سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر انچارج: طارق عالم

حال احوال

انساني معاشري ۾ قابلِ احترام ۽ عظيم لائق فقط اهو شخص آهي، جنهن ۾ ٻه اوڻايون بلڪل نه هجن.

هڪُ ڪوڙ ۽ ٻي منافقي.

اُنهن ٻنهي بُرن عملن جي باري ۾، اسا جا پيارا نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن ڇا ٿا فرمائين؟ اچو ته پڙهون:

(1) ابو هريره رضه کان روايت آهي ته رسول ڪريم صلعم جن فرمايو ته منافق جون ٽي نشانيون آهن: ڳالهه ڪري ته ڪوڙ ڳالهائي، وعدو ڪري ته ان جي خلاف ورزي ڪري ۽ جڏهن امانت وٽس رکي وڃي ته ان ۾ خيانت ڪري.

(2) عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته رسول صلعم جن فرمايو ته منافق جون ٽي نشانيون آهن:

- ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي.

- واعدو ڪري ته ٽوڙي.

- ڪاوڙجي ته گندو ڳالهائي (بدڪلامي ڪري)

(3) ابن عمر رضه کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته منافق جو مثال اُنَ ٻڪريءَ جهڙو آهي جيڪا ٻن ڌڻن جي وچ ۾ ڦرندي رهي ٿي. ڪڏهن هڪڙي طرف لاڙو رکي ٿي ته ڪڏهن ٻئي طرف!

ڏاها ٻارؤ! هڪ ”بهترين انسان“ بنجڻ اوهان تي بيحد لازم آهي ته اوهان به سرور ڪائنات جي ٻُڌايل راهه تي وکون رکندا، جيڪا ”اخلاق“ جي منزل تي پهچائيندي. سندن سمورن حُڪمن جي هميشہ پيروي ڪندا ۽ هڪ پاڪ صاف معاشري جي قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا.

اوهان جو

طارق عالم

 

 

لطيفي لات

سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتر لڳا، آءُ پرين!

مون تو ڪارَڻِ، ڪانَڌ! سَهِسين سُکائون ڪيون.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي، سُر ”سامونڊي“ جي داستان پهرئين جو سترهون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: سَر جي سلن ڳڀ جهليو آهي ۽ اُتر جو واءُ لڳو آهي، اي ڍوليا! تون موٽي اچ، اي پيارا! تو ڪارڻ مون انيڪ سکائون سکيون آهن.

ڪلياڻ آڏواڻي

چترڪار: علي اڪبر سومرو

 

گل ڦل جي سمورن پڙهندڙن کي

نئين سال

جون

لک لک واڌايون

 

 

 

ڪنول پَنَ تي ماڪَ،

جَرڪي پنڇيءَ اک جيئن،

هيرا لعل جواهر،

گهوري ڇڏيان تنهن مٿان.

ط- ع

 

ايجادن جي آسري،

ماڻهو ڇا نه ڪيو.

نيري نڀ جي نراڙ تي.

ڪارنهن ميٽُ مَليو.

ط- ع


 

ياسر قاضي

 

گل (نظم)

گلن سان مُعطر هي سارو جهان،

گُلن ساڻ مهڪي پوي گُلستان.

 

گلن سان ئي آ سُونهن دنيا سندي،

گلن سان ملي ٿي ترو تازگي.

 

گلن کي گهرن ۾ سجايون پيا،

۽ ڪمرن جي زينت وڌايون پيا.

 

زماني جي سڀ کان اُملهه سُکڙي،

آ مهڪار واري گلن جي نڙي.

 

گلن کي لڙيءَ ۾ پرويون پيا،

ڪو سُهڻو گلن هار پويون پيا.

 

گلن جا هي گجرا هٿن ۾ ‎ٺهن،

آميون، ڀينرون شوق مان ٿيو وڻن.

 

 ڏيون گل محبت جي اظهار لئه،

رکون پيارُ دل ۾ سنسار لئه.

گلن کي نه ٽاريءَ مان هر گز پَٽيو.

گُلن کان نه خوشبوءِ ٻارو کسيو.

ڏسو! گل جيئڻ جو سبق ٿا ڏين.

ڪنڊن ۾ رهي ڀي ٿا هر پل کِلن.

اچو! سڀ گُلن کان محبت سِکون،

محبت جي هر جاءِ خُوشبوءِ ونڊيون.

 

ملي پاڻ ۾ پنکڙين جيان رهون،

نه ڪنهن جي چوڻ تي اسين ڌار ٿيون.

 

اسين ڀي گلن جيئن گذاريو اگر،

سُٺيءَ ريت ٿيندو هي جوين بَسر.


 

نعيم عامر ڪاتيار

(نظم)

”اسڪول ڏانهن ويندي ڳائڻ وارو ڇوڪرو“

 

ڪنهن ننڍڙي ننڍڙي ڇوڪري،

ڳچيءَ ۾ پائي ٿيلهي کي،

صبح جو اسڪول ڏانهن ويندي،

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

جيڪر ان کي وري ڏسان،

ان ڏي وڃا ۽ ان کي چوان:

”تو گيت ڪو ڳاءِ مان ٿو ٻڌان“

جيءَ ۾ توکي جايون ڏيان.

من جنهن لئه ٿيو آتو ٿي،

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

ٻول انهيءَ جا ته اهڙا هيا،

سي ڪنهن نه ٻڌا، سي ڪنهن نه چيا،

هُئي لفظ لفظ ۾ جنهن جي مڻيا،

جنهن ٿي ٻڌا تنهن کي ٿي وڻيا.

سنگيت کان به گهڻو جنهن ڄاتو ٿي،

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

چيو مون کي، هن مون ڏانهن نظر کڻي:

تنهنجي سُستي جي نه مون کي ڳالهه وڻي،

ڇڏ سُستي ڪر تون محنت گهڻي گهڻي،

ڪندو ٻيڙا تنهنجا پار ڌڻي.

ڄڻ اندر ۾ منهنجي ليئو هن پاتو ٿي

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

اها ڳالهه ته منهنجي تون من ۾ رک،

کپي دنيا کي ڏسڻ لئه محبت جي اک،

سُکي رهندين سدا، ڀل هجي اندر ۾ ڏُک،

فلسفو انهيءَ ۾ وڏو، انهيءَ کي سِک.

فلسفي جي صنف کي جنهن سُڇاتو.

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

 

مقصود گل

ريل راند

ٽِمون، کَمُون، گُلو، گوهر،

ماڻڪ، موتي، جانُو، جعفر.

علُو، احمد، دلبر، ڍولڻ،

ٻار سڀيئي آيا کيڏڻ.

راجُو، رحمُو، رمزو آيو،

حامد، حيدر، حمزو آيو.

سڀني گڏجي راند رچائي،

رنگ برنگي ريل بنائي.

راجُو. ريل هلائڻ وارو،

موتي، ڪُوڪ لڳائڻ وارو.

ڇُڪ ڇُڪ، ڇُڪ ڇُڪ ريلَ اچي وئي،

لهڻ، چڙهڻ جي ويل اچي وئي.

ٽِمُونءَ لال جهنڊي ڦڙڪائي،

رَاجُوءَ جلدي ريل هلائي.

آئي جڏهن سائي جهنڊي،

ريل هلي پَو ڪُو ڪُو ڪندي.

پوئين ٽيشن آئي آهي،

راجُوءَ ريل جهلائي آهي.

هرڪو لهندو ٻالڪ هاڻي،

راند وري ڀِي ڪبي سڀاڻي.

 

”اڪمل“ ماٿيلوي

 

محنت

محنت ۾ ئي مانُ آ ٻارو،

محنت سان ئي شان آ ٻارو.

دنيا چنڊ تي پهتي آهي،

ڪاهل وڌيو ڪانه آٻار.

محنت سان آخر آٿيڻو،

مشڪل ڪم آسان آ ٻارو.

محنت وارو خدا کي پيارو،

مُرسل. جو فرمان آ ٻارو.

محنت سان ئي پيدا ٿيندو،

سُک جو هر سامان آ ٻارو.

محنت سڀ کي دعوت ڏئي ٿي،

سُکَ جو هيءُ سامان آ ٻارو.

محنت سان ئي ملندي منزل،

”اڪمل“ جو ايمان آ ٻارو.

 

ذوالفقار شيخ

”ڪاپي“

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي،

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي.

محنت جو مطلب مون سمجهيو،

مقصد پنهنجو مڃبو ماڻي.

پرچو پهريون آهي سنڌي،

ڏينداسون سو سينو تاڻي.

محنت ڪئي آ مون هن ڀيري،

ڦلُ انهيءَ جو ملندو سڀاڻي.

نمبر پهريون آيو منهنجو،

سَرهو ٿيو هان اهو ڄاڻي.

’زلفي‘ جن ڪئي ڪاپي جام،

تن جو مُنهن آ ڀِيلو هاڻي.

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي،

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي.

 

فيصل نائچ

 

قائداعظم

 

 

 پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع ۾ انگريزن جي ڊگهي غلامي کان پوءِ آزاد ٿيو. پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ سڀني مسلمانن جوش ۽ خروش سان حصو ورتو. سنڌ صوبو آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪنهن کان به پوئتي ڪونه هو. سڀ کان اول ته پاڻ سنڌ ڌرتيءَ جو عظيم سپوت محمد علي جناح آهي. جنهن کي هي قوم ”قائداعظم“ ۽ ”بابائي قوم“ جهڙن عظيم لقبن سان ياد ڪري ٿي.

محمد علي پنهنجي ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو، جتان قانون جي ڊگري و‎‎ٺي پهرين ڪراچي ۾ ۽ پوءِ بمبئي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ پاڪستان جي تاريخ ۾ هو هڪ عظيم سياستدان ۽ آزاديءَ جو هيرو تسليم ڪيو ٿو وڃي، پر ان کان سواءِ هو هڪ عظيم قانوندان ۽ منصف پڻ هو. هن جي ڏاهپ، عقلمندي ۽ ايمانداري جي تعريف سندس دشمن به ڪندا هئا. سندس دؤر جي وڪيلن جو چوڻ هو، ته محمد علي جناح جي ڪيس لڙڻ جو عجيب انداز هوندو هو، ڪيس هلائيندي هو عدالت جي ڪمري ۾ هڪ خاص انداز ۾ اٿي بيهندو هو ۽ پنهنجي نظر جو هڪ شيشي وارو چشمو هڻي، آهستگيءَ سان جج ڏانهن اک کڻندو هو، سندس چرپر ۽ تحريڪ منجهان هڪ ڏاهي جي جهلڪ صاف نظر ايندي هئي. سنڌ کي ههڙي انسان تي فخر آهي. اڄ پاڪستاني قوم هِن انسان جي محنتن ۽ ڪاوشن جي ڪري الڳ ملڪ جي مالڪ آهي.

 

مرتب: امام راشدي

 

وڏي ماڻهوءَ جي ننڍپڻ ۾ جهاتي!

سنڌ جو عظيم تاريخدان ۽ محقق پير حسام الدين راشدي، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳو‎ٺ ”بهَمڻ“ ۾، تاريخ . 2 سيپٽمبر 1911ع تي ڄائو. راشدي صاحب ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ باقاعده نه پڙهيو. پر هن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ايترو پڙهيو، جو دنيا جون يونيورسٽيون کيس اعليٰ اعزازي ڊگريون ڏيڻ تي مجبور ٿي پيون.

پير حسام الدين راشدي، سنڌ جو واحد تاريخدان هو، جنهن سنڌ جي قومي تاريخ لکي. پاڻ سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ تقريباً پنجاهه ڪتاب لکيائين. جن ۾ : مڪلي نامہ هُو ڏوٿي هُو ڏينهن ، ’ڳالهيون ڳو‎ٺ وڻن جون‘، ’ميرمحمد معصوم بکري‘، ’مالڪ ڀنا رابيل‘، ’مرزا عيسيٰ ترخان‘، ’ترخان نامہ‘، ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘، ’حديقة الاولياء‘، ’تذڪره امير خاني‘، ’هشت بهشت‘، ’مقالات الشعراء‘، ’سنڌي ادب‘، ’منشور الوصيت‘، ’اسلامي ڪتب خانه‘، ’مرزا غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزمِ ادب‘، ’تذڪره الشعراءِ ڪشمير‘ ۽ ٻيا شامل آهن.

پاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مطالعاتي دوري تي ويو. جن ۾ ايران، عراق، انگلينڊ، افغانستان، روس، هندوستان چين، لبنان، مصر، فلپائين، شام ۽ ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا. راشدي صاحب ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي علمي ۽ ادبي ادارن جو ميمبر ۽ سربراهه پڻ رهيو. پاڻ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر بيشمار علمي ادارا قائم ڪرايائين. جن ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سچل اڪيڊمي، وچ ايشيا جي مطالعي جو ادارو ۽ ٻيا ادارا شامل آهن.

پيرحسام الدين راشديءَ کي سندس علمي ۽ تحقيقي خدمتن جي ڪري ڪيترائي وڏا اعزاز مليا. ايران جي بادشاهه کيس ايران جو وڏو علمي اعزاز نشان سپاس درجه اول، ڏنو. ۽ تهران يونيورسٽيءَ کيس پي. ايڇ. ڊي‘ جي اعزازي ڊگريءَ سان نوازيو. راشدي صاحب پهرين اپريل 1982ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. راشدي صاحب پنهنجي ننڍپڻ جي ڏينهن کي، ڪيترن ئي ڏنل انٽرويوز ۾ ياد ڪيو آهي. خاص ڪري سندس وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ پڻ ڪيترن ئي مضمونن ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي شروعاتي زندگيءَ جو تمام سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. پير علي محمد راشدي، پنهنجي ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ جي ننڍپڻ ۽ ڄمڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:

حسام الدين جي ولات ڏڍي ڏکي ٿي. ٽن ڏينهن تائين اسان جي والده مرحومه ويم جي تڪليف ۾ مبتلا رهي. ڊپ ٿي پيو هو ته ٻار مري ويو هوندو يا مري ويندو. ڀلا ڳو‎ٺ ۾ ڪو اليفائيڊ نرس يا ڊاڪٽر ڪٿان آيو، عورتن کي اسپتال ۾ و‎ٺي وڃڻ بابت ته ڪير سوچي به نه ٿي سگهيو. هونئن به انهن ڏينهن ۾ سکر توڙي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ به ايم. بي. بي. ايس ڊاڪٽر ڪونه هو. اهڙي پريشانيءَ جي حالت ۾ اسان جي ڏاڏي پنهنجي دوست ، شيخ غلام محمد کي لاڙڪاڻي مان گهرايو. تنهنڪري انهيءَ مونجهاري ۾ هو به موجود هو. هن صبح جو ئي حساب ڪري ٻڌايو هو ته اڄ شام ٿيڻ کان اڳواٽ ئي ٻار پيدا ٿيندو، جيڪو زندهه هوندو، وڏي ڄمار ٿيندس، خوش نصيب هوندو، وڏو نالو ڪڍندو .

ٽپهري تائين گهران خبر آئي ته ٻار ڄائو آهي، زندهه پر اکيون نه هجڻ جي برابر اٿس. رسم مطابق ٻار کي وهنجاري سهنجاري دائي، ٻاهر ڏاڏا مرحوم وٽ کڻي آئي. شيخ صاحب به ويٺو هو. ٻار جون اکيون بند هيون ۽ انهن مان پُونءِ پئي وهي. اهو ڏسي ڏاڏا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٻار کي شيخ صاحب جي هنج ۾ ڏيندي، چوڻ لڳو: ”غلام محمد، کڻ هن کي، ڪوڙا نجومي، تو به چيو ٿي ته هيءُ ڏاڍو خوش نصيب ٻار ٿيندو ۽ وڏو نالو ڪڍندو، پر هن کي ته اکيون ئي ڪونهن، نالو ڌوڙ ڪڍندو،“ شيخ صاحب ٻار کي هنج ۾ کڻي کلڻ لڳو ۽ ڏاڏا کي چوڻ لڳو:”سائين پير شاهه، اوهان ڳڻتي نه ڪريو. منهنجو حساب سچو آهي. هن جون اکيون به ٿيندون ۽ اهڙيون اکيون ٿيندس جو دنيا ڏسي، اچرج ۾ پئجي ويندي.“

ڏاڏا پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم حسام الدين شاهه جو نالو ان ٻار تي رکيو. هن جي اکين جو پاڻ علاج ڪيو (هوهڪ حاذق حڪيم به هو) جلدئي ٻار جون اکيون ٺيڪ ٿي ويون.

پيرحسام الدين راشدي پنهنجي تعليم ۽ تربيت بابت لکي ٿو ته:”آءٌ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ علي محمد شاهه ٻئي بهمڻ ۾ پيدا ٿياسون. ننڍپڻ بهمڻ ۾ ئي گذريو، پرذهني پرورش تي حقيقت ۾ مختلف اثر هئا، ٻاهر جا، گهر جا، وڏن جا، ڪتابن جا، اٿي ويٺي جا، وغيره، ڪتابن يا درس مان ماڻهو ايترو نه ٿو پرائي، جيترو ڪتابن سان گڏ مجلس ۽ سٺي صحبت وغيره مان. انساني اصل سکيا تاريخ جي تشڪيل ڏيندڙ ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ئي ٿئي ٿي. ڪتابن مان علم ملي ٿو، پر ان سان پختگيءَ نه ٿي پيدا ٿئي. جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته: ”پڙهيو، پر ڪڙهيو ڪين.“ منهنجي سڄي پرورش چڱن ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ٿي آهي.“

راشدي صاحب اڳتي وڌيڪ لکيو آهي:”اڳي تعليم ٻن قسمن جي هئي، هڪ محفلي مجلسي ۽ ڪتابي، جيڪا بزرگ ويهي پاڻ حافظ ۽ مثنوي جا شعر وغيره پڙهي ۽ ڪچهريون ڪري ڪندا هئا. ٻي تعليم هئي نوڪريءَ جي سلسلي ۾، نوڪري واريءَ تعليم لاءِ مشهور اهو ٿيو ته ”بابا، ٻارن کي اسڪول ۾ پڙهايو، ته نوڪري ملي.“ اسان کي ڇاڪاڻ ته نوڪريءَ جي ضرورت ڪانه هئي، تنهنڪري به اسڪول ۾ ڪونه وياسين ۽ اسڪول ۾ انڪري به نه وياسين جو ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ ڪو اسڪول نه هو، اسان لاءِ ڏاڏي مرحوم مسجد ۾ مدرسو تيار ڪرايو هو، جنهن ۾ ئي پڙهياسين. پرپڳ ٻڌڻ جي نوبت نه آئي. اسان ٻنهي ڀائرن جي رسمي تعليم ان ڳوٺاڻي مدرسي تائين محدود آهي، اڳتي جيڪي علم حاصل ڪيوسين. سو پنهنجي شوق ۽ جفاڪشيءَ سان.“

راشدي صاحب جي وڏيءَ ڀاءُ، پير علي محمد راشدي پنهنجي ابتدائي تعليم وارن ڏينهن کي ياد ڪندي لکيو آهي ته: ”اسان جي والده مرحومه جي زور ڀرڻ تي حسام الدين ۽ آءٌ وري ريلوي اسٽيشن جي بابوءَ کان ٿوري ”گٽ مٽ“ سکڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسون. اها ريلوي اسٽيشن اسان جي ڳوٺ کان ڏيڍ ٻه ميل پري هئي. اسان جي سواريءَ لاءَ بجلي نالي هڪ ننڍي گهوڙي خريد ڪئي ويئي. جنهن تي چڙهي اسين اسٽيشن وڃڻ لڳاسون. اڳيان آءٌ ۽ منهنجي پٺيان حسام الدين، جيئن اڄڪلهه اسڪوٽر تي سواريون ويهنديون آهن. اها گهوڙي فقط ٻه ڳالهيون ڄاڻندي هئي. مُنهن ۾ لغام پوڻ کان پوءِ پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجيءَ رفتاري سان ڀڄڻ، يا وري ڀڄندي ڀڄندي ساوڪ کي ڏسي بيهي رهڻ (۽ اسان جو سنديس پٺيءَ تان زمين تي ڪرڻ). ڪچي رستي تي هر روز مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيڻ ته ڪا ڳالهه نه هئي، پر ڊپ لڳو ته متان ڪنهن پڪي رستي تي ڪري پنهنجا هَڏ گُڏ نه ڀڃائي ويهون. ان اسڪيم جي ناڪاميءَ جو ٻيو سبب هيءُ هو ته انهيءَ بابو صاحب جي علمي ڄاڻ تمام ننڍڙي هئي، جنهنڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ انگريزي لفظن جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو هو. تنهنڪري فيصلو ٿيو ته علم جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪرڻ بند. ٿي سگهي ته گهر ۾ ئي ويهي ٿورو پڙهجي نه ته الله بس باقي هوس.“

هُو وڌيڪ لکي ٿو ته : ”هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي ڪندي منهنجي ڪمر ي ۾ اچي انهن ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ لڳو. مون کيس دَڙڪو ڏنو. ”اڙي ڄَٽ، تون منهنجن ڪتابن کي هٿ نه لاءِ.“ هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو، ”آءٌ ڄَٽ آهيان؟ چڱوادا.“

ان واقعي کان پوءِ، هن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو. هن رانديون رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رلڻ هڪدم ڇڏي ڏنو. اڳي کان وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر ان شيءِ ۾ دلچسپي و‎ٺڻ لڳو: جنهن ۾ مون کي دلچسپي هئي. ماٺ ميٺ ۾ هرڪا ڇپيل شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو پڙهيل لکيل ماڻهو مليس، تنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڪانه ڪا ڪم جي شيءِ حاصل ڪرڻ لڳو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ لالٽين رکي ڪي نه ڪي پيو پڙهندو هو ۽ دير تائين پڙهندو رهندو هو.“ (ٻارؤ: ان عظيم انسان جي زندگيءَ جي مختصر احوال مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو، ته مسلسل محنت ۽ پنهنجي ڪم جي سڃاڻپ، انسان کي ڪيڏو بلند درجو عطا ڪري ٿي!)

 

عرفان علي انصاري

 

عظيم مصور- صادقين!

فن جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو پنهنجو حُليو بگاڙي، وار وکيري، اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اُهي جينيس آهن يا وري ڪنهن اهڙي تخيلاتي دنيا ۾ محو آهن. جو کين سندن بگڙيل حالت جي ڪا به پرواهه ڪانه آهي. اهڙوئي هڪ شخص، جنهن جا وار وکريل هئا ۽ جيڪو پنهنجي ٺاهه ٺوهه کان بي نياز هو. سو ملڪ جو مشهور چترڪار صادقين هو. هرڏيکاءُ کان مٿاهون، هر وقت فن جي دنيا ۾ گم، هن پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن ڏاهو يا فهم  و فراست جو مالڪ قرار نه ڏنو. جيتوڻيڪ هو اهو سڀ ڪجهه هو ۽ پاڻ پنهنجي فن ۾ پڻ ڪمال مهارت رکندو هو.

صادقين يوپي (اُتر پرديش، انڊيا) جي شهر امروها ۾ 1930ع ۾ ڄائو، سندس وڏا قرآڪ پاڪ جي ناميارا ڪاتب ۽ خوش نويس هئا، کيس به ساڳيو ئي پيشو ورثي ۾ مليو. صادقين مذهبي ماڻهو نه هو، پر هميشہ قرآني آيتن جي ڪتابت ڪندو هو. سندس، گهڻائي ۾ ڪاوشون ڪتابت ۾ ٿيل آهن، جيڪي بيحد مقبول ٿيون. 1974ع ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ سندس ٺاهيل تغرن ۾ مسلمانن کي متحد ٿي رهڻ جو پيغام ڏنل هو. سندس تصويرن ۾ خدا جو نُور بکندي نظر ايندو آهي، صادقين، چمڙي، ڪاٺ، ڪپڙي ۽ سنگمرمر جي ٽڪرن تي ڪتابت ڪئي آهي.

هڪ ڀيري ان فن جي باري ۾ هن چيو هو: ”هي فن منهنجي رڳن ۾ ستن پيڙهين کان شامل آهي. اها آرٽ جي خدمت آهي، مان مذهبي ماڻهو نه آهيان، پر منهنجي ڪتابت ۾ فلاسافي آهي. آئون فقط ڪاتب ناهيان، پر منهنجي ڪيل ڪتابت ۾ ڪيترويون ئي شيون لڪل هونديون آهن.

صادقين جي لاءِ اهو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي، ته هن ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ تعليم ورتي هئي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هن 1948ع ۾ آگره يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻين جو چوڻ آهي، ته هن وٽ ڪنهن به قسم جي ڪابه ڊگري نه هئي. هو پيدائشي ڏات ڌڻي هو. جڏهن هو جوان ٿيو، ته هن پنهنجي فن جي شروعات آل انڊيا ريڊيو تان خوش نويس يا ڪاتب جي حيثيت سان ڪئي. واندڪائي جي وقت ۾ هو برطانيه جي خلاف ۽ پاڪستان جي فائدي ۾ دهلي جي گهٽين ۽ ديوارن تي نعرا لکندو هو ۽ پاڪستان جو نقشو ٺاهيندو هو، جنهن جو هن کي معاوضو ڏنو ويندو هو. جڏهن هو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان آيو، ته هتي کيس ڪير به ڪونه سڃاڻيندو هو. 1950ع کان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ صادقين پنهنجين تصويرن جي نمائش ڪرائي. تنهن کان پوءِ هن گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ عمارتن جي ڀتين تي چٽسالي ڪئي ۽ تصويرون پڻ ٺاهيون. 1958ع ۾ هو گهر جي ويجهو بيٺل ٿوهر جي گلن جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو. صادقين جي لاءِ ٿوهر جا گُلَ ”زندگي جي فتح“ جي علامت طور هوندا هئا. ۽ پوءِ هن ٿوهر جي زندگي وانگر ٻين جي زندگي جي رهبري ڪئي. جنهن جي ڪري سوَن جي تعداد ۾ ٿوهر جي مختلف رخن تي سندس ٺاهيل تصويرون ملنديون.

1960ع ۾ صادقين هڪ وڏو نالو بڻجي چڪو هو، اخبارن هن جي باري ۾ لکيو. 1961ع ۾ فرانس طرفان هن کي Laurate Winner ڏنو ويو. اهو ايوارڊ انهن فنڪارن کي ڏنو ويندو آهي. جيڪي ننڍي عمر ۾ وڏو ڪم ڪندا آهن. جهڙي طرح صادقين 35 سالن جي عمر ۾ پاڻ ملهايو.

سندس چترڪاري جي نمائش آمريڪا، سوئيٽزرلينڊ، فرانس ۾ پڻ ٿي، جنهن جي ڪري عالمي سطح تي صادقين جي گهرج وڌي وئي.

هن ڪراچي جي اسٽيٽ بئنڪ- پي. آءِ. اي. (فرانس ۾) لائوسين (سُس نيئر) ۽ لاهور ميوزيم ۾ حيرت ۾ وجهندڙ پينٽنگس ٺاهيون آهن. جن کي ڏسندي صادقين تي رشڪ ٿيندو آهي ته هُو، ايڏو ڏکيو ڪم، سڄي رات بنا ٿڪ ڀڃڻ جي ڪيئن ڪري سگهندو هو. سندس اهڙو ڪم ڏسي، اٽلي جو مائيڪل اينجلوضرور ياد اچي وڃي ٿو. صادقين جي بهترين ڪم کي “The Saga of Labour” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو بنياد علامه اقبال جي انهن شعرن سان آهي، جن ۾ هن داستانن ۽ ڪهاڻين جي بهادر ۽ شجاعت وارن ماڻهن کي پنهنجي شعرن ۾ چِٽيو آهي. سندس اِهو ڪم اڄ به ’منگلا ڊيم جي پاور اسٽيشن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم لاءِ، هن پنهنجون 71 راتيون ۽ 70 ڏينهن ڏنا، ۽ انهيءَ تخليقي ڪم هلندي هو مشڪل سان ئي ستو هوندو.

صادقين شاعري به ڪئي، هڪ ڀيري هن چيو:”منهنجون سڀئي تصويرون ۽ منهنجي سڄي شاعري، منافقت جي مخالفت ۾ آهن.

هن عظيم چترڪار جي طبعيت وزير هال ۾ Mural ٺاهيندي اوچتوئي اوچتو خراب ٿي وئي، ان ڪم جي گهڻائي دؤران ۽ صحت جو خيال نه رکڻ جي ڪري، صادقين 1987ع ۾ لاڏاڻو ڪر ي ويو. صادقين کي سندس بي مثل ڪم بابت چترڪاري جي دنيا ۾ هميشہ ياد رکيو ويندو. بدنصيبي سان اهڙي عظيم انسان جي باري ۾ اسان وٽ ڪو به مڪمل ڪتاب شايع ٿيل نه آهي. افسوس!... افسوس... افسوس!


 

رياض آگرو

 

حسين طباطبائي

1992ع ۾ ايران جي قُم شهر ۾ هڪ ٻارڙو ڄائو، جيڪو هن وقت دنيا ۾ قرآن شريف جو ”ننڍي ۾ ننڍو حافظ“ آهي. جنهن نه فقط 5 سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو، پر ان جي آيتن جي معنيٰ ۽ مطلب تي عجب ۾ وجهندڙ عبور حاصل ڪيو آهي.

انهيءَ کان علاوه محمد حسين ٻيا ڪيترائي ڪتاب برزبان ياد ڪيا آهن، جهڙوڪ سعديءَ ۽ ڪاشانيءَ جي شاعري، روايتي ڪتاب مثلاً اصولي ڪافي ۽ ”نهج البلاغ.“

گذريل سال حج جي موقعي تي قرآن شريف جي قرات جي مختلف قسمن جي مقابلن ۾، خاص طرح، هڪ رات جيڪو مڪي ۾ منعقد ٿيو، انهيءَ ٻارڙي جي انهتائي حيرت انگيز ڪارڪردگي حاجين ۽ قارين کي، جيڪي سڄيءَ دنيا مان اچي گڏ ٿيا هئا، حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

حسين طباطبائيءَ جو پيءُ 30 سالن جي عمر جو آهي، ٻڌائي ٿو ته ”اسان جي گهر جو ماحول، جتي هن جي پرورش ٿي، اتي سندس قرآن سان واسطو ڄمڻ سان ئي پيو. سندس والده پڻ قرآن جي حافظ آهي. حسين جي پالنا وقت هوءَ هروقت تلاوت ڪندي رهي آهي پينگهي ۾ لوريءَ وقت به تلاوت ڪندي هئي. هڪ دفعي مان 30 سيپاري جي تلاوت ڪري رهيو هوس ته مون کي پنهنجي پٽ کي ٻڌي عجب و‎‎ٺي ويو، جيڪو اڍائي سالن جو معصوم ٻار هو. هُو مون سان گڏ ساڳيون آيتون پڙهي رهيو هو. زال کان پڇيم ته تو سيکاريو اٿس ڇا. پر انهيءَ انڪار ڪيو. اسان اهو محسوس ڪيو ته جڏهن به هن جي اڳيان تلاوت ڪجي ٿي ته هُو فورن ان کي ياد ڪري ٿو ڇڏي.“

سعودي حڪومت جي وزير داخلا ۽ وزير نشريات محمد حسين کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ ڄاڻايو ته هن جا جواب ۽ آيتن جو استعمال پوريءَ طرح درست آهن. هن جي ٻئي نشست اعليٰ آفيسرن ۽ انهن جي گهر ڀاتين سان ٿي جن قرآن تي سندس معجزاتي عبور جو مشاهدو ڪيو. سعودي عرب جا ڪي ناميارا عالم ۽ قاري مسلسل ٻه ڪلاڪ حسين کان سوال ڪندا رهيا ۽کيس پرکيندا رهيا. آخر ۾ هڪ وڏي عالم، جيڪو حافظن ۽ قارين کي سکيا ڏيندو آهي ۽100 ڪتابن جو مصنف آهي، تنهن راءِ ڏني ته ”محمد حسين قرآني علم جو معجزو آهي. اسلام جي تاريخ اڳي ڪڏهن به اهڙو عجوبو نه ڏٺو آهي.“ وڌيڪ چيائين ته جيڪڏهن مان سندس سڀئي صلاحيتون بيان ڪيان. مان ڊڄان ٿو ته جن حافظن کيس نه ڏ‎ٺو آهي. اُهي الزام هڻندا ته مان وڌاءُ ۽ رياڪاري ٿو ڪيان. پر مان کيس ڏوهه نه ڏيندس، ڇاڪاڻ ته جيستائين توهان کيس نه ڏسندؤ، يقين نه ڪندؤ.“

بقول محمد حسين جي والد، جيڪو پڻ حافظ قرآن آهي، ته محمد حسين قرآن شريف دل سان سکيو آهي. آيتن جي معنيٰ ۽ عبارت تي کيس ڪامل عبور حاصل آهي.

محمد حسين چئن سالن جي عمر ۾ پڙهڻ شروع ڪيو. هو آسانيءَ سان عربي ۽ فارسي ڪتاب پڙهي وڃي ٿو،.

قُم ۾ فقہ جي مرڪز ۾ هي ”ننڍي ۾ ننڍو .“ شاگرد آهي، جنهن عربي گرامر جو شروعاتي ڪورس (صرف) اڳئي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي.

حسين جي ٻي هڪ نرالي خصوصيت اها آهي ته هُو پنهنجي گفتگوءَ ۾ قرآني آيتن جو صحيح صحيح استعمال ڪندو آهي. پنهنجن ساٿين سان کيڏڻ مهل کين آيتن جا دليل به ڏيندو آهي جيتوڻيڪ اهي يقين ڪونه سمجهندا آهن.

مثال طور هڪ دفعي سندس ڀاءُ هن کي مار ڏيڻ لاءِ ڊوڙندو ٿي آيو. حسين پيءُ کي چنبڙي پيو ۽ هي آيت پڙهيائين.

”اسان بچايوسين (موسيٰ) کي فرعون ۽ سندس ٽولي جي ظالماڻن ڪرتوتن کان.“

۽ اشارو ڪري چيائينس ته مون کي پنهنجي ڀاءُ ۽ هن جي ظلم کان بچاءِ،

ننڍڙي محمد حسين جي ملاقات ايران جي اڳوڻي صدر رفسنجاني سان ٿي جنهن هن لاءِ هڪ سوکڙي تيار ڪرائي هئي. حسين جيئن ئي ان کي ڏٺو ته چيائين ته:

”....مان انهن ڏي هڪڙي سوکڙي موڪليان ٿي، جيئن ئي اها وٺن ته انهن جي رد عمل کي غور سان ڏسجو...“

هيءَ آيت سَبَا جي راڻيءَ بلقيس جي متعلق آهي، جتي سج جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ جنهن پنهنجن قاصدن کي صلاح ڏني هئي، ته مشاهدو ڪجو، جڏهن حضرت سليمان اها سوکڙي وٺي.

صدر کِلي ڏنو. زور ڏيئي چيائين ته ”محمد حسين! تنهنجو عقل نرالو آهي ۽ تنهنجي پڙهائڻ جي طريقي تي ضرور تحقيق ٿيڻ گهرجي.“

گذريل رمضان ۾ محمد حسين جي ملاقات ايران جي روحاني رهبر آيت الله خامنه اي سان ٿي. جنهن سندس پيءُ کي چيو ته:”تنهنجو پٽ تمام لائق ٻار آهي ۽ هي اسلامي انقلاب جو هڪ ثمر آهي.“

هڪ دفعي ڪجهه اخباري نمائندن محمد حسين کي فرمائش ڪئي ته هو کين ڪو نصيحت جو نقطو ٻڌائي، جواب ۾ محمد حسين هيءُ آيت تلاوت ڪئي:

....اي ايمان وارو! توهان وٽ بدڪردار ماڻهو ڪو نياپو کڻي اچي، ته پهريائين ان جي صحيح هجڻ جي تصديق ڪريو، ائين نه ٿئي ته اٻهرائيءَ ۾ ماڻهن کي نقصان پهچائي ڇڏيو. ۽ ٻئي ڏينهن توهان افسوس ڪيو ته اسان ائين ڇو ڪيو....“

16- فيبروريءَ تي برطانيه ۾ حجاز ڪاليج ۾ امتحاني ڊاڪٽورل بورڊ جي نگرانيءَ ۾ قرآن جي پنجن علمن جي متعلق امتحان منعقد ڪيو، جيڪو برطانوي يونيورسٽين جي معيار مطابق هو. محمد حسين 93 سيڪڙو مارڪون کنيون، جيڪي سڀني کان گهڻيون هيون. 19 فيبروريءَ تي ناميارن پروفيسرن ۽ مهمانن جي موجودگيءَ ۾ کيس ڊاڪٽريٽ (Ph. D. ) جي ڊگري ڏني ويئي.

محمد حُسين کي جرمنيءَ، فرانس ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي مذهبي ۽ علمي مرڪزن وٽان دعوت ناما مليا آهن ته هو سندن مُلڪن ۾ اچي، قرآن شريف بابت پنهنجن علمي لياقتن جو اظهار ڪري.


 

شفيع محمد

باهه ۽ ماچس جي تاريخ

باهه جو انسان سان پراڻو ۽ گهرو لاڳاپو رهيو آهي. انسان سج، چنڊ، تارن، کڙندڙ تارن، ٻرندڙ جبلن جي روشيءَ کي خوف، حيرت ۽ تجسس سان ڏسندو هو، جڏهن ڄاڻ ۽ تجربو (ڏسڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ جو) وڌيو. باهه جي خاصيتن ۽ فائدي جي پروڙپيس ته باهه کي پاڪ هجڻ جو درجو ڏنائين. ان جو ثبوت هندومت ۾ ”اگني ديوي“ مجوسي، پارسي يا باهه جي پوڄارين ”مقدس باهه“، حضرت موسيٰؐ حضرت عيسيٰ عليه اسلام ۽ حضور ﷺ جن جي ٻڌايل مذهبن ۾ ”نور“ ”سهائي“، ”جلوو“، ۽ ”روشني“ جهڙن نالن سان سڏيو ويو. جيئن ته باهه انسان جو پراڻو ساٿي رهي آهي، تنهن ڪري انسان باهه کي سرديءَ توڙي جهنگلي جانورن جي حملي ۽ اونداهي کان بچڻ لاءِ هڪ سگهاري ۽ ڀروسي جوڳي هٿيار طور ڪم به آندو. ان کانسواءِ خوراڪ کي کائڻ جهڙو بنائڻ، لذيذ بنائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جهڙا ڪم به قديم زماني کان باهه کان ورتا وڃن ٿا. هن وقت به باهه جو روزمره جي گهريلو توڙي صنعتي ماحول ۾ تمام گهڻو واهپو ۽ ضرورت آهي. باهه، روشني ۽ گرميءَ جهڙين ٻن توانائين (طاقتن) تي ٻڌل آهي شايد سڀ کان پهريون طاقت جو ذريعو باهه هئي.

جڏهن انسان باهه جي خوبين ۽ فائدن کان چڱيءَ ريت واقف ٿيو ته انهيءَ ڪوشش ۾ لڳل رهيو ته باهه کي ڪنهن اهڙي آسان نموني حاصل ڪجي ۽ ان کي هر وقت محفوظ به رکجي. ان ڏس ۾ مختلف طريقا ۽ اٽڪلون ڪم آڻيندو رهيو آهي. چقمق جي پٿر کي لوهه سان ٽڪرائي، چڻنگ پيدا ڪري باهه ٻارڻ، ڪاٺين کي پاڻ ۾ گسائي شعلو ٻارڻ، آتشي شيشي (اپٽيل بلور) جي مدد سان ۽ سج جي روشنيءَ مان باهه ٻارڻ جهڙا طريقا ته ڪجهه ورهيه اڳ تائين به اسان وٽ سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي رائج هئا. باهه کي گهڻي وقت تائين محفوظ رکڻ لاءِ باهه کي لاڳيتو ٻرندو رکيو ويندو هو. يا وري ڇيڻن ۽ ڪاٺين کي ٻاري مٿان ڦلهيار (رک، ڇار) وجهي ڍڪي محفوظ ڪيو ويندو هو. اهو طريقو به ڪو ڀروسي جوڳو نه هو. ڪڏهن ڪڏهن ٿوري لاپرواهيءَ، سستيءَ يا مينهن ڪري باهه وسامي ويندي هئي ته وري باهه کي نئين سر ٻارڻ جو ڏکيو مسئلو سامهون ايندو هو.

انسان انهيءَ وقت کان ئي ڪنهن سولي، سستي ۽ محفوظ طريقي جي ڳولا ۾ رهيو. سندس اهائي خواهش ماچيس ۽ لائٽر ٺاهڻ جو سبب بڻي.

 

ماچيس جي شروعات:

سڀ کان پهريائين ۽ قديم طريقي مطا بق سخت قسم جي ڪاٺيءَ کي نرم ڪاٺيءَ سان گسائي باهه ٻاري ويندي هئي. اسان وٽ ته اڪ، کپ، ڪرڙ ۽ وونڻن جي سڪل ڪاٺين کي ڪم آندو ويندو هو. اهو طريقو ته اڃا به اڻ سڌريل ۽ پوئتي پيل قبيلن ۾ رائج آهي. ان کان پوءِ لوهه کي چقمق پٿر سان ٽڪرائي چڻنگ پيدا ڪئي ويندي هئي. اها چڻنگ ڪجهه، سڪل پنن ۽ سڪل ڇيڻي کي دکائيندي هئي. اهڙي دکيل ڇيڻي، پن ۽ ڪجهه منجهان سنها ڪک پن ۽ گاهه ٻاريا ويندا هئا. وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ ڪجهه سڌارو آندو ويو. چڻنگ مان دکيل ڪپهه جي مدد سان گاهه ۽ ڪاٺ جي سڪل تيلين کي سولائي سان ٻاريو ويندو هو، جن تي گندرف لڳل هوندو هو.

سڀ کان اڳ سن 1905ع ۾ پئرس شهر جي پروفيسر ٿينارڊ جي نائب ايم چانسيل، گندرف لڳل تيليءَ کي پوٽاشيم ڪلوريٽ ۽ کنڊ جي ملاوٽ لڳائي ٺاهيو اهڙيون مصالحي لڳل تيليون گندرف جي گهاٽي تيزاب جي شيشيءَ ۾ ٻوڙي ڪيميائي طريقي سان باهه ٻاري ويندي هئي.

سن 1809ع کان 1823ع تائين فاسفورس کي به مصالحي ۾ ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. سن 1823ع ۾ پلاٽينم جي مدد سان هئڊروجن ۽ آڪسيجن گئس کي ٻارڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ويندي جيڪا اڳتي نه هلي سگهي.

سن 1827ع ۾ جان والٽر نالي انگلينڊ جي هڪ پساريءَ ڪاٺ ۽ پاٺي مان ٺاهيل گندرف ۾ ٻوڙيل تيلين کي ڇيڙي تي پوٽاشيم ڪلوريٽ، اينٽيمني سلفائيڊ (سرمون) ۽ کنئور جو مصالحو لڳائي ڪم آندو. اهڙي قسم جي باڪس ۾ 84 تيليون هونديون هيون. ان وقت هڪ شلنگ ۾ وڪاميو ٿي. اهڙين تيلين سان گڏ هڪ پاٺي جو ٻيڻو ٿيل ٽڪر پڻ ڏنو ويندو هو. جنهن تي شيشي جي سنهي پائوڊر جو تهه چڙهيل هو.

سن 1833ع ۾ فاسفورس (ڪم آندل) جا ماچيس ٺهڻ لڳا. اهڙن ماچيسن جي تيلين کي ڪنهن به کهري ۽ خشڪ (سڪل) شئي تي گهڻ (گسائڻ يا رڳڙڻ) سان سولائيءَ سان باهه ٻاري سگهبي هئي. ان وقت اهڙن ماچيسن ۾ اڇو فاسفورس ڪتب ايندو هو. انهن ماچيسن ۾ هيٺ ڄاڻايل خرابيون پڻ هيون.

1- ٿوري گرميءَ ۽ رڳڙ (گاٽ) سان باهه ٻاريندا هئا ۽ حادثن جو سبب بنبا هئا، ان ڪري محفوظ نه هئا.

2- اڇو فاسفورس ماچيس ٺاهيندڙ ڪاريگرن ۾ هڪ مرض جو سبب پڻ بڻيوهو.

سن 1843ع ۾ بوٽجر نالي ماڻهوءَ هاڻوڪو محفوظ ماچيس ٺاهيو، جنهن ۾ اڇي فاسفورس بدران ڳاڙهو فاسفورس ڪم آندو جنهن قسم جا ماچيس وڌيڪ محفوظ هئا. اهڙن ماچيسن جي تيلين ٺاهڻ لاءِ هيٺ ڄاڻايل مصالحو ڪم آندو.

1- پوٽاشيم ڪلوريٽ 2- اينٽيمني سلفائيڊ، 3- ڳاڙهو فاسفورس، 4- ريڊليڊ، 5- پوٽاشيم ڊاءِ ڪروميٽ گِلو (کنئور جهڙو مصالحو) ۽ رنگ.

دٻي يا باڪس جي پاسي تي پڻ خاص قسم جو مصالحو لڳايو ويندو آهي. اهڙي مصالحي لڳل پاسي تي تيلي گسائڻ سان باهه ٻاري سگهبي آهي.

 

ماچيس جا قسم:

1- لوسيفر ماچيس

2- محفوظ پر ڪنهن به خشڪ ۽ کُهِري سطح تي گسائڻ سان ٻرڻ وارا.

3- محفوظ ماچيس (هاڻوڪا عام) پهريان ٻئي قسم ڪنهن به سڪل ۽ کهري مٿاڇري تي گسائڻ سان ٻري پوندا.

ٽيون قسم بلڪل محفوظ آهي. هن قسم جي ماچيس ۾ تيلين کي اهڙو مصالحو لڳائبو آهي، جيڪو صرف خاص مصالحو لڳل سڪل ۽ کهري سطح تي گسائڻ سان ٻاري سگهبو.

هاڻي ته ڊگهين تيلين وارا ۽ وڌيڪ خاص مصالحا لڳل ماچيس پڻ اچن ٿا، جن جي تيلي چڻنگ نٿي ڪيرائي تمام جلدي وسامي به نٿي، رک (ڦلهيار) به نٿي ٺاهي. اهڙين تيلين لاءِ بنيادي مصالحو ته عام محفوظ ماچيسن وارو هوندو آهي، پر ان کان سواءِ ميڻ ۽ تيل به استعمال ڪيا ويندا آهن.

 

تيلين جي تياري:

تيليون ڪاغذ، پاٺي ۽ ڪاٺي مان ٺاهيون وينديون آهن. سمبل جي وڻ (بمباڪس) ۽ انب جي وڻ جي ڪاٺي استعمال ٿئي ٿي. اهڙي ڪاٺ مان ننڍيون ۽ هڪ جهڙيون تيليون ٺاهڻ لاءِ آٽو ميٽڪ مشينون استعمال ٿين ٿيون. جيڪي تمام تيزيءَ سان ٿوري وقت ۾ گهڻيون ٺاهي سگهجن ٿيون. فاسفورس جي خريد، وڪري، ماچيس ۽ اهڙي قسم جي باهه لڳائڻ (ٻارڻ) وارين شين ٺاهڻ لاءِ سرڪار کان اڳواٽ منظوري وٺي نهايت ضروري آهي.

هڪ عام محفوظ رواجي ماچيس جي تيلين ۽ باڪس لاءِ هيٺ ڄاڻايل ترڪيب وارو مصالحو ڪم ايندو آهي.

دٻي (باڪس) جي پاسي تي لڳائڻ وارا مصالحو:

1- ڳاڙهو فاسفورس 9 حصا

2- لوهه جو سلفائيڊ (پائوڊر) 7 حصا

3- شيشي جو ٻورو (پائونڊر) 3 حصا

4- گِلو (چنبڙائيندڙ) مصالحو 1 حصا

تيلين جي ڇيڙي (چوٽيءَ) تي لڳڻ وارو مصالحو ۽ ان جي ترڪيب:

1- جلد باهه پڪڙڻ واريون شيون: مثلن اينٽيمني ٽراءِ سلفائيڊ.

2- آڪسيجن ڏيندڙ شيون:

پوٽاشيم ڪلوريٽ

3- ڳاٺ پئدا ڪندڙ ۽ باهه کي روڪڻ واريون شيون:

چاڪ ۽ شيشي جو پائوڊر.

4- چنبڙائيندڙ: کنئور يا گِلو.

وڪرو ٿيندڙ ماچيس.

ڪاروباري مقصد لاءِ ماچيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com