الهه بچايو رند
عجيب ڳالهيون
سڱن وارو ماڻهو:
آفريڪا ۾ اهڙي وحشي قبيلي جي دريافت ٿي آهي، جنهن جي تعلق ڊائنو
سار جي نسل سان آهي. فرانسيسي سائنسدانن ان کي دور
جديد جي سڀ کان حيران ڪن دريافت قرار ڏنو آهي. اهي
ڊائنا سار ماڻهو آفريڪا جي جهنگن ۾ رهن ٿا. اهي
وحشي ڳالهائڻ بجاءِ رڙيون ڪن ٿا. انهن ۾ حيران
ڪندڙ شيءَ هي آهي ته هنن جي پٺن تي ٽڙيل سڱ آهي.
جن مان ڪيترائي چوڏهن انچ ڊگها به آهن ۽ سندن ٻارن
جي پٺيءَ تي پڻ اهڙا سڱ ملن ٿا.
ست ڄامڙا روبوٽس:
برطانيا جي سائنسي ميلي ۾ ريڊنگ يونيورسٽي جي تيار ڪيل ستن
ڄامڙن روبوٽس جو ٽولو سڄي ميلي ۾ توجهه جو مرڪز
رهيو. يونيورسٽي جي پروفيسر ڪيوني واروڪ جي راءِ ۾
اها ڄامڙا روبوٽ جن جو قد صرف 14 انچ آهي. ان دنيا
جي ترقي يافته جا روبوٽس آهن. ڄامڙن روبوٽس ٽن
ڦيٿن تي ڊوڙي ڏيکاريو.
اهي ڄامڙا روبوٽس رستي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي ٻنهي اکين ۾ لڳل الٽرا
سائونڊ ليزرن کي استعمال ڪري انسان وانگر ڏسندا
آهن ۽ رڪاوٽن کان بچندا رهندا آهن. ان کان علاوه
انفرا ريد شعاعن جي ذريعي هڪ ٻئي کي پيغام به
موڪليندا آهن. هڪ ڄامڙو روبوٽ ٻئي ڄامڙي روبوٽ کي
صلاحون پڻ ڏيندو آهي.
انوکي بيماري:
لنڊن ۾ هيڊي نالي ڇوڪري کي پاڻي کان الرجي آهي. اٺن سالن جي
هيڊي جي جسم تي جيڪڏهن پاڻي جو هڪ ڦڙو به ڪري پئي
ته اهو تيزاب جو ڪم ڏيندو آهي. هو وهنجڻ ته پري پر
پاڻ کي پاڻي جو ڇنڊو به نٿي هڻي سگهي. هيڊيءَ صرف
هفتي ۾ هڪ دفعو ٽوال سان جسم صاف ڪندي آهي. کيس
سندس ماءُ چمي به نٿي ڏئي سگهي ڇو ته ان جي چمڻ
سان هيڊي جي جسم تي داڻا نڪريو اچن.
ڊاڪٽر منير احمد
هيرو پُٽ
اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان اڃا، ٽن سالن جو مس هوس،
ته منهنجي مٺڙي ۽ جيجل ماءُ هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري وئي. منهنجي ماءُ جو موت، انهن اکين جو
موت هو، جيڪو منهنجيون پهريدار هيون. منهنجي ماءُ
جو موت، انهي ڇاتيءَ جي ڀاڪر جو موت هيو، جيڪي
منهنجي لاءِ خوشين ۽ آرام جو گهر هيو. منهنجي ماءُ
جو موت دراصل منهنجي وجود جو موت هيو، منهنجي نصيب
جو موت هيو. ڪنهن به انسان جي ننڍپڻ ۾ سڀ ڪجهه
کسجي وڃي، پر جيڪڏهن هن وٽ ماءُ جي روپ ۾ ڇپر ۽
ڇانو آهي ته پوءِ سمجهو ته هن وٽ سڀ ڪجهه آهي.
ننڍپڻ ۾ ماءُ جي ممتا ۽ پيار، ٻار لاءِ ائين آهي،
جيئين ڪنهن ٻوٽي جي اسرڻ لاءِ پاڻي.
منهنجي مٺڙي امڙ جي وفات کي اڃا ڏيڍ سال ئي مس گذريو هو ته
منهنجي بابي، ٻي شادي ڪري، ماٽيجي ماءُ کي گهر ۾
آندو. منهنجي معصوميت جو گل خوشبو ڏيڻ کان اڳ ئي
ڪومائجي ويو. جڏهن مون کي پير پير کڻڻ لاءِ ماءُ
جي نرم نرم هٿن جي سهاري جي ضرورت هئي، تڏهن مون
کي ماٽيجي ماءُ جا دڙڪا مليا. جڏهن مان ٻاتڙا
ٻاتڙا ٻول ڳالهائڻ لڳس، تڏهن ماٽيجي ماءُ جا دڙڪا
مليا. ماٽيجي ماءُ جي پاڇي ۾ پلجندڙ ٻار جي حيثيت
به ٿر جي انهي ٿوهر مثل آهي، جيڪو بغير ڪنهن توجه،
سهاري ۽ پاڻي جي اسرندو رهندو آهي، زندگيءَ جو
معصوميت وارا ڏينهن ۽ راتيون آهُن، سسڪين، ڳوڙهن ۽
تنهائي ۾ گذرندا رهيا.
پهرين بابو به ٿوري گهڻي توجه ڏيندو هو، ليڪن وقت گذرڻ سان ۽
حالاتن جي گردش ڪري بابي جي توجه به وئي گهٽجندي.
منهنجي انڌيري قسمت ۾ ٻاٽ انڌيرو ان وقت ڇانئجي ويو، جڏهن ٻن
سالن کان پوءِ، منهنجي ماٽيجي ماءُ کي پٽ ڄائو،
يعني منهنجو ڀاءُ پيدا ٿيو، پوءِ ته بس منهنجي
ماٽيجي ماءُ ته راڄ ڪرڻ لڳي، بابي جي به مون، مان
توجه وئي گهٽجندي ۽ منهنجي ماٽيجي ماءُ ڏانهن توجه
وئي وڌندي، پوءِ ته مون کي ٿوري ٿوري ڳالهه تي
مارون ۽ دڙڪا ملڻ لڳا. نه ڪي وقت تي ماني ملي نه
وري ڪا خرچي وغيره، ڪاش، مان ڪو پکي هجان ها، يا
ڪنهن وڻ جو ميوو هجان ها، ته جيئن ڪنهن بکايل ٻار
جو کاڌو ٿي سگهان ها، ليڪن مان ته پٿر آهيان، جيڪو
ماٽيجي ماءُ جون ٺوڪرون کائيندو رهي ٿو. ۽ واقعي
پيءُ، ماءُ جي عدم توجه ۽ ٻاهر جي بي رحم دنيا،
مون کي پٿر بڻائي ڇڏيو. ليڪن انهن حالاتن جي
باوجود به، مان ڪڏهن ڪتاب هٿن، مان نه ڇڏيا،
استادن، وڏن ۽ ضعيفن جي عزت ڪرڻ، مان پنهنجو اولين
فرض سمجهندو هوس. ننڍي هوندي کان ئي مظلومن جي حقن
لاءِ وڙهندو وڙهندو، اچي ميٽرڪ ۾ پهتس. ۽ منهنجو
ننڍو ڀاءُ اچي اٺين ڪلاس ۾ پهتو. چوندا آهن ته
گهڻو لاڏ ۽ پيار، ٻار کي کاري يا چريو ڪري، سو
منهنجو ڀاءُ به حد کان وڌيڪ پيار جي ڪري تمام گهڻو
چچلو ٿي پيو هو. منهنجي ڀاءُ کي سندس ماءُ ايترو
ته لاڏ پيار ڏنو هو، جو هو ٿوري ٿوري ڳالهه تي
ماءُ کي ڌڪ چنبا هڻندو ۽ گاريون ڏيندو هو. ماءُ ته
ماءُ پر پيءُ جي بي عزتي ڪندي به دير نه ڪندو هو،
ليڪن مان، پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي نفرت ڀرئي لهجي،
مارن ۽ دڙڪن جي باوجود ڪڏهن به، کيس جواب ۾ تيز نه
ڳالهايو، هميشه هيٺ ڪنڌ ڪري، خاموش ٿي بيهندو هوس
يا وري گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هوس.
اها ڳالهه هئي، جو منهنجي داداگيريءَ جو رعب سڄي پاڙي تي ويٺل
هو، ليڪن منهنجي ويڙهه هميشه ظلم جي خلاف هوندي
هئي ۽ اِهي منهنجي ئي داداگيريءَ جي ڪري، منهنجي
ڀاءُ جي شرارتن ۽ حرڪتن تي ڪير به ڪجهه نه چوندو
هوس.
بس ائين ئي تنهائين، نفرتن ۽ جهڳڙن ۾ وقت گذرندو پئي رهيو ته هڪ
ڏينهن، جيئن ئي اسڪول کان واپس موٽيم ته مون وارو
ماٽيجو ڀاءُ، پنهنجي ماءُ سان وڙهي رهيو هو ۽
کانئس پئسا گهري رهيو هو. ماڻس جي سمجهائڻ تي ته
مهيني جا پويان ڏينهن آهن ۽ پئسا ڪونه آهن، تنهن
جي باوجود به، هو روز رکي رهيو هو ته پئسا کپن ۽
ضرور به ضرور کپن، ٻاهر منهنجا دوست بيٺا آهن ۽
انتظار ڪري رهيا آهن. بس جلدي پئسا کپن، پئسن نه
ڏيڻ تي هن ماءُ کي ڌڪ هڻن شروع ڪيا، مان اچرج ۾
پيو بيٺو ڏسان.
مان جيڪو ڪافي دير کان جذبن کي قابو رکيو ويٺو هوس، يڪدم اڳتي
وڌي، ماٽيجي ماءُ کي ڇڏايم ۽ ڀاءُ کي ڌڪو ڏئي پري
ڪيم امان کي سندس لٿل چادر مٿي تي پارايم ته ايتري
۾ وري منهنجو ڀاءُ، مون کي جنبي ويو، ليڪن، مون
سان ڪٿي ٿو پڄي سگهي. مان سندس کي ماريندو رهيس،
سندس ٻاهر بيٺل لوفر دوستن جو هن جو رڙيون ٻڌيون
ته وٺي ڀڳا، مان، هن کي ڌڪو ڏيندي چيو ته، ماءُ جي
پيرن هيٺيان جنت آهي تون جنت سان ٿو وڙهين ۽
ٺڪرائين. اڃا ائين چئي رهيو هوس ته بابا گهر ۾
داخل ٿيو. پنهنجي ننڍي ۽ لاڏلي پٽ کي جو پٽ تي
ڪريل ۽ روئندو ڏٺائين ته ڪاوڙجي پيو ۽ مون تي کڻي
موچڙن جو وسڪارو شروع ڪيائين.
انهيءَ تي منهنجي ماٽيجي ماءُ جيڪا چلهه جي ڀرسان ويٺي روئي رهي
هئي، تنهن مون کي ڇڏائي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين،
ماءُ جي ڇاتي جي گرمائش ۽ ماءُ جي حقيقي پيار واري
جنبش، منهنجي سڄي ٻالپڻ جي ڏکن، تنهائين، نفرتن ۽
ڳوڙهن جو ڌڪ لاهي ڇڏيو، حقيقت ۾ ماءُ جي هنج ۽
ڀاڪر ۾ ئي هر درد جي دوا آهي.
منهنجو پيءُ جو اهو ڏٺو ته، چيائين، اهو ته تنهنجي پٽ سان وڙهي
رهيو هو. تون وري انهي کي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو
اٿئي.
نه نه..... نه.... منهنجو پٽ اهو نه، پر هي آهي. هي....
هي....هيءُ ته منهنجو هيرو پٽ آهي. هي ته هيرو
آهي.
آزاد مير محمد ڪليري
يوگلينا
جانور يا ٻوٽو
يوگلينا هڪ گهرڙي جاندارن جي دنيا ۾ شامل ٿئي ٿو، تنهنڪري هن
جي گهرڙن جون خاصيتون بناوٽي ايڪن متعلق مشاهدي
ذريعي پرکي سگهجن ٿيون. يوگلينا پاڻي جي هڪ هنڌ
بيٺل تلاءُ ۾ آزادانه سائو ڄارو پئدا ڪري، پاڻي جي
مٿاڇري کي ڍڪي ٿو، تنهنڪري هن کي انهيءَ خاصيت سبب
بي مثال سڏيو وڃي ٿو. يوگلينا حقيقت ۾ گهرڙوئي
جاندارن سان مشابهت رکي ٿو، ان کانپوءِ هن جي اها
مشابهت اعليٰ جاندارن کان ويندي انسان تائين نظر
اچي ٿي. يعني هن جو تعلق هڪ گهرڙئي جاندار تائين
لاڳاپيل ٿئي ٿو ان لاءِ يوگلينا پنهنجي مطابقت
فطرت جي هر بدلجندڙ وايو منڊل سان ٺهڪائيندو اچي
ٿو. جيئن ٻوٽي مان جانور ۽ جانور مان ٻوٽو ٿيڻ
آهي. يا وري جيئن ئي هن جي اوسي پاسي فطري تبديلي
ٿئي ٿي، تيئن هي به ان سان مطابقت ڪري ٿو.
يوگلينا گهرڙو ماپ ۾ انچ جي 25 هزاروين حصي جي برابر آهي يا هڪ
مائڪرون ان حالت ۾ جڏهن هن کي خوردبين هيٺيان ڏٺو
وڃي ٿو ته هي سائو نظر اچي ٿو.
هي لڙاٽيل شفاف مخلوق ٽاچني جي مٿي جيترو مس ٿئي ٿي، ۽ هن جي
شڪل ڊگهي ۽ سوڙهيءَ ٻيڙيءَ وانگر نظر اچي ٿي. هن
جا ڪنارا هڪ ٻئي سان ملي وچ ۾ ويڪرا ٻيڙا لڳن ٿا.
هنن جي گسڻ جو طريقو (Tadpole)
ڏيڏر جي پڇڙي وانگر ٿئي ٿو. جيڪا (Wiggle) واري طريقي سان عمل پذير ٿيندي رهي ٿي، اهي هڪ ٻئي کي
ڇهي اڳتي ترڪندا وڌندا رهن ٿا. يوگلينا جو ڏيک
جڏهن 100 مان وڌائي 1000 ڪيو وڃي ٿو ته هن جو، ڏيک
هڪ قسم جي پيچداريءَ واري اصول مطابق يوگلينا کي
پاڻي جي دنيا ۾ اندر داخل ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو، ۽
هن جون پويون پڇڙيون (Flagelliam)
وانگر چوڌاري ڦرنديون رهن ٿيون ۽ پاڻيءَ کي چمڪ
وانگر چيرينديون رهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن يوگلينا پاڻي
اندر داخل ٿي چرپر جو ٻيو نمونو اختيار ڪري ٿو،
جيئن پنهنجو پويون حصو مٿي کڻي اڳئين حصي سان
ملائي کينهوڙي وانگر گول ٿي وڃي ٿو، تنهن کانپوءِ
پنهنجو اڳيون ڇيڙو پکيڙي وري نئين حصي کي ڇڪي وٺي
ٿو. اهوئي طريقو هن جي چرپر جو عمل آهي گهرڙي جي
اندر يوگلينا جي چرپر جو اهڙو ڏيک ڏئي ٿي، جيئن ڪو
ماڻهو ٻوريءَ ۾ ڦاٿل هجي ۽ ٻوڙيءَ جي اندرين ڪنارن
تي چڙهي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.
يوگلينا جي شفاف پردي واري چادر، جنهن مان يوگلينا جي گهرڙي جي
ديوار جڙي ٿي، اها جذب ڪندڙ هوندي آهي، جنهن مان
کاڌي جا ذرڙا مرڪز ڏانهن منتقل ٿين ٿا. جتي وات جو
سوراخ ۾ نڙ گهٽ ٿئي ٿو، جيڪي کاڌي جي ذرڙن کي
مسلسل ڇڪندا رهن ٿا. گهرڙي جي ديوار پنهنجي اندر
گهرڙي جي پاڻيٺ رکي ٿي جنهن جي بناوٽ (Jelly)
جهڙي ٿئي ٿي. هن ۾ ئي گهرڙي جي زندگيءَ جا مختلف
سرشته عمل پذير ٿيندا رهن ٿا. هن ئي پاڻيٺ ۾ تمام
ننڍڙا ذرڙا ترندا نظر اچن ٿا. جن جي شڪل شيشي جي
رنگين ذرڙن جهڙي ٿئي ٿي. انهن کي (Chloroples)
چئبو آهي. جيڪي گهرڙي جي مرڪز ۾ ٻوٽي لاءِ پاڻيٺ
پئدا ڪن ٿا، ان کي (Chlorophyll)
چئبو اهي.
گهرڙي جي پردي جي تري ۾ گهرڙي جي نسلي وراثت وارو سامان ٿئي ٿو،
هن کي خانداني وراثت وارو سامان به چئبو آهي
يوگلينا (Chloroplest)
استعمال ڪري سج جي روشني هوا ۽ پاڻي مان ٻوٽي لاءِ
کاڌو تيار ڪري ٿو، اهڙي حالت ۾ هي سادو ٻوٽو لڳندو
آهي.
هن حالت کانپوءِ يوگلينا ٽپي جانورن جي دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو. هتي
يوگلينا عارضي طور پنهنجي سائي مادي (Chlorophyll)
کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ هڪ گهرڙئي جاندارن وانگر تيار ٿيل
خوراڪ استعمال ڪري ٿو، پر جڏهن يوگلينا سج جي
روشني تي ظاهر ٿئي ٿو ته پنهنجو سائو مادو ڪلوروفل
(Chlorophyll)
واپس آڻي ٻوٽي جي شڪل اختيار ڪري ٿو.
اعظم خان مهيسر
موئن جي دڙي جو سير
گاڏي نيٺ اچي منزل تي پهتي. الطاف مهيسر طرفان کڏ جو ڳوٺ ۾
”مهراڻ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جي مفت ٽيوشن
سينٽر جا سڀ شاگرد موئن جي دڙي جي سير لاءِ نڪتا
هئاسين، گاڏيءُ ۾ ننڍڙي امجد جانورن ۽ پکين جو
ٻوليون ٻڌايون ته شاگردن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو اهڙيءَ
طرح سان روبينه نياز، فرزانه محرم، رضيه نياز،
فرزانه محرم، رضيه نياز ۽ حاڪم عزيز واري واري سان
گيت ٻڌائي ٻن ڪلاڪن جي سفر کي ٿورو ڪري ڇڏيو، واٽ
تان ڏوڪريءَ شهر مان لنگهيا سين ته سنڌ جي سٻاجهن
ماڻهن پنهنجي قرب واري روايت کي برقرار رکندي هٿ
لوڏي سلام ڪيا، ننڍڙن ٻارڙن ان جو والهانه جواب
ڏنو. اچي منزل تي پهتاسين. پروگرام جي آرگنائيزر
سماجي ڪارڪن ۽ ٽوئر تي هلندڙ مفت ٽيوشن سينٽر
(جنهن جا شاگرد ٽوئر پروگرام تي ويا هئا) جي روح
روان الطاف مهيسر شاگردن کي چئن گروپن جي تشڪيل
ڏني جنهن مان هڪ گروپ جي اڳواڻيءَ راقم الحروف کي
سونپي وئي. ٻيو گروپ شفقت مهيسر، ٽيون گروپ ياسين
مهيسر جڏهن ته چوٿون ڇوڪرين جو گروپ حسينه عثمان
جي اڳواڻي ۾ گهمڻ لاءِ هليو. چئني گروپن جي اڳواڻن
جو رابطو الطاف مهيسر سان رهندو ٿي آيو. موهن جي
دڙي جي سڀ کان مٿانهين جڳهه اسٽوپا تي چڙهڻ نه ڏنو
ويو جو اهو زير مرمت هيو. اڳتي هلي موئن جي دڙي جي
ان وقت جي علمي مرڪز جا آثار ڏسي ڏاڍو فخر محسوس
ٿيو جو هزارين سال اڳ به سنڌي پڙهڻ لکڻ ۾ اڳرا
هئا. اسين دڙيِ جي جنهن حصي تي بيٺا هئا سين، اهو
علمي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز وارو حصو هيو، جنهن ۾
پڪيون عمارتون، پڪيون گهٽيون ۽ گهٽين ۾ ڪني پاڻي
جي نيڪال لاءِ ناليون ٺهيل هيون. جيڪي ان وقت جي
ماڻهن جي ذوق جي نروار نشاندهي ڪري رهيون هيون. هت
اسان کي هڪ تلاءُ نظر آيو، جيڪو پڪو ٺهيل هو.
تعليمي مرڪز کي ڇڏي ٻئي طرف روانا ٿياسين، بلندي تي ٺهيل
عمارتون سچ پچ ان وقت جي ماڻهن جي فني تعمير جو
نادر نمونو آهن. هلندي هلندي اسين ان جڳهه تي
پهتاسين، جيڪو شايد ان وقت جي امير ماڻهن جي رهائش
۽ واپار جو مرڪز رهيو هوندو. وڏن وڏن دڪانن جا
آثار هن ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيا هئا ته هتي وڏيون
وڏيون بازارون لڳنديون هيون. دڪانن جي وچان
سنهڙيون گهٽيون ڏسي محسوس ٿيو ته هتان جا ماڻهو
واپار ڪري سنهين گهٽين وسيلي گهرن ڏي ويندا هئا.
امير ماڻهن جي گهرن جي جڳهن جا آثار هنئين ڏنا ته
وڏا وڏا ڪمرا ۽ وڏا اڱڻ هر گهر ۾ کوهه، رڌ پچاءَ
جون جڳهون، وهنجڻ جون جايون شامل هيون. وڏي گهراڻي
جي تمام وڏي گهر جا آثار ڏسي هن ڳالهه جو قائل
ٿيڻو پيو ته واقعي سنڌ جي هن خطي جا ماڻهو سليقي
مند هئا. اڳتي هلي، دڙي جي هڪ ٻئي حصي تي پهتاسين
جيڪو عام ماڻهن جي هڪ وڏي محلي جي ڏيک ڏئي رهيو
هو. ننڍا وڏا گهر ڪٿي سنهيون ڪٿي ڪشاديون گهٽيون
ڏسندا، عجائب گهر جي طرف ايندڙ رستي تي هلڻ
لڳاسين. آثار قديمه وارن طرفان لڳايل وڻن جي ڇانوَ
ڏسي هنئون حرڪي پيو ۽ اسين وڻن جي ڇانو هيٺان
چوڪڙي مچائي ويٺاسين. احسان، شيرين، مجيب،
عبدالڪريم رضوان ۽ اشفاق ڪورس جي صورت ۾ جڳ مشهور
نغمو ”دل دل پاڪستان“ ٻڌائي فضا ۾ خوشي پکيڙي ڇڏي.
مٿان وري فرزانه ۽ صنم نغمو ڳائي ماحول کي معطر
ڪري ڇڏيو اتان اٿي عجائب گهر وٽ آياسين سامهون هڪ
وڏي پينٽنگ لڳل هئي جنهن ۾ موئن جي دڙي جي اوج
واري زماني جي عڪاسي ٿيل هئي. عجائب گهر ۾ مختلف
شيون رکيل هيون جن ۾ ٺڪر جا ٿانو مٽي مان ٺهيل
رانديڪا زيورات، پٿر جا ٿانو، مٽي مان ٺهيل هٿيار،
ديوتائن جا بت، ڊانسنگ ڪوئن وغيره ڏٺوسين. عجائب
گهر مان نڪري باغيچي ۾ اچي ويٺاسين هڪ دفعو ٻيهر
گيتن جي محفل متي شاهنواز سوڍر لوڪ گيت ٻڌايو،
پرويز پروليون ۽ منور لطيفا ٻڌائي دل خوش ڪري ڇڏي
بک به واهه جي لڳي هئي سڀني گڏجي ماني کاڌي ماني
کائي ٿڪ ڀڃي گاڏي تي چڙهياسين ايئر پورٽ گهمندا
واپس ميهڙ جو رستي تي چڙهياسين ائين زندگيءَ جو
جمعو اسان لاءِ يادگار بڻجي ويو.
”ناز“ ڀٽو
نڀاڳي نوڪر ۽ وڏيري ۾ شرط
ڪنهن زماني ۾، ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو وڏيرو رهندو هو، انهيءَ کي هڪ
نوڪر جي ضرورت هئي. هن (وڏيري) ووڙ ڏئي ڇڏي هئي ته
مون کي نوڪر هٿ ڪري ڏيو. ڳوٺاڻن هڪڙو نوڪر لڌو،
اهي ان نوڪر کي وٺي وڏيري وٽ آيا. وڏيري ان (نوڪر)
جي سهڻي نموني کيڪار ڪئي.
وڏيري کيس چيو ته: ”تون هتي نوڪر ٿي بيهڻ لاءِ تيار آهين؟“ نوڪر
وڏيري کي جواب ڏيندي چيو ته ”قربان وڃان، آئون
نوڪر، پر منهنجو ”هڪڙو شرط آهي، اهو آهي ته جي
توهان مون کي ٻاهر يعني نوڪري مان ڪڍندا ته آئون
انهيءَ مهل اوهان جي هڪڙي اک ڪڍندس. جي انهيءَ شرط
تي ”ها“ ۾ جواب آهي ته بيهندس، جي نه ته پوءِ
ماشاءَ الله اوهان جو به الله واهي، اسان جو به
الله واهي“.
وڏيري چيو ته ”اهو ”شرط“ مون کي قبول آهي.“ اهو نوڪر اتي
نوڪريءَ ۾ بيهي رهيو. وڏيري کيس ڪم ڏيندي چيو ته:
”هي جيڪي ڏاند آهن، انهن جي خدمت چاڪري تنهنجي بلي
آهي.“ نوڪر چيو ”حاضر سائين! اوهان جو حڪم اکين
تي“ وڏيرو ائين چئي نوڪري کي هليو ويو، نوڪر ڇا
ڪيو جو ڏاند ڇوڙي اچي ڪونر تي ٻڌا، تنهن تي. ٻين
نوڪرن چيس ته: ”انڌا اهو ڇا ٿو ڪرين؟“ هن کي جواب
ڏنو ته ”ڏاند منهنجي بلي آهن، منهنجي مرضي آهي.
ڪيئن به ڏاند چاريان، توهان ڇوٿا مٿو کائو.“
هي اهو جواب ٻين نوڪرن کي ڏئي سڌو وڏيري وٽ آيو، وڏيري کي
چيائين ته: ”سائين! ڏاند صفا گاهه نٿا کائن.“
وڏيري چيس ته: ”پاڻي ٻاڻي پيئاري، پوءِ گاهه
کارائي، ڏسين ته پوءِ گاهه کائن ٿا يا نه!“ هي
وڏيري وٽان ٿي آيو ۽ رهندو ڏاندن جا منهن ڇڪي
ٻڌائين، وري وڏيري وٽ آيو، چيائينس ته: ”سائين!
هاڻي ته صفا ”ڦوڪٽ“ ٿا هڻن.“ وڏيري ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ
۾ چيو ته ”جي نٿا کائن پيئن تي وڃي ڪُهين.“ وڏيري
جو ڪهڻ لفظ چوڻ، نوڪر ڇا ڪيو جو ماڻهو گڏ ڪري
ڪاتيون هٿ ڪري ڏاند ڪهڻ لڳو، ڏاند ٻئي ڪُهي گوشت
جا ڍير ڪري ڇڏيائين، وري سڌو وڏيري ڏي آيو کيس
چيائين ته: ”سائين! اوهان جي حڪم جي تعميل ٿي
وئي.“
”ڏاند ڪُٺا پيا اَٿوَ، اچي گوشت ورهايو.“ وڏيري جا طاق نڪري
ويا. وڏيري تارا ڦوٽاري، ناسون ڦنڊائي، ڪاوڙ واري
لهجي ۾ نوڪر کي چيو ته ”اڙي تو ڏاند ڇو ڪُٺا، توکي
ڪنهن چيو، نڪريءَ وڃ ناهي تو جهڙي نالائق نوڪر جي
ضرورت“ نوڪر ادب مان اُٿي کيس چيو ته: ”سائين
اوهان جي حڪم هو جو اوهانکي انهيءَ تي ڪاوڙ آهي ته
مون کي اک ڪڍڻ ڏيو. سا به شرط موجب، آئون هتان
هليو ويندس.“ وڏيري سوچيو ته ٻيلي ڳالهه ڳچيءَ ۾
ٿي پئي، انهيءَ مهل نوڪر کي چيائين ته ”هل هل هاڻي
ٽُر منهنجي اکين اڳيان وڃي پنهنجو ڪم ڪار ڪر.“ ٻه
ٽي ڏينهن خير جا گذريا.
هڪ ڏينهن اوچتو وڏيري جي ماءُ بيمار ٿي پئي وڏيرو نوڪر کي
پنهنجي امڙ وٽ ويهاري، پاڻ ڊاڪٽر کي وٺڻ ويو.
وڏيرو رڳو ٻاهر نڪتو ئي مس، هن (نوڪر) ڇا ڪيو هو
ڪراڙيءَ کي گُهٽا ڏئي ماري ڇڏيو، جڏهن وڏيرو آيو،
ڏٺائين ته امڙ الله سائين کي پياري ٿي چڪي آهي
وڏيرو رُنو، نوڪر کي وڏيري چيو ته ”وڃي قبرستان ۾
امان لاءِ قبر کوٽ“ نوڪر چيس ته ”سائين! ڪيتري
کڻان،“ وڏيري کي نوڪر جي انهن لفظن تي ڏاڍي چڙ
آئي، ڪاوڙ ۾ کيس چيائين ته ”ٻڌاءِ ته اڙي اچي اڇي
ڏاڙهي ٿي اٿئي، تو قبر ڪونه ڏٺي آهي.“ نوڪر کيس
جواب ڏيندي چيو ته ”سائين! قبرون ته برابر گهڻيون
ئي ڏٺيون اٿم، اندازي مطابق هوندي ته ڏاڍو سٺو
ٿيندو.“ وڏيري چيس ته ”ڪلهي جيتري کڻ وڃي.“ هي
هليو ويو ڪلهي کي ڪڇي ان جيتري کڻي آيو. ڀڄندو
ڀڄندو پنجن منٽن ۾ موٽي آيو. وڏيري پڇيس ته ”اڙي،
قبر کوٽي آئين، ڪڏهوڪو سائين! وڏيري ڪنهن ڳوٺ جي
ماڻهوءَ کي موڪلي چيو ته ”ادا تون وڃي ڏسي اچ ته
ڇا ڏسي ته قبر رڳو ٻه آڱر کنئي پئي آهي.
تڪڙو تڪڙو وڏيري وٽ آيو، کيس چيائين ته ”سائين رڳو قبر ٻه آڱر
کنيل آهي،“ وڏيري نوڪر کان پڇيو، ”اڙي اهو ڇاهي
فوتيءَ سان به مذاق،“ نوڪر وراڻي ڏني ته ”سائين
اوهان جو حڪم هو، وڏيري چيس ته ”نڪري وڃ“ نوڪر چيو
”شرط موجب اک“ وڏيري ”اک“ ڪڍي ڏني ۽ سندس جي نڀاڳي
نوڪر مان جند ڇٽي، پر اصل وڏيري جيڪا اک ڪڍي ڏني
سا پٿر جي نقلي اک هئي. ڇو جو وڏيرو ڪاڻو هو. |