نئون سلسلو
اچو ته ڪهاڻي لکون
ٻارن جي ذهني تربيت لاءِ اهو ضروري آهي ته هنن ۾
لکڻ جو ڏانءُ ۽ اهليت پيدا ٿئي. گل ڦل طرفان وقت
بوقت اهڙا سلسلا جاري ٿيندا رهيا آهن، جيڪي ٻارن
جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ذهني تربيت ڪرڻ ۾ نهايت
ڪامياب ويا آهن. سنڌ جا ٻار ڪهاڻيون لکڻ ۾ وڏو
چاهه وٺندا رهيا آهن پر انهن جي صحيح طور رهنمائي
نه هجڻ ڪري هو ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيا آهن ان
ڪري اسان اوهان جو امتحان جو ڪالم بند ڪري ان جي
جاءِ تي نئون ڪالم شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن
ٻارن ۾ ڪهاڻين لکڻ لاءِ چاهه وڌائي سگهجي. جيتوڻيڪ
ڪهاڻي لکڻ ڪو سولو فن نه آهي، ان هوندي به آهستي
آهستي لکڻ سان اڄ نه ته سڀاڻي ضرور ڪاميابي حاصل
ٿيندي. جيڪي ٻار ڪهاڻين ۾ دلچسپي نٿا وٺن ته انهن
لاءِ آڏ اکري ڳجهارت جو ڪالم قائم آهي. هو ان ۾
حصو وٺي پنهنجي دلي تمنا پوري ڪري سگهن ٿا.
اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ هڪ رهنما مواد هر ماهه ڏنو
ويندو جنهن تي ٻارن کي ڪهاڻي ٺاهي لکي موڪلڻي آهي،
ان لاءِ هيٺيان اصول ۽ شرط مقرر ڪيا ويا آهن:
1.
ڏهين جماعت تائين پڙهندڙ هر ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي
سگهي ٿو پر جيڪڏهن ڪو ٻار اسڪول ۾ پڙهندڙ نه آهي ۽
هن ڪالم ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو ته وڏي خوشيءَ سان وٺي
سگهي ٿو.
2.
هيڊ ماستر جو سرٽيفڪيٽ وٺي موڪلڻ ضروري نه آهي.
3.
هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون-4 جو ڪوپن ڀري
پنهنجي ڪهاڻي سان شامل ڪري موڪلڻ ضروري آهي.
4.
ڪهاڻي ڪل 500 لفظن يا گل ڦل جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ۽ وڌ
۾ وڌ ٽن صفحن جيتري هجڻ کپي.
5.
ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ پنهنجو پورو نالو ۽ ائڊريس ضرور
لکڻ کپي.
6.
پهرين ٻن ڪهاڻين کي، ڪهاڻيڪار جي فوٽي سان گل ڦل ۾
شايع ڪيو ويندو، ان ڪري ڪهاڻيءَ سان گڏ پاسپورٽ
سائيز فوٽو موڪلڻ ضروري آهي.
7.
جيڪڏهن ڪنهن به لکندڙ جي ڪهاڻي پهريون يا ٻيو نمبر
آئي ۽ سندس فوٽو ڪهاڻي سان شامل نه هوندو ته اسان
بنا لکپڙهه ۽ انتظار جي اها ڪهاڻي فوٽي کان سواءِ
به شايع ڪري ڇڏينداسون.
8.
ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو جو اسان وٽ 10- جنوري 1983ع
کان اڳ پهچي وڃي.
9.
حصو وٺندڙ سڀني ڪهاڻيڪارن جا نالا پڻ شايع ڪيا
ويندا.
اچو ته ڪهاڻي لکون- 4
رهنما مواد
ننڍڙي عمر ۾، مائٽن طرفان ڊپ ڏياريندڙ لفظ- رات جو
خوف ڏيارڻ جن ٿو اچي، ٻڌي ننڍڙو انور طبيعت ۾ صفا
ڊيڄو ٿي پيو هو. رات جو کٽ تان لهندو ڪونه هو.
اونهاري سياري رات جو ڪپڙو به منهن تان نه لاهيندو
هو. ٿوري آواز تي پگهر ۾ شل ٿي ويندو هو. ٻارو هن
مان ننڍپڻ جو ڊپ ذهن مان ڪڍڻو آهي. اهڙي نموني سان
ڪهاڻي لکو جو هو انهن شين کي فضول سمجهي پنهنجي
زندگي دليري سان گذاري سگهي.
موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12 حيدرآباد.
نتيجو
اچو ته ڪهاڻي لکون
ماهه مئي 1982ع جي پرچي ۾ هي نئون سلسلو شروع ڪري
رهنما مواد ڏنو ويو هو جنهن ۾ هيٺين ٻارن حصو
ورتو: 1- نياز حسين تونيه لاڙڪاڻو. 2- گلزار احمد
قاضي سانگهڙ. 3- شميم کٽياڻ ميرپورخاص. 4- سيد
حيدر عباس موسوي پراڻو سکر. 5- محمد موسيٰ دائود
پوٽو دڙي. 6- رشيد احمد زرداري حيدرآباد. 7- سونو
مل اداسي کپرو. 8- عبدالصمد ميمڻ نوشهرو فيروز. 9-
مجاهد صدرالدين پتو جو جکر 10- سڪندر اعظم سومرو
خيرپور. 11- ڪذبانو ڪورائي. 12- فرخ زيب ميمڻ
ڏيپلو. 13- اظهر حسين ميمڻ کهڙا. 14- عبدالرزاق
جيڪب آباد. 15- الطاف حسين باگراڻي ڇتو مادراڻي.
16- بخت علي خشڪ لاڙڪاڻو. 17- محمد فاضل ڪيريو
سڪرنڊ. 18- عابد کوسپل پريالو خيرپور. 19- محمد
حنيف جوکيو، مٺا خان جوکيو. 20- محمد اسلم ڪشمور.
21- شهاب احمد جوڻيجو حيدرآباد. 22- شريف الدين
ڏيپلائي. 23- شڪيل احمد نظاماڻي ٽنڊو سومرو. 24-
محمد حنيف ميمڻ چوهڙ جمالي. 25- نثار نياز سومرو
رسول آباد. 26- نجمه بيگم پٺاڻ، صوڀو ديرو. 27-
سعيد احمد شيخ لاڙڪاڻو. 28- بنانالي 29- اختيار
پروين خاصخيلي صوڀو ديرو 30- سنگت راءِ ڏوڪري. 31-
عبدالعزيز پنهور دادو. 32- زينب کٽياڻ ميرپورخاص.
33- نظر احمد اوڍاڻو گهوٽڪي، 34- ظهير الدين مهيسر
ڪشمور. 35- بنا نالي. 36- جئه پرڪاش کتري غلام نبي
شاهه. 37- بنا نالي. 38- اختر حسين ڪيريو فيض محمد
ڪيريو. 39- گل ايم چوهاڻ دڙو. 40- رخسانه ناز
سومرو سکر.
ججن جي فيصلي مطابق هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون
پهريون نمبر قرار ڏنيون ويون.
1-
زينب کٽياڻ ميرپورخاص 2- رخسانه ناز سومرو سکر.
انهن ٻنهي جون ڪهاڻيون هن پرچي ۾ شايع ڪيون پيون
وڃن. (ايڊيٽر)
سَلام ۽ سَنيهَا
ڪنڊيارو کان رخسانه انجم لکي ٿي ته جون جولاءِ
واري رسالي ۾ سواءِ هڪ ٻن ڪهاڻين جي ٻيون اصل ڪونه
وڻيون. ان جو ڪارڻ شايد اهو آهي ته وڏن اديبن هٿ
ڪڍي واڳون ننڍڙن اديبن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن.
وڏن اديبن کي به هن رسالي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي رڳو
ننڍن اديبن تي ذميداري سونپڻ سان رسالي جو معيار
ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو ويندو. حليم حرڪتي ڪالم
ڏاڍو دلچسپ آهي. هن مان ٻارن ذهني طور ڪجهه نه
ڪجهه ضرور پرائيندا. ”اچو ڪهاڻي لکون“ وارو سلسلو
ڏاڍو سٺو آهي ان مان نون لکندڙن ۾ لکڻ جو شوق
اڀرندو. انٽرويو ۾ ڪوشش ڪري ذهين ٻارن جا انٽرويو
وٺندا ڪريو. مان به ستت هڪ ذهين ٻار جو انٽرويو
وٺي موڪليندس.
هن ڀيري سائنس ۾ ”چمڙيءَ“ تي مضمون وڻيو.
·
ڀيڻ، رسالو اصل ۾ لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي ملڪيت آهي.
وڏا اديب ڪجهه ته هن رسالي لاءِ لکن پيا پر ڪن کي
شايد عار ٿو ٿئي اسين ڪوشش ڪندا آهيون ته جيئن ٻئي
هن رسالي مان محفوظ ٿين حليم حرڪتي ۽ اچو ته ڪهاڻي
وارن ڪالمن لاءِ اوهان جي راءِ لاءِ مهرباني.
اوهان جي انٽرويو جو انتظار رهندو.
داد لغاري کان الطاف سومرو لکي ٿو ته: ماهه جون
جولاءِ جو گل ڦل مليو. پسند آيو. خاص ڪري ٽائيٽل ۽
مواد جي ترتيب سٺي هئي. ’حليم حرڪتي‘ ڪالم چڱو
آهي. ظفر عباسي سٺو لکي ٿو. سلام سنيها ۾ ٻارن جا
خط پڙهيم ڪو چئي ٿو ته فلاڻو ڪالم هلايو. ته ڪو
وري چئي ٿو ته فلاڻا ڪالم نه هلايو هن وقت ٻارن جي
هيٺين گهر عام آهي. 1- روشن تارا، روح رهاڻ ۽ کل
ته سهي ڪالم ٻيهر شروع ڪريو. 2- عالمي شهرت يافته
شخصيتن جي حياتي جا احوال ڏيو. پر مٿيان ڪالم گل
ڦل ۾ ان ڪري ڪامياب نٿا وڃن جو روشن تارا ڪالم ۾
ٻار پنهنجون دوستيون پاريندا آهن نا اهل ٻارن جا
انٽرويو وٺي موڪلين ٿا. جنهن ۾ ڪوبه اهميت ڀريو
سوال ۽ جواب نه هوندو آهي. باقي روح رهاڻ کل ته
سهي، هنن سان ملو ڪالم نه هجڻ جي برابر آهن انهن
سان ٻارن کي ڪوبه سٺو مواد ڪونه ٿو ملي. قلمي
دوستي ته صرف فوٽو تائين محدود هوندي آهي. منهنجي
صلاح آهي ته روشن تارا جي جاءِ تي ٻاراڻي ادب تي
نئين ٽهيءَ جي لکندڙن جي فن تي تنقيدي ليک ڏجن
جيئن ڪنهن سان شام ملهائڻ وقت انهن جي فن تي
تقريرون ڪيون وينديون آهن. عالمي شخصيتن تي لکڻ
پراڻيون ڳالهيون ورجائڻ آهن. اهو ڪو سٺو سلسلو نه
آهي. ان کان سواءِ پڙهندڙ ٻارن جو اهو چوڻ به غلط
آهي ته گل ڦل ۾ صرف وڏن جو مواد ڇپجي ٿو. هو گهوڙا
گهوڙا به پاڻ ڪندا آهن ته اسان جا اديب ٻارن لاءِ
نٿا لکن وري جي لکن ٿا ته ٻار روئن ٿا ته سائين
رسالي ۾ اسان جو حق مارجي ويو! ٻار آخر ٻار آهي.
اوهان گل ڦل ۾ وڏن کي پورو حصو ڏنو آهي ايترو گهڻو
حصو ته نه ڏنو آهي، جو ٻار روئن ٿا. اوهان جو
امتحان بند ڪري نئون سلسلو اچو ته ڪهاڻي لکون ڪالم
ڏنو ويو آهي. اهو اوهان سٺو ڪم ڪيو آهي. اوهان جي
امتحان ۾ حسابن جا جواب استاد ڪڍي ڏيندا هوا. هن
نئين ڪالم ۾ ٻارن جو ذهن ڪجهه تيز ٿيندو ۽ لکڻ جو
ڏانءُ وڌندو، باقي ٻيا ڪالم سٺا هلن ٿا. گل ڦل آڏ
اکري وارو ڪالم پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي. سوال
آسان اچن ٿا. ٻارن جي اخبار ۽ بنا عنوان به صحيح
آهن. ريڊار مضمون موڪليان ٿو شايع ڪرڻ جهڙو هجي ته
شايع ڪندا.
·
ڀاءُ، اوهان سڀ ڪجهه اهو لکيو آهي جيڪو مختلف خطن
جي جوابن ۽ ٻين طريقن سان اسان ٻارن کي لکندا رهيا
آهيو. اوهان جيڪڏهن نئي ٽهي وارن ليکڪن، فنڪارن
(شاعر، ڪهاڻيڪار، چترڪار ۽ ڪلاڪار) جي ضلع وار لسٽ
مرتب ڪري موڪليو ته پوءِ اسين انهن مان ٻارهن
چونڊي اوهان ڏانهن ڏياري موڪليون، جيئن جنوري 1983
ع کان اهو سلسلو جاري ڪري سگهجي، اها راءِ ڏاڍي
وڻي اوهان جي تفصيلي خط لاءِ مهرباني. ريڊار،پ اگر
اڳ شايع نه ٿيل آهي ته ضرور هلائبو.
اميد ته آئندي به رسالي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ
سٺيون صلاحون ڏيندا رهندا.
صوڀو ديرو کان اختيار پروين خاصخيلي لکي ٿي ته
جنوري 1982ع کان وٺي گل ڦل مواد ۽ خوبصورتيءَ جي
لحاظ کان اوج تي آهي. مون کي آگسٽ 82ع واري پرچي ۾
جوهر بروهي، ذوالفقار سيال ۽ مظفر مير جا نظم پسند
آيا. ڪهاڻين ۾ اڌوريون تمنائون ۽ جئڻ ڪاڻ ڏاڍو
متاثر ڪيو حليم حرڪتي ڪالم ايڏو سٺو نه آهي ان جي
جاءِ تي روح رهاڻ شروع ڪيو ته بهتر. ناز غلام حسين
جو ائٽم بم ۽ غلام سرور خاصخيلي جي ڳالهه ٻولهه
وڻي. ننڍڙن اديبن ۾ ماضي جون يادون، ميرو دريا ۽
معمار ڪهاڻيون وڻيون الطاف آگرو جي عام معلومات به
ڀلي آهي. آڏ اکري ڳجهارت هر مهيني ڀريان ٿي پوءِ
الائي ڇو مون کي انعام نٿو ملي. اچو ته ڪهاڻي لکو
جو ڪالم بهتر آهي اوهان جيڪو ٻارن جو شاهه تاليف
ڪيو آهي اهو وي پي ذريعي ايندو يا مني آرڊر ڪري
موڪلجي ته پوءِ ملندو. مهرباني ڪري ڪتابن جون
ائڊريسون ٿلهن اکرن ۾ لکو. دعا آهي ته گل ڦل اڃا
به وڏو مقام حاصل ڪري.
·
ڀيڻ، گل ڦل اوهان جو پنهنجو رسالو آهي انڪري ئي
اوهان کي پسند اچي ٿو. اوهان آگسٽ جي پرچي تي
تبصرو ڪيو آهي ان لاءِ مهرباني. اميد ته آئندي به
ياد ڪندا رهندا. انعام ملڻ ۾ اوهان جي ذهن ۽ نصيب
ٻنهي جو گڏيل عمل آهي. نصيب هوندو ته ذهن به ائين
ڪم ڪندو ۽ انعام آساني سان ملي ويندو. ’ٻارن جو
شاهه‘ مني آرڊر سان گهرائڻ وڌيڪ بهتر آهي. پوريون
ائڊريسون ته لکجن پيون باقي ان کان ٿلها اکر لکڻ
ممڪن ڪونهي.
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
ٻن ٻارن جو جواب بلڪل صحيح آيو
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 37 جو نتيجو
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-37 جو نتيجو تاريخ 22- آگسٽ
1982ع صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان
وقت موجود هوا) جي روبرو، مسٽر غلام رباني آگرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ظاهر ڪيو.
ساڄي کان کاٻي:
1-
گهارڻا 4- پن 5- ڪجهه 6- روم 8- وڻ 10- راڪيٽ.
مٿان کان هيٺ:
2-
راڪ 3- اس 7- مشڪ 9- پَر.
هيٺين ٻن ٻارن جا جواب بلڪل صحيح آيا:
1-
سنيل ڪمار واسواڻي معرفت ڊاڪٽر رميش لعل رجسٽرار
سرجري-2 سول اسپتال لاڙڪاڻو.
2-
رفعت آرا ابڙو معرفت محمد علي ابڙو گهر 144 نزد
شاليمار سئنيما، گڊس ناڪو، حيدرآباد.
ٻنهي ٻارن کي سندن ائڊريس تي 50، 50 روپين جا ڪتاب
موڪليا پيا وڃن.
ڪل 1614 ٻارن هن ڳجهارت ۾ حصو ورتو، جيڪي سڀيئي
مقابلي ۾ شريڪ ڪيا ويا.
نتيجو بنا عنوان
ماهه جون- جولاءِ جي پرچي ۾ امتياز ابڙو جي ڪهاڻي
بنا عنوان ڏني ويئي جنهن جو عنوان پڙهندڙ کي مقرر
ڪرڻو هو. پر ججن جي فيصلي مطابق ڪنهن به پڙهندڙ جو
عنوان صحيح نه هو. ايڊيٽر
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 39
هڪ سؤ روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 1- جنوري 1983ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 2- جنوري 1983ع
هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن، انهن کي اهڙيءَ طرح
ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مطلب ٿي وڃن. جملن
۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا
آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. نمبرن جي روشنيءَ ۾
جملا پڙهي، خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي
اسان ڏانهن مقرر تاريخ اندر ڏياري موڪليو. لفافي
تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي.
جن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي هڪ سؤ روپين جا
ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ هڪ کان
وڌيڪ ٻار هوندا ته انعام وارا ڪتاب سڀني ۾ هڪ
جيترا ورهايا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ ڪوبه نه آيو ته
اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو، جي هڪ
غلطيءَ ۾ ڪوبه نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهيني سان
گڏي ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور
پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
1-
ڪي درويش صورت شخصيتون پنهنجي........ سان ماڻهن
تي اهڙا اثر ڇڏينديون آهن جو سندن اصليت جو پتو ئي
ڪونه پوندو آهي.
5- سانڍڻ سان...... جو ڳوڙهو ناتو آهي.
6- سوچ جيڪڏهن صحيح آهي ته ڪاميابي......... حاصل
ٿيندي.
8- ڪي....... روشني سهي نه سگهندا آهن.
مٿان کان هيٺ
2-
تڏهن هو سنگدل مس مس وڃي ٿيو مهربان........ ڪجهه
(طالب الموليٰ)
3-
زندگي............ جو ٻيو نالو آهي.
4-
سڌ جو هڪ قديم بندرگاهه........... جنهن جا اکر
اڳتي پوئتي لکجي ويل آهن.
7- جيءَ کي جهورڻ ۾......... جو وڏو هٿ آهي.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 39
هدايتون ۽ شرط
1.
پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾
خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، ٻئي
گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا
ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
2.
مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه
ڪيا ويندا.
3.
ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن جي
جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو
ويندو.
4.
هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر هر
خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل مان
ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا
به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.
5.
لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي
۽ پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.
6.
صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن روزنامه
عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ
ڪوشش ڪئي ويندي.
7.
صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري،
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو
آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.
8.
صحيح جواب تي هن سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته
انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي صحيح
جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾
ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪوبه نه آيو ته اهو
انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.
9.
ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه
ڪيا ويندا.
10.
هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي
مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن به
عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو. |