”راجا“ عبدالجبار شيخ
ٻرندڙ زمين
دوستو:
ڇا اوهان کي خبر آهي ته جنهن ڌرتي تي اسين رهون ٿا اُها ڪڏهن
وجود ۾ آئي ۽ ڪيئن؟ ۽ ان جي شروعاتي شڪل ڪهڙي هئي؟
اچو ته مان توهان کي ٻڌايان ته اڄ کان لکين سال اڳ، جڏهن هن
ڌرتي تي ڪنهن به ساهه واري جو وجود نه هو ته، ان
وقت هي ڌرتي هڪ نهايت ئي ٻرندڙ گولو هئي. آهستي
آهستي جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن زمين جي به
گرمائش ۾ ٿڌاڻ پيدا ٿيندي رهي ۽ آخرڪار ان شڪل ۾
اچي وئي، جنهن حالت ۾ اڄ اسين رهي زندگي گذاريون
ٿا.
پر اڄ به توهان کي هن ڌرتيءَ تي اهڙا انوکا ڪيترائي جبل ملندا،
جيڪي لاوي سان ڀريل آهن ۽ وقت به وقت گرمائش وڌي
وڃڻ سبب اهي جبل اوچتو ڦاٽي به پوندا آهن ۽ انهن
مان گهڻو ڪري ڪاري رنگ جو هڪ پاڻياٺ خارج ٿيندو
آهي، جيڪو نهايت ئي گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي ۽ اهو
پاڻي هر شيءَ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو آهي تنهن کي
لاوا چيو ويندو آهي. ۽ ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي،
ساٿيو جو هن لاوا سان ڪيتريون ئي آباديون ان جي ضد
۾ اچي وينديون آهن، پر اڄڪلهه دنيا ترقي جي منزل
تي پهچي وئي آهي، ان ڪري انسانن جون جانيون گهڻي
قدر هن لاوا مان بچايون وينديون آهن.
1991ع ۾ وولڪانو ٻيٽ تي لاوا جو خطرناڪ طوفان آيو، هي ٻيٽ سائوٿ
آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي وچ ۾ واقع آهي. هن ٻيٽ
تي نهايت پرسڪون پر امن ماڻهو رهندا آهن. هڪ خاص
ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته هڪ طرف جبل ڦاٽندا آهن ته
ٻئي طرف ڌرتي به لڏندي آهي ۽ ان ۾ ڏار پئجي ويندا
آهن، جهڙيءَ ريت ڪنهن سطح تي ڪجهه شيون رکي انهن
کي لوڏيون وڃي ته ظاهر آهي اهي شيون هيٺ ڪري
پونديون، اهڙيءَ ريت جڏهن ڌرتي لڏندي آهي ته يقينا
نقصان به ضرور ٿيندو پر اڪثر ڪنهن قسم جي وڏي
تباهي کان اڳ ۾ ئي زمين ٿورا ٿورا جهٽڪا ڏيڻ شروع
ڪندي آهي.
انهيءَ ڳالهه کي مدي نظر رکندي وولڪانو ٻيٽ تي به 1961ع ۾ زمين
هلڪي چرچر ڪئي ته رهواسين گڙ ٻڙ محسوس ڪئي ۽ پوءِ
هتان جي ماڻهن هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا، نيٺ 10
آڪٽوبر 1991ع تي اوچتو اها جڳهه ڦاٽي نڪتي ۽ پوءِ
لاوا، ۽ ٻيون زهريليون گئسون خارج ٿيڻ لڳيون ۽ اتي
ڪجهه جڳهيون به ٺهيل هيون جيڪي ڊهي خاڪ ٿي ويون.
سڀ کان وڌيڪ هاڃيڪار ٻرندڙ جبل ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ ۾ آهن.
انهن ۾ اٽلي، انڊونيشيا ۽ فلپائن اچي وڃن ٿا، ۽
ساٿيو يورپ ۾ هڪ خطرناڪ ٻرندڙ جبل آهي جنهن جو
نالو ”اپٽيا جبل“ آهي هن جبل مان اهو خوف هوندو
آهي ته ڪٿي هي ڦاٽي نه پوي، پر سائنسدانن هن جي
بچاءُ لاءِ ٺوس طريقو ڳولهي ورتو ۽ اڃا تائين
تحقيق جاري آهي.
دوستو: ٻرندڙ جبل هڪ جبل آهي يا ائين کڻي سمجهو اهو ڍانچو جيڪو
زندگي جي سخت سطح کي به ڦاڙي سگهي ٿو. جنهن مان
ڪيترائي زهريلا مادا جهڙوڪ گئس، لاوا، ٻاڦ وغيره
نڪرن ٿا، هي گهرن زمين، عمارتون، وڻ ٻوٽن کي هڪ ئي
وقت ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر هاڻ ته سائنسدان
انهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته هي ٻرندڙ جبل ڪڏهن ۽ ڪهڙي
وقت ڦاٽي ٿو.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي سائنسدان مسلسل ان جدوجهد ۾ مصروف
آهن ته هو، دنيا کي هن تباهي کان بچائي سگهن
سائنسدانن هن کي چيلينج سمجهي قبول ڪيو آهي ۽ نيٺ
هڪ ڏينهن تمام جلد انسان ان مسئلي کي حل ڪري
ڇڏيندو.
محمد اقبال کوسو
خوبصورتي جي ڳولا
اڄ به اسد پنهنجي ماءُ کي معمول ڳالهه تان گهٽ وڌ ڳالهايو هو.
اسد ڪاري رنگ جو هڪ بد شڪل ۽ بد اخلاق ڇوڪرو هو،
اسد ڪنهن سان به اخلاق سان پيش نه ايندو هو. اسد
جو رنگ ڪاري هجڻ ڪري سڀ هن کي ڪاروڪري ڪوٺيندا
هئا. جنهن تي هن کي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي، اسد
کي اسڪول ۾ به ٻار ڪارو چوندا هئا آخر هڪ ڏينهن
پنهنجي ان ڪاري رنگ مان تنگ ٿي فيصلو ڪيائين ته
آءُ سڀني کي خوبصورت ٿي ڏيکاريندس. اهو سوچي هو
ٻئي ڏينهن گهر ٻڌائڻ کان سواءِ ڪنهن اڻڄاتل ماڳ
ڏانهن روانو ٿي ويو، هلندي هلندي هي اچي هڪ جهنگ ۾
پهتو، جتي هن کي هڪ ڊيل نظر آئي، جنهن کي سڏ ڪري
چيائين ته ”تون تمام خوبصورت آهين، ان ڪري توکي
خبر هوندي ته خوبصورت ٿيڻ جي راز ڪهڙو آهي.“ ڊيل
اهو ٻڌي چيو ته: ”مون کان وڌيڪ ته مور خوبصورت
آهي، تون ان کان وڃي خوبصورت ٿيڻ جو راز پڇ.“
اسد وري هلندو هلندو اچي مور وٽ پهتو ۽ مور کي خوبصورت ٿيڻ جو
راز پڇيائين مور چيو ته مون کي وڌيڪ ته طوطو سهڻو
اٿئي. تون وڃي ان کان خوبصورتي جو راز معلوم ڪر،
اهو ٻڌي اسد طوطي ڏانهن روانو ٿيو طوطي وري اسد کي
چيو ته، ”تون پرستان وچ اتي جي شهزادي پري آهي،
جيڪا ڏاڍي خوبصورت ڪيئن ٿيبو آهي.“ پوءِ اسد
شهزادي ڏانهن روانو ٿيو، هلندي هلندي اچي پرستان
پهتو ۽ اچي پري شهزاديءَ کي سڀ ڪجهه ٻڌايائين پري
اهو ٻڌي چيو ته، مون کان وڌيڪ چنڊ خوبصورت اٿئي،
تون ان وٽ وڃ، ان جهڙو ٻيو ڪوبه حسين نه آهي، اهو
ٻڌي اسد وري چنڊ ڏانهن هلڻ لڳو، هن واري اسد کي
يقين هو ته چنڊ هن کي مايوس نه ڪندو ۽ خوبصورتي جو
راز ٻڌائيندو اهو سوچيندي اچي چنڊ وٽ پهتو ۽ سڄي
ڳالهه ڪري چنڊ کي ٻڌايائين، چنڊ اهو ٻڌي اسد کي
چيو ته آءُ توکي خوبصورتي جو راز ضرور ٻڌائيندس،
ان کان پوءِ چنڊ چيو ته ٻڌ اسد غور سان ٻڌ چنڊ چيو
اسان سڀني کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي. الله
سائين هر انسان جو رنگ الڳ الڳ ٺاهيو آهي، ڪنهن جو
ڳورو رنگ ته وري ڪنهن جو ڪارو رنگ آهي، پر الله
سائين جي اڳيان رنگ روپ ڪا اهميت نٿو رکي، الله جي
نظر ۾ اهو خوبصورت آهي، جيڪڏهن خوبصورتي اسان جي
اندر ۾ ئي نه هوندي ته اها ڪٿي به نه ملندي، تون
هر ڪنهن سان اخلاقي سان پيش اچ ۽ پنهنجي ماءُ،
پيءُ جي عزت ڪر ته توکي هر ڪو عزت جي نگاهه سان
ڏسندو. ۽ ڪير به توکي ڪارو نه چوندو، جيڪو ماڻهوءَ
اندر کان خوبصورت هوندو ته ٻاهران به اهو خوبصورت
هوندو. خوبصورت ماڻهو رنگ ۽ روپ سان نه ٿيندو آهي
بلڪ ماڻهوءِ خوبصورت پنهنجي اندر جي خوبصورتي سان
آهي. اهو ٻڌي اسد جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا ۽ چنڊ
کي چيائين ته: تون سهي ٿو چوين، ماڻهو ڪيترو به
خوبصورتي جي ڳولا ڪري، پر اها جيڪڏهن هن جي اندر ۾
ئي نه هوندي ته ڪاٿي به نه ملندي. ان کانپوءِ اسد
چنڊ کان موڪلائي اچي گهر پهتو، اسد جا ماءُ، پيءُ
اسد کان سواءِ پريشان ويٺا هئا، اسد جي پيءُ اسد
کان پڇيو ته ڪيڏانهن ويو هئين“ اسد چيو: ”بابا آءٌ
خوبصورتي جي ڳولا ۾ ويو هوس، پر تنهنجو رنگ ته اڃا
ڪارو آهي.
نه بابا مون جيڪا خوبصورتي ڳولي آهي، اها هن ڪاري رنگ کان به
خوبصورت آهي، اڄ کان پوءِ مون کي ڪوبه ڪارو نه
چوندو اوهان پاڻ ڏسجو“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسد جي
پيءُ ڏٺو ته واقعي اسد کي هاڻ ڪير به ڪارو نٿو چوي
۽ اسد کي هر ڪو پيو پيار سان ڏسي ۽ هو هاڻ اسان
سان به وڏي اخلاق سان ٿو پيش اچي، ڪجهه سوچڻ کان
پوءِ اسد جي پيءُ کي سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته
اسد ڪهڙي خوبصورتي ڳولي آهي اسد جي پيءُ کي به
هاڻي يقين ٿي ويو ته اسد واقعي خوبصورتي سٺي اخلاق
۾ آهي نه ڪي ڪاري يا اڇي رنگ ۾.
سنڌيڪار: عبداللطيف مڱريو
دماغ جا ڪارناما
دنيا جي آبادي پنج 5 ارب کان به وڌيڪ آهي. ان کان ٻيڻا خليا (cells)
هڪ انساني دماغ ۾ موجود هوندا آهن. انسانن اڄ
تائين اهڙي مشين ايجاد ڪانه ڪئي آهي جو انساني
دماغ کان وڌيڪ پيچيده هجي.
هزارن سالن کان انساني دماغ بابت تحقيقات ٿي رهي آهي. ۽ اهو
سلسلو اڳيان وڌي رهيو آهي، دماغ ۾ انتهائي معمولي
نقصان جي ڪري هڪ انسان عقل ۽ شعور جي دولت کان
محروم ٿي پوندو آهي. درگاهن جي ٻاهر اوهان هميشه
اهڙا ملنگ ڏٺا هوندا، جيڪي جسماني طور تي بلڪ
تندرست هوندا آهن، پر انهن جي ذهن ڪم ڪونه ڪندو
آهي، ۽ هو لباس خوراڪ ۽ گهر کان بي نياز ۽ هن دنيا
کان به لاطمع هوندا آهن.
اهڙن ماڻهن جي دماغي بحالي لاءِ هزارين جتن ڪيا ويا، پر گهربل
نتيجن ڪونه مليا.
ماهرين حياتيات، ماهرين دماغ ۽ ماهرين نقسيات انهن سوالن جو
جامع جواب ڏيڻ کان قاصر آهن ته آخر ذهني فتور ۽
ذهني خرابي ڪنهن شيءَ جو نالو آهي؟ ذهن ڪنهن شيءِ
کي چوندا آهن؟
ذهانت، فيصله سازي، تصور، شعور، واقفيت، بيداري، ضمير انهن سڀني
جو مقصد (Origin)
ڇا آهي؟ ڇا هي هڪ برقي رو جو نظام آهي. جنهن ۾
هدايتون دماغ کان جسم جي سڀني حصن تائين منتقل ٿي
وينديون آهن؟ ڇا حقيقت هن کان الڳ آهي يا هٽيل
آهي.
افلاطون جو خيال هو ته ذهن کي مٿي ۾ هجڻ کپي.
ارسطو جو نظريو هو ته ذهن دل ۾ هوندو آهي، قرونِ وسطيٰ تائين
هيءَ ڳالهه تسليم ڪئي وئي هئي ته ذهن دماغ ۾ هوندو
آهي. پر ان بابت ان وقت ايتري ڄاڻ نه هئي. سترهين
صدي ۾ ريني ڊيسڪارٽ (Rene.Desearte)
نالي فلسفي اعلان ڪيو ته ذهن هڪ غير ماده شئي جو
نالو آهي ۽ دماغ ۾ جيڪي عضوا آهن. هي اُن کان بلڪل
الڳ ۽ بلڪل مختلف شئي جي نالو آهي، ان کان پوءِ
ڊيسڪارٽ اعلان ڪيو ته:
”اسان صرف پنهنجي شعور جي بدولت جيئرا آهيون.“ ڪجهه سال اڳ
تائين هي حال هو ته اسان دماغ ۾ ذهن جي باهمي تعلق
کي سمجهڻ ۾ مشاهدو ڪرڻ جا اهل نه هئاسين. پر سائنس
آخرڪار فلسفي جو سهارو وٺي دماغ تي کوجنا ڪئي.
سائنسدانن جانورن تي به تجربا شروع ڪيا ۽ اهو ڄاڻڻ
جي ڪوشش ڪئي ته اک جي پردي تي هڪ نقشو ٺهندو آهي.
اهو ڪهڙي طرح ذهن تائين پهچندو آهي ڪهڙي طرح هڪ
تصور ٺهي سامهون اچي ويندو آهي. سان ڊياگون جي
يونيورسٽي آف ڪيلي فورينيا جي پروفيسر پيٽريشيا
چرچ لينڊ اهو تسليم ڪيو ته. ”يونان جي فلسفين دماغ
جي متعلق جيڪي سوال اُٿاريا آهن. سائنسدان هاڻ اُن
طرف توجهه ڏئي رهيا آهن.“
نشو، ذهني دٻاءُ ذهني خلفشار، چريائپ، ٻٽي شخصيت، مايوسي دماغ
جو فيل ٿيڻ، هي اهڙا معاملا آهن. جن تي جديد
ميڊيڪل سائنس خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
گذريل ڪجهه سالن ۾ جاها يڪنز يونيورسٽي ۽ هارورڊ
يونيورسٽي ۾ دماغ جا شعبا لکيا آهن. ۽ ان تي کوجنا
جاري آهي. آمريڪا جي اڳوڻي صدر جارج بُش ”نيشنل
انسٽي ٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ“ جي چوڻ تي 1990ع جي
ڏهاڪي کي دماغ جو ڏهاڪو قرار ڏنو هو.
جيڪو ماڻهو عشق ۾ مبتلا ٿيندا آهن. انهن جي دماغ جو هڪ حصو بطور
خاص متحرڪ رهندو آهي. ان کي حسن اتفاق چئبو ته
شاعرن جو به اهوئي خيال آهي.
هڪ ٻئي تحقيق جي مطابق ذهن ۽ دماغ بلڪل مختلف ۽ آزاد عضوا آهن.
يونيورسٽي آف آيودا جي هڪ پروفيسر ته ان موضوع تي
هڪ ڪتاب به تحرير ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان ڪتاب جو نالو
”ڊيسڪارٽ جي غلطي“ رکيو ويو آهي.
ڪجهه حضرات شعور ۽ ضمير جي تشريح هن طرح ڪئي آهي ته: ”هي ڪجهه
ٻين شين جو مظهر آهي، جهڙي طرح انڊلٺ برسات
کانپوءِ پاڻي جي قطرن ۽ روشنيءَ جو مظهر هوندي
آهي، ان طرح شعور جي ڪارڪردگي ڪيميڪلز ۽ ڪيميڪل
چرپر جو نتيجو آهي. اهوئي معاملو زبان جو آهي. ته
ڪجهه ماڻهو زبان نه سمجهندي به هڪ ٻئي جي زبان
اشارن ۾ سمجهي ويندا آهن.
ياداشت ذهن هڪ قابل فخر ڪارنامو آهي.
ڇا ياداشت انساني ذهن جي وڌيڪ هوندي آهي، يا ڪمپيوٽر جي، ان
بابت ٻي ڪابه راءِ ڪانهي. هي شيءَ واضع آهي ته
انساني ذهن ڪمپيوٽر کان گهڻو وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم
ڪندو آهي، ڇو ته ڪمپيوٽر خود انساني دماغ جي ايجاد
آهي.
جهڙي طرح ڪمپيوٽر کي هڪ نظام ڏبو آهي. اهڙي طرح ذهن جي مختلف
حصن کي قدرتي طور مختلف نظام ملندا آهن، جنهن جي
بدولت، اسان ڏسندا، ٻڌندا، سُنگهندا، چکيندا ۽
محسوس ڪندا آهيون، سمير زيڪي (Semir,zeki)
نالي ماهر دماغ و حياتيات جو چوڻ آهي ته: انگ،
شڪل. حرڪت ۾ گهرائي، جي ڄاڻڻ جي لاءِ ذهن جي اندر
مڪمل خود مختيار ڪيترائي يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن.
زيڪي جو خيال هو ته دماغ جي اندر هڪ حصو هوندو آهي جنهن کي
vi
جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. هن ۾ اک جي ذريعي سڀ کان
پهريئن معلومات موصول ٿيندي آهي ۽ هي ”استقباليه
ڊيسڪ، بند يا خراب ٿي پوي ته پوءِ ذهن تائين ڪنهن
به ڳالهه جو پهچڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.
جڏهن ٻانهن يا ٽنگ کي جسم کان جدا ڪري ڇڏجي ته باقي جسم ۾ سور
جو شديد احساس باقي رهندو آهي. ان جو سبب هي آهي
ته مذڪوره ٻنهي عضون جي لاءِ مرڪز يعني دماغ مان
پيغام مسلسل ملندا رهندا آهن. ۽ دماغ پنهنجي
”قاصد“ کي سمجهائي رکيو آهي ته هي پيغام ٻانهن جي
لاءِ آهي ۽ جڏهن دماغي اندازي جي برعڪس ٻانهن
پنهنجي جاءِ تي موجود نه هوندي ته اُن جو رد عمل
جسم ۾ محسوس ڪيو ويندو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته جن
ماڻهن جا عضوا ڪٽيا ويندا آهن، انهن کي ڪافي وقت
تائين اهو محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ سندس عضوا موجود
آهن.
ماضي ويجهو تائين هي احساس هوندو هو ته دماغ جي اندر ٻه پيٽيون
آهن. هڪ جو ڪم آوازن کي پيدا ڪرڻ ۽ ٻئي جو آوازن
کي سمجهڻو آ. پر يونيورسٽي آف آيوڊا جي ماهرين
دماغ بابت هڪ ٻئي تحقيق ڪئي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سئو
ماڻهو جو مشاهدو ڪيو ۽ ان مشاهدي کان پوءِ هي
نتيجو اخذ ڪيو ته لفظ، حرف، اسم ۽ جملي کي سمجهڻ
لاءِ دماغ ۾ جدا جدا حصا آهن.
دلچسپ ڳالهه هي آهي ته عوام جو وڏو تعداد پنهنجي زندگي ۾ دماغي
صلاحيتن جو صرف ڏهه سيڪڙو استعمال ڪندو آهي.
دماغ هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي ماهر دماغ تجربا ڪندا رهندا
آهن، ۽ روز نيون شيون دريافت ٿين ٿيون. اندروني
حصي کي سمجهڻ ۾ ڊگهو وقت لڳي ويندو. ذهن سان گڏوگڏ
ضمير جو سوال به موجود آهي ۽ اندازو اهو ڪيو پيو
وڃي ته هي مسئلو ذهن جي ٻين مسئلن کان وڌيڪ پيچيده
مسئلو آهي ۽ ان لاءِ اڄا گهڻو وقت لڳندو.
مطلب ته ان مسئلي تي، سائنسدان، ڊاڪٽر ۽ فيلسوف ڏينهن رات کوجنا
ڪري رهيا آهن.
سميع ساجد جوڻيجو
ٻارن جو شاعر
مقصود گل
دنيا جي ڪا به زبان ٻارن جي ادب کان خالي ناهي. هر زبان ۾ ٻارن
جي ادب تي ڪجهه نه ڪجهه سرمايو ضرور ملي ٿو. ڪنهن
قوم ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو ۽ ان جي سڀ کان وڏ
دولت ان جا ٻار هوندا آهن. لهٰدا ٻارن جي تربيت ۽
انهن جي نيڪ ڪردار جي تشڪيل جي لاءِ دنيا ڀر جي
شاعرن ۽ اديبن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي نظمن-قصن
۽ ڪهاڻين جي روپ ۾ پنهنجي گرانقدر تخليقون پيش
ڪيون آهن. جن ۾ اڪثر ٻارن جي تفريح جي لاءِ ڀي
لکيون ويون آهن. ان سان گڏوگڏ معلوماتي مضمونن کي
به سمائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ٻارن جي ادب جو سرمايو ڪنهن زبان ۾ گهڻو آهي ۽ ڪنهن زبان ۾ وري
گهٽ آهي. سنڌي زبان به انهن زبانن ۾ شامل آهي جنهن
۾ ٻارن جو معياري ادب ڪنهن حد تائين اطمينان بخش
نه آهي. الائي ڇو جڏهن اسان جا اديب، ليکڪ ۽ شاعر
ٻالڪپڻ جي حد اورانگهي جواني واري منزل تي پهچن ٿا
ته پوءِ آهستي آهستي ٻارن لاءِ لکڻ گهٽائي ٿا ڇڏن.
بلڪ ايئن کڻي چئجي ته پوءِ انهن جو اهو جوش ۽ جذبو
سوڙ پائي سمهي ٿو پوي. اهوئي سبب آهي جو اڄ به
اسان جي سنڌي ٻارڙن ۾ مايوسي ڇانيل آهي ۽ ان ڪري
ئي هو اردو ادب وڌيڪ پڙهن ٿا ۽ پسند ڪن ٿا. ڇاڪاڻ
جو اسان جا اڄ جا ليکڪ ٻارن لاءِ لکڻ کي هڪ وڏو
عيب ٿا سمجهن پر پوءِ به جَس آهي مقصود گل کي جيڪو
ننڍپڻ کان وٺي هيل تائين ٻارن لاءِ مسلسل سچائي
سان لکندو پيو اچي. ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو
ته مقصود گل واقعي ٻارن جو سچو شاعر آهي. بقول
وردز ورٿ جي ته (اڄ جو ٻار ٻي نسل جو ابو آهي) يا
کڻي سوليءَ سنڌيءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته ”اڄ جو ٻار
آئينده جو ابو آهي.“
ان قول کان مقصود گل بخوبي واقف آهي ڇاڪاڻ جو هو ٻارن جي نفسيات
چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. هونءَ به ٻارن لاءِ ٻار ٿي
لکڻو پوي ٿو تڏهن وڃي ٻارن جي ڏانءَ وٽان ڪا شي
تخليق ڪري سگهجي ٿو. ان ڳالهه کي مد نظر رکندي
مقصود گل ٻارن لاءِ تمام سٺو لکيو آهي ان ڳالهه جو
ثبوت سندس جا ٻه ڪتاب جيڪي هن ٻارن لاءِ لکيا جن ۾
”ڪرڻا ڪرڻا“ (شاعري) ۽ هٺيلي هرڻي (ڪهاڻيون) انهن
کان علاوه هو اڄ به سنڌ جي مختلف اخبارن جي ٻارن
جي صفحن ۽ رسالن ۾ ٻارن جيان ٻار ٿي لکندو رهي ٿو.
هي سندر سوچن وارو شاعر جنهن وٽ لفظن جا ڀنڊار ئي
ڀنڊار آهن.
اسان جي هن سنڌ ۾ تعليم به هڪ اهم مسئلو بڻجي چڪي آهي. اهڙا ٻار
جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ مال چارين ٿا يا شهر ۾ هوٽلن تي
وي. سي. آر، وڊيو گيم يا ڊس انٽينا ڏسڻ ۾ پنهنجو
قيمتي ٽائيم وڃائن ٿا يا پنهنجي جواني روڊن، رستن
۽ بازارن ۾ رلي خراب ڪن ٿا انهن کي مقصود گل علم
بابت ڄاڻ ڏيندي چوي ٿو ته:-
علم وڏي هڪ دولت آهي،
ان سان ملندي عزت آهي،
علم اُتم انسان بنائي،
علم ڇڏيندو عرش رسائي.
يا
علم شاهي شان آ انسان لئه
مرتبو ۽ مان آ انسان لئه،
علم سان سينگارجي سهڻا ٿيو،
سونهن، سوڀيا پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏيو.
مقصود گل جي ٻاراڻي شاعري تي جڏهن نظر وجهنداسين ته ان ۾ اسان
کي ٽيليويزن، ٽيليفون، سيارو، اونهارو، ڪتو، مڇي،
طوطو، سج، سچ، ڪوڙ، ڪاپي ڪلچر، استاد، پروليون ۽
حمد جهڙا مشهور ۽ مقبول نظم ملندا.
پکين ۾ طوطي جهڙو ڏاهو ۽ عقلمند پکي ٻيو ڪونهي جيڪو ماڻهن وانگر
ڳالهيون ٻوليون ڪري، مقصود گل به طوطي کي ڏاهو پکي
ڪوٺيو آهي ۽ ان تي ٻه ٽي تمام سٺا نظم به لکيا اٿس
طوطي جي حرڪتن، جسم ۽ جان، رنگ و روپ، کاڌ ۽ خوراڪ
جي باري ۾ ٻارن کي ٻڌائيندي چوي ٿو ته:-
”مٺوءَ کي ٿا طوطو ۽ چتون پڻ چون،
ڏسي ٻار پياري پکيءَ کي ٺرن،
اٿس واهه پوشاڪ سائي سٺي،
ڳچيءَ ۾ وري لال ڳاني اٿس.
عام ماڻهوءَ ۽ شاعر ۾ تمام گهڻو فرق ٿئي ٿو، عام ماڻهو محسوس به
ڪري ٿو ۽ سوچي به ٿو ۽ ان ۾ تخليق ڪرڻ جي سگهه
ڪانهي، جڏهن ته قلمڪار ڪنهن شيءَ کي محسوس، سوچڻ ۽
مشاهدي ڪرڻ کانپوءِ هڪ سهڻو ڍنگ ڏئي ٿو.
مقصود گل جڏهن مڇي مارڪيٽ مان مڇي وٺي گهر پهچي ٿو ته ان مڇي کي
سندس ننڍڙا ٻار ڏسي ڏاڍو خوش ٿين ٿا ۽ هنبوڇون هڻڻ
لڳن ٿا. اهو منظر اکين سان ڏسندي مقصود گل ان منظر
کي هڪ نظر جي روپ ۾ پيش ڪري ٿو.
بابي آندي اڇي مڇي،
امان چاڙهي اڇي مڇي،
شاعر پنهنجي مشاهدن جي روشنيءَ ۾ ماڻهن کي ايندڙ خطرن کان آگاهه
ڪري ٿو ۽ ائين هو قوم جي تقدير بدلائڻ ۾ مکيه
ڪردار نڀائي ٿو.
ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو اسان جي سموري سنڌ لاءِ تمام هاڃيڪار آهي.
جنهن جو وري ڪالاباغ نانءُ مٽائي انڊس ڊيم رکيو
ويو آهي. ان خطري متعلق مقصود گل ننڍڙن ٻارن واتان
چورائي ٿو ته:-
ڊَم ڊمَ، ڊمَ ڊمَ، ڪالا ڊيم
ٺاٺا ٺاٺا، ڪالا ڊيم،
ڪين کپي ٿو ڪالا ڊيم
ڪين کپي ٿو ڪالا ڊيم.
زندگي گهارڻ جا به ڪي اصول ٿيندا آهن. انهن اصولن ۾ سڀ کان اهم
۽ پهريون اصول انسانيت آهي، جنهن انسان ۾ انسانيت
ڪانهي اهو ڄڻ انسان ئي ڪونهي، ”انسانيت جا اصول“
وارو نظم ۾ گل ٻارن کي انسانيت سکڻ لاءِ چوي ٿو
ته:-
انسانيت سکي، ٿيءُ انسان ٻار پيارا،
انسان ساڻ الفت، پنهنجو اصول ڪر تون.
توکي اگر اچي ڪا تڪليف راهه حق ۾،
انعام ان کي سمجهي جلدي قبول ڪر تون،
هيڻن کي ڏي تون هٿڙا آڌار ٿي انهن جو،
اڳواڻ پنهنجي پيارا، پيارو رسول ڪر تون.
هن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي دور جي حوالي سان مقصود گل اهڙا به ٻارن
لاءِ نظم لکيا آهن جن مان سائنسي ڄاڻ ملي ٿي ۽ اها
سوچ اڄ جي ٻارن لاءِ اهم ضرورت به آهي. هن ٽيليفون
۽ ٽيليويزن متعلق نظم لکيا آهن. جن ۾ گل ٻارن کي
سٺي ڄاڻ ڏني آهي ۽ کين اهو به ٻڌائي ٿو ته اهي
شيون انگريز سائنسدانن جوڙيون آهن.
سندس جي نطم جون هي سٽون ڏسو:
جَس جي لائق محنت وارو هر ماڻهو آ ٻارو
”بئرڊ“ ڀي انسان ڀلو آ، اعليٰ عظمت وارو،
ٺاهي جنهن دنيا کي ”گل“ ڏيکاري ٽيليويزن.
يا
فون بنائي دنيا تي ”گرهام“ ڪيو احسان،
ٻارو سوچي ڏسجو ڪيڏو آه اتم انسان.
اسان جي تعليمي نظام ۾ چار شيون اهڙيون آهن جن اسان جي تعليم جو
ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهي آهن. 1- ٽيوشن، 2-
ڪاپي، 3- رشوت ۽، 4- سفارش. انهن چئن شين متعلق
مقصود گل ٻارن کي سمجهائيندي فرمائي ٿو ته:-
ٽيوشن، ڪاپي، رشوت جن آهي ٻيڙي علم جي ٻوڙي،
چوٿين آ سفارش، جنهن تعليم جي پاڙ اکيڙي،
چارئي پنهنجا دشمن سمجهو، محنت سان من لايو،
قرب ڪتابن ساڻ رکو ۽ پيارا علم پرايو.
انهن کان علاوه مقصود گل ٻيا به کوڙ سارا نصيحتن ڀريا نظم ۽ سبق
آموز ڪهاڻيون به لکيون آهن، هي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به
آهي. هن جي هر هڪ ڪهاڻي اسان جي معاشري جو جيئرو
جاڳندو چتر آهي جنهن ۾ هن اسان جي هن سماجي جا
گهمندڙ ڦرندڙ ڪرادار تمام سٺي نموني پئنٽ ڪيا آهن.
آخر ۾ دعا آهي ته شال مقصود گل ٻارن لاءِ اڃا به وڌيڪ سچائي ۽
خلوص سان لکندو رهي ته جيئن اسان جا سنڌي ٻارڙا
ڪجهه پڙهي پنهنجي اڃ اجهائي سگهن.
اسان سندس شعري ڪجهه بند ڏنا آهن، ٻارو، توهين سندس ڪتاب پڙهندا
ته اوهان کي وڌيڪ ڄاڻ ملندي. |