عجيب معلومات
دنيا جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي جامع الازهر قاهر (مصر) ۾ آهي.
دنيا ۾ سڀ کان پهريون لکيل ٻاراڻو درسي ڪتاب بابت نامو آهي.
دنيا ۾ سڀ کان پهريائين فوٽن جو رواج چين ۾ پيو.
دنيا ۾ سڀ کان سهڻو شهر پئرس جو آهي.
دنيا جي سڀ کان قديم ريلوي اسٽيشن برطانيه ۾ آهي.
دنيا ۾ ڊينمارڪ اهو واحد ملڪ آهي جتي ڪو به ماڻهو يا عورت اڻ
پڙهيل نه آهن.
دنيا جو اتر قطب اهڙو ملڪ آهي جتي سج نه اڀرندو آهي.
- دليپ ڪمار
اسلم ميمڻ آخوند جپاني لوڪ ڪهاڻي
ميربحرن جي جنگ
قديم زماني ۾ صوبي ڪاگا (هاڻ ايشي ڪاوا) ۾ ست ميربحر رهندا
هئا. هي ست ئي ميربحر هڪ ئي وقت مڇيون پڪڙڻ ويندا
هئا ۽ جڏهن مڇين جي شڪار جي لاءِ ويندا هئا ته
پنهنجي تيرڪمان پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا.
هڪ ڏينهن جو ذڪر آهي. ميربحر پنهنجي معمول جي مطابق هڪ ٻيڙيءَ ۾
سوار ٿي مڇيون پڪڙڻ لاءِ جڏهن هو اونهي سمنڊ ۾ ويا
ته اوچتو آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ ڏسندي ئي
ڏسندي تيز هوا لڳڻ شروع ٿي.
”خوفناڪ طوفان اچي رهيو آهي!“
هڪڙي رڙ ڪري چيو.
”اسان کي جلدي ڪناري تي واپس پهچڻ گهرجي!“
پوءِ مڇيون پڪڙڻ بند ڪيائون ۽ ٻيڙي کي گهليندي جلدي جلدي ڪناري
جي طرف هلڻ لڳا. هو پنهنجي پوري طاقت سان ٻيڙي
هلائي رهيا هئا. ليڪن هوا ايتري قدر هئي جو ٻيڙي
اڇلجي اڇلجي لهرن ۽ ڇولين سان ٽڪرائجي رهي هئي.
ٿوري ئي دير بعد هنن ڏٺو ته هنن جي ٻيڙي ڪناري جي
طرف وڃڻ جي بجاءِ کلي سمنڊ جي طرف وڌي رهي آهي.
هنن خوفزده ٿي ٻيڙيءَ ۾ مضبوطيءَ سان هٿ وڌا تان
ته سمنڊ ۾ نه ڪرن. ان سان گڏ ئي هو پنهنجي حفاظت
جي لاءِ مهاتماٻڌ کان دعائون گهري رهيا هئا.
جڏهن طوفان بند ٿيو ته ميربحرن جا هوش درست ٿيا مگر هنن کي ڪابه
خبر نه هئي ته سندن ٻيڙي سمنڊ جي ڇولين ۾ لڙهندي
خبر ناهي ڪٿي پهتي آهي؟ سڀ حيران ۽ پريشان هڪ ٻئي
جي طرف ڏسي رهيا هئا. هڪدم کين پري آسمان جي طرف
هڪ جزيرو ڏسڻ ۾ آيو.
”زمين اچي وئي، زمين اچي ويئي!“
هو خوشيءَ ۾ رريون ڪرڻ لڳا ۽ ٻيڙيءَ جو رخ انهيءَ طرف ڦيريائون
انهيءَ کان اڳ ۾ جو هو ٻيڙي جزيري جي طرف ڌڪين،
ٻيڙي خود بخود انهيءَ طرف وڌڻ لڳي. جيئن مقناطيسي
ڪشش کيس پنهنجي طرف ڇڪي رهي هئي ۽ پوءِ ڏسندي ئي
ڏسندي هو جزيري جي ڪناري تي پهچي ويا.
”هن جزيري جو نالو ڇا آهي؟ اسان ڪڏهن هن جي باري ۾ نه ٻڌو آهي؟“
”حيران ٿي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺائون. هن جزيري ۾ بيشمار وڻ هئا، جن ۾
گل لڳل هئا. هي ڏسي هو سڀ حيران ٿيا. ليڪن اڃا
پوري طرح ٿڪاوٽ دور به نه ڪئي هئائون ته هڪ
خوبصورت نوجوان ظاهر ٿيو ۽ کين مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
توهان سڀني کي آءُ خوش آمديد چوان ٿو. آءُ توهان جي اچڻ جو شدت
سان انتظار ڪري رهيو هوس. حقيقت هي آهي ته مون ئي
توهان ماڻهن کي جزيري ۾ گهرايو آهي. ميربحرن جي
سمجهه ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو ته هي نوجوان ڇا چئي
رهيو آهي. هي ويچارا پريشان ٿي هڪ ٻي ڏي ڏسڻ لڳا.
آخر انهن مان هڪ نوجوان کي ٻڌايو ته اسين مڇيون
پڪڙي رهيا هئاسين ۽ سمنڊ ۾ طوفان اچڻ جي ڪري اسان
جي ٻيڙي هت اچي وئي آهي. انهيءَ تي نوجوان چوڻ
لڳو.
”هي طوفان مون ئي ڪيو هو!“ هيءَ ڳالهه ٻڌي ميربحر سوچڻ لڳا ته
هي نوجوان ڪو عام ماڻهو نه آهي. يقيناً هن وٽ ڪا
غيبي طاقت آهي. ايتري ۾ نوجوان ٻئي طرف نهاريو
جتان پاڻ آيو هو ۽ پاڻ بلند آواز ۾ پڪاريائين.
آواز ڏيڻ جي دير هئي ته ڏسندي ڏسندي ڪيترائي ماڻهو
ظاهر ٿيا. هو هڪ صندوق کڻي آيا. جيڪا انهن اتي
رکي. ميربحرن اها صندوق کولي ته انهيءَ ۾ شاندار
لذيذ کاڌا هئا. جن جي خوشبوءِ پکڙجي وئي. نوجوان
کين کائڻ جي دعوت ڏني. هو ته پهرين ئي بک کان ساڻا
ٿي پيا هئا، تنهنڪري انهن دل تي ماني کاڌي. جڏهن
هو ماني کائي چڪا هئا ته نوجوان کين مخاطب ٿي چيو
ته .
هاڻ آءٌ توهان جي مدد جو طلبگار آهيان. هتان کان پري هڪ جزيرو
آهي. اتي جي بادشاهه مونکي ڪيترا دفعا مارڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ لاءِ ته هو انهيءَ جزيري تي
قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. سڀاڻي وري هو ايندو ۽ اسان جي
خطرناڪ جنگ ٿيندي. انهيءَ لاءِ مون توهان ماڻهن کي
گهرايو آهي.
ميربحر وڏي دلچسپي ۽ حيرانيءَ سان ڳالهه ٻڌي رهيا هئا ۽ دل سان
ان جي مدد ڪرڻ تي آماده هئا. انهن مان هڪڙي پڇيو.
”سڀاڻي انهيءَ بادشاهه سان ڪيترا ماڻهو وڙهڻ لاءِ ايندا؟“
جواب ۾ نوجوان ٻڌايو ته
”هو توهان وانگي ماڻهو ناهي ۽ آئون به ماڻهو نه آهيان. توهان
سڀاڻي ڏسندا ته آئون ڪير آهيان.“
هيءَ ڳالهه ٻڌي ميربحر ڏاڍو گهٻرائجي ويا مگر هو ڇا ٿي ڪري
سگهيا! کين خاموش ڏسي نوجوان ڳالهايو.
”سڀاڻي جڏهن هو ايندو ته کيس ڪناري تائين اچن ڏجو آئون جبل جي
پٺيان نڪرندس. جڏهن آئون دشمن بادشاهه سان جنگ ڪري
رهيو هوندس ته توهان کي اشارو ڏيندس جيئن ئي اشارو
ڪريان ته توهان پنهنجا تير ان تي وسائڻ شروع ڪجؤ.
مگر هڪ ڳالهه ياد رکجؤ. دشمن ڏاڍو طاقتور آهي.
انهيءَ ڪري وڏي هوشياريءَ سان هيءُ ڪم ڪجؤ.“
ايتري ڳالهه چئي هو لمحي لاءِ رڪيو ۽ وري چيائين.
”لڙائي ٻنپهرن جو شروع ٿيندي ۽ توهان ماڻهو ڪناري جي ويجهو بيٺل
وڏي وڻ جي اوٽ ۾ مورچو لڳائي بيهجؤ.“
هن اهو چيو ۽ اتئين غائب ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن ميربحر وڏي وڻ سان گڏ مورچو لڳائي ويهي رهيا. انهيءَ
دوران ڪارن ڪڪرن آسمان کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو
۽ طوفاني هوائون اهڙيءَ طرح لڳڻ لڳيون ڄڻ ته سمنڊ
جون پکڙيل لهرون اڇلجي اڇلجي ڪنارن سان ٽڪرجڻ ٿي
لڳيون. اچانڪ کين پري آسمان تي ٻه شهاب ثاقب
چمڪندڙ شهاب ثاقب چمڪندا نظر آيا ۽ پوءِ ٻئي لمحي
هو چمڪندڙ شهاب ثاقب جزيري جي ويجهو پهچي چڪا هئا.
ڪاشيءِ ترندي ڏانهن اچي رهي هئي. هنن ڏٺو ته اهو
هڪ تمام وڏو ديو هو. اهو سؤ فوٽ ڊگهو هو ۽ اهي
شهاب ثاقب سندس شعلن ٻرڻ واريون اکيون هيون. ايتري
۾ ميربحرن جبل جي پٺيان گاهه مان ڪجهه آواز ٻڌو ۽
انهيءَ سان گڏجي هنن ڏٺو ته هڪ تمام وڏي نانگڻ
سمنڊ جي ڪناري تي اچي ويئي پوءِ نانگن ۽ ديو ڪجهه
لمحن تائين هڪ ٻئي کي گهوريو ۽ بعد ۾ سندن خوفناڪ
جنگ شروع ٿي وئي. هو هڪ ٻئي جي جسم کي خراب طريقي
سان ڪٽي رهيا هئا. اهڙيءَ طرح سان هو مسلسل چئن
ڪلاڪن تائين وڙهندا رهيا. هزاريا بلا جا جڏهن ته
پير هئا انهيءَ ڪري کيس برتري حاصل هئي. آخرڪار هن
ديو نانگڻ کي زمين تي ڪيرائي وڌو. جيئن ئي نانگڻ
هيٺ ڪري هن ميربحرن کي مند جو اشارو ڪيو ۽ ان سان
گڏ ئي ميربحرن هزار پابلا تي تيرن جي بارش شروع
ڪئي. هزاريا نانگڻ زخمن کان چورهئي، مگر هنن نانگڻ
کي ڇڏيو ڪونه. هي ڏسي ست ئي ميربحر اٿيا ۽ انهن
پنهنجن تلوارن سان هزارپا بلا جا پير ڪَٽي انهن جا
ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيا. اهڙيءَ طرح دشمن بادشاهه جو
هميشه لاءِ خاتمو ٿيو. انهيءَ وقت ميربحر ڪيمونو
هزارپا بلا جي رت سان ڀرجي ويا هئا. انهن ڏٺو ته
نانگڻ اتئين غائب هئي. هو حيران ٿي هيڏانهن
هوڏانهن ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ هڪ طرف کان نوجوان ظاهر
ٿيو. انهيءَ وقت هو زخمن ۾ چور هو ۽ بي بس هو ۽
منڊڪائيندو انهن ڏانهن آيو. هن ستن ئي ميربحرن جو
شڪريو ادا ڪيو ۽ پوءِ مري ويل هزارپا بلا جي پيرن
کي ساڙي ڇڏيو. هيءُ سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ نوجوان
چيو ته:
”آءٌ چاهيان ٿو ته توهان ماڻهو هن ئي زرخيز جزيري ۾ اچي رهو ۽
ميون سان ڀريل وڻن مان فائدو حاصل ڪريو!“
ميربحر به اهوئي چاهيندا هئا پر هو چوڻ لڳا.
”هي ڏاڍي سٺي دعوت آهي مگر اسان پنهنجي خاندان کي هتي ڪيئن وٺي
اچون؟“
انهيءَ تي نوجوان کلندي ڳالهايو ته ”هيءَ ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي.
آئون هينئر ئي ٻيڙين کي توهان جي صوبي ۾ پهچائي
ڇڏيان ٿو ۽ جڏهن توهان اچڻ چاهيو ته ڪو ماتا
عبادتگاهه ۾ وڃي دعا ڪجاءِ ديوتا توهان جي ٻيڙين
کي هتي پهچائي ڇڏيندو. هيءَ عبادتگاهه منهنجي ڀاءُ
سان منسوب آهي.“
تنهنڪري ميربحرن ائين ئي ڪيو. هو ٻيڙين ۾ ويٺا ۽ نوجوان غيبي
طاقت سان کين سندن صوبي تائين پهچايو. هنن پنهنجي
خاندان وارن کي پاڻ سان گڏ کنيو ۽ ٻيا به ڪيترائي
ماڻهو ساڻن گڏ هليا. ان کان پوءِ ڪوماتا عبادتگاهه
۾ وڃي انهن ديوتائن جي مدد طلب ڪئي. پوءِ هڪ هڪ
رات سڀ ماڻهو ٻيڙين ۾ سوار ٿي هلي پيا. انهن جو
ٻيڙين ۾ ويهڻ ٿيو ته اهڙي هوا لڳي جيڪا کين گهڻي
تيزي سان هن جزيري ۾ وٺي آئي.
هاڻ هو سڀ انهي نئين جزيري ۾ اچي رهڻ لڳا آهن ۽ انهن هن جو نالو
”نيڪو جيما“ (ٻليءَ جو جزيرو) رکيو آهي. جتي خوش
باش زندگي گذاري رهيا آهن.
منطق ڇا آهي؟ بهترين نتيجي تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ.
ذوق ڇا آهي؟ حسن کي ڳولي تلاش ڪرڻ جي لياقت.
اخلاق ڇا آهي؟ بهترين روشن جي رهبري.
سياست ڇا آهي؟ بهترين اجتماعي نظام بڻائڻ جو علم.
الاهيات ڇا آهي؟ غيرفاني حقيقت جي سڃاڻ.
محبت ڇا آهي؟ الله پاران دل ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ همدردي جو جذبو،
جنهن سان انسان ذات کي سڪون ملي.
(عابد نياز)
حسين بخش جمعو شڪارپور.
علي مرتضيٰ ڌاريجو سائنس
سيڙه
سيڙه به هڪ عجيب جانور آهي، هن کان ڪي ماڻهو ڊڄندا آهن ته ڪي
وري کيس چيڙائيندا آهن. اصل ۾ ڏٺو وڃي ته سيڙه هڪ
معصوم ۽ نه ڏکوئيندڙ جانور آهي جيڪو سدائين اهو ئي
چاهيندو آهي ته اڪيلو رهي سياري ۾ ته هي ڪنهن
اونهيءَ چريا چير ۾، وٽيو سٽيو پيو هوندو آهي ۽
ائين پنهنجو ڳچ وقت گذاري ڇڏيندو آهي. اونهاري ۾
هي آهستي آهستي ٻاهر نڪرڻ شروع ڪندو آهي ۽ پنهنجي
کاڌ خوراڪ لاءِ، ڇوڏن، چهن، پاڙن ۽ اهڙين ٻين ٻوٽن
۽ ٻوٽين جي ڳولا ۾ رهندو آهي.
سيڙه يورپ، امريڪا، انڊيا ۽ سائوٿ آفريڪا، ۾ ٿيندي آهي. آمريڪا
۾ جيڪا سيڙه ٿيندي آهي اها ٽي فوٽ ڊگهي هوندي آهي
۽ وزن ۾ به 15 کان 30 پائونڊن جي ٿيندي آهي. سندس
سوئا يا ڪنڊا ست انچ کن ڊگها هوندا آهن جيڪي ڦڪاڻ
مائل اڃا ۽ چوٽين تي ڪارا هوندا آهن. ڪنڊا سندس
نرم وارن جي وچ مان نڪرندا آهن جنهن ۾ ڏانڊي ۽
چنهبياري چوٽي هوندي آهي.
جڏهن سيڙه ڄمندر آهي تڏهن سندس ڪنڊا نرم ۽ پٽ جهڙا هوندا آهن.
جنهن کان پوءِ اهي آهستي آهستي ڪيترن هفتن ۾ ٿلها
سخت ٿي سوئا ٿي ويندا آهن. جڏهن سيڙه تي ڪو حملو
ڪندو آهي يا کيس ڊپ اچي ورائيندو آهي ته هي جانور
پنهنجي مٿان ڪنڊن وارو پوش چست ڪري گول بال وانگر
بنجي ويندو آهي.
سيڙه جي جسم تي سوئا مضبوطيءَ سان، پر ائين اٽڪيل هوندا آهن جو
ويڙه دوران جڏهن هن تي ڪو ڪو جانور يا دشمن ڪو
حملو ڪندو آهي ته هي ان جي منهن تي پنهنجو پڇ
هڻندو آهي ۽ اهڙي حملي دوران سندس سوئا به جهٽ
نڪري ايندا آهن. اهوئي سبب هوندو آهي جو اهڙي حملي
دوران سندس سوئا نڪري ڪِري پوندا آهن جنهن لاءِ
ماڻهو سمجهندا آهن ته هي اهڙي وقت ۾ سوئا هڻندو
آهي.
سيڙه گهڻو ڪري ڏينهن جو ننڊ ڪندي آهي ۽ رات جو پنهنجي کاڌي جي
ڳولا ۾ نڪرندي آهي. هيءَ پنهنجن ڊگهن ۽ تکن چنبن
وسيلي وڻن تي به چڙهي سگهندي آهي ۽ پوءِ ڪنهن ڏار
تي آرام سان ويهي ڇوڏا ۽ ڏانڊيون وغيره کائيندي
رهندي آهي. هيءَ کائڻ جي اهڙي ته ڇتي هوندي آهي جو
هڪ ئي وقت ڇوڏا، ڀن ۽ چها وغيره وات ۾ وجهندي
ڳڙڪائيندي ويندي آهي. جيئن ته دلچسپ ۽ مزيدار کاڌ
ڇوڏ هوندو آهي ان ڪري هي ٻيلن لاءِ وڌ ۾ وڌ
هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي. هڪڙي اهڙي سيڙه لاءِ چيو
ويو آهي ته ان هڪ سياري ۾ هڪ سؤ وڻن کي تباهه ڪري
ڇڏيو.
سيڙه کي جنهن ٻيءَ شيءَ سان وڌ ۾ وڌ دلچسپي هوندي آهي اهو آهي
لوڻ. انهيءَ لحاظ کان هي جانور هر انهيءَ شيءِ
کائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪو چهرو، کيس لوڻ لڳل هجي
يا پوءِ ان کي کڻي ڪنهن ماڻهوءَ جو پگهر وارو هٿ
ئي ڇو نه لڳو هجي.
ٽن قسمن جا ماڻهو
رسول صلعم فرمايو ٽن قسمن جي ماڻهن سان قيامت ڏينهن آئون
وڙهندس، جن سان آئون وڙهان، انهن کي مغلوب ڪري
ڇڏيندس. انهن مان هڪ اهو شخص آهي جيڪو پورهيت کان
ڪم ته پورو وٺي ٿو، پر ان کي ڪم جو مناسب اجورو
نٿو ڏئي.
(سنن بيهڪي، ڪتاب الاماره 6 ص 121)
شريف الدين مٺواڻي ڏيپلائي اچو ته سنڌ گهمون
ڏيپلو
ڏيپلو شهر ضلع ٿرپارڪر جي ٿر سب ڊويزن جو مکيه شهر آهي ۽ تعلقه
ڏيپلي جو مکيه شهر آهي. ڏيپلو شهر ”ڏيپلي“ ميگهواڙ
نالي هڪ ماڻهو جي نالي پويان ٻڌل آهي. جيتوڻيڪ
ڏيپلو شهر ٿر جي ٻين شهرن جيترو پراڻو نه آهي.
تنهن هوندي به ٿر جي سڀني شهرن کان نزاڪت ۽ سونهن
۾ سرس آهي. هي شهر ڪڇ رڻ جي ويجهو وارياسي پٽن وچ
۾ ٻڌل آهي. ڏيپلو شهر آمدرفت جي لحاظ کان بدين ۽
نئون ڪوٽ سان مليل آهي. بدين کان ڏيپلو 130
ڪلوميٽر پري آهي ۽ اڌ رستو پڪو آهي ۽ ڏيپلو ۽ نئون
ڪوٽ جي وچ ۾ 65 ڪلوميٽر مفاصلو آهي.
هي طويل اڙانگا رستا لارين ذريعي نئون ڪوٽ کان 4 ڪلاڪ ۽ بدين
کان 6 ڪلاڪ جهاڳڻا پون ٿا. رستي تي مسافرن جي
ٿڪاوٽ ۽ دور ڪرڻ لاءِ ٻه- ٽي جهڳي نما هوٽلون ٺهيل
آهن جتي ٽٽل چند کٽولا مسافرن لاءِ آرام ده صوفن
جو ڪم ڏين ٿا. هتي جي چانهه پيندي مسافر ائين
محسوس ڪندا آهن ڄڻ ته هو انٽر ڪانٽ ۾ لطف اندوز ٿي
رهيا آهن. شهر ۾ داخل ٿيڻ سان هڪ عظيم الشان گيٽ
تي نظر پوندي گيٽ کان ٿورو اڳيان کاٻي هٿ تي
تعلقه اسپتال ۽ ان جي ڀر ۾ نيشنل بئنڪ جي برانچ
آهي ۽ اتائين ڏيپلي جو اصل روڊ شروع ٿئي ٿو.
بئنڪ جي چوڪ اڳيان لاري اسٽينڊ آهي لاري اسٽينڊ تي هڪ مسافر
خانو آهي جو لوڪل بورڊ جي غير توجه جو شڪار آهي ۽
حالت زار جو اظهار ڪري رهيو آهي هتي ٽائون ڪميٽي
جي عمارت تمام سهڻي آهي جيڪا 1941ع ۾ ٺهي راس ٿي
هتي جي تعلقه اسپتال جيڪا تمام وڏي ۽ سهڻي عمارت
آهي هتي هڪ پارڪ آهي جيڪو حاميد پارڪ جي نالي سان
سڏيو وڃي ٿو هتي هڪ شاندار ريسٽ هائوس پڻ آهي.
ان کان سواءِ هتي پرائمري اسڪول هڪ هاءِ اسڪول هڪ گرلس ٻيو
بوائزن آهي. هاءِ اسڪول ۾ شاگردن جي رهڻ لاءِ هڪ
هاسٽل پڻ آهي. هتي 8 مسجدون ٻه عيدگاهه ۽3 مندر
آهن. هتي هڪ ديني مدرسو موجود آهي ۽هتي جانورن جي
اسپتال پڻ موجود آهي. ڏيپلي شهر جون عمارتون پڪيون
وڻندڙ خوبصورت ۽ جديد طرز تي آهن.هتي شهر اندر
رستا پڪا ويڪرا ۽ ڪشادا آهن. هتي سڄي شهر ۾ گندي
پاڻي جي نيڪال لاءِ زير زمين ناليون تعمير ٿيل آهي
هتي مٺو پاڻي کوهن مان ملي ٿو هتي ڪيترا کوهه آهن
جن ۾ ڪي کوهه اهڙا به آهن جيڪي ڏاڪڻ وسيلي ٺهيل
آهن.
هتي واٽر سپلاءِ به آهي. هتي ڪيترن ئي قومن جا ماڻهو آباد آهن
مثلاً، ميمڻ، واڻيا، ٻاڙها، لوهار، مڱڻهار، ڪولهي،
کٽي، بجير، لنگها، مٺياڻا، کتري، لوهڻا وغيره هتان
جا ماڻهو ڏاڍا مهذب خوش خلق، خوش لباس ۽ مهمان
نواز آهن ڏيپلو شهر ڀرت جي لحاظ کان مشهور آهي.
هتي هڪ هنري گهر ڇوڪرين لاءِ آهي جتي هر قسم جو
ڀرت ڀريو آهي. ان کان سواءِ هتي ٻه ڪارخانا آهن
جنهن مان هڪ سرڪاري آهي انهن ڪارخانن ۾ بافتو،
کاڌي، نوارون، جاجم، فراسيون، گلم، انگوڇا وغيره
ٺهن ٿا.
ڏيپلو شهر ڏاڍا عظيم ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن مان سنڌ جو مشهور
اديب جناب محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جن هڪ آهن.
هن شهر کي ڊاڪٽر جو شهر سڏيو وڃي ته مبالغو نه آهي ڇاڪاڻ ڏيپلي
شهر جا 200 کن ڊاڪٽر قوم ۽ ملڪ جي خدمت سرانجام
ڏيئي رهيا آهن ۽ اٽڪل 250 کان مٿي ڊاڪٽري جي تعليم
حاصل ڪري رهيا آهن نه ته 10000 جي آبادي مان هيترا
ڊاڪٽر پيدا ٿيڻ خوش حال نه آهي ته ٻيو ڇا آهي هتان
جا ڪافي ماڻهو انجنيئر ڊي- سي، ماستر ۽ ٻين وڏن
وڏن عهدن تي قائم آهن. هتي هڪ ايڪس چئنج پڻ موجود
آهي ان کان سواءِ هتي لائيٽ لاءِ هڪ جرنيٽر آهي
جرنيٽر حاصل ڪرڻ ۽ ايڪس چئنج قائم ڪرڻ جو سهرو
هتان جي معزز شخصيت حاجي علامه محمد لاٽ صاحب جن
جي سر رهيو. لاٽ صاحب ڏيپلي جي ترقي لاءِ تمام
گهڻي ڪوشش ڪئي آهي بيشڪ کيرون لهڻي چوندا آهن ته:
وٺو ٿر نه ته برئي بر جي مطابق وسڪاري ۾ جيڪا ساوڪ ٿئي اها قدرت
جي عظمت سان ٿئي. برسات جي موسم ۾ ٿر جي ڀٽن کي
ڪشمير ۽ ڪاغان جي وادين سان تشبيح ڏبي ته ڪو به
وڌاءُ نه ٿيندو ڏيپلو شهر ادب جي لحاظ کان به اڳرو
آهي. هتي ادبي سنگت کان سواءِ هڪ پريس ڪلب به آهي
جنهن جو صدر مشتاق احمد ميمڻ آهي ٽائون ڪاميٽي جو
چيئرمين حاجي محمد مٺن مٺواڻي آهي. چيئرمين صاحب
جي اچڻ ڪري ڏيپلي جي صفائي کي وڌيڪ چار چنڊ لڳي
ويا آهن.
قارئين ڪرام توهان سوچيندو ته لکندڙ ڏيپلو جي تعريف ۽ توصف ۾
خام خواهه پيو ڪاغذ ڪارا ڪري. ليڪن اها حقيقت آهي
ته هن ڳوٺ نما شهر کي ترقي جي هر راهه ۾ نظرانداز
ڪيو پيو وڃي ان جي صفائي سٺائي کي ڏسي پهريان نو
وارو ته عالم استيحاب ۾ اچي ويندو ته ٿر جهڙي
ڏورانهين ۽ دور دراز علائقي ۾ پڻ اهڙو شهر آباد
آهي ڄڻ جنت جي وادين مان الله تعاليٰ ڪو ٽڪرو ڪوري
ٿر جي بيابان ۽ سنڌ سان ڀٽن ۾ رکيو ويو هجي جتي
امن امان، سک سانت ۽ صلح هجي.
مشتاق ڦل ڪهاڻي-1
سلسلو- 24
دادلو ڇوڪر
وڏيرو جمن جنهن کي ٻه جاڙا پٽ ۽ چار نياڻيون هيون. هيس ته ڇهه
ئي ٻار پنهنجا پر الائجي ڇو نينگرن توري نياڻين
مان وڏيري کي گلاب سڀني کان سرس مٺو هيو. اهو ئي
سبب هو جو گلاب وڏيري سان هميشہ گڏ هوندو هيو ۽ هر
وقت وڏيرو گلاب کي ڳٽول ڳلڙن تي مٺيون ڏيندي چوندو
هيس ته ”گلاب وڏو ٿي ته سڄي زمين ٿو تنهنجي حوالي
ڪيان پوءِ وڃي عيش ڪجان.“
پر وڏيري جو ٻيو پٽ سهراب جيڪو وڏيري کي پنهنجو رت هجڻ ڪري
پيارو ته هيو پر نه جهڙو سو پيءَ جي ته ويجهو ئي
نه ويندو هيو، باقي ماءُ هن جو سٺو خيال رکندي
هئي.
اڄ نه سڀاڻي نيٺ گلاب ۽ سهراب پنجن ڇهن سالن جا ٿيا سندن پيءُ
ته هميشہ وڏيرڪن خيالن ۾ هوندو هيو، پنهنجن پٽن کي
پڙهائڻ جو ته سوچيو به نه هئائين.
نيٺ وڏيري جي زال وڏيري کي چيو ته ڇوڪرا وڏڙا ٿي ويا آهن هاڻي
کين اسڪول موڪلجي من چار اکرڙا پڙهي پون. پهريان
ته وڏيري چيوته اسان کي ڪهڙي بُک آهي جو ٿا ڇوڪرن
کي پڙهايون پر گهر واريءَ جي گهڻي سمجهائڻ کان
پوءِ آيو پير تي ۽ ٻئي ڏينهن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ
جو فيصلو ڪيائين. ٻئي ڏينهن گلاب ۽ سهراب اسڪول
ويا. گلاب سڄو ڏينهن پيءَ جي هنج ۾ ويهڻ وارو سو
ڪيئن ٿو ٻه اڍائي پهر پيءُ کان پري گذاري سو ٻئي
ڏينهن تي گلاب ته ٺپري هڻي بيهي رهيو ۽ اسڪول وڃڻ
جي ته وائي ئي ڪونه پيو واري نيٺ ريجهائي ريجهائي
ان کي اڪول ته موڪلين پر آخر اهو طريقو ڪيترا
ڏينهن اختيار ڪجي سو هڪ ڏينهن گلاب ضد ڪري ويهي
رهيو ته مان اسڪول ڪونه ويندس. وڏيري به چيو ته
ٺهيو نه وڃي ته نه وڃي زمين کوڙ آهي کڻي ڪندس هن
جي حوالي ڪهڙي پرواهه آهي.
سهراب ته روزانه اسڪول ويندو هيو وقت گذرڻ ۾ ته دير ڪانه ٿي
ٿوري گهڻي ڏينهن سهراب کي مڊل اسڪول جو هيڊ ماستر
مقرر ڪيو ويو، پر گلاب جي حالت ته ساڳي پيءُ واري
رهي.
رڇ ڪُتي جي بڇ، ڪُڪڙن جون ميلون ۽ ڏاندن جي گوءِ تي پيسا هارائي
هارائي ٿوري ٿوري زمين وڪڻندو رهيو تان جو هڪڙو
اهڙو ڏينهن آيو جو اڇ ڪري بيهي رهيو. هاڻي ته
ويچاري گلاب سان ويڌن ٿي وئي ڇا ڪري ڪم ته هن
ويچاري کان ٿئي ڪونه پيو ٻچڙيوال به ٿي پيو سو پيٽ
ڀرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو ۽ روزگار لاءِ تجويزون
ٺاهڻ لڳو. نيٺ سندس زال اها سوچ ڏياريس ته وڃي
سهراب کي ايلاز منٿ ڪري من ڪاٿي هلڪي سلڪي پگهار
واري نوڪري وٺي ڏئي ته ٻچڙن جو چوڻو پاڻي ٿي پوي.
هن کي صلاح ته وڻي پر گلاب جيڪو پيءُ ڇا سمجهندو
هو ۽ سهراب کي ته کنگهندو به ڪونه هيو پر هاڻي
مجبور ٿي ٻي ڪابه واهه نه ڏسي شرم جو ماريو ڪنڌ
هيٺ ڪري وڃي ايلازي ٿيو سهراب جي آڏو.
سهراب ته هن سان ڏاڍي اخلاق سان پيش آيو ۽ هن کي دلجاءِ ڏنائين
ته گهٻراءِ نه تنهنجي ڀاڳن ۾ منهنجي اسڪول ۾ هڪ
پٽيوالي جي جاءِ آهي جيڪڏهن ڪرڻ تي راضي هجو ته
حاضر آهي. گلاب به پٽيوالي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن تي سهراب ڊيوٽيءَ تي چڙهيو پر جڏهن سهراب صاحب ۽
استاد اسڪول ۾ ايندا هيا ته ٻين پٽيوالن سان گڏ
گلاب به ٻين استادن يا سهراب جي سلام لاءِ اٿي
بيهندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته روئي به ڏيندو هيو ته
ڪاش! مان پڙهان ها ته مون سان هيءَ حالت نه ٿئي
ها جو هڪ ڀاءُ جي ته ڇا پر سڄي اسٽاف جي ٿي ڪاڻ
ڪڍڻي پوي.
ڇا توهان کي خبر آهي
”وليم هاروي“ کان پهريون رت جو دورو حڪيم ابن نفيس معلوم ڪيو.
انسان ۾ بلڊپريشر گهٽ ٿيڻ سان فبض جي رفتار وڌي ويندي آهي.
انسان جي جسم ۾ پاسرين جو ڪل تعداد 24 ٿيندو آهي.
انسان جي جسم ۾ ايتري گرمي موجود آهي جنهن سان ڪڪڙ جي آني مان
ٻچو ڪڍي سگهجي ٿو.
انسان جي ٻنهي هٿن ۾ هڏن جو ڪل تعداد (60) سٺ ٿيندو آهي.
هڪ صحتمند انسان هڪ منٽ ۾ 13 دفعا ساهه کڻندو آهي.
انسان جي دل جا ڪل چار خانا هوندا آهن.
انسان جي مٿي ۾ ڪل 22 هڏيون ٿينديون آهن.
محمد جعفر ميمڻ لاڙڪاڻو |