سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

 (چونڊ: اياز حسين چانڊيو)

 

محمد اسماعيل عرساڻي

ڪِيولِيون يا ماڪُوڙيون

ڪِيوليون ڪنهن نه ڏٺيون هونديون؟ گهٽين ۾ گهرن ۾ جتي ڪٿي سندن واسو آهي، ڌرتيءَ ۾ سنها سنها ٻِر ٺاهي انهن ۾ هزارن لکن جي ڳاڻيٽي ۾ رهن. ماڪوڙيون آهن ته هڪ ننڍڙو جِيوُپر ڪم وڏا ٿيون ڪن. سندن پاڙا به ٽي آهن: هڪڙيون تمام ننڍيون سنهيون ڳاڙهيون ڄَئِين وانگر، ٻيون وڏيون پيٽ پُٺي ڪاريون ٿئين ۽ ٽيون اڇيون. انهن اڇين کي اڏوهي به ڪوٺين، انگريزيءَ ۾ کين ”وائيٽ ائنٽس، چون. پهريون ۽ ٻيو پاڙو هرڪا اها شئي، جا ماڻهو کائين، سي سڀ شيون کائين. باقي اڇيون ماڪوڙيون يا اڏوهي ڪاٺ ۽ ڪاڳر جي دستين سان هاڃا ڪريو ڇڏين. درن دروازن جي ستياناس ڪريو ڇڏين ۽ ڪتاب ٽُڪي ڇيهون ڇيهون ڪريو ڇڏين. ان ڪري انهن جي بچاءُ لاءِ ڪتابن ۾ نم جا پن ۽ تماڪ جا پن وجهبا آهن، درن درين کي ڏامر لڳائبو آهي ۽ دفتر جي ڪاٺ جي گهوڙن جي پيرن هيٺان پاڻيءَ جون ڪونڊيون ڀري رکبيون آهن ته ڌرتيءَ تان مٿي چڙهن ته پاڻيءَ جي ڪونڊين ۾ ٻڏي وڃن.

سنهيون ڳاڙهيون ماڪوڙيون ته جنهن شئي تي چڙهيون، ان جا ڀاڱا ڪڍيو ڇڏين. کنڊ ۽ ٻين مٺين شين جهڙوڪ ماکيءَ جون ته ويري آهن، ڪنهن جي ڪپڙي يا هند تي ڪا مٺي شئي ڪري ته اتي به چڙهي وينديون ۽ ماڻهوءَ کي چڪن سان سُڃائي ڊٻڙ ڊٻڙ ڪريو ڇڏين. وري جڏهن اهي هند يا ڪپڙا اُس ۾ سڪائجن، تڏهن وڃي ڀرم ڀري ٿئي. وڏيون ڪيوليون وري اناج لاءِ ڪال آهن، سندن ٻِر کوٽي ڏسبا ته اندر ڍڳ ان جا گڏ ڪري رکنديون آهن. اهوسڀ اَن ڍوئي اچي پنهنجي ٻرن ۾ ڏکئي ٽاڻي لاءِ گڏ ڪري رکنديون آهن. جڏهن مينهن جي موسم ۾ يا سياري جي ڏاڍن سيئن ۾ ٻاهر نه نڪرن ته پوءِ پنهنجو گڏ ڪيل اَن ويهي چس سان کائين هي ڪوڙيون اورچ به هڪڙيون ئي آهن. اورچائي ته اسان ماڻهن کي به انهن کان سکڻ گهرجي . ڪم ڪرڻ کان بنهه ٿڪجن ئي ڪين. سارو ڏهاڙو توڻي رات پيون اَن ڍوئينديون آهن.

اسان پنهنجي سنڌي ڪتاب ۾ هنن ماڪوڙين بابت هڪ بيت پڙهيو آهي، جو هت لکان ٿو:

گُڻ عجب آهي اورچائيءَ سندو،

آدمي جيڪو اورچائي ڪندو.

من گهُريا مطلب انهيءَ ٿيندا نصيب،

هن اورچائيءَ جو ڦل آهي عجيب.

ٿوري ٿوري ڪم منجهان ٿيندو گهڻو، جيئن ٿو بڻجي ڍڳ، رکي هڪ هڪ ڪڻو. جيتڙن ۾ پڻ اورچائي ڏسو، ٿا ذري مان ڪيو وجهن ڪيڏو قصو. ڏس اورچائيءَ ۾ ماڪوڙين جو حال، هڪڙي ماڪوڙي سندو ٻُڌ جو مثال: هڪڙو واريءَ جو دڙو ڪٿ هو پيو، تنهن کي ننڍڙي ڪئليءَ پئي ڍوئيو. ڪنهن ماڻهوءَ چيس اي ڪئلي غريب! ڇو پئي ڪرين تون هي پورهيو عجيب؟ چيائين مون کي دل گهرئي سنگتيءَ چيو، ان چوڻ تي هي اٿم پورهيو ڪيو. تنهن تي ماڻهوءَ کي لڳو ڏاڍو عجب، چيائين اي ڪئلي، سُڻج تون هي سبب: وات ۾ تون ٿي کڻي ٿورو ذرو، ڪيئن کُٽائيندينءَ ڀلا ايڏو دڙو؟ تنهن تي ڪئليءَ چيس هيءَ ڳالهه سُڻ، مون ۾ ته آهي اوچائيءَ جو گُڻ . ڪم ڪرڻ کان ٿينديس ڪڪ مُور ڪين، جي مُيس ته به چوندم آفرين! آفرين! تائين بيت جي صورت ۾ لکڻو آهي. هي ماڪوڙيون وري وير – وٺُو به ڏاڍيون ٿينديون آهن. اوهان ٻي هڪ آکاڻي به پڙهي هوندي. جا آهي ”نانگ ۽ ماڪوڙيون“ هڪ نانگ ڏهاڙي ماڪوڙين جي ٻِرن وٽ اچي ماڪوڙيون کائيندو هو. هڪ گهمري اهو نانگ در مان ٿي لنگهيو ته رهڙجي پيو، کل ڇلجي پيس ۽ رت وهڻ لڳس. ماڪوڙين کي به سُڌُ پئجي وئي هنن کي به هئا ساڙ سي چڙهي ويس ۽ چڪي چڪي ساهه ڪڍي ڇڏيائونس. چوندا آهن ته ”ڪنهن به ساهه واري کي نه ڏکوئجي.“ ڪڏهن انهن جي بُل ۾ اچي وڃبو ته اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندا، تنهنڪري ڪنهن کي به نه ڏکوئجي.ڏسو ته ماڪوڙيون ويچاريون ڪيڏيون نه ننڍڙيون آهن ۽ اسان جي پيرن ۾ پيون لتاڙجن. اسان جا ٻار به چچي ٽنڊڻ يا ڏينڀوءَ کان ڊڄندا ، پر ويچاري هيڻي ماڪوڙيءَ کي مارڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. سچ ته هيڻن تي سڀڪو ايندو ٿو رهي، پر پاڻ کان ڏاڍي سان هٿ ئي نه اٽڪائيندو!

ويچارين ماڪوڙين کي اکيون ٿين ئي ڪونه. سندن سُنگهڻ واري اندري ڏاڍي تکي هوندي آهي. هلنديون وينديون ۽ گهر جي ڇت تي به جيڪڏهن ڪا شئي سنگهيائون ته هڪ ٻئي پٺيان ڊهاڙا ڪري ناسون هڻنديون وينديون ۽ اتي وڃي پهچنديون. سنگهر ڪري هلڻ ماڪوڙين کان ته ڪو سکي، ڏسڻ جي سگهه نه اٿن ته سنگهڻ جي سگهه خدا ڏاڍي ڏني اٿن. چوندا آهن ته ”نانگ جو پير، ڪيوليءَ جي اک ۽ ملان جو دان پُڃ ڪنهن به نه ڏٺو آهي!

اسان کي هر هڪ ننڍڙي شئي مان ڏاهپ سکڻ کپي. الله سائين ڪا به وٿ بنا ڪم جي پيدا نه ڪئي آهي. ڪيوليءَ جي ڪمن تي ڌيان ڏبو ته اسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڏسڻ ۾ اينديون.

 

آزاد مير محمد ڪليري

اسان جو ڍانچو

پيارا ٻارؤ! جهڙي طرح گهر جي ڀِتين ۾ سِرن سان گڏوگڏ يا سيمينٽ ۽ ڇت تي پڙڇ يا لوهي شيخون ۽ مسالو نه هجي ته گهر بيهي نٿو سگهي نه ئي اهو زمين تي پنهنجو توازن قائم رکي ٿو سگهي. اهڙيءَ طرح: جيڪڏهن اسان جي جسم ۾ ”هڏائون پنڃرو“ نه هجي ها ته اسان به زمين تي بيهڻ ۽ هلڻ چلڻ جي لائق نه هجون ها.

هڏن کان سواءِ اسان جي جسم ۾ مُشڪون، سَنڌ ۽ سڻڀ (چرٻي) وارا گهرڙا (Tissues) اسان جي ڍانچي کي مڪمل ڪن ٿا. مٿي کان و‎ٺي کُڙي تائين اسان جي جسم ۾ ڪُل ٻه سؤ ڇهه (206) هڏا آهن. اهي هڏا شڪل ۽ بناوت جي اعتبار کان مختلف ٿين ٿا. اسان جي ٻانهن ۽ ٽنگن جا هڏا ڊگها ٿيندا آهن. هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جون هڏيون ننڍيون، پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن، اهڙيءَ طرح مٿي ۽ ڪُلهن جون هڏيون هڪ ٻئي سان جُڙيل هونديون آهن. هڏا ٻاهر ان سخت سفيد ۽ چمڪدار نظر اچن ٿا، پر انهن جي اندر هڪ نرم گودي سان (نرِيءَ جي اندر واري شيءِ) ڀريل هوندي آهي، جنهن کي مِک به چئبو آهي.

رت جا ڳاڙها جُزا، جيڪي ڳاڙهي رنگ جي مِکُ مان ٺهن ٿا. ڊگهن گول هڏن (جنهن کي نَري به چئون ٿا) جي وچ واري حصي ۾ پيلي رنگ (Yellow) جي مِکُ هوندي آهي. جنهن کي اسان جسم يا هڏن جي اندر سڻڀ يا وَههُ جو محفوظ ٿيل ذخيرو به چئي سگهون ٿا.

هڪ ڀَڳل هڏو پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر بهتر ائين ٿيندو: ته جڏهن هڏو ڀڄي پوي ته علاج لاءِ ڪنهن قابل ڊاڪٽر يا هڏين جي ماهر سان مشورو ڪيو وڃي، جيڪو ڀَڳل هڏي جي چوڌاري ڪاٺ جون پٽيون ڏيئي پٽو چاڙهي ٿو. ۽ ڊاڪٽر وري، آپريشن ڪري اسٽيل جون پٽيون هڻي، سَنڌَ ملائي ڇڏيندا آهن، ۽ انهن جي مٿان پٽو چاڙهي ڇڏيندا آهن. انهيءَ عمل سان هڏي کي سهارو ملي ٿو، ۽ اهو ٽٽل هڏو جلد ٺيڪ ٿي وڃي ٿو. اوهان جون هڏيون پاڻ ۾ مختلف طريقن سان ڳنڍيل ۽ جڙيل هونديون آهن. جتي ٻه هڏيون هڪ ٻئي سان گڏجن ٿيون، ان جڳهه کي اسان ”سنڌُ“ چئون ٿا.

اسان جي هڏن ۽ سَنڌن کي به مشين جي پُرزن يا اوزارن وانگر سڻڀ جي ضرورت پوي ٿي، پر اسان جو جسم پنهنجن هڏن لاءِ پاڻ سڻڀ پئدا ڪري ٿو، جنهن سان اسان جي جسم جا هڏا آساني سان چُرپُر ڪري سگهن ٿا. اسان جا سنڌَ ۽ رڳون جسم جي مختلف قسمن جي حرڪت ڪرڻ م يعني اسان کي جُهڪڻ، شين کڻڻ، ڪهيون ٻڌڻ ۾ فوري طور تي حرڪت يا مدد ڪن ٿيون.

اسان جي جسم جا هڏا رڳن سان ڍڪيل هوندا آهن. رڳون جسم جي ٻين حصن وانگر پڻ گهرڙن مان ٺهن ٿيون، جسم جي اندر مختلف شڪلين ۽ بناوت وارا هڏا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا، رڳن جا سڀ گهرڙا هڪ ئي قسم جو ڪم ڪن ٿا. جڏهن رڳون پاڻ ۾ ملي هڪ ٻئي کي ڇڪين ٿيون ته اُهي ڇڪجي سخت ٿي هڏن کي ڇڪين ٿيون. جنهن جي ڪري انهن هڏن ۾ حرڪت پئدا ٿئي ٿي. جيڪي رڳون جسم جي ڪنهن عضوي يا هڏي کي ڇڪن ٿيون، اُهي ان کي ڌڪي نٿيون سگهن، پوءِ اهي مشڪون جسم کي حرڪت ڏيڻ لاءِ ٻين رڳن سان ملي ڪري ڪم ڪن ٿيون.

انهن ئي رڳن جي مدد سان اسان پنهنجي ٻانهن کي هميشہ مٿي ۽ سڌو ڪري سگهون ٿا. يعني رڳن جو هڪ گروهه اسان جي ٻانهن کي مٿي کڻي ٿو. جڏهن ته ٻيو گروهه ان کي هيٺ ڇڪي ٿو. رڳون اسان کي خوراڪ هضم ڪرڻ ۾ به مدد ڏين ٿيون. اهي پنهنجو ڪم ڪار پاڻ ڪن ٿيون. رڳن کي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص هدايت يا مدد جي ضرورت نٿي پوي. اسان جي دل به اهڙي ئي قسم جي هڪ رڳ آهي، جيڪا هر گهڙي رات ڏينهن ڌڙڪندي رهي ٿي ۽ اسان جي جسم ۾ رت ڇڪيندي ۽ ڌڪيندي رهي ٿي.

 

ساجد سومرو                                (سائنسي مضمون)

ٽيليويزن ۽ هاڃيڪار ترورا

اڄ ڪلهه ٽيليويزن عام ٿي وئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٽي وي کي گهڻو عرصو ڪونه ٿيو آهي. پرڪن ٻين ملڪن ۾ ان جا اثر شدت سان محسوس ڪيا پيا وڃن. آءُ هتي ٽيليويزن جي طبعي اثرن جو ذڪر ڪندس.

گهڻا ماڻهو انهيءَ ڳالهه سان متفق آهن، ته ٽيليويزن جيتوڻيڪ: بظاهر هڪ فائديمند تفريح آهي، پر طبعي نقطه نظر کان اُها ڏسندڙ کي ڪافي نقصان رسائي ٿي، خاص طور تي ٻارڙن کي وڌيڪ نقصان پهچي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن جو جسم نازڪ هوندو آهي ۽ اڃا واڌ ويجهه جي ابتدائي مرحلن مان گذرندڙ هوندو آهي.

دنيا جي هڪ مشهور ماهر حياتيات ”جون اشراوٽ“ انهيءَ موضوع تي پنهنجي رپورٽ شايع ڪرائي آهي. هيءُ ترورن جو به ماهر آهي. ترورا جيڪي ڪجهه شين مان نڪرن ٿا ۽ اسان جي جسم ۾ پهچي تباهي جو ڪارڻ بنجن ٿا. ”ٽليويزن جي اسڪرين تي جيڪو عڪس ٺهي ٿو: اهو ترون (Rays) جو نتيجو هوندو آهي. ۽ جڏهن اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽي وي جي سامهون ويهي پروگرام ڏسون ٿا، ته اسان جو جسم مسلسل ترورن کان متاثر ٿيندو رهي ٿو. جديد تحقيقات مان اُهو ثابت ٿيوآهي، ته ٽي وي جا ترورا (15) فوٽن جي مفاصلي تائين تمام گهڻو نقصان رسائين ٿا. ڊاڪٽر اوٽ‘ جي راءِ آهي، ته جيڪڏهن ڀت جي سهاري ٽيليويزن رکي آهي ۽ انهيءَ ڀت جي ٻي طرف ڪومعصوم ٻار سُتو پيو هجي ته ان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچندو. ان جواثر ايترو ته شديد هوندو آهي، جو ان وقت ٿيندڙ نقصان جي تلافي ڪڏهن ممڪن ٿي نه سگهندي.

’اوٽ‘ جي تجربن مان اها به خبر پئي آهي، ته ٽي وي مان نظر ايندڙ ترورا اسان جي دماغي غدودن کي نقصان رسائين ٿا. اهي غدود جن مان هارمون خارج ٿيندا آهن، جيڪي اسان جي جسم جو ڪيميائي توازن برقرار رکندا آهن، ۽ جن تي ايندڙ نسلن جو دارو مدار هوندو آهي. تن کي به شديد نقصان رسائين ٿا.

ٽيليويزن جي اڻ ڏٺل نقصان ڏانهن شايد ئي ڪنهن ڌيان ڏنو هجي پر انهيءَ تابڪاريءَ سان، جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي. صرف آمريڪا ۾ هرسال اوڻٽيهه هزار ماڻهو موت جوشڪار ٿي ويندا آهن. سڀ ڄاڻن ٿا ته ايڪس ريز (X-Rays) جي گهڻائيءَ سان ڪينسر پيدا ٿئي ٿي. تابڪاري جو اثر اسان جي جسم ۾ وقت گذرڻ سان گڏ جمع ٿئي ٿو. چاهي ائٽمي تجربن جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي يا ايڪس ريز جي شعاعن جو نتيجو هجي.

افسوس جو مقام آهي، ته اسان جي ماڻهن جي اڪثريت، انهيءَ حقيقت کان ناواقف آهي، ۽ اسين هر جديد ايجاد کي پنهنجي گهرن جي زينت بنايون ٿا. اڻ پڙهيل ماڻهن جي ڳالهه ته ڇڏيو. پر اسان جو تعليم يافته طبقو به نٿو ڄاڻي، ته ترورا نقصا نڪار ڇو آهن. اسين ذرڙي شڪايت تي پنهنجي جسم کي ايڪسري مشين جي سامهون پيش ڪريو ڇڏيون، بغير اهو سوچڻ جي ته ايڪس ريز اسان جي جسم جا دشمن آهن. انهن کي صرف ان وقت استعمال ڪرڻ گهرجي. جڏهن انهن کان سواءِ ڪو چارو نه هُجي. رنگين ٽيليويزن جو رواج هاڻي اسان جي ملڪ ۾ عام ٿي ويو آهي. جيڪو بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي کان وڌيڪ نقصان رسائيندڙ آهي: ڇو ته انهيءَ مان تمام گهڻا تابڪاري ترورا خارج ٿيندا آهن. جيڪي جسم ۽اکين لاءِ نقصان ڪار آهن.

 

وحيد ڀٽو

ماما چنڊُ

اوهان چنڊ ته ڏٺو هوندو، جيڪو رات جو آسمان ۾ نظر ايندو آهي، ها..... اهو، جنهن کي اوهان ماما چنڊ چوندا آهيو ۽ جيڪو اوهان کي عيد ٿيڻ جو اطلاع به پهچائيندو آهي.

ٻارو! اوهان کي خبر آهي، ته ڪي ٻار وري ضد ڪندا آهن، چنڊ اسان کي لاهي ڏيو ۽ هروڀرو، پنهنجي پيءُ ماءُ کي پيا پريشان ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن جا پيءُ ماءُ انهن ٻارن کي پاڻي جو ٿانوءُ ڀري، انهيءَ ۾ چنڊ جو عڪس ڏيکاريندي چوندا آهن ته: ”ڏسو ماما چنڊ ٿانو ۾ لهي آيو آهي.“ ۽ پوءِ ٻار، چنڊ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا آهن. ٻارو ڀلا اوهان کي خبر آهي، ته چنڊ ڇا جي ڪري ڪڏهن غائب ٿيندو آهي، ته ڪڏهن وري ظاهر ٿيندو آهي، ڪڏهن گهٽجندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وري وڌندو آهي؟

چنڊ هڪ سيارو آهي. جيڪو زمين جي چوڌاري چڪر لڳائيندو آهي. خلا ۾ هي زمين جو ويجهي ۾ ويجهو پاڙيسري آهي، هي زمين کان تقريباً 2.38,840 ميل پري آهي ان جو قطر تقريباً 2163 ميل آهي، چنڊ زمين جي چوڌاري 27 ڏينهن ست ڪلاڪ ۽ 43 منٽن ۾ هڪ چڪر پورو ڪندو آهي، پرچنڊ زمين سان گڏوگڏ سج جي چوڌاري به چڪر لڳائيندو آهي، انهيءَ ڪري قمري مهينو 29 ڏينهن 12 ڪلاڪ ۽ 44 منٽن جو ٿيندو آهي، ظاهري طرح چنڊ وڌندو ۽ گهٽجندو رهندو آهي: يعني هلال کان بدر (مڪمل چنڊ) ٿيڻ تائين، ڏينهون ڏينهن وڌندو رهندو آهي.

دراصل، چنڊ پاڻ نه وڌندو آهي ۽ نه ئي وري گهٽجندو آهي. پر، چنڊ جو اهو روپ، جيڪو سج جي روشني ڪري اسان کي ڏيکاري ڏيندو آهي، اهو اسان کي وڌندو گهٽجندو نظر ايندو آهي. اصل ۾ نئون چنڊ عين اسان جي ۽ سج جي وچ ۾ هوندو آهي، ان ڪري ان جو سج جي روشنيءَ جي ڪري چمڪندڙ حصو اسان کان ٻئي پاسي هوندو آهي، ۽ ان جو اونداهون حصو اسان جي پاسي هوندو آهي، جڏهن چنڊ پنهنجي مدار ۾ اڳتي وڌندو آهي، ته ان جو ٿورو هيٺيون حصو سج جي روشنيءَ جي ڪري چمڪندڙ نظر ايندو آهي. ان کي اسان نئون چنڊ چوندا آهيون، آهستي آهستي تقريباً ستن ڏينهن ۾ اڌ چنڊ نظر ايندو آهي، ان وقت زمين جي لحاظ کان چند، سج جي رخ سان گڏ قائم زاويو ٺاهيندو آهي، ان سان تقريباً ستن ڏينهن بعد مڪمل چنڊ نظر ايندو آهي، اُن وقت، سج، زمين ۽ چنڊ هڪ قطار ۾ هوندا آهن، ان کان پوءِ چنڊ پنهنجي مدار ۾ آهستي آهستي اوڀر طرف هلندو آهي. ستن ڏينهن جي عرصي ۾ اهڙي جڳهه تي پهچندو آهي: جتي زمين سان گڏ قائم زاويو ٺاهيندو آهي. ان وقت اڌ چنڊ نظر ايندو آهي، قمري مهيني جي آخر ۾ چنڊ جو ڪو به حصو نظر نه ايندو آهي.

 

راجا طارق حسين چولياڻي

ابتدائي اسڪول ڪيئن قائم ٿيا؟

اسڪول هڪ اهڙي جاءِ آهي، جتي ٻار سکڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. اسڪول جي ان وصف پڙهڻ سان توهان جي ذهن ۾ ٻه ڳالهيون اينديون. هڪ ته اسڪول لاءِ خاص جاءِ هجي، ۽ ٻيو سِکڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ٻار هجن.

اسان جا جديد اسڪول قديم مصري ۽ يوناني اسڪولن واري طرز تي ٺهيل آهن. يونان ۾ هڪ اهڙو دؤر به هو. جنهن ۾ استاد ڪنهن اڪيلي شاگرد کي پڙهائيندا هئا، ۽ ڪلاسن جو ڪو به رواج نه هو. جيڪي يوناني خطيب ۽ فلسفي ڪنهن اڪيلي شاگرد کي سيکاريندا هئا، اهي سيکارڻ لاءِ سفر تي به نڪرندا هئا. اڳتي هلي هنن هڪ مقرر جاءِ تي پڙهائڻ شروع ڪيو، گڏوگڏ هڪ شاگرد بدران گهڻن شاگردن کي پڙهائڻ جي به ابتدا ڪئي.

عظيم يوناني خطيب ۽ فلسفي افلاطون “Plato” پهريون ماڻهو هو، جنهن هڪ مقرر جاءِ تي ٽن يا چئن سالن تي ٻڌل تعليمي نصاب کي باقاعده پڙهائڻ شروع ڪيو، ان هنڌ کي “The Academy” سڏيو ويو هو.

اهو اسڪول هڪ ”ڪسرت شالا“ “Gymnasium” ۾ قائم ٿيل هو. اها ڪسرت شالا اصل ۾ مليشيا جي پريڊ جو ميدان هئي. ان کان پوءِ ارسطوء ’تقريري هال‘ ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. اهو هال پڻ هڪ عوامي ”ڪسرت شالا“ طور ڪتب ايندو هو. اسڪول لاءِ جرمن لفظ ’جمنازيم‘ “Gymnasium” فرينچ لفظ ’لئسي، “Lycee” ۽ اسڪاٽ لفظ اڪيڊمي “Academy” آهي، پراهي سڀئي لفظ (نالا) افلاطون ۽ ارسطو جي درسگاهن جي نالن تان ورتل آهن. اهي اسڪول خاص طور، بحث مباحثا ڪرڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ جي جاءِ هوندا هئا. 250ع ڌاري جڏهن يونانين کي محسوس ٿيو ته ”گرامر“ جو مضمون نوجوانن کي سيکارڻ کپي، ته هنن ”گرامر اسڪول“ قائم ڪيا. اڄڪلهه جا اسان وارا گرامر اسڪول پنهنجي نالي جي حوالي کان يونان جي ان تاريخي اسڪول سان ڳنڍيل آهن.

اڳتي هلي رومين اهڙا اسڪول قائم ڪيا، جيڪي اسان جي جديد اسڪولن سان گهڻي حد تائين هڪ جهڙائي رکن ٿا. توهان اعتبار ڪريو يا نه: اها حقيقت آهي ته ان رومن اسڪولن ۾ پڙهڻ به وڏو ڏچو هو . صبح جو سويري اٿڻو پوندو هو، ۽ کين گرامر، پرڏيهي ٻوليون ۽ ٻيا ڪم سکڻا پوندا هئا. ڪنهن به ڪم ۾ ٿورڙي ڪوتاهي تي بيد جا لڪڻ سندن آجيان ڪندا آهن...

 

مشتاق گبول

حسد

حسد کي عام لفظن ۾ ساڙ به چئي سگهون ٿا. حسد ماڻهوءَ جي اندر بيماري جيئن ڦهلبو آهي. انهيءَ ڪري وڏا به چوندا آهن ته: ”ابا! ريس ڀلي ڪيو هيس نه ڪيو.“ انهيءَ جي معنيٰ ته جي ڪنهن وٽ بنگلو ۽ گاڏي آهي ۽ توهان وٽ هڪ ننڍڙو گهر ۽ موٽر سائيڪل آهي، ته توهان کي کپي ته توهان بنگلي واري همراهه سان حسد ڪرڻ بجاءِ محنت ڪيو. اهو سوچي ته، ”اڄ هُن وٽ بنگلو آ، محنت ڪندس ته سڀاڻي بنگلو مون وٽ به هوندو مگر ”هيس“ (حسد) نه ڪيو. جيڪڏهن ٻين تي سڙندؤ، ته هُن وٽ بنگلو ڇو آهي؟ هُن وٽ ڪار ڇو آهي؟ ته ڪُجهه به نه ڪري سگهندؤ حسد ماڻهو کي اندرئي اندر ۾ ڪِنو ۽ ڪوجهو ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ نفرت گهر ڪري ويندي آهي. انهي ڪري حسد ڪندڙ وٽ انساني احسانن جي اهميت ڪُجهه به نه هوندي آهي. ڇو ته اُنهيءَ جي دل ۽ دماغ تي حسد ۽ ساڙ جو تالو لڳي ويندو آهي. تڏهن ئي ته دل ۽ دماغ تي ڪٽ چڙهي ويندي آهي. انهن ڳالهين کي اڳيان رکي، اسان اها ڳالهه بيباڪ ٿي چئون ٿا ”ته دل ۾ حسد هُجڻ ڪري ماڻهو پنهنجا هوش ۽ حواس وڃائي ڇڏي ٿو. حسد رکندڙ همراهه توهان کي هر وقت ڪوڙ هڻندي ۽ ٿڌا شوڪارا ڀريندي نظر ايندو. ڇو، جو اُن ۾ سهپ وارو مادو ختم ٿي ٿو وڃي. انهيءَ ڪري ٻين جي خوشين تي اندر ئي اندر ۾ پچندو ۽ کامندو رهندو آهي. جي سندس وس ۾ ڪجهه هُجي ها، ته مانگر مڇ جيان ماڻهن ۽ انهن جي خوشين کي ڪچوئي ئي هضم ڪري وڃي ها. پر ويچارو پُڄي ناهي سگهندو.

حسد وارا ماڻهو سڄو ڏينهن ويٺا پرائي گله غيبت ڪندا رهندا آهن. پر ڪو به ڪم محنت سان نه ڪري سگهندا آهن. ان مان اسان اها ڳالهه ويچاريندا هلون ته حسد انسان جي توانائي کي گهٽائي ٿو. ڪم نه ڪرڻ جا ڪارڻ ٻين تي مڙهڻ، خوش فهمين ۽ سوچن ۾ سدائين گم رهڻ. سندن معمول رهندو آهي. ڪڏهن سوچيندو ته ”مان ڦني خان ٿي ويو آهيان.، کڻي جو گهر ۾ لوڻڪ ئي ڪونه هوندس. اڪثر هيئن به سوچيندو ته: ”مان عظيم ماڻهو آهيان“ مون وٽ هڪ بنگلو ۽ گاڏي ضرور هُجڻ گهرجي. سندس انهيءَ سوچ کي اڳيان رکي اسان کي بنا ڪنهن هٻڪ جي کيس چوڻ گهرجي ته هڪ ته پاڻ بڇڙو ٻيو وري افعال بُڇڙا.“

حسد وارو ماڻهو خودپرست هوندو آهي.

حسد وارو ماڻهو خوشين مرڪن ۽ ٽهڪن کان صفا محروم ٿي ويندو آهي. ڇو ته هن کي ڪا به خوشي راس ناهي ايندي. حسد ڪندڙ خيالي دنيا ۾ رهندو آهي، هو خيالي پُلا پچائڻ جو وڏو ماهر هوندو آهي. حسد وارو ماڻهو انڌيري ۾ رهي ٿو ۽ کيس ڪنهن جي خوشي، ڪنهن جي مرڪ ۽ ڪنهن جا ٽهڪ راس نٿا اچن. حسد رکندڙ ماڻهو جي حالت پڃري ۾ بند پکي وانگي ٿي ويندي آهي. جيڪو پنهنجي ذات جي پڃري ۾ بند ٿي ويندو آهي. ٻين پکين وانگي ٻاهر نڪرڻ لاءِ هو ڪوشش به نٿو ڪري. ڇو جو هُو انهيءَ دنيا ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي. توهان ڏسندؤ ته حسد ڪندڙ ماڻهو کي اڪثر گهٽ ۽ ٻوسٽ شدت سان محسوس ٿيندي آهي. حسد ۾ ڦاٿل همراهه گهڻي ڀاڱي ڪوڙ به هڻندو آهي. ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ هڻڻ ۾ ڪو به آر محسوس ناهي ڪندو، ويتر ٻٽاڪون هڻي خوش ٿيندو آهي. پر اها خوشي عارضي هوندي آهي. حسد ڪندڙ روشنيءَ کان اوندهه ڏانهن وڃي ٿو. محبت کان نفرت ڏانهن موٽ کائي ٿو. تنهن ڪري انسانن کي ڌڪار واريءَ نظر سان ڏسي ٿو.

حسد ڪندڙ ڳجهه وانگي هوندو آهي. جيڪو هميشہ ڍونڍ کائڻ لاءِ لامارا ڏيندو رهندو آهي. حسد جيئري ئي ماڻهو کي ماري ڇڏي ٿو. حسد زندگيءَ جو تباهه ڪندڙ رخ آهي. حسد جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجڻ کان پوءِ، ماڻهو کي ورلي ئي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.

حسد رکندڙ همراهه وٽ توهان کي ڪڏهن به رحم جو جذبو نه ملندو. حسد ڪندڙ ظالم جو ٻيو روپ آهي. ظالم ظاهري ظلم ڪري ٿو. پر حاسد سڀ ڪجهه اندرئي اندر ڪري ٿو. حسد وارو همراهه سانڊي جيئن سوين رنگ بلائيندو آهي. حسد واري ماڻهو کي اسان ٻهروپيو به چئي سگهون ٿا.

ٿورو سوچيو. حسد اسان لاءِ ڪيتري قدر نه نقصانڪار آهي. انهيءَ ڪري توهان حسد کان به بچو ۽ حسد ڪندڙ کان به.

 

حميده پنهور

ڏُکُ ۽ سُکُ

 هيءَ دنيا اسٽيج وانگر آهي، جتي ڪيترائي انسان ڪردارن جي صورت ۾ ايندا رهن ٿا ۽ ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ واپس هليا وڃن ٿا.

دنيا ۾ انسان کي ڪيترائي ڏکُ ڏسڻا پون ٿا. پر، جڏهن هو ڏکن جي سمنڊ مان لنگهي پار پوي ٿو. تڏهن سُکُ جي لفظ کان واقف ٿئي ٿو. جيڪڏهن دنيا ۾ ڏک نه هجي ها ته سکُ ڳوليو به نه لڀي ها.

غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ اهڙو ڪوبه شخص نه هوندو: جنهن ڏکن جو مقابلو نه ڪيو هوندو.

جيجل ماءُ جو ئي مثال وٺو:

ماءُ کي ٻار پالڻ لاءِ ڪيترائي ڏک ڏسڻا پوندا آهن. ماءُ نوَ مهينا ٻار کي پيٽ ۾ سانڍڻ کان پوءِ ئي جنم ڏيندي آهي. ان کان پوءِ پنهنجي ٻار جي پرگهور ڪندي راتين جون راتيون جاڳي گذارڻيون پونديون اٿس. ٻار جو بيمار ٿيڻ، ماءُ لاءِ نهايت پريشانيءَ جو باعث بنجيو پوي. جڏهن اهو ساڳيو ٻار وڏو ٿي ويندو آهي، ته ماءُ جي زندگيءَ ۾ هڪ بهار اچي ويندي آهي.

جيئن سياري کان پوءِ بهار ايندي آهي. سيءَ سبب باغن جي رونق ختم ٿي ويندي آهي، وڻن تان پن ڇڻي ويندا آهن، گلن جي سونهن موڪلائي ويندي آهي، پر جڏهن بهار جي موسم ايندي آهي: ته انسان، حيوان ، پکي، سڀني جي دلين ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويندي آهي.

زمين تي ڇٻر، سائي غاليچي جيئن وڇائجي ويندي آهي. وڻ ٽڻ ساون پنن سان ڀرجي ويندا آهن، انهن جا ساوا ساوا پن، هوا گڏ خوشيءَ مان جهومڻ لڳندا آهن. اهو به ڏکن کان پوءِ: سکن جو هڪ مثال آهي.

مطلب ته زندگي خوشين ۽ غمن جي ميلاپ جو نالو آهي، هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن تڪليف کان پوءِ ئي آرام ملي ٿو.

تنهنڪري ڏکن ۾ صبر، ته سکن ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.

 

عبدالجبار ”عبد“

استاد جي عظمت

”استاد“ اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ (اسم مذڪر) آهي. جنهن جي معنيٰ آهي، ”سيکارڻ وارو“، ”معلم“، ”ماسٽر“، ”تجربيڪار“ ۽ ”پنهنجي فن ۾ ڪامل.“ اهڙي محترم انسان کي عربي ۾ ”استاد“ چيو ويندو آهي، جيڪو به (اسم مذڪر) آهي، جنهن جي معنيٰ ”مدرس“، ”معلم“ يا سکيا ڏيندڙ آهي.

اُستاد کي انگريزي زبان ۾ ٽيچر (Teacher) چئجي ٿو، جيڪو لفظ پڻ (اسم مذڪر ) آهي.

ٻارو! ”استاد“ لفظ جي معنيٰ مان ئي، اها خبر پوي ٿي، ته استاد اُها هستي آهي، جنهن جو ڪم پڙهڻ پڙهائڻ، درس و تدريس، تعليم ۽ ترتيب، سونِهه ۽ سکيا ڏيڻ آهي. اهو استاد ئي آهي، جيڪو مستقبل جي معمارن کي سکيا ڏئي، کين معاشري جو ڪار آمد فرد بڻائي ٿو. ان ڪري استاد جي تمام وڏي عظمت آهي. نبي ڪريم ﷺ جو ارشاد آهي:

”يعني: آءٌ استاد بڻائي موڪليو ويو آهيان.“

ٻارو! پيغمبر پاڪ ﷺ جن جو اهو فرمائڻ ته ”مان استاد بڻائي موڪليو ويو آهيان.“ ان منجهان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ”استاد“ جو پيشو پيغمبري پيشو آهي ۽ نبي سائينجن اهڙا ته ڪامل استاد هئا، جو پاڻ علم جا شهر هئا ۽ اها پاڻ سونهارن ﷺ جي ڪامل استادي ئي هئي، جو حضرت ابوبڪر رضه، حضرت عمر رضه، حضرت عثمان رضه ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه جهڙا علم جا گوهر پيدا ٿيا، انهن مان ڪو علم جي شهر جو دروازو آهي، ته ڪو ان جو ٿنڀو آهي، ته ڪوان جي ديوار آهي ۽ انهن ڀلارن جي استاديءَ جو فيض، اڄ به پوري دنيا ۾ جاري ۽ ساري آهي.

پيغمبر پاڪ ﷺ جڏهن پنهنجي اصحابين کي تعليم ڏيندا هئا. ته صحابي سڳورا خاموشي ۽ادب سان سندن ڳالهيون ٻڌندا هئا. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته شاگرد کي ڪلاس ۾ ادب ۽ خاموشيءَ سان ويهڻ گهرجي ۽ ڌيان سان استاد جون ڳالهيون ٻڌڻ گهرجن.

قرآن مجيد ۾ اصحابن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته حضور ﷺ جي اڳيان وڏي آواز سان نه ڳالهائين. ان آيت مان معلوم ٿيو ته شاگردن کي استاد جي اڳيان وڏي آواز سان نه ڳالهائڻ گهرجي.

ٻارو! تاريخ ٻڌائي ٿي ته استاد جي اڳيان وقت جي حڪمرانن به ادب سان پٽ تي ويهي علم حاصل ڪيو آهي. اسلامي سلطنت جي مشهور خليفي، هارون رشيد جو پٽ هڪ عالم، ’اصمعي‘ جو شاگرد هو. هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي، ته بادشاهه هارون رشيد، انهيءَ عالم ’اصمعي‘ جي گهر وٽان لنگهي رهيو هو، ته ڏٺائين ته ’اصمعي‘ وضو ڪري رهيو آهي ۽ شهزادو پاڻي وجهي رهيو آهي. خليفي کي اها ڳالهه نه وڻي. ان ڪري ’اصمعي‘ کي چيائين ته: ”مون پنهنجي پٽ کي اوهان وٽ ادب سکڻ لاءِ موڪليو آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هي شهزادو هڪ هٿ سان پاڻي هاري ها ۽ ٻئي هٿ سان اوهان جا پير مَهٽي صاف ڪري ها.“

ان ڳالهه مان اوهان پاڻ اندازو لڳايو ته اسلامي سلطنت جا ناميارا حڪمران به استاد جي ڪيتري عزت ڪندا هئا.

علامه اقبال رحه جنهن کي شاعر مشرق ۽ مصور پاڪستان جي لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي، اهو جڏهن انگلستان ۽ جرمنيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري وطن واپس آيو ته ڪجهه وقت کان پوءِ انگريز حڪومت جي طرفان کيس ”سر“ جو خطاب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اها خبر جڏهن علامه اقبال رحه کي پيئي، ته چيائين: ”مان سرڪار پاران مليل اهو خطاب هڪ شرط تي قبول ڪري سگهان ٿو، ته حڪومت منهنجي استاد مولوي سيد مير حسن صاحب رحه کي ”شمس العلماء“ جو خطاب عنايت فرمائي.“ سرڪار کي جڏهن علامه اقبال جي انهيءَ خواهش جو پتو پيو، ته علامه صاحب کان پڇا ڪئي ويئي، ته ”اوهان پنهنجي استاد جي ڪنهن اهڙي علمي تصنيف جو نالو ٻڌايو، جنهن جي صلي ۾ کيس ”شمس العلماء“ جو خطاب ڏيئي سگهجي.“

علامه اقبال رحه جواب ڏنو ته: ”مان خود پنهنجي استاد جي جيئري جاڳندي تصنيف آهيان. ڇاڪاڻ ته هن ئي مون کي علم ڏنو آهي، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي تصنيف ٿي سگهي ٿي؟“

اهو ٻڌي وقت جي سرڪار، علامه اقبال رحه کي ”سر“ جو خطاب ڏنو ۽ سندس استاد مولوي سيد مير حسن کي ”شمس العلماء“ جو خطاب ڏنو.

ٻارو!جج ان مثال منجهان به اهو به معلومات ٿيو ته انسان ڀلي ڪيڏي به وڏي درجي تي پهچي وڃي، پر پاڻ کي پنهنجي استاد کان گهٽ سمجهڻ گهرجي. استاد اها قابِل احترام هستي آهي، جنهن جو احترام اسان سڀني تي لازم آهي.

 

ياسر قاضي

 

اچو ته سنڌالاجي گهُمون...!

اڄ اسين اوهان کي سنڌالاجيءَ جو سير ڪرائينداسين. اوهان غور سان هرهڪ شيءِ کي ڏسجو ۽ اهم معلومات پاڻ وٽ نوٽ ڪجو ته جيئن اوهان کي سنڌ جي تاريخ مُتعلق گهڻي کان گهڻي ڄاڻ ملي.

 هاڻي اسين سنڌالاجيءَ جي مين گيٽ تي لٿا آهيون. جيڪا سپر هاءِ وي کان ڪئمپس اندر ايندڙ لنڪ روڊ تي ٺهيل آهي. هو ڏسو! سامهون پري کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبرريءَ جي اڇي عمارت پئي نظر اچي. هاڻي! اچو ته سنڌالاجي جي خوبصورت بلڊنگ ۾ اندر هلون ۽ سنڌ جي تاريخ متعلق ڄاڻ حاصل ڪريون. هي ڪاٺ جي ڪم سان سينگاريل وڏو دروازو ۽ اُن دروازي جي چؤڌاري ڪاشيءِ جو ڪم پڻ سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي پيو ڪري.

ٻارؤ! هن اداري جو قيام، سنڌ جي تاريخ کي باقاعده سيهڙڻ ۽ عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي عمل ۾ آندو ويو.

هي ادارو تقريباً 60 واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿيو. جنهن جي قائم ڪندڙن ۾ سنڌ جا ناميارا عالم ۽ اديب شامل هئا. جنهن ۾ سڀ کان اڳڀرو سائين پير حسام الدين شاهه راشدي (مرحُوم) جن هئا.

سنڌالاجي ميوزم ۾ اندر داخل ٿيڻ سان، ساڄي هٿ تي ٻه گئلريون آهن. جن مان هڪ هٿيارن جي گئلري آهي ۽ ٻي سنڌ جي ثقافتي گئلري آهي. پر ترسو! اندر هلڻ کان اڳ انهن ٻنهي گئلرين جي دروازي جي وچ ۾ لڳل هيءُ آدم قد خوبصورت سنڌ جو نقشو اسان جو ڌيان پيو ڇڪائي. ڪاشيءِ جو ‎ٺهيل هيءُ خوبصورت ۽ رنگين نقشو، جنهن ۾ هر شهر، هر ڳوٺ، هر واهه، هر شاخ، هر تعلقو، هر ضلعو ۽ هر ڊويزن واضح نموني ڏيکاريل آهي، سنڌ جي نامياري مصور قاضي خضر حيات جي محنتن جي ثمر آهي.

هٿيارن واري گلئلريءَ ۾ مختلف جنگين ۾ استعمال ٿيل قديم بندوقون، پستول، ريوالو، تلوارون ۽ ڀالا وغيره، اُنهيءَ دؤرن جي حساب سان سينگاريل آهن. هيءَ ٻي گئلري، جيڪا ثقافتي گئلري آهي، انهيءَ ۾ سنڌ ۾ ٺهندڙ مختلف قِسمَ جو ڪپڙو نُماءَ لاءِ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ سُوسي، کٿو، اجرڪ ۽ مختلف قسم جي چادرن ۽ شالن جا نمونا مؤجود آهن. جيڪي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان هٿ ڪيا ويا آهن. هتي اجرڪ ٺهڻ جا مختلف مرحلا به سمجهايل آهن، ته ڪهڙي طرح اڇي چادر منجهان، اجرڪ بنجڻ تائين ان ڪپڙي کي ڪهڙن ڪهڙن مرحلن منجهان گُذارڻو پوي ٿو. اجرڪن جي نمونن سان گڏ هتي انهن پٺن ۽ مهرن جا نمونا پڻ رکيل آهن، جن جا ڇِٽَ اجرڪ کي خوبصورتي بخشن ٿا.

 

اُنهيءَ کان سواءِ، هن ثقافتي گئلريءَ جي هڪ خاص ڳالهه، هِتي سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قومن ۽ مذهبن جي ماڻهن اجي مُجسمن ذريعي رهڻي ڪهڻي جي طريقي جي عڪساسي خوبصورت نموني ڪئي وئي آهي. تقريباً ست فوٽ ويڪري ۽ پنج فوٽ اُوچائيءَ جي شيشي ۾ بند ٿيل ڪَٻٽن ۾ هر قوم جي ماڻهن جي گهر جو اندريون منظر ڏيکاريو ويو آهي ۽ اُن قوم جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ لباس جي عڪاسيءَ لاءِ هر گهر ۾ هڪ مرد، هڪ عورت ۽ هڪ ٻار جو مُجسمو گهروُ ڪم ۾ مصروف ڏيکاريو ويو آهي.

اِهي مُجسما ڏسي، انسان جو عُقل دنگ رهجي ٿو وڃي، ته انساني هٿن انهن مُجسمن کي ايڏو خوبصورتيءَ سان تراشيو آهي، جو اهي اصلي انسان ٿا لڳن. سنڌ جي انهن هُنر مند هٿن، انهن مٽيءَ جي بوتن ۾ ڄڻ ساهه وجهي ڇڏيو آهي. هي زندگيءَ جي ويجهو مجسما محترمه عظيم چانڊيي ۽ سندس اسسٽنٽ عباسي جي هٿن جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن، جڏهن ته هنن مجسمن ۽ ٻين گيلرين ۾ هر شيءِ کي پنهنجي صحيح هنڌ تي سينگاري سنواري بيهارڻ ۾ محترم رضيه طارق ۽ محترمه عظيم چانڊيي جي گهري ڄاڻ ميوزم ۾ داخل ٿيندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي آهي. سنڌ ۾ رهندڙ جِن جِن قومن جي گهرن کي هتي مُجسمن ذريعي عوام لاءِ سينگاريو ويو آهي، تن ۾ عام سنڌي، بلوچ، ٿري، سَماٽ، مُهاڻي، ڪنڀر، هندو، اوڏ، ڪوريءَ، واڍي، ريٻاريءَ، شيديءَ، ۽ ميمڻ جي گهرن کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي قومن جي ثقافت جي پڻ منظر ڪشي ڪئي وئي آهي.

ان گئلريءَ کان ٻاهر نڪرڻ سان اهڙي ئي هڪ ٻي ثقافتي گئلري پڻ آهي، جنهن ۾ اهڙن مُجسمن کان سواءِ، قديم ترين سنڌ جي حاڪمن جي دؤرن ۾ رائج تمام ننڍي سائيز کان وٺي عام سائيز تائين سِڪا رکيل آهن. جن ۾ قديم ۽ اَمُلهه سِڪا پڻ آهن. جيڪي تاريخ جي مختلف دؤرن جو تسلسل آهن. هن گئلري مان ٻاهر نڪرڻ سان ورانڊي ۾ ٻنهي پاسن کان لڳل شوڪيسن ۾ سنڌ جي قديم تاريخي ماڳن موهن جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي، عمر ڪوٽ، رني ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ مان لڌل نوادرات رکيل آهن، جن ۾ عاج ۽ ٺڪر جازيور، ٿانون جا ٽُٽل حِصا، پَٿر تي اُڪرَ ۽ ٻيو سامان موجود آهي.

ٻارؤ ڏسو هتي رکيل هر شيءِ سان گڏ نه صرف نالو بلڪه اُن جي مُڪمل تاريخ به لکيل آهي، ته اها شيءِ ڪٿان هٿ آئي ۽ اُها ڪيتري پُراڻي آهي.

اُنهيءَ کان پوءِ هاڻي اسان سنڌالاجيءَ جي هڪ اهم حصي ”مشاهير گئلري“ ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. جنهن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته ”مشهور هستين جي گئلري“ سنڌالاجيءَ جي هيءَ گئلري به ڏسڻ وٽان آهي. هن گئلريءَ ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ مختلف شاعرن، اديبن دانشورن، سياستدانن، محققن، فنڪارن، سماجي ۽ تعلمي شخصيتن جون تصويرون ۽ سندس زندگيءَ ۾ سندن استعمال ڪيل شيون رکيل آهن. هن سموري گئلريءَ ۾ سنڌ جي مرحوم شخصيتن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. جن چند شخصيتن جا خاص ڪارنر قائم ڪري، سندن استعمال ٿيل شين کي قومي ملڪيت سمجهي هميشہ لاءِ هتي محفوظ ڪيو ويو آهي. تن ۾ قائداعظم ڪارنر، حسن علي آفندي ڪارنر، مرزا قليچ بيگ ڪارنر، محمد عثمان ڏيپلائي ڪارنر ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي ڪارنر شامل آهن. قائداعظم ڪارنر ۾ تحريڪ آزاديءَ جُون ڪيتريون ئي يادگار تصويرون پڻ مؤجود آهن. اُن کان سواءِ سڀ کان وڌيڪ ڌيان جو مرڪز مشاهير گئلريءَ ۾ قائم ڪيل ”شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪارنر“ آهي. جنهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ، ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مُلهه شيون رکيل آهن. جن ۾ سندس لباس، سندس سڃاڻپ ڪارڊ ايم اين اي ڪارڊ، کيس مليل تحفا، سفر ۾ استعمال ٿيندڙ بريف ڪيس، کيس مليل سوکڙيون سندس استعمال ۾ ايندڙ پينُون ۽ سندس يادگار تصويرون شامل آهن. هن ڪارنر ۾ ڀُٽي صاحب جي هڪ تصوير اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿي، جيڪا سندس وفات کانپوءِ سندس ڪنهن مداح، رت سان ٺاهي آهي.

ڀٽي صاحب جي هن ڪارنر ۾ رکيل سامان، محترم بينظير ڀٽو جي تعاون سان سنڌالاجي کي مليو ۽ ان ڪارنر جو افتتاح به محترم بينظير ڀٽو پنهنجي دؤر حڪومت ۾ ڪيو. انهي کان علاوه هن سڄي گئلريءَ ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ مشهور هستين (جن ۾ هر شعبي جُون شخصيتون شامل آهن.) جُون تصويرون لڳل آهن. هن گئلريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ٽائيپ رائيٽر به رکيل آهي، ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ترتيب ڏيندڙ، مسٽر ڇاڳلا جي تصوير سان گڏ، سندس اُها هار مونيم به رکيل آهي، جنهن تي هُن پاڪستان جو قومي ترانو ڪمپوز ڪيو. هن گئلريءَ جي تفصيلي معائني ڪرڻ کان پوءِ هاڻي اچو ته ٻي منزل تي هُلون ۽ سنڌ جي تاريخ متعلق وڌيڪ معلومات حاصل ڪريون.

ٻارؤ هُو ڏسو، ڏاڪڻين چڙهڻ دؤران ئي سامهون ساز ۽ سرود سان دل وندرائيندڙ صوفي فنڪارن جا مجسما رکيل آهن. جيڪي يڪتاري ۽ چپڙي کنيون ويٺا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته اجهو ڳائڻ شروع ڪيائون. مٿي اچڻ سان هتي پڻ نمائش ۾ رکيل شين جون مختلف گئلريون آهن.

اچو ته سڀ کان پهريائين ساڄي هٿ تي پينٽنگس گئلري ۾ ٿا هلون. هتي سنڌ جي نامياري مُصّورن جون مختلف سائيز ۾ ٺهيل آئل ڪلر، ۽ آئل پيسٽل ڪلر سان سينگاريل خوبصورت تصويرون سهُڻيءَ ريت سجايل آهن. هتي سنڌ جي مشهور چترڪار محترمه گل محمد کتريءَ جي ٺهيل تصويرن جو پڻ چڱو تعداد موجود آهي. هن گئلريءَ ۾ محمد علي ڀٽيءَ جي ٺاهيل شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پينٽنگ به موجود آهي،  آرٽ گئلريءَ مان ٻاهر نڪرڻ سان وسيع ۽ ويڪري ورانڊي ۾ محترم بينظير ڀٽو پاران سنڌالاجيءَ کي ڏنل اُهي تحفا رکيل آهن، جيڪي وقت جي وزيراعظم کي مختلف مُلڪن جي دؤرن دوران يادگار طور ڏنا ويا هئا.

ٻارؤ هاڻي اچو ته فوٽو گرافڪ گئلريءَ ۾ هلون. جنهن ۾ هڪ ئي سائيز جون بيشمار تصويرن ۾ سنڌ جي ثقافت، رهڻي ڪهڻيءَ، يادگار ماڳن ۽ عام زندگيءَ جي، ڪئمرا جي ذريعي عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن گئلريءَ ۾ لڳل بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرن سان: اسان نه صرف سنڌ جي عام ڳوٺاڻي زندگيءَ متعلق ڄاڻ حاصل ڪريون ٿا، بلڪ اهڙي خوبصورت فوٽو گرافيءَ کي داد ڏيڻ کان سواءِ به رهي نٿو سگهجي.

پيارا ٻارؤ هاڻي وارو آهي، بلڪل آخري منزل تي مؤجود گئلريءَ گهمڻ جو.. هن منزل تي ميوزڪ گئلري ‎ٺهيل آهي. جنهن ۾ سنڌ جا قديم توڙي جديد ساز نُماءَ لاءِ رکيل آهن. جن ۾ بوڻينڊو، چنگ، شهنائي، دهل، يڪتارو، ٻه تارو، دنبورو، سُرندو، نڙ، بين ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا ساز به رکيل آهن. جيڪي اڳ اڻ ڏ‎ٺل هئا. هن ميوزڪ گئلريءَ ۾ هڪ ميوزڪ لائبريري پڻ قائم ڪيل آهي. جنهن ۾ نه رڳو سنڌيءَ جا تمام قديم ۽ جديد موسيقيءَجا اسم مؤجود آهن، بلڪه اُنهن جو مڪمل رڪارڊ ڪيسٽن جي ڪئٽلاگن ذريعي محفوظ ٿيل آهي. اهي نغما توڙي ٻيا اسم ڪيسٽن، اسُپولن ۽ ٽيپن ذريعي هتي محفوظ ڪيا ويا آهن. ته جيئن سنڌ جي آواز جي خزاني کي به هميشہ محفوظ ڪري سگهجي.

پيارا ٻارؤ! سنڌالاجي ۾ سنڌ متعلق قلمي مواد، اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن کي هميشہ لاءِ سانڍڻ لاءِ هڪ لائبريري پڻ موجود آهي. جنهن ۾ سنڌ جو اُهو قلمي خزانو به محفوظ ٿيل آهي، جنهن منجهان ايندڙ پيڙهيون تحقيق ۽ تعليم جي لاءِ لاڀائتو مواد حاصل ڪري سگهن ٿيون.

ٻارؤ! اوهان ڏٺو، ته اُڄ اسان ڪيڏي علمي، قلمي، صوتي ۽ فني خزانو رکندڙ، سنڌ جي اهم اداري جو سير ڪيوسين؟ جنهن پنهنجي سيني ۾ سنڌ جي صدين پراڻي تاريخ کي اهڙيءَ ريت سهيڙيو آهي، جو هر سنڌ واسي اِهو ادار گهمي سنڌ بابت ڄاڻ گهمندي ڦرندي حاصل ڪري سگهي ٿو.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ جي تاريخ جو خزانو آهي. سنڌ جي ورثي جو نگهبان آهي. هي بي مثال ادارو، حقيقي معنيٰ ۾ محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڏينهن رات جي اوجاڳن جو ۽ سنڌ الاجيءَ جي دل سان بي لوث خدمت ڪندڙ ڪارڪن جو ثمر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com