ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ،
هي پرچو جڏهن توهان کي ملندو، تڏهن اوهان عيد جي تيارين ۾
هوندا. حقيقت ۾ عيد، نالو ئي خوشي جو آهي. هيءَ
عيد قربانيءَ سان شروع ٿئي ٿي، جيڪا حضرت ابراهيم
عليہ السلام جي سنت آهي. الله تعاليٰ طرفان حضرت
ابراهيم کي خواب ۾ حڪم ٿيو ته ڪا پياري شيءِ قربان
ڪر، ان قرباني ڪئي. پر پوءِ خواب ۾ حڪم ٿيندو
رهيو ته ڪا پياري شيءِ قربان ڪر، آخر ۾ سوچيائين
ته اولاد کان وڌيڪ ڪا پياري شيءِ آهي ئي ڪانه،
پوءِ حضرت اسماعيل کي ساڻ وٺي وڃي قربان ڪرڻ لاءِ
هڪ ميدان تي آيو. اکيون بند ڪري حضرت ابراهيم
پنهنجي لخت جگر حضرت اسماعيل کي الله جي راهه ۾
قربان ڪرڻ لڳو ته ان وقت الله تعاليٰ جبرائيل کي
موڪليو. جنهن حضرت اسماعيل کي پري ڪري ان جاءِ تي
دنبو آندو، ۽ جڏهن حضرت ابراهيم ڏٺو سير وهي چڪي
آهي تڏهن اکيون کولي ڏٺائين ته حضرت اسماعيل
مسڪرائي رهيو هو. ته ٻارؤ اها قرباني اسان کي
سيکاري ٿي ته الله جي راهه ۾ سچ خاطر جيڪڏهن توهان
کي ڪيتري به قرباني ڪرڻي پوي ته دل جي سچائي سان
اها قرباني ڏيون. حقيقت عيدالاضحيٰ اسان ۾ قرباني
جو جذبو پيدا ڪري ٿي، اسان طرفان توهان سڀني ٻارن
کي عيد جون واڌايون هجن.
اوهان جو ڀاءُ
- اڪبر جسڪاڻي
ادارو
لطيفي لات
مند ٿي منڊل منڊيا، ڪئي اوهيڙن اوڪ،
ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينهون چرن موڪ،
سرهيون ٿيون سنگهاريون، پويون پائن طوق،
ميها، چڀڙ ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ،
لاهئين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
(شاهه)
هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي ۾ سر سارنگ جي
داستان ٽئين جو ٽيون نمبر بيت آهي.
سمجهاڻي: هن بيت ۾ شاهه صاحب وسڪاري جي وقت جو منظر بيان ڪندي
چئي ٿو ته مينهن جي مند ٿي آهي ۽ سازن ساٺ ٿيا آهن
۽ وسڪارن پالوٽ ڪئي آهي. هيٺاهن پٽن تي گاهه ٿيو
آهي ۽ مينهون جام چارو ٿيون چرن، سنگهارن جون
زالون خوش ٿيون آهن ۽ گلن جا هار پويو ٿيون
پائين. اَت مهيا، چڀڙ ۽ کنڀيون، مڙيئي کاڄ ٿا
ٿين. تون شل ساري جهان تان ڏکن جا ڏينهن دور ڪرين.
معنيٰ: منڊل
=
ساز. اوهيڙن
=
وسڪارن. اوڪ=
پالوٽ. ڇاڇڙ
=
گاهه. ڇنن
=
هيٺاهن پٽن. موڪ
=
جام . سنگهاريون
=
سانگين يا مالدارن جون زالون. ڦنگيون
=
کنڀيون. ٿوڪ
=
مان کاڄ ڏولائي
=
ڏک، غم.
سجاد احمد مرزا
نعت
سبق حق ۽ سچائي جو ڏنو آهي سرور عالم،
شجاعت ۽ ڪرامت جو آهي پيڪر سرور عالم.
لکان صفت ۽ ثنا ڪهڙي بيان ڪهڙو ڪريان مان شان،
خدا جو خاص پيغمبر ٿيو رهبر سرور عالم.
اهو ايمان ڪامل آهي ته ٿيندين حشر ۾ حامي،
زبان تي ورد آهي هردم ٿيو برتر سرور عالم.
پڙهي ڪلمو محمد تي صلواتون مان پڙهان هر هر،
سچي دل سان مڃان ٿو ان کي بهتر سرور عالم.
پٺيان تنهنجي اچي پڙهندا نمازون سڀ نبي رهبر،
ڪيو افضل آهي خالق توکي اڪثر سرور عالم.
سڄو نور مجسم آهي سڄو ئي نور خالق آهي،
ڪري ”سجاد“ پسيو تعريف برسر سرور عالم.
سرور سميجو
نظم
منهنجي ديس جا پيارا ٻار،
سهڻا، سورهيه سارا ٻار.
سچ سان آهي سنگت جن جي،
ڪوڙ سان آهي نفرت جن جي،
ماڻڪ، موتي مڻيادار.
پاڻ وڏن جي عزت ڪن ٿا،
هڪ جيڏن سان محبت ڪن ٿا.
ماءُ ۽ پيءُ جا اکين ٺار.
پڙهڻ ويلي پڙهن لکن هو،
مٺڙا مٺڙا گيت سکن هو،
ڪنهن سان ڪين هو ڪن تڪرار.
امين ٿيٻو
فلسطيني نينگر
(اڍائي سالن جي فلسطيني ڇوڪريءَ جي هٿ ۾، پستول واري تصوير ڏسڻ
کان پوءِ متاٿر ٿي لکيل نظم.)
هئڻ کپي ها، هٿ ۾ ٽول،
وقت کڻايو، آ پستول.
اٿئي سال ٽئي ۾ پير،
بيشڪ هن ۾ ناهي مير،
مٺڙو مٺڙو، تنهنجو ٻول،
وقت کڻايو، آ پستول.
ظالم ويندو ٿي برباد،
ٿيندو نيٺ وطن آزاد،
پوءِ نه سڏيندو ڪولي رول:
وقت کڻايو، آ پستول.
عجب مٽايو، دنيا رنگ،
امن نالي ۾، ڪن ٿا جنگ،
اکيون جڳ جون، اڄ تون کول:
وقت کڻايو، آ پستول.
اياز لطيف دايو
ٻارن لاءِ نظم
اسين اڙٻنگ ٻار آهيون،
۽ جڳ لئه جان نثار آهيون.
ٻنيون ٻارا، جهوپا پنهنجا،
هاري سگهارا، ڪوپا پنهنجا،
ڪڙمين کان ڪيئن ڌار آهيون-
اسين اڙٻنگ ٻار آهيون.
ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهر پنهنجي،
صبح سوير ۽ ساجهر پنهنجي،
اسين جيت: اسين هار آهيون-
اسين اڙٻنگ ٻار آهيون.
ڪوڙا ڪوٽ ادا! ڊاهيون،
پريت ۽ پيار پاڻ اپنايون،
ڏونگر ڪندا ڏار آهيون.
اسين اڙٻنگ ٻار آهيون.
ڪارو انڌيرو ٿيندو ختم،
پنهنجو ٻاروُ اهو عزم،
پهڻ پرزا ڪندا يار آهيون.
اسين اڙٻنگ ٻار آهيون.
ماضي مور نه ورتو آهي،
مستقبل لئه ڪجهه سوچڻو آهي،
’اياز‘ مستقبل جا معمار آهيون-
اسين اڙٻنگ ٻار آهيون،
۽ جڳ لئه جان نثار آهيون.
وزير علي شاد منگي
اسڪول هلو
هلو هلو او ساٿي اسڪول هلو،
پڙهڻ خاطر منهنجا ڍول هلو.
پنهنجو چئبو ڏاڍو ڀاڳ ڀلو،
آ ڳوٺ ۾ مسجد اسڪول کليو،
اسڪولي ڪم سان گڏ ديني تعليم،
پرائڻ جانو، جوسا، ڀول هلو.
گهٽين ۾ بيڪار رلڻ وارا،
۽ اجايو راندين کيڏڻ وارا،
ڏڪي ڏڪر يار بلور ڇڏي ئي،
بيٺل هت سڀئي ته ٽبول هلو.
استاد ڀلا سي آهن ڏاڍا،
سينگاريل جيڪي آهن علم سان،
توهان به انهن وٽان يار علم جا،
ڀرڻ پيارا پنهنجا جهول هلو.
علم وڏي آهي نعمت ٻارو،
بڻائي ٿو جيڪو دولت وارو،
تنهن کي حاصل ڪرڻ لئه ساٿي،
گڏجي ٺاهي ٺاهي ٽول هلو.
جاهل ٿي نه ڪڏهن رهڻو آهي،
جيئن تيئن ڪري پڙهڻو آهي
قاسم، ڪالو، شيرل، ”شاد“ مٺل،
۽ گلڻ، گامڻ ڀاءُ گبول هلو.
عادل حق سنڌي
ٽيڙو
آئي آهي عيد
هر هڪ ماڻهو کي ڏٺم
خوشي ۽ خريد.
آئي آهي عيد
دُکايل دلين جي
دونهاٽيل آ ديد.
اُڀ ڏي کڻي هٿ
ڪنهن بکايل ٻارڙي
موليٰ کي ڪئي منٿ!
اُس ۾ منجهند ٽاڪ
کائي ويٺو ٻارڙو
پنيل گدري ڦاڪ.
ٻار ٻڌي ٻانهون
آهيان بکايل رات کان
اهي دهرائي دانهون!
اُٿي هڻ هڪل
دشمن سڀئي دنگ ٿين
هاڻي ٿي مهل.
غلام علي عارف
حج
حج اسلام جو هڪ رڪن آهي ۽ اهو هرهڪ هوند واري ۽ صحتمند مسلمان
تي فرض آهي. ان جي ادا ڪرڻ لاءِ هر هڪ مسلمان
پنهنجو ملڪ ڇڏي جهاز رستي عربستان جي ملڪ ڏانهن
روانو ٿئي ٿو. اتي جده بندر تي لهي بسن رستي مڪي
شريف ۾ پهچي ٿو. هيءُ اهو پاڪ شهر اُهي جتي
مسلمانن جي دين جو مرڪز ڪعبة الله شريف موجود آهي
ان پاڪ شهر ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم پيدا
ٿيا هئا ۽ اتي ئي کين نبوت ملي هئي. ڪعبة الله
شريف کي فقط هڪ ئي در آهي ۽ دري ڪابه ڪانه اٿس.
هيٺ حج جي ترتيبوار بيان ڏجي ٿو.
جڏهن حاجي مڪي شريف کان ڪجهه مفاصلي تي هوندا آهن تڏهن پنهنجا
رواجي ڪپڙا لاهي اڇي ڪپڙي جون اڻ سبيل چادرون کڻي
هڪري گڏ ڪر ٻڌندا آهن ۽ ٻئي سان بُت ڍڪيندا آهن ۽
جُتي لاهي چاکريون پائيندا آهن ۽ حج جي نيت ڪري
اڳتي هلندا آهن، ان کي احرام ٻڌن چوندا آهن. انهي
حالت ۾ ڪا به جاندار شيءِ نه ماريندا آهن، بلڪ
مٿو به نه کنندا آهن ته متان ڪا جُون نه مري پوي ۽
سنوارت به نه ڪرائيندا آهن: ان کان پوءِ مڪي
شريف ڏي منهن ڪري مقرر ڪيل دعائون پڙهندا ۽ لبيڪ
لبيڪ چوندا هلندا ويندا آهن. لبيڪ جي معنيٰ آهي
”اجهو آءُ آيس“ جيئن ڪنهن سڏ جو جواب ڏيو آهي
جڏهن ڪعبي شريف وٽ پهچندا آهن تڏهن ڪعبي شريف جي
چؤڌاري ست ڦيرا ڏيندا آهن (ٽي ڦيرا ڊوڙندي ڪعبي
شريف جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪاري پٿر کي چمندا آهن. انهي
ڦرڻ کي ”طواف“ چوندا آهن. ان کان پوءِ مقام
ابراهيم تي ويندا آهن ۽ زم زم جي کوهه مان ٿورو
پاڻي پي، وري به اچي حجر اسود کي چمندا آهن. پوءِ
ٻن ٽَڪرين صفا ۽ مروه جي وچ ۾ منهن مٿي ڪري ست
ڀيرا ڊوڙندا آهن. ذوالحج جي اٺين تاريخ تي حاجي
منا ڏي ويندا آهن، جا مڪي شريف کان ٽي ميل پري آهي
۽ اتي هڪ رات رهندا آهن. نائين تاريخ صبح جو
حاجي عرفات جي ميدان تي گڏ ٿيندا آهن، جو مڪي
شريف کان يارهن ميلن تي آهي. اتي هڪڙي ٽڪري تي
خطبو پڙهيو ويندو آهي جو ٻڌندا آهن. ساڳئي ڏينهن
شام جو وري عرفات ۽ منا جي اڌ پنڌ تي اچي ست
پهڻيون چونڊي کڻندا آهن ۽ ڏهين تاريخ منا ۾ اچي،
اتي بيٺل ٽن ٽنڀن کي هڻندا آهن. ان کي رجمي چون.
ان کان پوءِ اُٺ يا ٻڪريون يا رڍون ڪُهي قربانيون
ڪندا آهن. تيرهين تاريخ تائين حاجي اتي رهي صدقا
ڪندا آهن. پوءِ مڪي شريف ڏانهن موٽندا آهن ۽ وري
طواف ڪري موڪلائي نڪرندا آهن. موت تي مٿا ڪوڙائي
پنهنجا رواجي ڪپڙا ڍڪيندا آهن.
حج جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪي حاجي اڳ ۾ مديني منوره کان نه ٿي
ايندا آهن، سي وري ان طرف روانا ٿي ويندا آهن، اتي
حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو روضو مبارڪ آهي ۽
مسجد نبوي به آهي، جنهن جو بنياد رسول ڪريم جن
پاڻ پنهنجي اصحابن سان گڏ وڌو هو. انهن جي زيارتن
کان فارغ ٿي پنهنجي وطن ڏانهن موٽندا آهن.
اهي حج جون رسمون حضرت ابراهيم عليه السلام جي وقت کان جاري
رهيون، جن کي حضور صه جن قائم رکيو ۽ پنهنجي مبارڪ
زندگي ۾ انهن جي حڪمتن بابت سمجهائيندا به رهيا
جي اوهان وڏن ڪتابن ۾ به پڙهي سگهو ٿا.
هن ملڪ توڙي دنيا جي مسجدن جو قبلو يا منهن ان پاڪ گهر ڏانهن
آهي ظاهر ۾ ان جو زبردست فائدو اهو آهي ته هڪ قوم
۽ هڪ مذهب جي ماڻهن جو ميڙ هڪ جاءِ تي ٿيندو رهي
ته هو هڪ ٻئي ڏانهن محبت جا قدم وڌائين ۽ هڪ ٻئي
جي حالتن کان واقف ٿين.
ائين ڪرڻ سان سندن علم، واپار ۽ اتفاق وڌندو.
وما علينا الا البلاغ.
دولت سان دل ۽ دماغ تي ڪاراڻ اچي ٿي پر علم سان دل ۽ دماغ روشن
رهي ٿو.
دولت فرعون ۽ نمرود جهڙا خدا پيدا ڪيا پر علم حقيقي ۽ سچي مالڪ
جي سڃاڻپ ڏني.
محمد رفيق جمالي.
خليل الله لاکو
مارڪوني
اهي ماڻهو، جيڪي هن دنيا ۾ هڪ پل لاءِ جنم وٺندا آهن ۽ خلفت کي
بي بها خزانو ڏئي ويندا آهن، شايد اهي ئي آمر ۽
عظيم انسان آهن. انهن ماڻهن مان هڪ بين الاقوامي
شخصيت مارڪوني پڻ آهي.
هو، سن 1874ع ۾، اٽليءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بلوگنا“ ۾ ڄائو سندس
پيءُ اٽليءَ جي آئرس قبيلي مان ۽ ماءُ آئر لينڊ جي
اطالوي قبيلي مان هئا. هن جو ذهن ننڍي هوندي کان
کوجنا ۽ تحقيق ڏانهن مائل هوندو هو. هن کي
اليڪٽرانس سان ڏاڍو چاهه هو. سندس ٻاراڻي ذهن ۾،
سدائين اها سوچ رهندي هئي ته ٽيليگراف ۽ بجليءَ جي
تار وسيلي، هڪٻئي شهر تائين پيغام ڪيئن وڃن ٿا.
آخر هن سمجهيو ته اهو بجليءَ جي مقناطيسي لهرن جي ڪري ئي آهي.
پاڻ 20 سالن اندر ڪاليج جي ڊگري وٺي پڙهڻ بند
ڪيائين. هن برقي تار ۽ مقناطيسي لهرن جا تجربا ڪرڻ
شروع ڪيا.
آخرڪار هي هڪ تجربي ۾، بنا تار جي، ميل کان وڌيڪ مفاصلي تي
پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪا سندس پهرين ڪوشش
مان ڪاميابي هئي. هن 1896ع ۾ برطانيه ۾ وائرليس
جو لائيسن (جيڪو دنيا ۾ وائرليس جو پهريون لائيسن
هو) ورتو ۽ وڌيڪ تجربا ڪرڻ لڳو. هن ئي سال ، هن
سرڪاري آفيسرن کي گهرائي، هڪ نمائش ڪرائي، جنهن ۾
هن پوسٽ آفيس جي ڇت تان نون (9) ميلن تائين
ڪامياب تجربو ڪري ڏيکاريو.
اٽليءَ وارن کي جڏهن ان جي خبر ملي ته، هنن مارڪونيءَ کي
برطانيه مان وطن واپس گهرايو جتي هن اٽليءَ جي
شهر اسپينسرا ۾ هڪ وائرليس اسٽيشن ٺهرائي جنهن
ذريعي 12 ميلن تائين، ويڙهو جهازن کي پيغام ملي
سگهيو ٿي. ان بعد هن روم جي بادشاهه ۽ راڻيءَ کي
سامهون تجربو ڪري ڏيکاريو.
مشهور سائنسدان ”مورس“ درياءَ جي ڪنارن جي هڪ ٻئي پاسي، پاڻيءَ
جي لهرن رستي پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڏس ۾
مارڪوني ان مليل نظريي مان فائدو وٺندي. سن 1898ع
۾ سامونڊي جهازن ۽ ساحل جي وچ ۾ ڳالهائڻ جا ڪامياب
تجربا ڪيا. ساڳئي وقت هڪ جهاز ”ايسٽ گارڊ“ تي
پهريون دفعو ريڊيو هنيو ويو. جڏهن اهو جهاز حادثي
جي منهن ۾ آيو ته ريڊيي جي ذريعي، مدد لاءِ
پڪاريو ويو، ياد رهي ته اهو دنيا جو پهريون
ريڊيائي رستي، جان جو کم کان بچائڻ جو سائنسي
معجزو هو.
مارڪونيءَ ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جنهن ۾
فرانس ۽ برطانيه جي وچ ۾، وائرليس ذريعي پيغام
رسائڻ جو سلسلو مارچ 1898ع ۾ سرانجام ڏنو ۽
ڪارنوال ۾ 1900ع ۾ اسٽيشن ٺهرايائين، جتي ٻن سون
ميلن تائين وائرليس جو ڪامياب، پهريون تجربو ٿيو.
مارڪوني اليڪٽرانس ۾ وائرليس، ريڊيو ۽ مائرڪروفون جي ايجاد کان
سواءِ، فزڪس جو وڏو ڄاڻو هو. جنهن جي ڪري هن
1909ع ۾ فزڪس نوبل پرائيز حاصل ڪيو. پاڻ اٽليءَ جي
پارليامينٽ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. جيڪو سندس
لاءِ بادشاهه طرفان وڏو انعام هو.
هن 1914ع واريءَ پهرين مهاڀاريءَ لڙائيءَ ۾، پنهنجي وطن جي ڏاڍي
خدمت ڪئي. سندس وائرليس جي ايجاد جنگ ۾ انقلاب
برپا ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت هي اٽليءَ جي طرفان
ساڳئي وقت هي اٽليءَ جي طرفان جنگي وفد جي ميمبر
جي حيثيت سان آمريڪا ويو. هي جنگي معاملن ۾ به ڀڙ
هو. انڪري اٽليءَ جي بادشاهه، کيس 1919ع ۾، پيرس ۾
ٿيل ”صلح ڪانفرنس“ ۾، پنهنجي طرفان، هڪ خود مختيار
رڪن جي حيثيت ۾ موڪليو. مارڪوني ريڊيو ايجاد ڪري
انسان جي بنيادي گهرجن مان هڪ جو پورائو ڪيو.
مارڪونيءَ جي م مهربانين ڪري اڄ ڪلهه سڄي دنيا جو
حال پيو بڌجي.
هي عظيم سائنسدان، جولاءِ 1937ع ۾ 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري
ويو.
تاريخي حقيقت
حضور پر نور صلي الله عليه وسلم جي زندگيءَ م سومر جو ڏينهن خاص
اهميت رکي ٿو.
حضور صلعم جن سومر ڏينهن پيدا ٿيا.
حضور صلعم جن سومر جي ڏينهن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي.
حضور صلعم جن سومر جي ڏينهن مڪي کان هجرت ڪري مديني پهتا.
حضور صلعم جن مسجد نبوي جو سنگ بنياد سومر ڏينهن رکيو.
حضور صلعم جن سومر ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
زاهد علي سومرو.
محمد امين بلوچ سينگاپور جي ڪهاڻي
هڪ نه وسارڻ جهري ٻلي
”ميائون، ميائون“ گهٽيءَ جي پاسي کان وهندڙ ناليءَ مان هڪ ڪمزور
آواز اچي رهيو هو.
يوسف اُتان لنگهي رهيو هو، هن کي اهو آواز ٻڌن ۾ آيو ته هي بيهي
رهيو ۽ ٻڌڻ لڳو. وري ساڳيو آواز اچڻ لڳو ”ميائون
ميائون.“
يوسف ناليءَ ڏانهن نهاريو، هڪ ٻليءَ جو پلونگڙو (ٻچو) ڏٻرو
ڪمزور ۽ تمام پسيل هن ڏانهن نماڻائيءَ سان نهاري
رهيو هو، ڄڻ ته ليلائي رهيو هو.
يوسف اُن گهڙيءَ نالي ۾ لهي ويو ۽ پونگري کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽
نالي جي باقي ڍڪيل حصي تي رکي ڇڏيو، پلونگڙو اُتي
بيهي رهيو مگر تمام ويڳاڻو نظر اچي رهيو هو
”ويچارو ننڍڙو ضعيف پونگڙو.“
يوسف چيو ”اچ ته آءٌ توکي پنهنجي گهر وٺي هلان.“
يوسف جي ماءُ کي ٻلي جا ٻچا نه وڻندا هئا ۽ هن کي اها ڳالهه نه
وڻي، هن چيو ته ”يوسف، توکي خبر آهي ته اسان هڪ
نئين فليٽ لاءِ درخواست ڪئي آهي ۽ انهن جي قاعدن
مطابق اسان کي ڪي به اهڙا جانور يا ٻليءَ جا ٻچا
پاڻ سان گڏ نه وٺي وڃڻا آهن انهن جي منع ٿيل آهي
اسان وٽ اڳ ئي ٽي ٻليون موجود آهن ۽ اسان کي اڳ ئي
انهن جو فڪر آهي ته جڏهن اسان نئين فليٽ ۾
وينداسون ته اُنهن کي ڪيڏانهن ڪنداسون اسان انهن
سڀني کي ڪٿي رهائي سگهنداسون؟ اهو آسان نه آهي آءٌ
توکي ٻڌايان ٿي.“
پر يوسف جي تمام گهڻي ليلائڻ تي هن جي ماءُ ٻليءَ جو ٻچو پاڻ
سان گڏ رکڻ جي اجازت ڏني ۽ اُن سان گڏ اهو به
چتاءُ ڏيندي کيس چيوته ”اهو هميشہ لاءِ نه رکي
سگهندين سمجهيئي؟“
يوسف پنهنجي دل ئي دل ۾ پڪو فيصلو ڪري ورتو ته وقت اچڻ تي هو
خود هن وڇڙيل ٻچي لاءِ گهر ڳوليندو. هن اُن کي صاف
ڪيو ۽ ڪجهه کائڻ لاءِ ڏنو. ان بعد هو سڀ اهو ڏسي
حيران ٿي ويا ۽ ته پونگڙو بلڪل برف جهڙو اڇو اُجرو
ٿي ويو هو ۽ هن جون اکيون تمام سهڻيون ۽ نيري رنگ
جون هيون.
هن کي ٻليءَ سان تمام گهڻو پيار ٿي ويو هو ۽ ڪجهه مهينن گذرڻ
بعد هن پنهنجي دل مان نئين فليٽ ڏانهن وڃڻ جو خيال
ڪڍي ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو ته اهو فليٽ نه ملي ته پوءِ
اُن صورت ۾ هي ٻليءَ کي پاڻ سان گڏ رکي سگهندو.
وقت گذرڻ سان گڏ ٻلي هاڻي نهايت خوبصورت ٿي رهي هئي: هن جا وار
وڏا ريشم جهڙا ٿي ويا هئا ۽ هڪ ڊگهو ۽ سڌو وارن
سان ڀريل وڻندڙ پُڇ به ٿي ويو هوس. هوءَ هنن جي ٻن
ٽن ٻلين کان بلڪل مختلف هئي، جن جا وار به ننڍا
هئا ۽ پُچ وٽ گهنڊيءَ وارا هئا. يوسف کي هن سان
تمام گهڻو پيار ٿي ويو هو ۽ هن کان اڳ هن ڪڏهين به
ڪنهن ٻليءَ کي ايترو نه چاهيو هو.
هاڻي هن جي گهر وارن کي اها خبر پئجي ويئي هئي ته ٻلي هاڻي
ماءَ بنجڻ واڙي آهي ته هو تمام فڪر مند ٿي پيا ٻلي
۽ ان جي پيدا ٿيندڙ بابت سوچي ۽ ڳالهائي رهيا هئا.
هڪ ڏينهن هو جيئن اسڪول مان واپس آيو ته کيس خبر پيئي ته هاڻي
هنن کي جلد نئون فليٽ ملڻ وارو آهي ته کيس سخت
صدمو رسيو ۽ هن سوچيو ته هاڻي ٻليءَ جو ڇا ٿيندو؟
۽ هن جي ٻچن جو ڇا ٿيندو؟
هن جي مائٽن آخرڪار پڪو فيصلو ڪري ورتو ته ٻليءَ کي هتان ڪڍڻو
پوندو، هي ٻليءَ کي هڪ اهڙي مرڪز
P C A
۾ وٺي ويندا جتي هو ٻلي ۽ هن جي ٿيندڙ ٻچن کي
رکندا ۽ انهن جي هر طرح سار سنڀال ڪندا.
يوسف اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو مگر اکر به نه ڳالهائي سگهيو، هي
رئڻهارڪو ٿي ويو هو.
هن چاهيو پي ته هي چيخون ۽ رڙيون ڪري جيئن هو ٻليءَ کي هن کان
جدا نه ڪن.
ان رات هن پاڻ کي بستري تي وٺي اڇلايو، جڏهين لُڇي ڦٿڪي هن کي
ننڊ آئي ته هن خواب ۾ ڏٺو ته ٻلي پڃري ۾ بند آهي ۽
ميائون، ميائون ڪري رهي آهي جيئن کيس آزاد ڪيو
وڃي. هوءَ اهڙي ته ڏک ۽ غم سان رڙيون ڪري رهي هئي
جو هن پنهنجو هٿ هن کي پيار ڪرڻ ۽ تسلي ڏيڻ خاطر
وڌايو ته هن ڪجهه نرم محسوس ڪيو...... هي جاڳي
پيو، هن ڏٺو ته ٻلي هن سان گڏ بستري تي هئي ۽
آهستي آهستي ميائون ميائون ڪري رهي هئي.
يوسف محسوس ڪيو ته ٻليءَ کي سندس وڃڻ جي خبر پئجي چڪي آهي ۽
هاڻي اهو چوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته هوءَ هن سان
گڏ رهڻ ٿي چاهي.
ٻلي هن کان اڳ ڪڏهين به هن جي بستري تي نه آئي هئي، شڪار جي
ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ کان سواءِ هوءَ هميشہ
پنهنجي ڪکن واري هند ۾ سامان واري جهوپڙي هيٺ ويٺي
هوندي هئي. جيڪڏهن يوسف جي ماءُ کي اها خبر پوي ها
ته هو سخت ناراض ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته هوءَ ٻلين کي
هند تي اچڻ ۽ سمهڻ کان سخت نفرت ڪندي آهي.
ٻين ڪمرن مان کونگهرن جا آواز اچي رهيا هئا، يوسف آهستي آهستي
بستري مان اُٿيو ۽ ٻليءَ کي کنيو. آهستي آهستي پٻن
تي زور رکي اڳئين دروازي تي آيو ۽ آهستي آهستي بنا
آواز ڪرڻ جي دروازو کوليو ۽ ٻليءَ کي ٻاهر ڪڍي سُس
ڦس ڪندي چيو ”هاڻي تون ٺيڪ ٿيندينءَ ۽ پنهنجي
جهوپڙي ڏانهن وڃ“.
ٻلي هن ڏانهن عجب مان نهاريو ۽ پوءِ پنهنجي جهوپڙي ڏانهن وڃڻ
لڳي.
ڪمري ڏانهن واپس ويندي يوسف گهڙيال ڏانهن نهاريو، گهڙيال ۾ پنج
ٿيڻ وارا هئا. هن جي ماءُ کي هاڻي جلد اُٿي نيرن
تيار ڪرڻي هئي. هن جو به گهڻو ڪري اهو ئي اٿڻ جو
ٽائيم هو جو هن کي صبح سوير اسڪول وڃڻو پوندو هو.
اسڪول جي بس هن کي ۽ هن جي ڀيڻ کي صبح ستين بجي
کڻڻ ايندي هئي.
هي پنهنجي هند تي ليٽي پنهنجي ڌاريل ٻلي بابت ڪجهه سوچڻ لڳو ته
هاڻي هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته اسڪول ۾
هن جي ڪلاس جو ڪونه ڪو ڇوڪرو هن کان ٻلي وٺي وڃي.
جيڪو به ڇوڪرو هڪ ڀيري هن ٻليءَ کي ڏسندو، اهو هن
کي وٺڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو. پر ڇا. ان هوندي به
هو هن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جڏهين هنن کي خبر
پوندي ته هو ٻچا ڏيڻ واري آهي؟
ٺيڪ آهي، هو ان باري ۾ هنن کان پڇندو جيڪڏهين هو نه چوندا ته
پوءِ هو ان صورت ۾ وڌيڪ سوچيندو. پر ٻليءَ کي ڪنهن
اهڙي جاءِ تي به نه موڪلڻو آهي، جتي هي هن کي وري
ڪڏهين به ڏسي نه سگهي.
هو پنهنجون اکيون بند ڪري ڪجهه سوچن لڳو ته هن کي خيال ۾ ڳالهه
اچي ويئي ته هن جي ڏاڏيءَ جو پراڻو گهر انهيءَ
لاءِ ٺيڪ ٿيندو، جو ٻن سالن کان وٺي خالي پيو آهي.
جيڪڏهين ڪير به ٻليءَ کي رکڻ لاءِ تيار نه ٿيندو
ته ان صورت ۾ هي انهي پراڻي گهر ۾ ٻليءَ کي لڪائي
رکندو ۽ اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪير سوچي به نه سگهندو.
يوسف ٽائيم پيس جي سهاري سمهندو هو، جو سڀني گهر وارن کي
جاڳائيندو هو. هن جي ڀيڻ ٽينا ايستائين هن کي
لوڏيندي رهي، جيستائين هو جاڳيو پر اڃا تائين ننڊا
کڙو هو، ٽينا هن کي چيو ”جلدي ڪر ساڍا پنج ٿيڻ
وارا آهن. تون اسان کان بس وڃائيندين.“
ٽينا دير ٿيڻ جي شڪايت ڪندي رهي پر يوسف بس اچڻ کان صرف ٻه منٽ
اڳ تيار ٿيو.
اهو اسڪول ڏانهن وڃڻ جو رستو ڊگهو گوڙ ۽ شور وارو ٿڪائيندڙ سفر
هو.
يوسف، ماٺ ڪري وڃي بس جي آخري سيٽ تي ويٺو آس پاس جي گوڙ گهمسان
کان بي خبر ٿي هو سوچي رهيو هو ته اڃا هن کي تمام
گهڻو ڪم ۽ محنت ڪرڻي آهي. اهو اسڪول جي آخري هفتو
هو ۽ هن کي موڪلن شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ٻليءَ
جو انتظام ڪرڻو هو.
ان بعد اسڪول جو آخري ڏينهن به اچي ويو جيڪڏهن سندس دوستن مان
ڪير به ٻليءَ کي ڪجهه وقت رکڻ لاءِ تيار نه ٿيندو
ته هو ڪنهن کي به ڏوهه نه ڏيئي سگهندو، جو هنن کي
به هن وانگر گهڻو ڪري اهڙائي ڪي مسئلا درپيش
هوندا، هنن مان به گهڻا پنهنجن نون فليٽن ۾ وڃڻ
وارا هئا. ۽ پنهنجي پاليل جانورن جي لاءِ گهرن جي
ڳولا ۾ هئا ۽ ٻيا جن کي جلد نون فليٽن ڏانهن وڃڻو
هو انهن کي چتاءُ ڏنو ويو هو ته هو پاڻ سان
گڏاهڙن ڀٽڪندڙ ۽ رولو جانورن کي نه وٺي اچن. اسڪول
۾ گهڻو ڪر يانهن ڌاريل جانورن جي لاءِ گهرن جي
ڳولا ۾ هئا ۽ ٻيا جن کي جلد نون فليٽن ڏانهن وڃڻو
هو انهن کي چتاءُ ڏنو ويو هو ته پاڻ سان گڏ اهڙن
ڀٽڪندڙ ۽ رولو جانورن کي نه وٺي اچن. اسڪول ۾ گهڻو
ڪري انهن ڌاريل جانورن جو ئي ذڪر ٿي رهيو هو ته
جڏهين نون فليٽن ڏانهن روانگي شروع ٿئي ته انهن جو
ڪهڙو انتظام ڪجي.
يوسف پنهنجي ڪيل اڳ واري رٿا تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته ٻليءَ کي
هاڻي سندس ڏاڏيءَ واري پراڻي گهر ۾ رکجي. هي اُن
لحاظ سان ڪيترا ڀيرا اُن خالي گهر ڏانهن ويو. اهو
هڪ ڪاٺ جو ننڍو گهر هو، جو مرمت نه هئڻ سبب ڪري
پيو هو ۽ ان جا ڪي تختا هيٺ مٿي ٿيل هئا ۽ ڪي گم
ٿيل هئا.
اُن گهر سان ملحق هڪ شوروم جو هيٺاهين تي جهڪيل ميرو فرش هو، هن
جي ڏاڏي جون ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون اتي رکيل هيون. ان
جو صرف هڪ ئي دروازو هو جو باغ واري پاسي ڏانهن
کلندو هو ۽ هڪ ننڍي دري هئي جا روشني خاطر رکيل
هئي.
يوسف دل ۾ خيال ڪيو ته ٻليءَ لاءِ اها جاءِ ٺيڪ ٿيندي هن اُن
جاءِ کي صاف ڪيو ۽ پراڻي گهرجي آس پاس ٻليءَ جي
سُک ۽ آرام خاطر پڪن شين جي ڳولا ڦولا ڪئي، هن
سندس کاڌي رکڻ جو انتظام ڪيو ۽ هڪ ڪنڊ ۾ هن جي
لاءِ ڪکن ۾ ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۽ اڳيڙن ٿڳڙين سان هن جي
ويهڻ ۽ سمهڻ لاءِ جاءِ ٺاهي.
ٻليءَ جي رهڻ ۽ کاڌي جي انتظامن ۾ رڌل هئڻ سبب سندس گهر وارن هن
جي گهر مان غير حاضري ڏانهن ڌيان ڪيو ۽ هيءَ به
پاڻ کي ڪجهه قدر ڏوهي سمجهڻ لڳو.
”تون ڪٿي ويندو آهين، يوسف“ هن جي ڀيڻ هڪ ڏينهن هن کان پڇيو. هن
جي ماءُ جيڪا هن جي ڀرسان بيٺل هئي، تنهن پڻ
ساڳيوئي سوال ڪيو ”ها، تون ڪٿي ويندو آهين؟ جڏهين
به آءٌ ڪنهن ڪم، واسطي توکي سڏيندي آهيان ته تون
هميشہ ٻاهر ويل هوندو آهين.“
اُن بعد يوسف ڪجهه وڌيڪ خيال ڪرڻ لڳو ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ
لڳو، اها سندس ٻليءَ لا ءِ گهر ٺاهڻ جي شروعات هئي
۽ هن کي مزو اچي رهيو هو. وڃڻ کان اڳ هن ان ڳالهه
جي خاطري ڪئي ته گهر جي ٻاهران ٻليءَ جي حفاظت
لاءِ هاڻي ڪجهه به ڪرڻو نه آهي.
هن هڪ ٽڀو کنيو ۽ اُن ۾ پائوڊر واري کير جا ڪجهه چمچا وڌا. هن
ڪنهن به قسم جي چوري ڪرڻ جو دل ۾ خيال نه ڪيو ۽
هن پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجي روزانه خرچيءَ مان
پئسا بچائي ان تي خرچ ڪندو. اهو هو تڏهين ڪري ٿي
سگهيو جو هو شيون ۽ مٺايون خريد نه ڪري جن جو هي
شوقين هو ۽ ان رقم مان هفتي ۾ ٻه ننڍا دٻا تارلي
(مڇيءَ جو هڪ قسم) جا خريد ڪري سگهندو ۽ اُن کان
علاوه پائوڊر جو کير به وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ طريقا
ڳولڻ ۽ سوچڻ لڳو. هن پنهنجي پئسن واري پيتيءَ ۾
جمع ٿيل پئسا ڳڻيا. اهي پئسا ايترا هئا جو انهن
سان هي هڪ وڏو دٻو مڇيءَ جو آسانيءَ سان خريد ڪري
ٿي سگهيو. پر خبر نه آهي ته اهو ڪيترو وقت هلي
سگهندو؟ هن عجب وچان چيو.
نئين فليٽ ڏانهن وڃڻ جو وقت ويجهو اچي ويو هو. هر ڪمري ۾ سامان
سان ڀريل پيتيون رسين سان ٻڌيون پيون هيون هن جي
ماءُ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي هئي ۽ هن جو پيءُ پڻ
ڪم ۾ مشغول هو ۽ فليٽ ۾ فٽنگ ۽ ٻيو ضروري ڪم ڏسي
رهيو هو.
يوسف ٻليءَ کي سندس نئين گهر ۾ رهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ڪيترائي
ڀيرا ٻليءَ کي اتي وٺي مگر ٻلي اُتي نه رهي سگهي.
هڪ ڏينهن يوسف ٻليءَ کي سندس نئين گهر ۾ بند ڪري
تالو لڳايو ۽ پاڻ تمام تڪڙو _ تڪڙو اتان نڪتو ۽
جڏهن ٻئي طرف کان هي گهمندو ڦرندو گهر پهتو ته ٻلي
هن جو اڳ انتظار ڪري رهي هئي. هن کي گهرجي ها ته
هو ان ئي وقت دري به بند ڪري ڇڏي ها ته پوءِ ٻلي
ان اسٽور روم ۾ رهي ها ۽ ٻار نه نڪري سگهي ها.
ڇنڇر ڏينهن يوسف جي ماءُ هنن کي ٻڌايو ته هو ايندڙ هفتي نئين
فليٽ ڏانهن روانا ٿي ويندا. هنن هر تياري ڪري ڇڏي
هئي ۽ سندن گهرجي اصلوڪي ٽن ٻلين لاءِ به گهرن جو
انتظام ٿي ويو هو. فليٽ کي ۽ فرش کي چڱي طرح سان
رڳڙي صاف ڪيو ويو هو. پردن جي سلائي ڪرائي وئي هئي
۽ بتين جا شيڊ به لڳايا ويا هئا.
”تنهنجو پيءُ ڊگهي موڪل تي لهندو ۽ ڪم ڪار جي نگراني ڪندو. هو
ٻليءَ کي اڱاري ڏينهن شام جو وٺي ويندو يوسف ڏس ته
ٻلي تيار آهي ۽ تون تيار ٿي سگهندين؟“
يوسف ڪو به جواب نه ڏنو هو عجب ۾ پئجي ويو هو ته جيڪڏهن ٻليءَ
کي سومر جي رات يا اڱاري جي صبح جو نئين گهر وٺي
وڃڻو آهي ته اُن وقت هرڪو ڪم ۾ مشغول هوندو، ٿي
سگهي ٿو ته ٻلي هنن کان وسري وڃي.
سومر جو ڏينهن تمام مشغول ڏينهن هو. يوسف صبح جو ٽائيم پنهنجي
ذاتي ڪمن ڪارن ۾ گذاريو. منجهند جي ماني بعد هن جي
ماءُ نئين فليٽ ۾ ضروري ٺاهه ٺوهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي
مدد خاطر هن کي سڏيو. مگر هي اُن وقت بيچين ٿي ويو
هو جڏهين هن اٺين منزل تي سندس فليٽ جي دريءَ مان
سج لهڻ ۽ منهن اونداهي ٿيڻ جو نظارو ڏٺو.
هو جڏهين واپس گهر پهتا ته اونداهي ٿي ويئي هئي ۽ ٻلي هڪ ڪمري
کان ٻئي ڪمري ڏانهن ڏک ۽ غم وچان ڦرندي ميائون.
ميائون ڪندي رهي. يوسف هن کي کير جي ساسر ڀري ڏني.
جڏهين هن اهو پي ورتو ته ان بعد هن پاڻ کي چٽي صاف
ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن ڏانهن وڌي هن جي هٿن کي
چٽيو. هن کي ٻلي جي کهري زبان سان چٽڻ واري ڳالهه
نه وڻي پر هن پنهنجا هٿ پري نه ڪيا. سانجهيءَ جو
باقي وقت هو ٻليءَ سان گڏ رهيو، انهي خيال سان ته
موقعو ملڻ تي هن کي وٺي وڃي، پر کيس موقعو نه ملي
سگهيو.
اڱاري جي ڏينهن صبح جو معمول خلاف وڌيڪ ٿڌ هئي ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ
بهترين ڏينهن هو. يوسف جي گهر جا ڀاتي صبح سويري
ئي فليٽ ڏانهن ويا هئا ۽ هن کي جنهن موقعي جي تلاش
هئي اَهو هن کي ملي ويو هي ٻليءَ سميت گهر مان
کسڪي نڪتو.
هن اُن پراڻي گهر جي اسٽور روم ۾ ٻليءَ کي ويهاري دري ۽ دروازو
بند ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هي
تنهنجي لاءِ سٺي جاءِ آهي ۽ هي تنهنجو نئون گهر
آهي ۽ مون کي جلد وڃڻو آهي.“
”ميائون، ميائون“ ٻلي يوسف جي ٽنگن کي چٽڻ کان سواءِ پاڻ کي
ڇنڊي صاف ڪيو. يوسف ٿورو هيٺ مڙي هن کي ڌڪو ڏنو.
”سمهي رهه، ۽ ڪو به فڪر نه ڪر تون اتي بلڪل ٺيڪ ٿيندين، مون کي
جڏهين به موقعو ملندو ته آءُ توکي اچي ڏسي ويندس.“
ٻلي ڪاوڙ وچان وٽجي سٽجي پنهنجي هنڌ تي ويهي رهي ۽ هن کي ڏسندي
رهي. جڏهين يوسف دروازي ڏانهن وڌيو ته به هو
پنهنجي جاءِ تان نه چري. هن کي خبر پئجي ويئي هئي
ته هن کي هاڻي اتي ئي رهڻو آهي، يوسف چڱي موقعي تي
واپس گهر پهتو ۽ ڪم ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ايتري ۾ هن
جا مائٽ به لنچ باڪس سان گڏ اچي ويا. ٻليءَ بابت
ڪنهن به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. يوسف پنهنجي دل ۾ چيو
ته هو جڏهين ٻليءَ کي نه سڏيندا ته ضرور عجب ۾
پوندا.
چڱو يوسف، جيستائين ڌوئڻ پوئڻ جو ڪم ختم ٿيندو ته پوءِ اسان
ٻليءَ کي
SPCA
وٺي وينداسين.
بهتر ائين ٿيندو ته تون هن جي سمهڻ لاءِ ڪو ڪپڙو کڻي هل ته پوءِ
هو نئين گهر ۾ هري ويندي ۽ ڪنهن به قسم جي تڪليف
نه پهچائيندي.“
يوسف آخري پليٽ کي خشڪ ڪري رهيو هو ته هن سندس پيءَ کي سڏ ڪندي
ٻڌو. ”ٻلي ٻلي“ ۽ ٽينا جو آواز به اُن سان شامل
ٿيو. يوسف کي انهيءَ ڳالهه تي خوشي ٿي ته ڪنهن به
ٻليءَ جي ڳولا لاءِ هن کي گڏ وٺي هلڻ جي ڳالهه نه
ڪئي.
اٽڪل پوڻا ٻه ٿيا هئا ته يوسف جي پيءُ ٻليءَ جي ڳولا ڪرڻ بند
ڪئي. ”اهو ضروري نه آهي. کڻي ٻلي اسان جي هٿ اچي
به وڃي مگر اسان کي تمام گهڻي دير ٿي ويندي. آءُ
فون تي اوهان کي ٻڌائيندس.“
ٽينا کي فڪر ٿيو ۽ هو بيچين ٿي ويئي ”اسان جي وڃڻ کان پوءِ
جيڪڏهين ٻلي ملي ويئي ته پوءِ ڪهڙو فائدو هن کي
اسان جي نئين گهر جي خبر به نه آهي“ تون ڪو به
خيال نه ڪر. هوءَ ضرور واپس ايندي. آءُ روزانو
ايندو رهندس ۽ ڏسندس ته هوءَ واپس اچي ٿي يا نه.
هيڏانهن هيڏانهن جي اچ وڃ ۽ پسگرادائي جي گوڙ
گمسان هن کي پريشان ڪيو هوندو.“
اُن ڏينهن جي شام جو سڄو ڪٽنب نئين فليٽ تي پهچي ويو. هن جي
ماءُ هنن کي تاقيد ڪئي هئي ته هو پراڻي گهر جي
صفائي ڪري بلڪل صاف رکن . اهو ايترو ته ڪم هو جو
ڪجهه وقت لاءِ ٻلي بابت سوچي به نٿي سگهيو.
فليٽ سٺي نموني جو ٺهيل هو ۽ ان ۾ 3 بيڊ روم ٺهيل هئا يوسف
پنهنجو ڪمرو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، اهو ٿورو ننڍو هو،
پر ان ۾ سڀ سهوليتون موجود هيون ڊنر لاءِ به سڄو
فرنيچر پنهنجي جاءِ تي موجود هو، مگر جيئن ته کاڌي
پچائڻ لاءِ کين ٽائيم نه هو، آن ڪري گهر جا ماڻهو
هيٺ هڪ ويجهي کائڻ جي اسٽال (هوٽل) تي کاڌو کائڻ
لاءِ ويا هئا.
سندن پيءَ کين لفٽ تي چڙهڻ ۽ لهڻ جو طريقو ٻڌايو. لفٽ ڪافي
فليٽن جي استعمال لاءِ آهي، ان ڪري اُن کي هر وقت
صاف ۽ آرڊر ۾رکڻ گهرجي. هن کين اهو به سمجهائي
ڇڏيو هو ته جيڪڏهين اتفاق سان لفٽ ڦاسي پوي ته ڇا
ڪرڻ گهرجي.
هو جڏهين ماني کائي رهيا هئا ته يوسف کي ٻلي ياد اچي ويئي.
سندن کاڌي مان ڪجهه مڇي بچي پيئي هئي. هن خيال ڪيو
ته اُها پنهنجي ٻليءَ لاءِ کڻي وڃي پر پوءِ هن
اهو خيال لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن جي خيال ۾ سندس
پيءَ کي شڪ ٿيندو ۽ هو طرح طرح جا سوال ڪندو.
فليٽ تي واپس پهچڻ تي سندن پيءُ ٽيلويزن جو بٽڻ کوليو يوسف ٻين
سان گڏ ويهي مغربي پروگرام ڏسڻ لڳو.
هن کي مغربي پروگرام وڻندا هئا، مگر هن کي ننڊ اچي رهي هئي،
جنهنڪري سندس پيءُ هن کي سمهڻ لاءِ بستري ڏانهن
موڪلي ڇڏيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن بعد يوسف چيو ته هو پاڙي ۾ گهمڻ لاءِ وڃي
رهيو آهي، مگر اُتان هو موقعو ڏسي ٻليءَ جي جاچ
ڪرڻ لاءِ هليو ويو. اتي فليٽن جا ڪيترائي بلاڪ
هئا، مگر هن خيال ڪيو ته هو رستو نه ڀلجي ويندو جو
سندس ڏاڏيءَ جو پراڻو گهر پري نه هو.
هي جڏهين اَتي پهتو ته ٻلي ميائون ميائون ڪري رهي هئي ۽ دروازي
کي رهنڊون پائي رهي هئي. جيئن هي اندر گهڙيو ٻلي
هن جي مٿان ڇلانگ لڳائي ٽپو ڏنو ۽ هن کي چٽڻ لڳي،
اهو ڏيکارڻ خاطر ته هوءَ ڪيتري نه هن جي اچڻ سان
خوش ٿي هئي. هن ٻليءَ کي ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ٻئي
گڏجي ٻاهر گهمڻ نڪتا پوءِ جيئن ٻلي هن جي اڳوڻي
گهر ڏانهن وڃي رهي هئي ته يوسف ان کي کنيو ۽ واپس
اسٽور روم ڏانهن وٺي ويو جتي هن کيس کير جي ساسر ۽
ڪجهه مڇي ڏني. ٻلي اهو جلد طعام کائڻ بعد هميشہ
وانگر پاڻ کي چڱيءَ طرح سان صاف ڪيو. يوسف ڪک ڪانا
پري ڪري هن جي جاءِ کي صاف ڪيو. جڏهين سڀ ڪجهه
ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو ته هن اُن پيتيءَ ڏانهن نهاريو،
جنهن ۾ هن جي کاڌي پيتي جو سامان رکيل هو. هن
خاطري ڪرڻ لاءِ ته اهو ٻلي جي کاڌي پيتي جو سامان
ڪيترا ڏينهن هلندو، جيستائين هن جو اسڪول کلي ۽ هن
جو پيءُ هن کي خرچي ڏئي، جنهن مان هي وڌيڪ ٻليءَ
جي کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪري.
اهو سڀ ڪجهه وئڪيشن جي عرصي ۾ ٿي گذريو. يوسف اڪثر ڪري ٻليءَ کي
ڏسڻ ويندو هو ۽ هن کي چڱيءَ طرح کاڌو کارائيندو
هو. هڪ ڳالهه جي هن کي پريشاني هئي ته هن جو پيءُ
روزانو اهو ڏسڻ ايندو هو ته ٻلي هنن جي پراڻي گهر
۾ واپس ته نه آئي آهي.
اسڪول کلڻ کان هڪ ڏينهن اڳ صحيح جو نيرن تي سندس پيءُ چيو ته
ٻليءَ کي هاڻي جلد ٻچا ٿيندا، هن اميد ظاهر ڪئي ته
شال ڪا ٻليءَ کي چڱي جاءِ ملي ويئي هجي ۽ ڪو سندس
سار سنڀال لاءِ ملي ويو هجي. هن کي ته هاڻي وڌيڪ
کير جي به ضرورت ٿيندي.
يوسف ٻليءَ جي لاءِ وڌيڪ کير بابت نه سوچيو هو ۽ هاڻي اهو وقت
هو ته سندس پيءُ کي ٻڌائي ته ٻلي ڪٿي آهي. هي اڳ
ئي ٻڌائي ڇڏي ها مگر هن کي ڊپ هو ته هن جا مائت
ڪاوڙ ڪندا ۽ هن سان ناراض ٿيندا.
هڪ ڏينهن، جيئن اسڪول جو نئون ٽرم شروع ٿيو. اُن بعد جلد اسڪول
کان پوءِ هن جي ماءُ کي ٽينا کي وٺي ڏندن جي ڊاڪٽر
ڏانهن وڃڻو هو. يوسف جڏهين هن اسٽور روم جو دروازو
کوليو ته هي حيران ٿي ويو.
ٻلي هڪ ڪنڊ ۾ ليٽي پيئي هئي ۽ پنهنجي ٻچن مان هڪ هڪ کي چٽيندي
صاف ڪندي رهي. ڪُل 3 ٻچا هئا اڇا سنهڙا ۽ اهڙا
خوبصورت به نه هئا ۽ اهڙا مضبوط ۽ سگها به نه
هئا. يوسف ڏسي رهيو هو ته هو ڪِري رهيا هئا. هي
انهن کي ڏسي مايوس ٿي ويو مگر ٻلي هنن کي ڏسي باغ
بهار ٿي رهي هئي. يوسف جيڪو وڌيڪ کير ٻلي کي ڏنو
اهو سڀ هو پي ويئي. کير جو پائوڊر به ختم ٿيڻ
وارو هو. هاڻي يوسف کي ٻليءَ جي وڌيڪ کاڌي پيتي
لاءِ وڌيڪ پئسن بچائڻ جو فڪر ٿيو.
ٻئي ڏينهن يوسف جي آپا اسڪول ۾ ڪيترائي ڀيرا يوسف سان اٽڪي
پيئي، هي اوڏانهن ڌيان نه ڏيئي رهيو هو ۽ هو موڪل
جي گهنڊ وڄڻ تي ڪيڏو خوش ٿي رهيو هو!
هي اُن وقت بلڪل تيار ٿي ڪلاس مان نڪرڻ وارو هو ته سندس آپا هن
کي سڏيو ”يوسف، تون مهرباني ڪري ترس.“
جڏهين ٻيا سڀ ٻار وڃي چڪا هئا ته سندس آپا چيو ”يوسف هيڏانهن
اچ، هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري تون
سڄو ڏينهن ڪلاس ۾ ڌيان نه ڏيئي رهيو هئين ڇا توکي
پراڻي گهر جو فڪر آهي؟ ڇا تون نئين فليٽ ۾ رهڻ
پسند نٿو ڪرين؟“
”اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي.“
”ته پوءِ توکي ڪهڙي شي جي ڳڻتي آهي؟ تون پريشان ڏسڻ ۾ اچي رهيو
آهين. ٻڌاءِ مون کي.“
يوسف سمجهيو ته سندس ماسترياڻي ڪاوڙ ۾ اچي آڏي پڇا ڪندي، پر
جڏهين هن ڪاوڙ نه ڏيکاري ۽ وڌيڪ سوال جواب نه
ڪيائين ته هن پنهنجو مٿو جهڪايو ۽ اکين مان زار
زار ڳوڙها وهي سندس ڳلن تي پئجي رهيا هئا.
”مون کي پنهنجي ٻليءَ جي ڳڻتي آهي.“
”تنهنجي ڌاريل ٻلي وڇڙي ويئي اُن جي ڳڻتي آهي؟“
يوسف تمام بيچين هو ۽ ڪجهه به نه ڳالهائي سگهيو. هن جي
ماسترياڻي ايستائين بيٺي رهي جيستائين هن روئڻ بند
ڪيو ۽ پوءِ سندس پٺي ٺپريندي چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ
ٿي ويندو.
”يوسف، تون منهنجو هڪ بهترين شاگرد آهين مگر اڄ صبح تو مون کي
ڪجهه پريشان ڪري ڇڏيو هو.“
ٽينا اسڪول کان ٻاهر پنهنجي ڀاءُ جو انتظار ڪري رهي هئي، ان
ڪري ٻنهي کي گهر پهچڻ ۾ دير ٿي ويئي هئي ۽ هنن جي
ماءُ هنن کان دير جو سبب پڇي رهي هئي.
”مون کي يوسف لاءِ ترسڻو پيو هو“ ٽينا جواب ڏنو.
”هنن کي موڪل بعد اُتي ترسڻو پيو هو.“
”ڇو، ڇا لاءِ“؟ هنن جو پيءُ ٽينا جا رمارڪ ٻڌن لاءِ اُن وقت ئي
ڪمري ۾ گهڙي آيو. ”يوسف تون ڇا ڪري رهيو هوئين؟“
”ڪجهه به نه بابا.“
”جيڪڏهين تنهنجي آپا توکي ترسايو ته پوءِ ضرور ڪا ڳالهه آهي.
”هُن مون کي روڪيو ته هو، مگر هُن مون سان ڪجهه ڳالهائڻ ٿي
چاهيو.“
”ڇا بابت؟“
”بابت... يابت....“
”هيڏانهن ٻاهر اچ. ڇا بابت تنهنجي آيا توسان ڳالهائڻ چاهيو هو.
“
يوسف سوچڻ جي ڪوشش ڪئي ته هاڻي ڪهڙو جواب ڏجي. هي پنهنجي پيءُ
جي چهري تي نظر وجهڻ سان سڃاڻي ويو هو ته هن لاءِ
بهتري انهي م آهي ته هي سچ ڳالهائي.
”آپا اها ڳالهه معلوم ڪرڻ ٿي چاهي ته آءٌ ڇا بابت فڪرمند هوس.
آءُ ڪلاس ۾ ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏيئي سگهيو
هوس.“
”۽ ڇاجي لاءِ جواب نه ڏنا؟ توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟ ڇا تون فليٽ ۾
رهڻ پسند نه ٿو ڪرين؟“
يوسف ڊنل هو، پر هن کي انهي ڳالهه تي عجب نه هو ته ڪو سندس پيءَ
۽ آپا ٻئي اهو سمجهن ته هن جي پريشاني جو سبب فليٽ
ئي هو ۽ ڪنهن حد تائين اهو صحيح هو. جيڪڏهين فليٽ
جو مسئلو نه هجي ها ته ٻليءَ جو ڪو مسئلو نه هجي
ها. تنهن هوندي به هن کي خبر هئي ته سندن خاندان
کي پري ههڙي عمدي ۽ نئين فليٽ ۾ رهڻ وڌيڪ پسند هو
بنسبت هڪ پراڻي ۽ کُٿل گهر ۾.
”تو پنهنجي آپا کي ڇا چيو؟“ ڪهڙو سبب ڄاڻايو ۽ پنهنجي ڪهڙي
صفائي پيش ڪئي.“ سندس پيءَ هن کي جواب ڏيڻ جو
موقعو نه ڏيئي رهيو هو. ”تو ڇا چيو ته توکي ڇا
بابت ڳڻتي آهي؟“
”ٻلي.“
”ڇا“؟
”ٻلي.“
تون اسڪول ۾ ڪو به ڪم نه ڪري سگهئين ڇاڪاڻ ته توکي ٻليءَ جو فڪر
هو؟ پر توکي خبر آهي ته آءُ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو
آهيان جيئن هوءَ ملي وڃي. هن کي ڪٿان نه ڪٿان کاڌو
ضرور ملندو هوندو. ٻي صورت ۾ هوءَ گهر اچي ها.“
”بابا، ٻلي ڏاڏيءَ جي پراڻي گهر ۾ آهي.“
توکي ڪيئن خبر پيئي؟“
”آءُ پاڻ اتي ڇڏي آيو هوس ۽ آءٌ ان جي سار سنڀال ڪندو رهيو
آهيان.“
”تون- “ سندس پيءُ ڏاڍو ڪاوڙيل ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو پر يوسف کي
هاڻي گهڻو ڊپ نه هو. هاڻي جيئن ته هن هنن کي سڄي
راز کان واقف ڪيو تنهنڪري هاڻي هن پاڻ کي بهتر
سمجهيو ۽ سندس پيءُ جو غصو به ٿڌو ٿيو.
”اسان سڀاڻي ضرور انتظام ڪري وٺنداسون“ هن جي پيءُ چيو.
”ٻليءَ کي ٽي ٻچا به ٿيا آهن.“ ڪجهه ڳالهائي، ٽينا ڊوڙندي آئي
۽ سندس پيءُ کي ٻانهن کان جهليندي چيو ”بابا
مهرباني ڪري هلو ته هلي انهن کي ڏسون. مهرباني ڪري
هلو. يايا“ هنن جي ماءُ به ماٺ ماٺ ۾ ڪجهه کير کڻڻ
لاءِ يورچيخاني ڏانهن ويئي. ٿوري دير ۾ هي چارئي
ڄڻا تيار ٿي ڏاڏيءَ جي پراڻي گهر پهچي ويا. ٻلي
هنن سڀني کي ڏسي ڏاڍي خوش تٿي ۽ خوشيءَ وچان
ميائون، ميائون ڪرڻ لڳي. ٻارن ۽ هن جي مائٽن جي وچ
۾ ٻلي ۽ هن جي ٻچن بابت وڏو بحث ٿيو.
يوسف کي ڊپ هو ته سندس پيءَ هن کي ڇنڀيندو، مگر اها نويت نه
آئي، گهر ڏانهن موٽڻ مهل سندس پيءُ ماٺ ۾ هو ۽
وڌيڪ نه ڪڇيو. مگر جڏهين هو پنهنجي فليٽ تي واپس
پهتا ته هن چيو ته اسان کي هاڻي چئن گهرن جي سنڀال
ڪرڻي آهي.
”بابا، ڇا انهن ٻچن مان اسان صرف هڪ به نٿا رکي سگهون؟“
”نه، ٽينا، توکي ته قاعدن جي خبر آهي، پر اسان روزانو کين کاڌو
پهچائينداسون.
هنن جو پيءُ وعدي تي قائم رهيو ۽ گهر جا ماڻهو روز ٻلي ۽ هن جي
ٻچن کي ڏسڻ ويندا هئا. يوسف کي سندس نئين گهر ملڻ
بابت ڊپ لڳي رهيو هو. مگر هن کي اها خبر هئي ته
اهو ڪم جلد ٿيندو. ٻليءَ جا ٻچا تيزيءَ سان وڌي
رهيا هئا ۽ پنهنجي ماءَ وانگر تمام خوبصورت لڳي
رهيا هئا، مگر اسٽور روم هاڻي هنن لاءِ تمام ننڍو
لڳي رهيو هو.
هڪ ڏينهن اهو به اچي ويو جو هن جي پيءُ کين ٻڌايو ته هن سڀني
ٻلين لاءِ گهر هٿ ڪيا آهن ته ٽينا کان خوشي وچان
رڙ نڪري ويئي ۽ يوسف کان به ساڳي طرح رڙ نڪتي.
”ڇا، اوهان مون سان گڏ هلڻ پسند ڪندؤ، جڏهين آءٌ، ٻلي ۽ هن جي
ٻچن کي سندن نئين گهر ڏانهن وٺي ويندس.؟“
”ٽينا اوهان سان گڏ هلندي مگر آءٌ نه هلي سگهندس.“
آچر جي ڏينهن، جڏهين ٻلي ۽ هن جي ٻچن کي اوڏانهن نيو پي ويو ته
يوسف فليٽ جي ٻاهر بيٺو رهيو. هي هائوسنگ ايسٽيٽ
جي ٻاهران ڦرندو رهيو، نه اهو معلوم ڪرڻ خاطر
ته ٻلي کي ڪيڏانهن نيو پي ويو ۽ نه اهو معلوم ڪرڻ
خاطر ته ٽينا ڇو روئي رهي هئي. هي تمام پريشان ڏسڻ
۾ اچي رهيو هو ته هن کي اها ڳڻتي هئي ته شايد
هاڻي هي ڪڏهين به ٻلي ۽ اُن جي ٻچن کي وري ڏسي نه
سگهندو. ساڳئي وقت هن کي اها به خبر پيئي ته فليٽن
۾ رهندڙ ماڻهو پاڻ سان گڏ اهڙا پالتو جانور نٿا
رکي سگهن. انهي جي معنيٰ ته نه صرف ٻلي، مگر ٻيو
ڪوبه جانور ٻليءَ جي بدران نه رکي سگهندا.
شام ٿيڻ واري هئي ۽ يوسف دل ۾ خيال ڪيو ته هاڻي هن کي گهر وڃڻ
کپي، جيڪڏهن هي دير سان گهر ويندو ته هن جا مائٽ
پريشان ٿيندا. هي لفٽ تي چڙهي پنهنجي اٺين منزل
تي لٿو ۽ پوءِ هلي پنهنجي فليٽ تي پهتو. ٻيا سڀ
گهر جا ڀاتي گهر ۾ موجود هئا، جيئن هي دروازي وٽ
پهتو ته هن کي هنن جو ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي
رهيو هو. جيئن هي اندر آيو ته سڀ هن ڏانهن نهارڻ
لڳا، مگر ڪنهن به نه ڳالهايو ۽ يوسف سمجهي ويو ته
هي سڀ هن خاطر پريشان هئا.
هي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيو ۽ هن دروازي جي پاسي کان بيهي اندر
جهاتي پائي ڏٺو ته خوشي وچان هن کان رڙ نڪري ويئي.
”ٻلي! ڪهڙي نه پياري ۽ خوبصورت هئي!“
هن جي ڪمري جي ديوار تي وڏي سائيز ۾ ٻلي ۽ سندس نرم وارن وارن
ٽن ٻچن جي فريم ۾ رنگين تصوير ٽنگيل هئي جيڪا هن
جو پيءُ وٺي آيو هو. جڏهين تصوير جي پٺئين پاسي
ڏانهن هن نهاريو ته اُتي ٻلين جي تون گهرن جون چار
ائڊريسون لڳل هيون. هي جڏهين به چاهي ته اوڏانهن
وڃي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ ٻلي ۽ هن جي ٻچن جي هڪ
تمام پياري ۽ خوبصورت رنگين تصوير هن جي اڳيان
هميشہ لاءِ موجود هئي جيڪا ٻلي ۽ اَن جي ٻچن جي هر
وقت يادگيري ڪرائي رهي هئي. |