سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

 

شڪيل گل ابڙو

هٿَ انسان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا

انسان جوهر عضوو پالڻهار جي طرفان ناياب ۽ اڻملهه نعمت جو مظهر آهي. پر انهن مان هٿڙن جو پنهنجو مقام، مانُ“ مرتبو ۽ قيمتي ڪردار آهي. هَٿَ انسان جي جياپي جو ڪارڻ آهن ان ڪري جو قرآن ڪريم پاڻ فرمائي ٿو ته:

”اَلکاسِبُ حَبيبُ الله“

ترجمو: ”پورهيت الله جو دوست آهي.“

منهنجو محبوب پورهيت ساٿيو! “The Work of Drudgery” ڇا سان ڪبو آهي؟ يقيناً هٿڙن سان ئي، جيئن مثال طور:

مزدور هٿوڙي سان پٿر ڪُٽي ٿو، تغاري هٿن سان ٽِڪڻ تي رکبي آهي، ريڙهو هٿن ساڻ ڌڪبو آهي، بيلچو ۽ ڪوڏر به هٿن سان هلائبا آهن. سرون جنهن مان محل ۽ ماڙيون تيار ٿيون اُهي به مزور جنهن کي ”ڪالبي“ چوندا آهن اُهو پنهنجي هٿڙن سان تيار ڪندو آهي. ڪنڀارُ پنهنجي هٿڙن سان چَڪَ تي چڙهيل مٽيءَ مان عاليشان ٿانوَ تيار ڪري ٿو، جنهن ۾ پاڻيءَ پيئن جو ڪٽورو دلو، مٽ، پاٽڙو، گُندڙو، هاڏر، پاٽ، وغيره وغيره اچي وڃن ٿا. اسين ڪچن گهرن جي ڇت ۾ جيڪي ڪانن جو ڪِڙيون (پَتريون) وجهندا آهيون، اُهي هٿن سان ڪانا لُڻي سوتليون کڻي ويهي ڪچي جا ماڻهو تيار ڪندا آهن. ۽ جڏهن اُهي هٿڙن سان جڙيل شيون رازا ڪنهن جاءِ اڏڻ ۾ استعمال ڪندا آهن، تڏهن به پنهنجي فن ذريعي سمورو ڪم پنهنجي هٿڙن کان وٺندا آهن. هوڏانهن هاري منجهند ٽاڪَ جو اوٻَرَ هوندي، جون جولاءِ جهڙي مهيني ۾ ڪوڏر سان زمين ۾ ٺارَ (رونبي کان اڳ ۾ زمين ۾ وڏا وڏا ڦوڙهه ڀوري سڌا ڪرڻ) پيو ٿو ڪري، سندس هٿڙن ۾ لِڦون پئجي ويون اٿس، پر پُوءِ به پنهنجي پيٽ، گهر ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ڪاڻ لوڙي ٿو. توهان ڊکڻ جو مثال وٺو پنهنجي هٿڙن سان اهڙو ته نادر فرنيچر تيار ڪري ٿو جو اچرج وچان ڏندي آڱريون اچيو وڃن!توهان لوهار ڏسو پاڻ کي باهه جي پچڻ ۾ پچائي ٿو، گهوٻا تيار ٿو ڪري ته جيئن کيتي کيڙجي ۽ ڏاٽا ٿو ٺاهي ته جيئن پوک لُڻجي.

عورتون ڏسو پنهنجي نازڪ هٿڙن سان ڪيڏو نه حسين ترين ڀرت ڀرين ٿيون ۽ اسان کي ٽي وقت سانجهڻ ڪري ماني به پچائي ڏين ٿيون ۽ ڌڻي تعاليٰ جا لک شڪرانا مڃي اسين بسم الله پڙهي ماني به پنهنجي سهڻن هٿڙن سان کائيندا آهيون. هَٿَ سان ماني کائڻ ۾ جيڪو سَواد آهي اُهو سون ۽ چانديءَ جي چمچي سان کائڻ ۾ به ڪونهي.

اسان جا پڙهيل لکيل ڀائر به آفيس ۾ هٿڙن سان ڪم ڪندا آهن. جنهن ۾ ڪلارڪ برادري ٽائيپ ڪندي آهي. مطلب ته اٿندي ويهندي اسان کي هٿڙن جي سهاري ۽ مدد جي ضروت پوي ٿي، ان کان اسان انڪار نٿا ڪري سگهون ۽ اُهي هٿ ئي آهن جيڪي گونگن جي زبان بڻجي ٻولي ڳالهائن ٿا. اُهي هٿ ئي آهن جيڪي ٻئي جي محتاجيءَ کان بچائين ٿا. اُهي هٿ ئي آهن، جن سان انسان حق ۽ حلال جي روزي ڪمائي پنهنجي ساڳن ئي ناز ڀرين هٿن سان پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ ڀري ٿو ۽ ساڳن ئي ناز ڀرين هٿڙن سان پنهنجو پٽڪو ٻَڌي ڪنڌ کڻي گهمڻ جهڙو ٿئي ٿو. اُهي هٿ ئي آهن جن سان ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪيو ٿو وڃي نه ته حادثا ڳاڻاٽي کان ٻاهر ٿي وڃن.

اُهي هٿ ئي آهن جيڪي اسان جا گناهه بخشرائين ٿا، ڇو جو اسين پنج وقت نماز پڙهڻ کان پوءِ ڌڻيءَ جي درٻار اقدس ۾ پنهنجا هٿڙا کڻي دُعائون گهرندا آهيون ۽ رَبّ العالمين قبول فرمائي ٿو.

جڏهن ’صادقين‘ ۽ ’گُلجي‘ برش رنگ ۾ ٻوڙيو ۽ ڪينواس تي ڊوڙايو ته آرٽسٽ جي حيثيت سان وڏي شهرت ماڻيائون. جڏهن ڪابه بانسري وڄندي آهي ته هٿڙن جي آڱرين جو چمتڪار هوندو آهي جو سُريلا آلاپ من کي ڇُهي موج ۽ مستيءَ ۾ آڻي ڇڏين ٿا. اُهي هٿڙائي آهن جيڪي هر ساز وڄائي جهومڻ تي مجبور ڪندا آهن. هٿ ڌڻي تعاليٰ جي وڏي ۾ وڏي نعمت آهن. جن سان اسين پنهنجو اَجهو جوڙي ڇَپرَ ۽ ڇانوَ ڪريون ٿا. اَن اُپائي پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪريون ٿا. افسوس آهي انهن تي، جيڪي هٿڙن جو غلط استعمال ڪن ٿا، چوريون چڪاريون ڪن ٿا. يقيناً اُهي نه هِن دنيا ۾ نه هُن دنيا ۾ بخشيا ويندا. ايتريقدر جو اڄ به اوهين ڏسو مديني سرڪار جي ملڪ تي جيڪو چوري ڪندو آهي ۽ پڪڙيو ويو ته سرڪار ان جو هٿ ڪَٽي ڇڏيندي آهي. بُرن ڪمن کان هٿڙن کي بچايو. نفساني خواهشن کي ختم ڪريو. سوفياڻي واٽَ اختيار ڪريو، ۽ سچ جي رستي تي هلو جيڪو رستو اسان کي، سقراط، بلاول، شاهه عنايت، سچل، ساميءَ ۽ لطيف ڏيکاريو، ان تي وکون رکو. پيروي ڪريو، ڌڻي تعاليٰ جي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪريو. محنت ڪريو ڇو جو ”محنت ۾ عظمت، عظمت ۾ جيون آهي.“ جيئن استاد بخاريءَ چيو آهي:

انسانُ ٿو سُڏڪي گهري دنيا،

 دولت، عزت، عظمت،

 قدرت ٿي مُرڪي چوي،

 محنت، محنت، محنت، محنت.

 

رضيه سومرو                                (مضمون نمبر 2)

 

هٿَ انسان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا

اڄ جي ڪائنات، دنيا جو حسن ۽ ان جي خوبصورتي به ڪنهن سبب سان آهي، اهوسبب آهن هٿ. ها اهي هٿ جيڪي انسان جي زندگيءَ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اڄ ڪلهه جيڪا ترقي ٿي آهي اها انسانذات جي ڪوشش جي ڪري ٿي آهي ۽ هر موڙ تي انسان کي هٿن جو ئي سهارو وٺڻو پوي ٿو.

موجوده صديءَ ۾ انسانذات فني، سائنسي، سياسي، سماجي، ۽ ثقافتي طور تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، موجوده دؤر ۾ خاص طور تي مغرب جي ترقي ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. جيڪڏهن هٿ نه هجن ها ته هيءَ ترقي ڪيئن ٿئي ها؟ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي نقصانن کي ڏسندي هڪ زبردست قسم جو رد عمل به ٿيو آهي.

برطانيه جڏهن پنهنجي مشين تي ٺهيل ڪپڙو هندوستان ۾ وڪڻڻ ٿي چاهيو ته انگريزن هندوستان جي ململ جي ڪاريگرن جون آڱريون ۽ هٿ وڍي ڇڏيا هئا، ته جيئن اهي ڪپڙو ٺاهي نه سگهن. واقعي جيڪڏهن هٿ هوندا ته هي دلڪش ڪپڙو، سهڻا سهڻا گهر، محل، بنگله، گاڏيون، ڪتاب، مئگزين، اخبارون، شعرو شاعري لذيذ کاڌا، زراعت، سياست، جديد مشينون، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، ميڊيا، ٽي. وي، ريڊيو مطلب ته ضرورت جي هر شيءِ انسان ڪيئن حاصل ڪري ها...؟ هر جڳهه ۽ هر مهل اسان کي هٿن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي.

ان ڪري الله پاڪ انسان کي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ يا ڪم ڪرڻ لاءِ اسان کي هٿن جي نعمت بخشي، نه ته هن دؤر ۾ معذورن جو ته بلڪل به قدر ناهي رهيو. اسان جي زندگي ۾ هر گُهرج، هي هٿ ئي پوري ڪن ٿا. اسان کي به انسانذات جو قدر ڪرڻ گهرجي ڇو ته اڄ جي دؤر ۾ هٿ ڇا، پر خود انسان کي ٻڪر وانگر ڪُٺو ٿو وڃي پر ان جي خلاف جدوجهد ڪرڻ وارو ڪير به ناهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن انسان، دشمني ۾ هڪ ٻئي جا هٿ به ڪپيندا آهن ۽ ماڻهوءَ کي معذور ڏسي خوشي ۽ تسڪين محسوس ڪندا آهن اهو سڀ هڪ ٻئي سان تعصب آهي. هڪ جيڪڏهن ترقي ڪندو پنهنجي محنت يا کڻي فراڊ سان مگر ٻيو ان کي رستي تان هٽائيندو آهي يا ان جا ’هٿ ڪٽيندو‘ آهي، شايد ان ڪري ته اهو پوئتي رهي ۽ مان اڳتي وڌان.

ان ڪري اسان کي هر انسان جو خيال ڪرڻ کپي ۽ ان کي ڪو نقصان نه پهچائجي. اسان کي گهرجي ته هر انسان جو قدر ڪريون.


 

گهرَ جي چائنٺ کي مِٺا،

تنهنجا پار نه ڪر،

سَنگي ساٿي ساڻ ڪر،

تنها پوءِ نڪر.

ط-ع

 

ماڻهو ڄڻ ته گِلاس،

منجهس پاڻي روح جيئن،

وقت جي هلڪِي ڇُلڪ سان،

ٿيو پئي سَڄو خلاص.

ط- ع

 

الطاف شيخ

 

ٽي ڪوڙا ۽ هڪ سڪو

گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ٽي ڄڻا ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. هلندي هلندي هو هڪ موڙ وٽ پهتا، جتي هنن کي هڪ سڪو نظر آيو. مزي جي ڳالهه اها ته ٽنهي کي : اهو سڪو هڪ ئي وقت نظر آيو. پهرين هنن اهو فيصلو ڪيو ته اهو سِڪو پنهنجو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. يعني ان جون ٽي پيتون ڪري هر هڪ کي هڪ جيتري پتي ڏني ويندي. پر پوءِ هنن کي خيال آيو ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو به ڪو خاص ڀلو نه ٿيندو، ان ڪري هنن اهو فيصلو ڪيو ته اسان ۾ جيڪو وڏو ڪوڙ ڳالهائيندو، هن کي اهو سڪو ڏبو.

پهرين همراهه چيو:” منهنجو چاچو مسجد ۾ امام آهي. آئون رات هن سان ملڻ ويو هوس. جڏهن اسان سمهڻ لاءِ ليٽياسين ته اهڙو زبردست جهڪ ۽ طوفان لڳو جو ٿوري ئي دير ۾ شهر جون مڙيئي مسجدون، گهر، دڪان، وڻ ٽڻ، کوهه، جانور اڏامڻ لڳا ۽ طوفان کين اڏائي ٽي سؤ ميل پري کڻي ويو. پر، ڪمال جي ڳالهه ته اها ٿي ته، جڏهن اسان صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته پنهنجن پنهنجن هنڌن ۾ ئي هئاسين ۽ ڪا به شيءِ پنهنجي جاءِ تان چري پري به نه هئي. کٽ تان اٿي. آئون مسجد جي مينار تي چڙهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. اوچتو منهنجي نظر ان موڙ تي پيئي ۽ اتي هن سڪي کي ڏسي ورتم. ان ڪري هاڻ اهو سڪو منهنجو ٿيو.“

”هاڻ ڀائرو! منهنجي به ٻڌو.“ ٻئي همراهه چيو ته، ”منهنجو ڏاڏو مهاڻو هو. آئون ڪالهه هن سان ملڻ ويس اتي مون هڪ وڏي مڇي ڏٺي، جنهن کي ڏاڏي اڄ کان ڏهه ڏينهن اڳ ڦاسايو هو. ۽ انهن ڏهن ڏينهن ۾ هن ان مڇيءَ کي ڪيترائي ڪم سيکاري ورتا. جهڙوڪ: ماني پچائڻ، صفائي ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، شهر مان وڃي سودو سلف خريد ڪري اچڻ ۽ ڪمال ته اهو ته هن کي راڳ ڳائڻ به سيکاريو ڇڏيو.

”منجهند جي ماني کان پوءِ جڏهن مڇي مٿي ڇت تي ويئي ته، هن اتان هيءَ جاءِ ڏسي ورتي ۽ ان سان گڏ اهو سڪو پڻ. هن مون کي اشارن سان سڄو رستو سمجهايو ۽ چيو ته جلدي اهو سڪو وڃي کڻ. ان ڪري سائين، هي سڪو منهنجو آهي.“

”نه. نه. اهو سڪو تنهنجو ٿي نٿو سگهي.“ ٽئي همراهه چيو، ”تو تمام وڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي، پر، ڪجهه منهنجو به احوال ٻڌو. منهنجو پيءُ سوداگر آهي. هڪ ڏينهن هو هڪ بيضو خريد ڪري آيو ۽ ان کي ڇٻڙيءَ ۾ رکيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بيضي مان هڪ ڪڪڙ نڪتو. اهو ڪڪڙ ايڏو وڏو ٿيو جو منهنجو پيءُ پنهنجو سامان ان تي ڍوئي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪندو هو.

”هڪ ڏينهن ڪڪڙ جي چيلهه چٻي ٿي پيئي، حڪيمن بابي کي اها صلاح ڏني ته هن جي چيلهه تي کجيءَ جي وڻ جو ملم لڳايو وڃي. بابا ائين ئي ڪيو. پر هڪ ڏينهن ائين ٿيو، جو ملم سان گڏ کارڪن جي هڪ ککڙيءَ به هن جي چيلهه سان ٻڌي ڇڏي. پوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن هن پٽي کولي ته هن جي چيلهه تي کجيءَ جو وڻ ڦٽي پيو هو. ڪجهه ڏينهن بعد ان وڻ ۾ کجور به ٿيڻ لڳي. ۽ پوءِ جڏهن وڻ ميوي سان ڀرجي ٽٻ ٿي ويو ته پاڙي وارن کجي پٽڻ لاءِ پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو. پٿر لڳڻ سان کجيءَ جي ککڙي وڻ تي ئي رهجي وئي ٿي ۽ ڳر هيٺ ڪري ٿي پئي. اهڙي طرح وڻ تي ککڙين جو ايڏو وڏو ڍير ٿي ويو: جو هڪ جبل بنجي ويو.

منهنجي پيءُ ان جبل کي کوٽائي ڪري ليول ڪئي. پر ان تي هَرُ هلائي ڪدوءَ جا ٻج پوکيا. جڏهن ڪدو ڦٽيا ته مون هڪ ڪدو پٽيو ۽ ان کي وڍڻ لڳس. اڃا هن کي ڇريءَ سان چيهڪ مس ڏنم ته ڇري منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ڪدوءَ اندر هلي وئي. مون جلدي جلدي پنهنجي چيلهه سان رسو ٻڌو ۽ ڪدوءَ اندر لهي ويس: جيئن ان ۾ ڪريل ڇري ڪڍي سگهان. جڏهن آئون ڪدوءَ اندر گهڙيس ته اتي مون کي ٽي ماڻهو مليا. هنن جا اُٺ گم ٿي ويا هئا ۽ هو اهي ڳولي رهيا هئا.

مون هنن کي ٻڌايو ته منهنجي هن ريت ڇري هن ڪدوءَ ۾ ڪري پئي آهي ۽ آئون ان جي ڳولا ۾ آهيان. هنن وراڻيو ته، خدا جا بندا جڏهن اسان لي اُٺ نٿا ملن، ته پوءِ توکي ڇري ڪٿان ملي سگهندي. ها هڪ ڳالهه آهي ته هتان کان ڪجهه فاصلي تي، هڪ جاءِ تي هڪ سڪو پيو آهي. اهو وڃي تون کڻ ۽ ان جي نئين ڇري خريد ڪر. سو سائين، هاڻ آئون پنهنجو سڪو کڻڻ آيو آهيان. اميد آهي ته توهان مون کي هن سڪي مان نئين ڇري وٺڻ جي اجازت ڏيندا.

”تون هي سڪو کڻي سگهين ٿو . تو جهڙو ڪوڙن جو بادشاهه ٻيو ڪونه ٿي سگهندو. تو واقعي کٽيو ۽ اسان هارايو.“ هنجي ساٿين هڪ ئي زبان ۾ چيو.

(عربي ڪهاڻي)

 

ڊاڪٽر رخسانا سمون

خوشيءَ جا لُڙڪ

ڊسمبر جي سرد ڏينهن ۽ راتين ۾ اڪيلي سر جهنگ ۾ وڃي، ننڍن ننڍن وڻن مان ڪاٺيون ڪري گهر اچي ڪجهه رڌ پچاءُ ڪرڻ کان پوءِ، ڪتاب کڻي ويهي پڙهڻ منهنجو روز جو معمول آهي.

ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو ويهي گهر جي دري کولي رات جو آسمان ۾ تارن کي ڏسندو آهيان ۽ ڪوشش ڪندو آهيان، ته انهن سمورن تارن کي ويهي ڳڻيان، پر ڳڻيندي وري وسري ويندو آهي ته الائي ڪيترا تارا ڳڻيا هئم. ڪي تارا هڪ ٻئي پٺيان هوندا آهن. ته ڪو تارو وري پاسي ۾ ته ڪو پرتي هوندو آهي. ڪي ننڍا ته ڪي وري وڏا ڪي گهٽ روشني وارا ته ڪي وري وڌيڪ روشن هوندا آهن. اهو سارو تماشو منهنجي سمجهه کان ٻاهر هوندو آهي.

وري سوچيندو آهيان ته هي منهنجي وس جو ڪم ناهي. آئون شايد اڃا ننڍو آهيان. جو هيڏو ڏکيو ڪم ڪري نٿو سگهان. جڏهن الاهي وڏو ٿي ويندس ته ڳڻي وٺندس. پوءِ خاموشي سان دري بند ڪري پلنگ تي اچي سمهي پوندو آهيان، ته وري خيال ايندو آهي ته ڪٿي در ته نه کليل آهي، متان ڪو جهنگلي جانور سردي کان بچڻ لاءِ اندر اچي وڃي، ۽ مون کي کائي وڃي يا رخمي ڪري وڃي. اهو سوچي ٽپ ڏيئي اٿي ڊوڙپائي در کي ڏسڻ ويندو آهيان، ۽ چڱي طرح بند ڪري، بخاري ۾ ٻرندڙ باهه ۾ ٻه ٽي ٻيون ڪاٺيون وجهي واپس پلنگ تي اچي سمهي پوندو آهيان.

ليٽڻ کان پوءِ اڪيلي هئڻ سبب ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي. ڀلا هن جهنگ ۾ ڪنهن کي ضرورت پئي آهي، جو اچي رهي...! اهو ته آئون ئي پنهنجي پياري نانيءَ سان گڏ رهندو هئس. جيڪا منهنجي ڪُل ڪائنات هئي. مون کي سٺا سٺا ڪپڙا پارائيندي هئي ۽ سٺيون سٺيون من موهيندڙ ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن شهر به گهمائڻ وٺي ويندي هئي. ان جي مرڻ کانپوءِ آئون اڪيلو تّنها گهر ۾ رهڻ لڳس. آس پاس ٻيو ڪنهن به ماڻهو جو گهر نه هو.

اهي سڀ ڳالهيون ليٽي ليٽي سوچيندي رات جي ڪنهن پهر ننڊ جو فرشتو اچي مون کي سمهاري هليو ويندو آهي. ۽ آئون گهري ننڊ سمهي رهندو آهيان. شايد اچڻ واري صبح جي انتظار ۾ اٿن لاءِ. هر صبح منهنجي لاءِ هڪ نئون پيغام، نئون جوش، نئون جذبو، نئين سوچ، ڪو نئون ڪم ۽ ڪنهن نئين انسان جو انتظار کڻي ايندو آهي. جيڪو مون وٽ اچي ۽ مون سان ڳالهائي ۽ فرمائش ڪري ته مون کي سخت سردي لڳي پئي ۽ مون کي پتن وار ڪافي ٺاهي پيئار. ۽ آئون سندس خواهش خوشي خوشي پوري ڪريان.

سارو ڏينهن ان سوچ ۾ ضرورت جو سڀ ڪم ڪار لاهي ننڍن ننڍن وڻن مان ڪاٺيون ڪري، ڪجهه سرد وڻن جو ميوو پٽي هيڏانهن هوڏانهن اڳيان پٺيان ڏسندو واپس گهر جو رخ ڪندو آهيان. ته ڪوئي مسافر ته نٿو اچي. يا ڪير مون کي پٺيان سڏ ته نٿو ڪري، شام جا آٿار ٿيندي ئي ڊپ وچان تِکو تِکو ڊُڪ پائي گهر ڏانهن ايندو آهيان، ته متان ڪو جانور پٺيان اچي ۽ مون کي کائي وڃي. اها سوچ ايندي ئي دل جو دهڪو تيز ٿي ويندو آهي. ۽ ايتري سردي هوندي به نرڙ تي پگهر اچي ويندو آهي. تڏهن ڊوڙي اچي گهر ۾ گهڙندو آهيان. ۽ در چڱي طرح بند ڪري ڇڏيندو آهيان. هر روز وانگر ماٺ ميٺ ۾ ڪجهه نه ڪجهه کائي، ڪافي ٺاهي پي سمهي رهندو آهيان.

ڏينهن رات ايندا رهيا ۽ گذرندا رهيا. سرديون سخت کان سخت ٿينديون رهيون. تاريخون گذرندريون رهيون. پياري ناني کي وفات ڪئي، پورااٺ مهينا گذري ويا.

ڪڏهن ڪڏهن خوابن ۾ پيار ڪرڻ نصيحت ڪرڻ يا لولي ڏيڻ لاءِ هڪ فرشتي وانگر نظر ايندي آهي ۽ پوءِ واپس آسمان ڏانهن هلي ويندي آهي. سا منهنجو سڏ ٻڌندي......؟ دل جون ڳالهيون چوان ته ڪنهن کي چوان. بس رات جو تارن کي ويٺو ٻڌائيندو آهيان. ۽ چنڊ مون کي ڏسي مرڪندو رهندو آهي. ۽ ڪڏهن وري وڻن سان ڳالهائيندو آهيان. يا انهن ڪڪڙين سان راند ڪري دل وندرائيندو آهيان، جيڪي ناني پاليون هيون.

انهن منجهه هڪ ڪُڪڙُ به هوندوآهي، جيڪو روز صبح جو ٻانگ ڏيئي صبح ٿيڻ جو اعلان ڪندو آهي.

آئون هن جي ٻانگ تي صبح جو اُٿيس، تاريخون ڳڻيندي ڳڻيندي خبر پئي ته سڀاڻي 25 ڊسمبر آهي ۽ اها رات، اسان جي ڪرسمس يعني عيد جي رات آهي. جيڪا سال ۾ فقط هڪ دفعو ايندي آهي، ان رات لاءِ پورو سال انتظار ۾ گذرندو آهي. ان ڪري اڄوڪي ڏينهن مون کي الاهي ڪم ڪرڻو آهي.

ناني اڄوڪي ڏينهن سٺا سٺا طعام تيار ڪندي هئي. ۽ گهر کي به سينگاريندي هئي. ۽ سندس پوڙهيون سهيليون ۽ مرد به ايندا هئا. ۽ پري جا مائيٽ به ايندا هئا. ۽ رات تائين جشن ۽ شغل ڪندا هئا ۽ صبح جو واپس ويندا هئا ۽ منهنجي لاءِ سهڻا سهڻا رانديڪا وٺي ايندا هئا. انهن ۾ ڪرسمس فادر جو هڪ خوبصورت گڏو به هوندو هو.

ناني کان پوءِ اهي ماڻهو ايندا يا نه؟ الائي...... جيڪڏهن اهي سڀ ايندا ته مون انهن لاءِ سٺو سٺو ميوو پٽي رکڻ لاءِ سوچيو آهي.۽ تازي چانهه جا پتا به ٽوڙي رکيا آهن. هاڻي ته مون کي چانهه به سٺي ٺاهڻ ايندي آهي. شايد آئون ٿورو ٿورو وڏو ٿي ويو آهيان.

اهو سڀ سوچي جلدي جلدي ميوو پٽڻ شروع ڪيم ۽ ٽوڪري ۾ گڏ ڪري وڃي رکيم. چانهه جا پتا به ٽوڙي رکيم ۽ ڪجهه سهڻا گل به گڏ ڪري ورتم، ڪجهه ننڍن وڻن مان ڪاٺيون ٽوڙي اهي سڀ شيون کڻي وڃي گهر ۾ رکيم. پوءِ گهر کي صاف ڪري هر شيءِ کي سهڻي طريقي سان ٽيبل تي رکيم. فروٽ پليٽ ۾، گل، گلدستي ۾ رکيم، پوءِ صندوق کولي هڪ سٺو سوٽ ڳولهي پائڻ لاءِ ڪڍيم ان لاءِ ته متان مهمان اچن ۽ چون ته هن ڇوڪري وٽ ڪو سٺو سوٽ به نه آهي. ۽ ڇوڪرو ڪو گدلو آهي، جو نانيءَ کان پوءِ، ڪو سٺو سوٽ به نٿو پائي. هاڻ هي سوٽ مون کي سٺو لڳندو ۽ ان سان گڏ هي ٽوپ به سٺو لڳندو. هي ٽوپ مون لاءِ ناني ڏاڍي پيار سان ٺاهيو هو. ۽ ان ۾ هڪ سهڻو ڦندڙ به لڳل آهي. جيڪو تمام سهڻو پيو لڳي. ۽ بوٽن کي به ڌوئي و‎ٺندس ته صاف ٿي ويندا.

هاڻي شام ٿي چڪي آهي. سڀ سامان سنواري، پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ سوچيم پئي، ته خيال آيو ته رات جو هڪ خوبصورت وڻ به سينگاريو آهي. ان خيال ايندي ئي مون سوچيو ته مون وٽ ته ڪوبه وڻ نه آهي. اڳي ته ناني وٺي ايندي هئي، يا سندس مائٽ وٺي ايندا هئا. پرهاڻي ته ڪير به نه آهي، جو وٺي اچي. الائي انهن مهمانن کي ياد به اچي يا نه. مون کي ته خبر به نه آهي ته ڪٿان ملندو آهي. هاڻ ڇا ڪيان....

ان وڻ بنا ڪرسمس اڻپوري رهجي ويندي اهوسڀ سوچي آئون پريشان ٿي ويس، رات به ٿيندي ٿي وڃي. آئون پريشان ٿي ويس، رات به ٿيندي ٿي وڃي. سمورن ماڻهن پنهنجن گهرن ۾ سهڻا سهڻا وڻ پوکيا هوندا ۽ خوش هوندا. پر آئون ڇا ڪريان.... جيڪر ڪو به مهمان گهر ۾ آيو ۽ هو منهنجي وڻ نه کڻي آيو. ۽ وري پڇئين ته آئون ڇا جواب ڏيندس. هو ڇا سوچيندو ته آئون سٺو ڇوڪر نه آهيان ۽ ”کيس ڪرسمس جي وڻ جي اهميت جي ڪا خبر نه آهي.“

ان سوچ ۾ اڌ هڪ ڪلاڪ گذري ويو. رات جي اونداهي وڌيڪ گهري ٿيڻ لڳي. آئون سوچ ۾ رهيس. هڪدم منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته، ڇو نه هن جهنگ مان هڪ سهڻو وڻ تلاش ڪيو وڃي. ۽ ان کي پٽي کڻي گهر ۾ رکجي. اهو خيال ايندي، آئون هڪ سٺي وڻ جي تلاش ۾ نڪتس. هر هنڌ وڏا وڏا وڻ نظر اچڻ لڳا. ڪو به ننڍو وڻ نه هو. ڪي وڻ ننڍا هئا ته وري خطرناڪ ڪنڊن وارا هئا. وڏن وڻن مان ته آئون ڪاٺيون به نه ڪٽي سگهندو آهيان. ڪجهه پري تلاش ڪندي ٻه ٽي ننڍا ننڍا وڻ نظر آيا. خوشي وچان ڊوڙي اوڏانهن ويس ۽ سوچيم ته مشڪل آسان ٿي ويئي. وڻ پٽڻ سان خبر پئي ته انهن وڻن ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڪنڊا لڳل آهن، جيڪي خطرناڪ نه آهن، پر انهن وڻن ۾ خوبصورت پتا ضرور لڳل آهن. جن وڻن کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو هو. انهن منجهان هڪ وڻ پٽي گهر واپس آيس. وڻ کي ڪمري ۾ رکي هڪ نظر ڪمري ۾ گهمايم ته خيال آيوته وڻ ۾ روشني نه آهي. پر هاڻ ڇا ڪريان... روشني وڻ ۾ ته ضرور آهي. ناني انهن ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڏيئا ٻاري رکندي هئي. پر مون وٽ ته ڪو به ڏيئو نه آهي. اڃا ان سوچ ۾ گم هيس ته اوچتو دريءَ ڏانهن نگاهه وئي. ته ڏٺم، دريءَ مان ننڍڙا روشني جا ٻه ٽي پاڇا نظرآيا. اڳتي وڌي وڃي ڏٺم ته اهي پيارا ٽانڊاڻا هئا. جيڪي پاڻ ۾ لڪ لڪوٽي راند ڪري رهيا هئا.

اهو نظارو ڏسي ڊوڙ پائي در کولي ٻاهر ويس. ۽ چار پنج ٽانڊانا پڪڙي پنهنجي کيسي ۾ وجهي واپس اندر آيس. ۽ انهن ننڍڙن ننڍڙن ٽانڊاڻن کي آرام سان ڪڍي وڻن جي خوبصورت پتن مٿان ويهاريم. کين ڪنڊن کان پري رکيم. متان خوبصورت ريشم جهڙا ٽانڊاڻا زخمي نه ٿين.

وڻ سينگارڻ کان پوءِ ڏٺم ته ايترو ته خوبصورت ٿي ويو هو جو هن کان اڳ ۾ مون اهڙو وڻ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. سڄو ڪمرو روشن ٿي ويو هو. انهن ٽانڊاڻن جي جڳ مڳ سان. هاڻ آئون تيار ٿيڻ لڳس. نوان ڪپڙا پهري بوٽ پائي ڪوٽ ۾ هڪ ننڍڙو خوبصورت جهنگلي گل لڳائي. بچيني سان ٽيلارا ڪري مهمانن جو انتظار ڪرڻ لڳس. گهڙيال ۾ ڏٺم ته رات جا ڏهه ٿيڻ وارا آهن. پر اڃا ڪنهن به مهمان جو ڪو به پتو نه آهي. الائي ايندا به يا نه... خبر نه هوندن ته آئون هتي رهان ٿو. ۽ اڪيلو آهيان. يا شايد ڪو مسافر هن رستي تان گذري ۽ گهر ۾ روشني ڏسي اندر اچي، يا وري شايد انهن پراڻن مهمانن کي ايتري سردي ۽ برفباري ۾ اچڻ ۾ دير لڳي. دل چوي ته اچي ويندا اڃا سڄي رات پئي آهي.

ٿوري دير کان پوءِ مون کي ڪرسمس فادر جو خيال آيو. ته ان جو مون وٽ نئون گڏو ته نه آهي. اهو ته پراڻو پيل آهي. هاڻ وري ڇا ڪيان. نئون ڪٿان آڻيان... ڪرسمس فادر بنا ڪرسمس اڻ پوري آهي.

پريشانيءَ وچان در کولي ٻاهر آيس ته ڏٺم ته برفباري الاهي شروع ٿي ويئي آهي. ۽ سردي به وڌيڪ ٿي ويئي آهي. هر طرف برفباري پوڻ سبب مختلف نمونن جا نظارا نظر اچڻ لڳا. هڪ هند لڳو ته ڪرسمس فادر جي مجسمي وانگر برف جو بوتو ٺهيل آهي. مو جهٽ ڪري برف کڻي پراڻي ڪرسمس فادر جي گڏي کي کڻي ان جهڙو ڪرسمس فادر ٺاهي ورتو ۽ ان کي کڻي گهرجي در وٽ بيهاري ڇڏيم. ته جيئن مهمان اچن ته هو سمجهن ته ڪرسمس فادر انهن جو استقبال ڪري رهيو آهي. اهو مجسمو ايترو ته پيارو پي لڳو. جو نظر نٿي هٽي.

واپس ڪمري ۾ آيس. ۽ ديوار تي لڳل گهڙيال ۾ ڏٺم، ٻارنهن ۾ صرف ڏهه منٽ وڃي بچيا هئا. پر اڃا تائين منهنجي گهر ڪوبه مهمان نه آيو هو. اهي ڏهه منٽ ڏهه سال لڳا پئي. هڪ هڪ منٽ هڪ هڪ سال هو. مون چاهيو ٿي ته ڪونه ڪو مهمان انهن ڏهن منٽن جي اندر اچي وڃي ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿي. پر هڪ هڪ منٽ گهڙيال جو ڪانٽي ڦرندي پنهنجا ڏهه منٽ پورا ڪيا ۽ ٻارهن جو ٽائم ٻڌايو. آئون ڪمري ۾ ٽيلارا ڪندي ٿڪجي پيس. پر نه ڪنهن کي اچڻو هو. نه ڪو ڪوئي آيو. شايد آئون ڪنهن کي به ياد نه هئس. پل پل نگاهه دري ڏانهن وئي ۽ ڪن ڪنهن جي سڏ جي منتظر هئا. پر سڀ اجايو.

جڏهن گهڙيال ٻارنهن وڄڻ جي خوشي ۾ گهنڊ هنيا ته ب اختيار ٻه ننڍڙا ننڍڙا شفاف ماڪَ ڦُڙا ڳلن تي ڪري پيا. مون محسوس ڪيو ته اِهي منهنجا لُڙڪ آهن، جيڪي بي اختيار اکين مان ڪِريا  آهن. آئون خاموش ٿي اچي بستري تي ويهي رهيس.

هاڻي آهستي آهستي نيڻن ۾ خواب اچڻ لڳا، ته محسوس ڪيم ته رات ڪافي گذري ويئي آهي. ۽ ننڊ جو خمار مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري سمهڻ جي دعوت پيو ڏيئي. آئون اداسيءَ منجهان اُٿي سڄي ڪمري ۾ نظر ڊوڙائي ان پياري وڻ کي ڏٺم جيڪو جڳ مڳ ڪري رهيو هو. در تي وڃي ڪرسمس فادر جي مجسمي کي سلام ڪيم ۽ هيپي ڪرسمس چئي در بند ڪري کليل دريءَ کي بند ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي ڪمري ۾ ڊُوڙائي وڻ کي ڏسي اچي پلنگ تي سمهي رهيس، هڪ بي وس انسان وانگر الائي ڪهڙي مهل گهري ننڊ آئي.

جڏهن ڪڪڙ جي ٻانگ جو آواز ڪن پيم ته بي اختيار آک کُلي ويئي. خبر پئي صبح ٿي چڪو آهي. اَڌ ڪلاڪ پلنگ تي سمهڻ کان پوءِ اٿيس ۽ اچي سڀ کان پهرين ان خوبصورت وڻ کي ڏٺم، ڪمري ۾ هلڪي اوندهه هئڻ سبب وڻ پنهنجيءَ جڳهه تي رات وانگر روشن هو. شايد اهي پيارا ٽانڊاڻا اڃا تائين منهنجي اٿڻ جي انتظار ۾ جاڳيا پئي. در کولي ٻاهر اچي ڪرسمس فادر جي مجسمي کي ڏٺم ته کيس صبح بخير چوڻ کان پوءَ مون ڏٺو ته هڪ گلابي رنگ جو پيڪيٽ رکيو آهي ۽ ان کي سنهڙي رُبين ٻڌي پئي آهي. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙايم ته متان ڪو ماڻهو هتي وساري ته نه ويو آهي. يا ڪنهن جي سواري گذري آهي ۽ ان مان ڪري پيو آهي.... اهو سوچيندي سوچيندي ڪافي ٽائم گذري ويو ته اوچتو خيال آيو ته ڪرسمس فادر جي ڳلي ۾ هڪ رومال ٻڌو پيو آهي. مون اهڙو رومال رات ته کيس نه ٻڌو هو ۽ مون وٽ اهڙو رومال به ڪونه آهي. جهٽ ڪري رومال کوليم ته ان مان هڪ پرچي ڪري پئي. پرچيءَ کي رومال ۽ پيڪٽ سميت کڻي ڪمري ۾ آيس.

پيڪٽ ٽيبل تي رکي پرچي کولي آهستي آهستي پڙهڻ شروع ڪيم. پرچي ۾ ڪجهه هن ريت تحرير هو.

ننڍڙا سهڻا پيارا ٻار، آئون رات جي آخري پهر تنهنجي گهر آيس. در جي ٻاهر پنهنجي همشڪل ڪرسمس فادر جي مجسمي مون کي سلام ڪيو ۽ هيپي ڪرسمس چيو. تنهنجي گهر جو دروازو بند هو. ان ڪري تنهنجي لاءِ گفٽ پيڪٽ مون در تي رکيو ته جڏهن تون صبح جو اٿين ۽ در کولين ته توکي تنهنجو گفٽ پيڪٽ ملي.

جڏهن آئون واپس وڃڻ لڳس ته مون کي محسوس ٿيو ته آس پاس روشنيءَ جا ڪرڻا جڳ مڳائي رهيا آهن. ٿورو اڳتي وڌي ڏٺم اهي تنهنجي گهر جي دريءَ مان نڪرن پيا. هٿ هڻڻ سان خبر پئي ته دري کليل آهي. جيڪا تو شايد زور سان نه بند ڪئي هئي. آئون ان دري مان اندر آيس. اندر مون تمام خوبصورت منظر ڏٺو، هڪ جڳ مڳ ڪندڙ وڻ، ٽيبل تي سجايل ميوو ۽ خوبصورت گلن جو گلدستو ۽ پلنگ تي هڪ ننڍڙو سهڻو ٻار بي خبر ستو پيو هو. آئون وڻ جي ويجهو ويس. ته وڻ ۾ انهن سڀني ٽانڊاڻن مون کي خوشي وچان ڀليڪار ڪئي ۽ پوءِ مون هڪ ميوو کڻي کاڌو ۽ تنهنجي پلنگ جي ويجهو اچي تنهنجي پيشاني کي چمي ڏٺم ۽ پوءِ واپس دريءَ مان ٻاهر نڪري آيس. ۽ دري چڱيءَ طرح بند ڪري ڇڏيم، جيئن هن مان ڪو سرديءَ جو جهوٽو توکي نه لڳي. ۽ ٻاهر اچي در وٽ هڪ پرچو لکي پنهنجي ڳلي مان رومال لاهي ان ۾ ويڙهي تنهنجي خوبصورت برف جي ٺهيل ڪرسمس فادر جي مجسمي جي ڳلي ۾ ٻڌيو پيو وڃان. منهنجي اچڻ جو ثبوت اهو هوندو ته هڪ ميوو تنهنجي پليٽ ۾ گهٽ هوندو ۽ تنهنجي پيشاني تي هڪ ٻه ننڍڙا اَڇا وار لڳل هوندا، جيڪي چمي ڏيڻ وقت لڳي ويا هوندا هاڻ ان دعا سان واپس وڃان پيو. ته تون سدائين خوش هوندين. ۽ ان دعا سان ته آئون اڳي سال ضرور ايندس ڪرسمس جي رات جو ٻارهن بجي کان اڳ ۾ خدا حافظ.

مون اها پرچي پڙهي. خوشي وچان گفٽ پيڪٽ جي سنهري رُبين کولي گفٽ کوليو. اندر هڪ خوبصورت ڪرسمس فادر جو گڏو ۽ هڪ پياري ننڍڙي گڏي هئي ۽ انهن سان گڏ هڪ چاڪيلٽ جو پيڪٽ پڻ هو. جيڪو مون کي ڏاڍو پسند آيو. مون کي اهو به ياد نه رهيو ته رات جو آئون ڪو اڪليو هئس ٽيبل تي ڏٺم ته واقعي هڪ ميوو کٽل هو. پيشاني تي ننڍڙا ننڍڙا ٻه وار چنبڙيل هئا. جيڪي پَڪَ سان ڪرسمس فادر جي ڏاڙهيءَ جا هئا. انهيءَ پل چار پنج لڙڪ اکين مان ڳلن تي ڪري پيا. هي لڙڪ شايد خوشي جا هئا.


 

اڪبر آزاد سوهو

 

بلبل ۽ هاري

ڪنهن هاريءَ جو هڪ تمام خوبصورت باغ هو. ان ۾ ڳاڙهي گلاب جا ٻوٽا هوندا هئا. گلاب جي گلن کي ڏسي ڏسي هاري خوش ٿيندو هو. هڪ ڏينهن هاريءَ ڏٺو ته هڪ بلبل گلاب جي گلن جي پتڙين کي ٺونگا پئي هنيا. پتڙيون ٺونگن سبب ويون پئي وکرنديون. هاري کي اهو ڏسي ڏاڍو فڪر ٿيو، هن سوچيو، هيءَ بلبل منهنجي گلن کي پريشان ڪندي رهي ٿي، ان جو ڪو علاج ڪرڻ گهرجي.

هاري هڪ ڄار وڇائي ان تي داڻا وکيري ڇڏيا. بلبل لهي داڻا چڳڻ لڳي. هاري ڄار ڇڪي ورتو. ائين بلبل کي پڪڙي کڻي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيائين.

تڏهن بلبل هاري کي روئي چيو ته: ”اي هاري! تو مون کي ڇو پڪڙيو آهي. جيڪڏهن توکي منهنجو خوش ٿيڻ سٺو لڳندو هو: ته مان تنهنجي ئي باغ ۾ رهندي آهيان ۽ خوش پئي ٿيندي آهيان. آخر مون کي پڃري ۾ بند ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هُئي. جيڪڏهن ڪا ٻي ڳالهه آهي ته اُها مون کي ٻڌاءِ“.

هاريءَ چيو: ”تو منهنجي گلن کي ڪيترو پريشان ڪيو آهي، ڪا خبر به اٿئي...؟ اهو پڇ مون کي ان جو ڪيترو ڏک پهتو ۽ منهنجي دل تي ڇا ڇا نه گذريو.“

بلبل چيو، ”هڪ گل جي پريشان ٿيڻ سان تو ايترو پريشان ٿيو آهين. ٿورو سوچ ته پڃري ۾ بند ٿي وڃڻ سان مان ڪيتري پريشان ٿي هونديس.“

بلبل جي ڳالهه هاري تي اثر ڪيو، هاريءَ هڪدم پڃري جو دروازو کولي ڇڏيو، بلبل آزاد ٿي تمام گهڻي خوش ٿي ۽ هاريءَ کي چيائين: ”تو مون تي وڏو احسان ڪيو آهي، مان توکي ان جو چڱو بدلو ڏينديس. هاڻ ٻُڌ، جنهن وڻ جي هيٺيان تون بيٺو آهين ان جي هيٺيان سونيون اشرفيون پوريل آهن. کوٽي کڻ.“

هاريءَ زمين کوٽي ڏٺي ته سچ پچ اُتان سونيون اشرفيون نڪتيون، تڏهن هاري بلبل کي چوڻ لڳو: ”اي بلبل، هونئن ته تنهنجي نگاهه تمام تيز آهي. ايتري جو زمين ۾ پوريل اشرفيون به نظر اچي ويئي. پر حيرت اٿم ته زمين جي مٿان وڇايل ڄار توکي نظر نه آيو.“

بلبل جواب ڏنو: ”پيارا هاري، جڏهن آفت ايندي آهي، ته نه ڪجهه سمجهه ۾ ايندو آهي ۽ نه ڪجهه ڏسڻ ۾ ايندو آهي.“


 

سنڌيڪار: مراد علي مرزا                   (فلپائن جي آکاڻي)

باندر، ڪڇؤن ۽ وڻ

هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي. هڪڙو ڪڇؤن: درياءُ جي ڪپ تي اُس ۾ ويٺو هو. ايتري ۾ هن ڏٺو ته هڪڙو ڪيوڙي جو وڻ درياءَ ۾ ترندو پيو اچي. اهو ڏسي ڪڇؤن درياءَ ۾ ٽپو ڏنو. ۽ وڻ کي ڇڪيندو ڇڪيندو ڪپ تائين گهلي آيو. پر، ڪپ کان باغ تائين وڻ کي کڻي وڃڻ: هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته ڪڇون اهو وڻ باغ ۾ پوکڻ گهريو ٿي. نيٺ هن هڪڙي باندر کي سڏيو ۽ چيو ته، ”ادا، هن ڪيوڙي جي وڻ کي باغ تائين کڻي هلڻ ۾ منهنجي مدد ڪر. آءٌ هي وڻ باغ ۾ پوکيندس.“ باندر جواب ڏنو. ”آءٌ وڻ کڻائي هلڻ لاءِ تيار آهيان. پر ان جي بدلي مون کي به وڻ جو اڌ حصو ڏيندين“ ڪڇؤن اهو ٻڌي چيو ته ”ڇو نه. آءٌ توکي ضرور حصو ڏيندس.“ پوءِ ٻئي وڻ کي گهليندا گهليندا باغ تائين آيا. ڪڇون باندر کي چيو ته: ”هاڻي اچ ته کڏ کوٽي ان ۾ وڻ هڻون.“ باندر جواب ڏنو ته

”پهرئين مون کي پنهنجو حصو ڏي.“ ڪڇؤن چيو، ”جڏهن هي وڻ زمين ۾ لڳي ويندو ۽ ان ۾ ميوو لڳندو، تڏهن پاڻ ۾ اڌو اڌ ورهائي کڻنداسون.“ پر باندر کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ چوڻ لڳو ته ”مون کي ته وڻ جو اڌ حصو هينئر جو هينئر ڏي.“

لاچار ٿي ڪڇؤن وڻ کي ٻن حصن ۾ وڍيو. باندر وڻ جي مٿئين حصي جا ساوا پن ڏسي چيو ته مٿيون حصو آئون کڻندس!“ ڪڇون هن جي اها به ڳالهه مڃي: باندر پنهنجو حصو وٺي گهر ڏانهن ويو ۽ان کي زمين ۾ پوکي ڇڏيائين. هيڏانهن ڪڇؤن به وڻ جو پاڙ وارو حصو زمين ۾ پوکيو. ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ساوا ساوا پتا ڦٽڻ لڳا. ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ڪيوڙا به لڙڪڻ لڳا. پر باندر وارو وڻ سڪي سڙي ڪري پيو.

ڪڇ‍ؤن جي وڻ ۾ جڏهن ڪيوڙي جون ڦريون پڇي راس ٿيون، تڏهن هن اهي ٽوڙڻ گهريون. پر ڪڇؤن ويچارو وڻ تي چڙهي نه سگهيو. نيٺ ٻئي ڪا واهه نه ڏسي، هو باندر کي وٺي آيو ۽ چيائينس ته ”جيڪڏهن تون منهنجي وڻ تان ڪيوڙا لاهي اچين ته اڌ تنهنجا ۽ اڌ منهنجا.“

باندر هڪدم ڪڇونءَ جي ڳالهه قبول ڪئي. ۽ تڪڙو وڻ تي چڙهي ويو. پر باندر مٿي وڃي ڪيوڙا لاهڻ بدران کائڻ لڳو ۽ ڪڇون کي هڪڙو ڪيوڙو به نه ڏنائين. اهو ڏسي ڪڇونءَ چيو ته ”تون رڳو پاڻ ويٺو ڪيوڙا کائين. مون کي به ته کاراءَ“ پر باندر بنهه جواب ڏئي ڇڏيو ۽ مزي سان ڪيوڙن جون ڦريون پاڻ کائيندو ويو ۽ کلون هيٺ اڇلائيندو رهيو. اهو ڏسي ڪڇون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.هو ڪجهه ڪري به نٿي سگهيو. پر نيٺ هن کي هڪ اٽڪل سجهي آئي ۽ هو تڪڙو تڪڙو باغ ۾ هڪ طرف ويو، جتان ڪنڊن واريون ٽاريون گهليندو آيو ۽ اهي ڪيوڙي جي وڻ جي چوڌاري رکندو ويو. جڏهن باندر سڀئي ڪيوڙا کائي پورا ڪيا. ته وڻ تان ٽپ ڏئي هيٺ زمين تي لٿو. هيٺ رڳو ڪنڊا ئي ڪنڊا هئا. سي باندر جي پيرن ۽ هٿن جي ترين ۾ چُڀي ويا. هو سور ۽ تڪليف کان وڌيڪ ٽپا ڏيڻ لڳو. ۽ دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳو. باندر جي هٿن پيرن ۾ ڪنڊا گهڙي ويا هئا. جن هن کي ڏاڍي تڪليف ڏني. ڪڇونءَ آرام سان هڪ طرف تماشو بيٺي ڏٺو، ۽ باندر کي دانهون ڪوڪون ڪندو ڏسي کلڻ لڳو. باندر کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ هن ڊوڙ پائي ڪڇؤن کي ڳچيءَ کان جهلي پنهنجي پُٺئي تي ويهاريو ۽ چوڻ لڳو ته، ”هاڻي ٻڌاءِ ته آءٌ توکي ڪهڙي سزا ڏيان؟ توکي مار ڏيان يا درياءَ ۾ ٻوڙيان؟“ ڪڇ‍ؤن ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو ۽ ليلائيندي چوڻ لڳو، ”ته مون کي جيڪا وڻئي اها سزا ڏي، پر خدا جي واسطي مون کي درياءَ ۾ نه ٻوڙ!“

باندر اهو ٻڌي ٽپو ڏنو ۽ چيو، ”آءٌ توکي دريا ۾ ئي ٻوڙيندس.“ ائين چئي باندر ڊوڙندو درياءَ جي ڪپ تي ويو ۽ ڪڇون کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. ڪڇون پاڻي ۾ ڪرڻ شرط نظرن کان لڪي ويو. هاڻي باندر ڏاڍو خوش ٿيو ته ڪڇؤن ٻڏي ويو. پر ايتري ۾ ڪڇؤن سِسِي پاڻي مان ڪڍي باندر کي چيو، ”ادا، تنهنجي مهرباني، توکي شايد خبر نه آهي ته منهنجو گهر پاڻي ۾ ئي آهي.“

(چونڊ: رميش ڪمار سوٽهڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com