديبن کان انثرويو به ورتا هئا.
دولت ۽ علم جي متعلق حضرت علي عه جا قول
1- دولت فرعون جو ورثو آهي ۽ علم نبين جو تحفو آهي.
2- دولت جي حفاظت اوهان ڪريو ٿا پر علم اوهان جي حفاظت ڪري ٿو.
3- دولت واري جا گهڻا دشمن ۽ علم واري جا گهڻا دوست هوندا آهن.
4- دولت ورهائبي ته گهٽبي ۽ علم وراهائبو ته وڌندو.
5- دولتمند ڪنجوس هوندا آهن پر عالم فياض هوندا آهن.
6- دولت چوري ٿي سگهي ٿي پر علم چوري ٿي نٿو سگهي.
7- دولت گهٽبي آهي پر علم ڪڏهن به نه گهٽبو آهي.
8- دولت محدود آهي ان جو حساب رکي سگهجي ٿو پر علم لامحدود آهي
ان جو حساب نٿو رکي سگهجي.
- محمد رفيق جمالي، دادو.
ننڍڙا اديب
قاضيءَ جي ڏاهپ
ڪنهن ماڻهوءَ جي چوري ٿي هن جو شڪ پنهنجي مائٽن تي هو، پر انهن
کي چئي نه ٿي سگهيو سوچيائين ”جي چوريءَ جو چوندو
سان ته ڌاڪا ٻڌي چڙهي ويندا. باسيندا ڪونه، رهندا
بدنام ڪندا، سو وڃي قاضي سان هال ڪريان.“ اهو
سوچي قاضيءَ وٽ آيو ۽ ان کي سڀ احوال ٻڌايائين،
ته، هن کي سڀ احوال ٻڌايائين ته، هن کي ڪهڙن، ڪهڙن
ماڻهن تي شڪ آهي، قاضيءَ چيس: تون ڪوبه فڪر نه ڪر.
تنهن جي چوري توکي واپس ملندي تون سڀاڻي انهن
ماڻهن کي وٺي اچجانءِ.
هي ”ها“ ڪري واپس موٽيو.
ٻئي ڏينهن ان ماڻهو پنهنجا ٻه نوڪر، چار مائٽ ۽ ٻه پاڙيوارا
قاضيءَ وٽ پيش ڪيا قاضيءَ پهريائين ته مشڪوڪ ماڻهن
کي سمجهايو ته:
”چوري ڪرڻ هڪ تمام وڏو ڏوهه آهي. چور لاءِ اسلام ۾ هٿ ڪپڻ جي
سزا مقرر ڪئي ويئي آهي. جيڪڏهن توهان چوري ڪئي آهي
ته ٻڌايو: توهان کي ڏوهه معاف آهي.“ مطلب ته
قاضيءَ ڏاڍو سمجهاين: پر هنن تي ٽڪي جو به اثر
ڪونه ٿيو. آخر قاضيءَ سوچيو ته هنن سان ڪا ڏاهپ
ڪجي نه ته هي ڪونه باسيندا. قاضيءَ چيو: ٿوري دير
ترسو آءٌ گهران ٿي اچان ٿو.“ قاضي گهر ويو ۽
پنهنجي نوڪر کي مصنوعي درويش وارو لباس
پارايائين، جيڪو هن وٽ هميشه هوندو هو. قاضي نوڪر
کي ڪجهه سمجهايو ۽ کيس ڪنگڻ، ڪانچ به پيرن جي ٽڻين
تائين، مولوين واري ٽوپي پارايائين. هٿ ۾ تسبيح به
ڏنائينس ۽ ڪجهه سمجهائي، اچي عدالت ۾ ويٺو. ٿوري
دير کانپوءِ، قاضيءَ جو نوڪر، هڪ بزرگ جي صورت ۾
اچي قاضيءَ جي ڀرسان ويٺو. قاضيءَ درويش (جيڪو اصل
۾ نوڪر هو) کي اٿي جاءِ ڏني ۽ حاضرين ڏي منهن ڪري
چيائين: ”يار، هي منهنجا مرشد سائين آهن.
ڪرامت جا صاحب آهن. تازو مديني کان آيا آهن. مجرم سڃاڻڻ ۾ ته
کين دير ئي ڪانه لڳي.“ اهو ٻڌي، اصلي چور جي دل
ڌڪ، ڌڪ ڪرڻ لڳي ۽ هو دل ۾ سوچي پيو: ”هي ته ڪو
عجيب درويش آهي: جو چور به سڃاڻي ٿو. هاڻي مان ته
پڪڙجي پوندس. هاڻي هتان ڀڄي وڃان.“ ايتري ۾ درويش
چيو: ”آءٌ ڄانان ٿو ته چور ڪهڙو آهي. هو ڀڄي وڃڻ
لاءِ ٿو سوچي. سندس عضوا ڏڪن ٿا پيا. وڏي ڳالهه
اها آهي ته ان جي مٿي تي ڪک پيو آهي.“ اهو ٻڌي ان
چور هٿ مٿي ڪيو ته جيئن ڪک ڪڍي ڇڏي. اهو ڏسي قاضي
۽ بزرگ نما نوڪر سمجهي ويا ته چور ڪهڙو آهي. آخر
درويش وڃي چور تي هٿ رکيو. چور دل ۾ چيو ته هي ته
سچ، پچ ڪرامت وارو آهي. سو پيرين پئي معافي
ورتائين ۽ ڏوهه باسيائين. قاضيءَ چيس: ”توتي
منهنجي تقرير جو اثر ڪونه ٿيو. هاڻي سزا ملندءِ.“
چور چوري موٽائي ڏني ۽ اسلامي قانون موجب سندس هٿ ڪپيو ويو.
مالڪ پنهنجي چوري موٽائڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ قاضيءَ
جي ساراهه ڪرڻ لڳو.
- مشتاق وڳڻ
محنت مقصد جو ماڳ
سندر اٺين درجي جو امتحان ڏئي چڳڪو هو. هاڻي سندس امتحان جو
نتيجو ظاهر ٿيڻو هو. امتحاني نتيجي جو ڏينهن آيو.
پاڻ تمام گهڻو خوش هو ۽ بيچين پڻ. هن کي سٺي نمبر
جي پڪ هئي ڇو ته سندس محنت سندس آڏو هئي. سڄا
ڏينهن ۽ راتيون نصاب ياد ڪرڻ: ٻيو ڪوبه موضوع نه:
سواءِ اسڪولي نصاب وارن مضمونن جي. پنهنجي دل جي
سڀني رخن کي ان محنت طرف موڙي ڇڏيو هئائين. هر وقت
ياد، ياد ۽ ياد ڪرڻ کيس ان سٺي محنت جي سٺي ڦل جي
پڪ واري اميد هئي. ان محنت دوران، امتحان جي
تيارين ۾ کيس سندس دوست ياد آيا، جيڪي صرف ڪارتوسن
جا بنڊل پيا ٺاهيندا هئا. هن کي اهو سندس دوست ياد
آيو. جيڪو ساڻس ادب، سياست ۽ ٻين فلسفي ڳالهين تي
ڳالهائيندو هو. اهو پڻ ڪارتوس ٺاهيندو هو ۽ چوندو
هو: ”ڪارتوس هوشيار شاگرد ئي ته ڪم آڻي سگهي ٿو.
ڪاپي سولي اهوئي ته ڪري سگهندو. هن کي سوالن جي
جوابن وارا ڪارتوس ڪڍڻ ايندا. جڏو شاگرد ته سوالن
جي جوابن وارا ڪارتوس به ڪونه ڳولي سگهندو.“
”ٺيڪ آهي.“ پر ڪاپي ڪرڻ به ته ڏوهه هي. امتحان ته هڪ آزمائش
آهي، جنهن ۾ نقل ڪري، امتحان ۾ خيانت ڪرڻ آهي.“
سندر سندس ذهن ۾ سوچيندو هو. هڪ دوست، جيڪو مئٽرڪ پاس هو. تنهن
چيو هو: ”مئٽرڪ جو نصاب ايڏو وڏو آهي جو ياد ڪرڻ
ڏکيو ٿيو پوي. علم طب جا باب ياد ڪجن ٿا ته علم
ڪيميا رهجيو وڃي. انهن ٻن کي ياد ڪر ته انگريزي
اردو نصاب رهجيو وڃن. ڪاپي ملي ٿي ته پوءِ ڪارتوس
ڇو نه لکجن، ڇو ياد ڪرڻ جي محنت ڪجي، جنهن ۾ سوال
وسري به سگهن ٿا ۽ نمبر کي نقصان به رسي سگهي ٿو.“
سندر سوچيو ته سندس اها ڳالهه صحيح آهي ته ڪاپي
ملي ٿي ته ڇو نه ڪجي. سندر کي ڪاپي ڏيندڙ، رشوتي
حرام خور ۽ ايندڙ نسل جا تباهه ڪندڙ نظر اچڻ لڳا.
سندر ڪاپيءَ کان نفرت ڪندو هو. اٺين درجي جي
امتحان ۾ محنت ڪئي ۽ ڪاپي کان پاسو ڪيو. هن کي پڪ
هئي ته هن تمام سٺي نموني سوالن جا جواب لکي سٺا
پيپر ڪيا آهن. اڄ سندس نتيجو ٿيڻو هو. ڪجهه وقت
کان پوءِ نتيجو ظاهر ٿيو ۽ هن پهريون نمبر بهترين
سيڪڙي سان کنيو هو هو بيحد خوش هو، ليڪن اهو خوش
ان ڪري ئي نه هو ته هن پهريون نمبر کنيو آهي، پر
هن بنان ڪاپيءَ جي نمبر کنيو آهي. ان سبب هي بي حد
خوش هو. هن انهن دوستن جا اهي خيال ٽوڙيا هئا.
يعني ته امتحان جي تيارين ۾ ڪاپيءَ کي بنيادي
ضرورت سمجهندا هئا. اهي خيال هينئر بنان اهميت
وارا، کوکلن الفاظن وارا خيال هئا. ڪن دوستن کي
تعجب هو، خود سندس سؤٽ کي ته هو ڪيئن بنا ڪاپيءَ
جي نمبر کڻي سگهيو. سندس سؤٽ ڪاپيءَ کي مانيءَ ۾
لوڻ سمجهندو هو. ليڪن سندس اهو عقيدو اڄ ٽٽي پيو،
هاڻي هو سندر جي ڳالهين کي گهڻو وزن ڏيندو هو،
سندر تمام گهڻو خوش هو. هاڻي هن سوچڻ شروع ڪيو ته
هو ڪيل محنت کان به گهڻي محنت ڪري نائين درجي ۾
سٺو سيڪڙو ٺاهيندو، اهو سوچي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ
سندر دل ۾ عهد ڪيو.
عبداللطيف سنائي هالا پراڻا
قرباني
هڪ ماڻهو هوندو هو جيڪو تمام گهڻو الالچي هوندو هو، هڪ دفعي جي
ڳالهه آهي ته اهو ماڻهو ڪنهن ٻني ۾ گهڙي ويو ۽ هڪ
کجي جو وڻ ڏسي دل ۾ خيال ٿيس ته کجون ته جام پڪل
آهن ڇو نه کائي وٺان ۽ گهر ماني لاءِ پئسا به خرچ
نه ٿين. اهو خيال ڪري، اهو ماڻهو کجين جي وڻ تي
چڙهيو ۽ جام ساريون کجيون کائي جڏهن هيٺ لهڻ لاءِ
نظرون هيٺ ڪيس ته مار! هي وڻ ته تمام اونهو آهي،
گهڻو سوچيائين، نيٺ هڪ ترڪيب سوچي هن الله تعاليٰ
کي چيو ته اي الله آئون جڏهن هن وڻ تان لهي ويندس
ته هڪ مينهن قربان ڪندس، جڏهن اڌ پنڌ تي پهتو ته
چوڻ لڳو ته اي الله مون وٽ مينهون ٻه آهن، هاڻي
ٻڪري قربان ڪندس، جڏهن مني حصي تي پهتو ته چيائين
اي الله ٻڪريون ته مون وٽ چار آهن پر چارئي ڦرن
واريون آهن ان جي ڪهڻ سان سندس ڦر بک مري ويندا
هاڻ تنهنجي لاءِ ڪڪڙ قربان ڪندس ڪڪڙ ته مون وٽ جام
آهن، جڏهن زمين تي خير سان پهتو تڏهن چيائين الله
تو وٽ ته هر ڪا شيءِ موجود آهي دنيا به تو ٺاهي
آهي ان ڪري ڪڪڙ جي توکي ڪهڙي ضرورت، ائين چئي هليو
ويو.
فرزانه جان ميمڻ حيدرآباد.
سَلام ۽ سَنيهَا
شڪيل احمد ميمڻ شهدادپور: ادل رسالو سٺو ٿو نڪري. پر هن ڀيري
توهان منهنجو نالو انعامي حصي ۾ شايع نه ڪيو آهي
جڏهن ته مون سوال صحيح موڪليا هئا. (ڀاءُ جواب دير
سان مليو هوندو.)
زاهد گوپانگ قمبر: ادل توهان منهنجو مواد شايع نه ڪيو. مان ننڍي
هوندي کان گل ڦل جي پڙهندڙ آهيان. شاعري موڪليان
ٿي اميد ته شايع ڪندا. (ڀيڻ توهان جو مواد تي شايع
ڪندا . (ڀيڻ توهان جو مواد ته شايع ڪندا آهيون،
باقي شاعري لاءِ توهان ڪنهن کان اصلاح ڪرائي
موڪليو.)
ايم ابراهيم راڄڙ: ادل جولاءِ جو رسالو پڙهيم ڏاڍو مزو آيو.
منير اختر چنو خيرپور ميرس: ادل جڏهن کان توهان رسالي ۾ هٿ وڌو
آهي تڏهن کان رسالو سٺو پيو نڪري. (ڀاءُ همت
افزائي لاءِ مهرباني)
علي شير وسطڙو: ادل رسالو سٺو پيو نڪري پر ٻهراڙي جي ٻارن کي
گهٽ حصو ملي ٿو ۽ ٻيو ته اهو ٻڌائيندا ته ڪهاڻي
گهڻن صفحن تي لکي موڪلجي. (ڀاءُ ڪنهن به واقعي کي
ذهن ۾ رکي ٻه پنا لکي سگهو ٿا، پر هجي ڪهاڻي ٻارن
جي ڏانءُ جي.)
منظور علي عباسي وڳڻ: ادل ساڌو مل ولاسائي جي ڪهاڻي وراثت نقل
ٿيل هئي. (ڀاءُ اسان ڪيترا ڀيرا لکيو آهي، پر هاڻ
جنهن بار نقل ڪري ڪهاڻي موڪليندو ته هن جو ڪو به
مواد ڪونه ڇاپيو.)
ذوالفقار علي دوست حيدرآباد: ڀاءُ رسالو مان گهڻي وقت کان پڙهان
پيو، اڄڪلهه لطيفي لات ۾ انور هالائي گم آهي ۽ ٻيو
ته سائنس تي مضمون اڃا وڌيڪ سٺا ڏيو رسالو اڃا
ٻارن جي ڏانءَ تي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪريو. ڇو ته توهان
ٻارن جي دلچسپي وارو مواد گهٽ ٿا ڏيو. (ڀاءُ،
اوهان جي راءِ نوٽ ڪئي ويئي آهي. لطيفي لات سائين
انور هالائي مصروفين سبب ڪونه ٿو لکي ۽ جيئن لکي
موڪليندو ته اسان شايع ڪنداسين.)
صادق انور قاضي دادو: ادل، هنن سان ملو ڪالم شروع ڪريو ۽ خاص
نمبر ڪڍو.
اشوڪ ڪمار پنجواڻي لاڙڪاڻو: ادل، توهان منهنجون ڪهاڻيون شايع نه
ٿا شايع ڪيو ۽ ٻي قسطوار ڪهاڻي موڪليان ته شايع
ڪندا. (ڀاءُ، ڪهاڻي ڇپجڻ جهڙي ڇپيندا آهيون،
قسطوار ڪهاڻي موڪليو.)
ان کانسواءِ هيٺين ٻارن تنقيدي ۽ تعريفي خط لکيا آهن.
آفتاب حسين ڪنڊيارو، يوسف سنڌي، جاويد اقبال عمراڻي سجاول، جميل
احمد ڳڙهي خيرو، زاهد علي سومرو ٺارو شاهه، فريد
احمد نظاماڻي، اي. ڪي نائچ، عاجز مورائي، قائم علي
شاهه، شڪيل احمد هالا پراڻا، محراب علي ملاح، فياض
خواجا سجاول، محمد موسيٰ دائود پوٽو، محمد بخش گل
لاڙڪاڻو، عبدالمجيد شيخ، دسرت راجڪمار هالا، رياض
منگي جهڏو، منير اختر چنو، غلام حسين ميمڻ
جنگشاهي، صائمه ٻوڪ.
اچو ته ڪهاڻي لکون
اسان کي ڏاڍي خوشي آھي جو ٻار ھن سلسلي ۾ شوق سان حصو وٺن ٿا.
اسان پهريون ٻيو نمبر ايندڙ ڪهاڻيڪار کي ڪتاب
انعام ۾ موڪليندا آهيون.
اچو ته ڪهاڻي لکون جي مقبوليت کي ڏسي ڀاءُ ظفر عباسي پنهنجو
ڪتاب انعام لاءِ ڏٺو آهي:
1- ارڙهن سالن تائين عمر جو ٻار ڪهاڻي موڪلي سگهي ٿو.
2-هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون 26 جو ڪوپن ڀرڻ ضروري آهي.
3- ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو، جو اسان وٽ 3 آڪٽوبر 1984ع تائين
پهچڻ گهرجي.
4- ڪهاڻي گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي، ڪهاڻي پني جي
هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل ڪهاڻي کي مقابلي
۾ شامل نه ڪيو ويندو.
5- ڪهاڻيڪار پوري ائڊريس لکي موڪلين سندن نالا پرچي ۾ شايع ڪيا
ويندا.
اچو ته ڪهاڻي لکون- 26
رهنما مواد
انور گهر ۾ هرڪا شيءِ چوري کائي ويندو هو. هڪ ڏينهن سندس گهر ۾
هڪ شيشي ۾ دوا پيئي هئي. جيڪا هن شربت ڪري پيتي ۽
پوءِ الٽيون شروع ٿي ويس مائٽ اسپتال کڻائي ويس.
پوءِ خبر پيئي ته اها شربت نه پر مڇرن مارڻ جي دوا
هئي ان ڏينهن کان وٺي توبهه ڪيائين ته وري ڪابه
شيءِ چوري نه کائيندو. اهو مواد ذهن ۾ رکي ڪهاڻي
لکو.
ڪهاڻي موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12.
حيدرآباد.
نتيجو اچو ته ڪهاڻي لکون
ماهه جولاءِ جي پرچي ۾ ”اچو ته ڪهاڻي لکون“ جي عنوان تحت هڪ
رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو
ورتو.
1- مشتاق ڦل ٽالپر وڏا، 2- گل محمد پٺاڻ حيدرآباد 3- تنومل
ڏيپلائي 3- عبدالفتاح بروهي وڳڻ 5- نياز حسين
سجاول 6- ابراهيم خليل نئون ديرو 7- قربان علي
احمداڻي 8- باقر نظاماڻي شهدادپور 9- طفيل احمد
ميمڻ ٽنڊو الهيار 10- رائومل ڏيپلائي 11- محمد
اسحاق سومرو ميرپور ٻرڙو 12- شاهد علي بهراڻي مورو
13- عبدالرسول چنو دادو 14- نامديو کيمائي خانپور
مهر 15- عبدالرزاق لاکو يارو ديرو 16- ظفر اقبال
سومرو 17- غلام سرور لاکو سڪرنڊ 18- عبداللطيف
ٻگهيو ماتلي 19- ذوالفقار قريشي دادو 20- سيد
اڪرم شاهه 21- عبداللطيف سنائي 22- عزيز ميمڻ
سجاول 23- اسيرمل علي آباد 24- شيراحمد ڀٽي 25-
سروڻ ڪمر ڪلوئي 26- علي نواز ٻرڙو 27- پرويز ٽالپر
28- مفتي فيض محمد سومرو 29- سمندر علي لاشاري
سعيدپور 30- ڪوثر حسين سومرو 31- سيد بشير احمد
شاهه 32- غلام اصغر گوپانگ 33- مينهون خان خاصخيلي
34- اصغر علي سيال 35- فياض خواجه 36- عبدالعزيز
ٻٻر جوهي 37- احمد علي چنو 38- پون ڪمار ڪراچي 39-
اختيار سومرو 40- منوهر لعل ٽنڊو جان محمد 41-
حفيظ الله پيرزادو 42- آرزو قريشي دادو 43- طفيل
احمد شيخ لاڙڪاڻو 44- مشتاق علي وڳڻ 45- شهربانو
جتوئي ميرپور خاص 46- سرمد علي سومرو 47-
عبدالرحيم سومرو 48- محمد خان خادم نصرپوري 49-
اشفاق علي ٺري ميرواهه 50- منير حسين منگي 51-
غلام محمد خليفو ڊگڙي 52- در محمد بهراڻي نورالدين
هالا پراڻا 53- اشتياق احمد ميمڻ 54- سشيل واڌواڻي
55- محمد خان نظاماڻي 56- مصدق حسين عباسي 57-
غلام شبير 58- ڪرشن لال ڏيپلائي 59- مسرور ضياء
درازا 60- دادو لعل گهوٽڪي 61- اجمل چانڊيو
فريدآباد 62- جاويد علي تنيو 63- شاهد احمد سجاول
64- جاويد عمراڻي سجاول 65- محمد اسحاق سومرو
ميرپور ٻرڙو 66- محمد بخش گل 67- مڪيش ڪمار68- نند
لعل ڪلوئي 69- وفا عبدالقادر ميمڻ 70- محمد انور
ملڪ ٽلٽي 71- محمد طفيل منگي خيرپور 72- سڪندر علي
شاهه لاڙڪاڻو 73- رياض احمد نوان جتوئي 74- محمد
موسيٰ ملڪاڻي شريف 75- امرت ڪمار راماڻي 76-
ڪامران شيخ 77- مڪيش ڪمار 78- رانا شفقت ميمڻ 79-
مقصود احمد نظاماڻي 80- منظور عباسي وڳڻ 81- اياز
احمد کهڙو 82- ايم هارون ناشاد ڏيپلو 83- محبوب
علي نظاماڻي 84- سلطان انور قريشي ٺٽو 85- اشوڪ
ڪمار پنجواڻي 86- شوڪت علي دستي ٺري ميرواهه 87-
منظور ڪلهوڙو 88- قمرالزمان قريشي 89- محمد صالح
سولنگي هنڱورجا 90- ساڌو مل سومجائي 91- اجيت ڪمار
گهوٽڪي 92- رخسانا ناز سومرو سکر 93- ليلان ونتي
منگهومل 94- طارق منگي گمبٽ 95- عبدالرحيم سرهو
ديهه سرهو 96- ڀمر لعل ٽنڊو جان محمد 97- نياز
سنڌي اڳڙا 98- مسعود منگي نئون ڳوٺ 99- رضا فاروق
ڏيپلو 100- شفقت علي لغاري 101- واشديو پنو عاقل
102- ايم ابراهيم راڄڙ کنڀرو 103- ذوالفقار سولنگي
هالائي 104- گرل باڊهه.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين ڪهاڻيڪارن جو ڪهاڻيون پهريون ۽ ٻيو
نمبر قرار ڏنيون ويون آهن. اهي پنهنجي صحيح ائڊريس
موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
1- مشتاق ڦل پوسٽ ٽالپر وڏا، وايا ڪنب ضلع خيرپور ميرس.
2- گل محمد پٺاڻ گهر نمبر ايڇ- سي- بي 1228 شاهه فيصل ڪالوني
سهڻا سخن
انسان جو سڀ کان وڏو خزانو صحت آهي. هڪ طاقتور موچي، هڪ بيمار
بادشاهه کان بهتر آهي. (بيڪراسٽف)
ڪور سڀني گناهن جي ماءُ ۽ سچ سڀني بيمارين جو علاج آهي.
(بقراط)
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ ڍ
گل ڦل خال ڀريو- 6
گل ڦل خال ڀريو جولاءِ جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
خال:
1- بادام ناتوان 2- امداد حسيني 3- شريعت .
4- ڪلوروفل 5- ظفر عباسي.
ڪنهن به ٻار جو جواب صحيح ڪونه آيو. ان لاءِ هڪ غلطي وارن ٻارن
کي انعام ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
1- الطاف حسين سمون راڌڻ وليج.
2- بخشل خان اشرف سمون راڌڻ وليج.
کين هڪ سئو روپين جا ڪتاب حصي آهر موڪليا ويندا.
گل ڦل پرولي – 1
هڪ سؤ روپين جو انعام
اسان وٽ پهچن جي آخري تاريخ: 1- آڪٽوبر 1984ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 2- آڪٽوبر 1984ع
اسان کي خوشي ٿي آهي جو ڀاءُ واشديو سنڌو ٻارن لاءِ ڪجهه
پروليون تصويرن ۾ ٺاهي موڪليون آهن. اسان اهي هن
مهيني کان هلائي رهيا آهيون.
گل ڦل تصويري پرولي جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.
1- رسالي مان ڪوپن ڦاڙي جواب سان گڏ موڪلڻ گهرجي.
2- نتيجي ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا. انهن کي حصي آهر هڪ سؤ
روپين جا ڪتاب موڪليا ويندا.
3- ڪنهن به ٻار جو جواب صحيح نه آيو ته اهو انعام هڪ غلطي واري
ٻارن کي ڏبو، هڪ غلطيءَ ۾ به ڪير نه آيو ته اهو
انعام رد سمجهيو ويندو.
ٻارؤ: غور سان ڏسي ٻڌايو ته گهڻا ڦوڪڻا آهن.
گل ڦل پرولي -1
موڪليندڙ جو پورو نالو: |