رشيد احمد ڪليري
ريڊار يا اليڪٽرانڪ اک
توهان سياري ۾ صبح جو سوير ٻاهر نڪري ڏٺو هوندو ته ڪيئن نه
ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري، اسان جي چوڌاري واريون
شيون، اسان کي ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن. پرٿڌ جي غير
معمولي حالتن ۾ ڪوهيڙو اهڙو ته وڌيڪ هوندو آهي، جو
هٿ نه ڏسي هٿ کي، پوين وقتن ۾ دنيا جي هوائي اڏن
تي اهڙي حالت، ڪيترائي دفعا هوائي جهازن جي حادثن
جو سبب بڻي آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو دکدائڪ واقعو
ملڪ اسپين ۾ پيش آيو، جڏهن ايئرپورٽ تي لهندي، ٻه
جهاز پاڻ ۾ ٽڪرجي پيا، جنهن سان سوين جانيون ضايع
ٿي ويون، پر اڄڪلهه اهڙي قسم جا حادثا ٿيڻ تقريباً
ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته سائنسدانن هڪ اهڙو اوزار ٺاهي
ڇڏيو آهي جو رات هجي يا ڏينهن، جهڙ هجي يا ڪوهيڙو،
برسات هجي يا ٻي رڪاوٽ، مطلب ته هر موسمي حالت ۾،
هر چيز تي نظر رکي سگهجي ٿي.
انهيءَ اوزار کي ريڊار سڏيو وڃي ٿو، ريڊار جرمني زبان جو لفظ
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ريڊيائي طريقي سان پتو
لڳائڻ ۽ فاصلو معلوم ڪرڻ.
انگريزي ۾ ريڊار جو سڄو نالو آهي ريڊيو ڊٽيڪشن اينڊ رينجنگ،
جيئن نالي مان ظاهر آهي ته ريڊار هڪ اهڙو طريقو
آهي، جنهن وسيلي ريڊيائي لهرون استعمال ڪري، هڪ
مقرر جڳهه کان، ان جي چوگرد موجود شين جو پتو
لڳائي سگهجي ٿو. اوهان اهو مشاهدو ضرور ڪيو هوندو
ته جڏهن چمڙو، رات جو ڪمري ۾ چڪر تيزيءَ سان
لڳائيندو آهي، ته ڪمري جي ڀتين وغيره سان ناهي
ٽڪرئبو، سائنسدانن جي تحقيق مان پتو پيو آهي ته
چمڙو جنهن جي منهن مان اهڙا شعاع نڪرندا آهن، جيڪي
ڪنهن سخت جسم سان ٽڪرائجي واپس ورندا آهن ۽ چمڙو
انهن شعاعن جي واپسي جو اطلاع ملندي ئي پنهنجي
پرواز جو رخ مٽائي ويندو آهي. ريڊار جي ڪم ڪرڻ جو
طريقو به بلڪل ائين آهي. ريڊار جي ڪم ڪرڻ جي طريقي
کي سمجهڻ لاءِ اسان کي انساني اک جي ڏسڻ جي اصول
جي به مدد وٺڻي پوندي. اوندهه ۾ جڏهن اسين بتي يا
ٽارچ وغيره ٻاريندا آهيون ته بتي جا شعاع سڀ کان
پهريان اهڙين شين تي پوندا آهن، جيڪي اتي موجود
هونديون آهن. شعاع انهن شين سان ٽڪرائجي، اسان جي
اکين ڏانهن موٽي اچن ٿا. اک تي ان جسم جو، عڪس ٺهي
ٿو. اهڙي نموني اسان ڏسي سگهندا آهيون!
ريڊار به هن اصول تي ڪم ڪري ٿو هڪ خاص اصول مطابق تيز رفتار
ريڊيائي لهرون، جن جي رفتار روشني جي لهرن جيتري
آهي، ۽ جنهن ڪري انهن لهرن کي روشني جون لهرون چئي
سگهجي ٿو. فضا ۾ چئني طرف ڦهلايون وينديون آهن. هي
لهرون جڏهن ڪنهن سخت جسم سان ٽڪرائبيون آهن ته
تيزيءَ سان واپس موٽنديون آهن ۽ انهيءَ سخت جسم جي
تصوير ريڊار جي لڳل پردي تي صاف نظر ايندي آهي.
لهرن جي وڃڻ ۽ واپس تصوير جو پردري تي ظاهر ٿيڻ جو
وقت نوٽ ڪيو ويندو آهي. جنهن مان حرڪت ڪندڙ جسم جي
رفتار معلوم ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته طرف معلوم ڪرڻ
لاءِ ريڊار جي ايرئيلس يا اينٽينا کي چئني طرف
گهمايو ويندو آهي، جنهن سان گهربل تصوير ريڊار جي
پردي جي مرڪزي تي اچي ويندي آهي.
اڄڪلهه ريڊار پاڻي وارن جهازن، توڙي هوائي جهازن جي محفوظ سفر
لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. بندرگاهه ۽ هوائي اڏي
تي جهاز جي ٽرئفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پڻ ريڊار
استعمال ڪيا وڃن ٿا. جنگي حالتن ۾، ريڊار ذريعي
حمله آور جهاز يا دشمن جي ڇڏيل ميزائيل جو پتو
لڳائي سگهجي ٿو ۽ بروقت جوابي ڪارروائي ڪري سگهجي
ٿي. ساڳي نموني سمنڊ تي موجود دشمن جي ٻيڙي يا
دشمن جي چرپر جي خبر به ريڊار ذريعي ملي سگهي ٿي.
ٽيليويزن جون لهرون زمين جي گولائي سان گردش نه ڪنديون آهن، پر
ريڊار جا شعاع زمين جي گولائي سان گردش ڪندا آهن،
جنهن ڪري اسان هن اليڪٽرانڪ اک سان پنهنجي نظر جي
ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ ڏسي سگهون ٿا. جتي انساني اک
دوربين ذريعي به ڪجهه نه ڏسي سگهي، اتي ريڊار سڀ
ڪجهه چٽو ۽ صاف ڏيکاريندي آهي. ڇاڪاڻ ته ريڊار جي
شعاعن جي آڏو، گهاٽا گهاٽا ڪڪر به رڪاوٽ نٿا بنجي
سگهن. اهڙن هنڌن تي جتي سدائين برف پئي پوندي آهي،
جيئن اتر قطب وغيره، اتي جهاز صحيح طرف نه ملڻ ڪري
پاڻ ۾ ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي ويندا هئا، ۽ هي سڀ
نقصان فضا ۾ موجود انڌيري ۾ ڪوهيڙي ڪري ٿيندو هو،
پر هن اوزار جي ڪري اهي سڀ خطرا ختم ٿي ويا آهن.
موسميات جا ماهر، موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ پڻ ريڊار جو استعمال
ڪندا آهن.
ايئرپورٽ، تي اوچتو بجلي بند ٿيڻ جي حالت ۾ ريڊار جي پردي تي
رن-وي جي تصوير صاف نظر ايندي آهي، جيڪڏهن جهاز
رن-وي کان هٽي کاٻي طرف ويندو ته پردي تي رن-وي جي
تصوير ساڄي پاسي ٿي ويندو ۽ ساڄي طرف جهاز لڙندو
ته تصوير وري کاٻي ڏسڻ ۾ ايندي.
سنڌيڪار: پارس راجڪپور
پير صاحب
گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته:
هڪ ٻلي پوڙهي ٿي وئي ۽ شڪار ڪرڻ جي قابل نه رهي پر! بُک جي ڪري
ڏاڍو پريشان رهڻ لڳي، ۽ شڪار کي ڦاسائڻ جي لاءِ
نيون نيون اٽڪلون سوچڻ لڳي.
هڪ ڏينهن هن ميدان تي داڻو وکيري ڇڏيو ۽ پاڻ، هڪ جڳهه تي ويهي
رهي. داڻو ڏسي ان ميدان تي ڪبوترن جو هجوم لڳي
ويو، پر ٻليءَ کي ڏسي، ڪنهن به ڪبوتر کي داڻو کائڻ
جي همت ڪونه ٿي.
هر روز ميدان تي داڻو وکيرڻ ٻليءَ جو روز جو معمول بڻجي چڪو هو،
آخر هڪ ڏينهن هڪ ڪبوتر همت ڪري داڻو کاڌو. ان
ڪبوتر کي داڻو کائيندي ڏسي ٻيا ڪبوتر به کائڻ لاءِ
شروع ٿي ويا.
ڪبوتر هر روز ٻليءَ جو وڌل داڻو کائي ويندا هئا، پر! ٻلي انهن
کي ڪجهه به نه ڪندي هئي.
هڪ ڏينهن ڪبوترن جي سردار ٻلي کان پڇيو: ”اي ٻلي! اسان هر روز
تنهنجو داڻو کائي ويندا آهيون، ۽ تون اسانکي ڪجهه
به نه چوندي آهين، ڇو؟“
ٻلي چيو ”اسانجي علائقي ۾ هڪ تمام وڏو پير صاحب رهندو آهي. اُن
اسان کي ٻين جانورن يا پکين کي تنگ ڪرڻ کان منع
ڪيو آهي، ۽ چيو آهي ته پکين جو شڪار نه ڪندا
ڪريو.“
ڪبوترن جي سردار چيو: ”اي ٻلي! تون اسان کي به اُن پير صاحب وٽ
وٺي هل.“
ٻليءَ وراڻيو: ”اوهانکي آئون وٺي ته هلان! پر هڪڙو شرط آهي ته
توهان مان هڪڙو پير صاحب سان ملڻ هلي، ڇو ته گهڻن
ماڻهن سان ملڻ پسند ناهي ڪندو.“
ڪبوترن جو سردار راضي ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ”پهرين آئون هلندس.“
ٻلي ڪبوترن جي سردار کي هڪ سوڙهي منهن واري ننڍڙي غار وٽ وٺي
وئي. ۽ چيو: ”پير صاحب هن غار جي اندر رهي ٿو.
جڏهن ڪبوترن جو سردار (ڪبوتر) اُن سوڙهي غار ۾
اندر ويو ته سندس پويان پويان ٻلي به غار ۾ هلي
ويئي، ۽ ڪبوتر کي پڪڙي کائي ويئي.“
جڏهن ٻلي، ٻئي ڏينهن تي ميدان ۾ آئي ته ڪبوترن پُڇا ڪيس ته:
”اسان جو سردار واپس ڇو نه آيو؟“ ٻلي جواب ڏنو:
”هُو ته پير صاحب جو مُريد ٿي ويو آهي! مون ته هن
کي گهڻو ئي چيو ته، هل! تنهنجي ساٿي تنهنجو انتظار
ڪري رهيا هوندا مگر هو ڪونه وريو.
هاڻي ٻلي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو! هُو روز هڪ ڪبوتر کي غار ۾
وٺي ويندي هُئي ۽ اُن کي کائي ڇڏيندي هئي. اهڙيءَ
طرح ڪيترائي مهينا گذري ويا.
هڪ ڏينهن ٻلي سخت بيماري ٿي پئي ۽ جڏهن هن جي بچڻ جو ڪو به آسرو
نه رهيو ته ڪبوترن چيس: ”اي نيڪ ٻلي! تون اسان کي
ڪا نصيحت ڪري وڃ! جيئن اسان توکي هميشه ياد رکي
سگهون!“
ٻلي چيو: ”اي منهنجا دوستو! جيڪڏهن! توهان کي ڪابه ٻلي نظر اچي
ته اکيون بند ڪري ڇڏجو! اهڙيءَ طرح نه اوهان ٻلي
کي ڏسي سگهندا! ۽ نه ئي! ٻلي اوهانکي ڏسي سگهندي.
۽! اوهانجي جان بچي ويندي.“
ڪبوترن کي ٻليءَ جي نصيحت ڏاڍي پسند آئي، هُو هاڻي ٻليءَ جي
نصيحت تي عمل ڪندا آهن. جنهن جو نتيجو اهو آهي ته
سندن موت ئي ٿيندو آهي.
يشونت مهتا (قسط-6) ڪارٽون ڪهاڻي
چون چون چاچو
33- ٽوٽو چيو، هي سڄو گرهه ته کچڻي جهڙو ٿو لڳي، چون چون چيو
کچڻي؟
”اڙي کچڻي جو نال کنيئه ته مون کي بک لڳڻ شروع ٿي ويئي.
34- ٽوٽو چيس، اڙي ڄٽ، هي گرهه ڄاڻ ڌرتيءَ سان ٽڪريو، ۽ تون کي
وري بک سجهي آهي. چون چون چيو، ڇا توکي بک نه لڳي
آهي؟
35- ٽوٽو چيو- بک ته مون کي به لڳي آهي پر......
36- چون چون، هيٺ وڃي ڏٺو ته هن کي کائڻ جو گوليون نظر آيون.
37- ٽوٽو کي گوليون ڏيکاريندي چيائين، هڪ هڪ گولي کائيندين ته
کير، بسڪيٽ، ملائي ۽ پڪوڙن جوسوار ايندءِ.
38- چون چون کي وري فقط هڪ ماڻهوءِ جي اڏامي سگهڻ واري مشين نظر
آئي. (هلندڙ)
نثار بزمي
مالڪ
مون ۾ عيب اَپارَ. مالڪ! پنهنجي مهر ڪندين شل.
درتنهنجي تي سوالي آهيان.
سائل جي لهه سارَ مالڪ! پنهنجي مهر ڪندين شل.
توريءَ آهي واه نه ڪائي،
خالق خلقڻهار! مالڪ! پنهنجي مهر ڪندين شل.
جهڙو تهڙو تنهنجو آهيان.
ڪر نه ڏکيو ڏاتار! مالڪ پنهنجي مهر ڪندين شل.
شاعر تنهنجي شوق ۾ ويهي،
ٺاهي ٿو اشعار مالڪ! پنهنجي مهر ڪندين شل.
بزمي جهڙا ڪاڏي ويندا.
پرتا ٿي پينار. مالڪ! پنهنجي مهر ڪندين شل.
مشتاق ڀرڳڙي
مستقبل جو معمار آهيان.....
مان ٻار آهيان، مان ٻار آهيان،
مستقبل جو معمار آهيان.
محنت ڪري مان ٿو لکان پڙهان،
تڏهن ئي ته هوشيار آهيان.
مستقبل جو معمار آهيان.
اسڪول وڃان ٿو مان روزاني،
گسائڻ واري کي سمجهندو بيڪار آهيان.
مستقبل جو معمار آهيان.
هر ننڍي وڏي جو ادب ڪيان ٿو،
جڳ ۾ خوشين سان سرشار آهيان.
مستقبل جو معمار آهيان.
منهنجي ٻولي صاف، سنڌي ۽ سولي،
امڙ جي هيئن جو هار آهيان.
مستقبل جو معمار آهيان.
رب زدني علماً هي دعا،
هر وقت گهرندو هر بار آهيان.
مستقبل جو معمار آهيان.
امتياز سومرو
بي گناهه شاگرد جو موت
مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح سان ياد آهي، جڏهن اسان ٻئي يعني
مان ۽ احمد ڪاليج جي ڪينٽين ۾ ويٺا هئاسين ۽ ڪاڪي
نبن جي ٺاهيل چانهه جو سرڪيون ڀري رهيا هئاسين.
”ڪاڪو نبن ڪاليج جي ڪينٽين ۾ چانهه ٺاهيندو آهي، هونءَ پورو
نالو نبي بخش خان اٿس، ڪاليج جي ڪينٽين ۾ اچڻ کان
اڳ چونڪ تي انبن جي ريڙهي ڪڍندو هو پوءِ خبر نه
آهي ته الائي ڪيئن ڪاليج جي ڪينٽين ۾ پهتو، چانهه
زبردست ٺاهيندو آهي. جو دل چوندي آهي ته سڄو ڏينهن
ويهي ڪاڪي نبن جي ٺاهيل چانهه پيئجي!“
مان ۽ احمد انگلش جو ليڪچر ٻڌي آيا هئاسين، جڏهن ڪو ليڪچر خالي
هوندو آهي، تڏهن اڪثر شاگرد ڪينٽين ۾ هليا ايندا
آهن ۽ ڪاڪي نبن جي ٺاهيل چانهه جو مزو وٺندا آهن.
مان ۽ احمد اڪثر ڪري گڏ هوندا آهيون. احمد منهنجو
۽ مان احمد جو تمام سٺو دوست ۽ پاڙيسري آهيان.
احمد ڏاڍو هوشيار آهي. هونءَ ته منهنجي خبر اٿس ته
مان جيئرو جاڳندو کنڊر آهيان، مون ۾ ڪجهه به
ڪونهي، پر ان ڏينهن الائي ڇا ٿيو هيس جو مون کان
پڇيائين ”ڪمال صاحب! اسين ليوسي گري بابت ليڪچر
ٻڌوسين. مون کي ته ليوسي گري ڪهڙي ليکڪ لکيو آهي؟
۽ ليوسي گري ڇا آهي؟“
مان سوچ ۾ پئجي ويس ته مان پڙهائيءَ ۾ بلڪل جڏو آهيان. ڪا ڳالهه
سمجهه ۾ نه ايندي آهي. تڏهن سڀ گهر وار ۽ دوست
چوندا آهن ته ”ڪمال تون ڪمال جو ذهين آهين نه پڙهڻ
۾!“ جڏهن پاڻ لاءِ ڪمال جو ذهين ٻڌندو آهيان ته
ڏاڍو باغ بهار ٿيندو آهيان، پر جڏهن جملو ڪنن
تائين پهچندو آهي. تڏهن اندر سڙي ويندو آهي. جڏهن
ڪافي دير تائين مان چانهه جي خالي ڪوپ ڏانهن ڏسندو
رهيس، تڏهن احمد ڳالهايو ۽ پڇيائين ”ليوسي بابت ڪا
ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي اٿئي يا مون کي پنهنجو علم
ڏيڻ نه ٿو چاهين؟“ تڏهن ڄڻ منهنجي ڪمزور ذهن ۾
سگهه جي سَهَو گهمي ويو ڳالهايم ”ليوسي گري“ وليم
ورڊس ورٿ جو لکيل بيت آهي. ۽ ليوسي گري هڪ ڇوڪري
جو نالو هو، جنهن پنهنجي پيءُ جي حڪم تي تعميل
ڪندي پنهنجي جان وڃائي ڇڏي هئي.“
تڏهن محسوس ٿيو هوم ته احمد ڏاڍو خوش ٿيو هو. ۽ پوءِ هڪدم پڇيو
هئائين“ اهو ڪيئن ڀلا؟“
”ڪتاب پڙهندڙن جا دوست هوندا آهن. تون به پڙهندڙ آهين. ڪتاب
تنهنجا دوست آهن. تون پنهنجي دوستن جي زور تي ڪُڏي
رهيو آهين.“ مون احمد کي چيو هو پر احمد کي منهنجي
ڳالهه نه وڻي هئي هڪدم چيو هئائين ”تون بلڪل غلط
آهين. ڪتاب هر پڙهيل ماڻهوءِ جا دوست هوندا آهن.“
مون کي احمد جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون آهن.
الائي ڪٿان ڪٿان ڳالهائيندو آهي. تڏهن سوچيم هيم..
ڪجهه ياد پيم ڳالهايم. ”اها هڪ طوفاني رات هئي
جڏهن ليوسي کي پنهنجي پيءُ چيو ته هوءَ بتي کڻي
وڃي ۽ پنهنجي ماءُ کي رستو ڏيکاري. جڏهن ته سندس
پيءُ ٻنيءَ ۾ گاهه ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ليوسي
پنهنجي والد جي حڪم مطابق بتي کڻي کلندي کيڏندي
پنهنجي ماءُ کي برفاني رستن تي بتي ڏيکارڻ لاءِ
هلي ويئي جڏهن رات تائين ليوسي واپس نه آئي تڏهن
سندس والدين ڏاڍو پريسان ٿيا ۽ ان جي ڳولا ۾ نڪتا.
اهي سڄي رات برف جي پهاڙين تي ليوسي کي آواز ڏيندا
رهيا ۽ تلاش ڪندا رهيا. انهن کي برف جي مٿان ڪجهه
فاصلي تائين ليوسي جي پيرن جا نشان مليا ۽ پوءِ
ختم ٿي ويا. ۽ پوءِ ڪوبه نشان نه ملين. آخر سندس
والدين مايوس ٿي واپس آيا.“ تڏهن احمد تاڙيون
وڄايون هيون، سڄي ڪينٽين ۾ ويٺل شاگردن جي ڌيان
اسان ڏانهن ٿي ويو هو. احمد پهريون منهنجي ذهانت
تي ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ مان به ڪجهه ڪجهه حيران ٿيو
هيس ۽ سوچيو هيم ”ڪابه شيءَ ايتري تائين عمل ۾ نه
ايندي آهي جيتري تائين ان کي عمل ۾ نه آندو وڃي.
”واهه ڪمال صاحب واهه! اڄ ته بلڪل ڪمال ٿو لڳين. ان خوشيءَ ۾ اڄ
چانهه جا پئسا صرف مان ڏيندس، اڄ آمريڪن سسٽم کي
گولي هڻ! اٿ ته هلو ليڪچر شروع ٿي ويو هوندو.“
احمد بيري کي پئسا ڏنا ۽ اسان ٻئي ڪينٽين مان نڪري
ڪاليج طرف وڌڻ لڳا هئاسون. اوچتو اسانجي نظر ڪاليج
جي باغ ۾ پئي سامهون باغ ۾ ڪجهه شاگرد وڙهي رهيا
هئا. احمد باغ ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ مون کي به پاڻ
ڏانهن ڇڪيائين، مون کيس روڪيو ۽ چيو مانس. ”احمد
ڪالهه وارو سر قريشيءَ وارو ليڪچر وسري ويو اٿئي؟
سر چيو هو ته، ٻين جي جهيڙي ۾ پوڻ سان نقصان
پنهنجو ٿيندو آهي. جهيڙي ڪرڻ وارا تمام جذباتي
هوندا آهن. هو ڪجهه به ڪري سگهندا آهن، ۽ ڪجهه به
ڪرڻ وارا ڪجهه به نه ڏسندا آهن.“ احمد منهنجي
ڳالهه نه ٻڌي ۽ چيائين ته. سائين اهوبه ته چيو هو
نه ته ڪنهن جي صلح ڪرائڻ نيڪيءَ جو ڪم آهي.“ ۽
اسان ٻئي انهن ويڙهو شاگردن ڏانهن وڌي ويا هئاسون،
ڀرسان وڃي ڏٺوسين ٻه ڄڻا اسانجا ڪلاسي فيروز ۽
شاهنواز هئا ۽ ٽي ڄڻا انٽر جا شاگرد هئا. پاڻ ۾ هڪ
ٻئي کي لتون ٺونشا هڻي رهيا هئا مون ۽ احمد کين
ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان به ڄڻ انهن جا دشمن
هجون. اسان ٻنهي کي به ڏاڍا ٺونشا لڳا هئا. جڏهن
ڳالهه وڌي وئي. تڏهن انٽر جي هڪ شاگرد جيڪو ڊگهو ۽
ٿلهو هو تنهن شلوار جي ور مان پستول ڪڍيو ۽
شاهنواز ڏانهن پستول سڌو ڪيائين.گولي هلايائين
شاهنواز کي نه لڳي سڌو احمد جي سيني ۾ لڳي، احمد
ڦهڪو ڪري ڌرتيءَ تي ڦٿڪن لڳو، مون ان ٿلهي ۽ ڊگهي
شاگرد ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. هن ٻي گولي هلائي.
منهنجي کاٻي ٻانهن ۾ لڳي، مان به ڪري پس. اهي انٽر
۽ فرسٽ ييئر جا سڀ شاگرد ۽ ليڪچرر ڪلاسن مان نڪري
ڪاليج جي باغ طرف وڌڻ لڳا. اهي ٽئي ڀڄي ويا. مون
احمد ڏانهن ڏٺو هو ڦٿڪي رهيو هو. گولي دل ۾ لڳي
هئس تڙپي رهيو هو. مون ساڄي هٿ ۾ گولي واري کاٻي
هٿ کي جهليو ۽ احمد وٽ اچي کيس منهنجي ٻانهن ۾ کڻي
سيني سان لاتم هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. چئي نه
سگهيو. اکيون آسمان ۾ اٽڪجي پيس. ڪجهه دير کانپوءِ
اسان ٻنهي جي چوڌاري شاگردن جو ميڙ هو ڪجهه ليڪچرر
به هئا. مون احمد ڏانهن ڏٺو. ان جو روح اڏامي چڪو
هو، مان به کيس ڏسڻ سان بيهوش ٿي پيو هوم، جڏهن
هوش آيو ته پاڻ کي سول هاسپٽل جي اسپيشل وارڊ ۾
بيڊ تي ڏٺو هوم. تڏهن احمد جي غير موجودگيءَ جو
شدت سان احساس ٿيو هوم، ان ڏينهن مان ڏاڍو رنو
هوم. ان ڏينهن کان پوءِ هر ڪنهن کي صرف ايترو
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ته .ٻين جي جهيڙي ۾
پڻ پاڻ سان دوکو آهي. دغا آهي، جهيڙي ڪرڻ وارا
ڏاڍا جذباتي هوندا آهن. اهي ڪجهه به ڪري سگهندا
آهن ۽ ڪجهه به ڪرڻ وارا ڪجهه به نه ڏسندا آهن!“
بخت عابد
علم پرايو
ٻارو هر دم علم پرايو،
قوم وطن جو مان وڌايو.
علم سان رکجي ڏاڍو پيار
محنت ڪجي ٿجي هوشيار
منزل ماڻي وٺجي يار
اونڌاهيءَ کي دور ڀڄايو
ٻارو هردم علم پرايو.
پڙهڻ لکڻ سان محبت رکجي،
مور نه واندو ويهي رهجي،
پنهنجي سبق کي هر دم پڙهجي
وقت نه پنهنجو ائين وڃايو.
ٻارو هردم علم پرايو.
علم اسان جو شان پيارا،
ملڪين ٿيندو مان پيارا
دولهه دريا خان پيارا
محنت آهي عجب سرمايو
ٻارو هر دم علم پرايو.
علم پڙهڻ سان بخت کلي ٿو
علم پڙهڻ سان تخت ملي ٿو.
جاهل جڳ ۾ خوب رُلي ٿو،
منهنجي ڳالهه هيئن سان لايو.
ٻارو هر دم علم پرايو.
پارس راجڪپور
پوپٽُ
پوپٽ رنگَ ڇڏي ويو هٿن تي،
هاڻي وڃي ويٺو آ گلن تي.
ڪچڙو ۽ نازڪڙو آهي!
سُهڻا چِٽَ ٺهيل ٿس پَرنَ تي.
ڳاڙها، ساوا، ناسي ۽ هيڊا،
هن کي ناز آ پنهنجي رنگ تي.
پرَ اٿس ڄڻ دعا جا هٿڙا،
رحم خدا ڪر! ننڍن وڏن تي.
ڪانه ٿو ويهي اُڏري وڃي ٿو،
کيڏايان ڪيئن هن کي هٿن تي.
پوپٽ جو پيغام آ ”پارس“!
جان به ڏي تون پيار وطن تي. |