سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر، آڪٽوبر 1982ع

باب: --

صفحو :4

بيلون يعني اڏامندڙ ڦوڪڻو ڪاغذ ريشم يا رٻڙ ۽ ڪپڙي مان ٺاهيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ان جي اندر گرم هوا هائڊروجن، گئس يا هيليم گئس پڻ ڀري ويندي آهي. هي ٽيئي گئسون عام هوا کان هلڪيون ٿين ٿيون ان ڪري ڦوڪڻو هوا ۾ مٿي آسانيءَ سان اڏامي سگهندو آهي، عام هوائي ڦوڪڻن ۾ گرم هوا ڀري ويندي آهي اهي زياده بلنديءَ تي نه ويندا آهن پر جن ۾ هئڊروجن يا هيليم گئس ڀري ويندي آهي اهي ڦوڪڻا پهرئين جي مقابلي ۾ تمام گهڻو مٿي پرواز ڪندا آهن.

بيلون مختلف قسمن جا ٿين ٿا. گهڻو ڪري هڪ گول ٿيلهو هوندو آهي. جنهن ۾ هئڊروجن يا هيليم گئس ڀريل هوندي آهي. ان جي هيٺئين حصي ۾ هڪ هُڪُ ٿيندو آهي جنهن سان ڪا ٽوڪري يا ڪا ٻي شيءِ لٽڪائي ويندي آهي ته جيئن ماڻهن جي ويهڻ جي ڪم اچي. ان کانسواءِ ڦوڪڻي کي هيٺ زمين تي لهرائڻ لاءِ هڪ ڏور لٽڪائي ويندي آهي.

19 سيپٽمبر 1983ع اهو تاريخي ڏينهن هو.، جڏهن فرانس جي رهاڪن حيرت مان مونٽ گول فيئر برادران کي هوائي ڦوڪڻو اڏائيندي ڏٺو. ان کان اڳ به هو اهو تجربو ڪيترا دفعا ڪري چڪا هئا، پر اڄ جو ڏينهن انهن لاءِ اهم هو ڇاڪاڻ ته فرانس جي بادشاهه جي سامهون هو پنهنجي ان ايجاد جو مظاهرو ڪرڻ وارا هئا. ان ئي زماني ۾ هڪ انگريز سائنسدان هينري ڪيونڊش هائڊروجن گئس تيار ڪئي هئي. ان ڪري بيلون ۾ اهائي گيس ڀري ويئي. هن جي هڪ سان هڪ وڏي ٽوڪري لٽڪائي ويئي جنهن ۾ ٽي مسافر ڪڪڙ، رڍ ۽ بدڪ سوار ڪيا ويا ڇاڪاڻ ته تجربي فيل هئڻ ڪري ماڻهوءَ جو سوار ٿيڻ خطري کان خالي ڪونه هو.

ان ڪامياب تجربي کان پوءِ ٻيو شايدار تجربو 21 نومبر تي ٿيو. جيڪو جان فرتمنڪس مارڪوئس نالي سائنسدانن ڪيو. انهن به هڪ هوائي ڦوڪڻو اڏايو. فرق صرف اهو هو ته هي ٻئي خود ان ۾ سوار ٿيا هئا. هي ڦوڪڻو 23 منٽن تائين هوا ۾ اڏامندو رهيو.

هوائي ڦوڪڻي جي ذريعي تمام اُتاهين پرواز (جيڪا 1895 ميل هئي) ڪرڻ جو اعزاز جرمنيءَ کي حاصل آهي. پهرئين عالمي جنگ جي وچ ڌاري انهن ڦوڪڻن جي ذريعي دشمن جون رهائش گاهون. ۽ فوج جي نقل و حرڪت جو پتو لڳايو ويندو هو. اوڻويهين صدي ۾ به بيلون جا ڪيترائي تجربا ٿيا البت ويهين صدي ۾ هوائي جهاز جي ايجاد بيلون جي اهميت ختم ڪري ڇڏي ۽ ان ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته هوائي جهاز جو پهريون مرحلو بيلون ئي هو. بهرحال بيلون جي پنهنجي الڳ اهميت آهي ڇاڪاڻ ته اڄ به انهن جي وسيلي موسم جي تحقيق لاءِ کين فضا ۾ اڏايو وڃي ٿو. جن کي هاڻي هٿراڌو گرهه به چيو وڃي ٿو.

ننڍڙا اديب

اخلاقي قوت

هڪڙي شاهوڪار جي زال تمام حياءَ واري هئي. هن کي ٻه ڌيئر هيون. انهن کي به اهو گڻ سيکاريو هئائين، هن کي خبر هئي ته حياءُ اهو گڻ آهي جو گهڻن عيبن ۽ پاين کان بچائي ٿو. ۽ ٻين جي دل کي خوش ڪرڻ جو وسيلو بڻجي ٿو. هڪڙي ڀيري هوءَ ڪنهن ڌارئي گهر ۾ مهمان اچي ٿي سندس ٻه ڌيئر به ساڻس گڏ هيون. مهمان نواز غريب ماڻهو هئا پر پنهنجي شاهوڪار مهمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن چڱيرو کاڌو رڌو. جڏهن ماني ٿانون ۾ پئجي آئي ته اها شاهوڪار جي زال ۽ سندس ڌيئر کائڻ ويٺيون تڏهن ڏٺائون ته چانور ڦڪا ۽ بي سواد هئا کانئڻ لوڻ وجهڻ وسري ويو هو. هن پنهنجي ڌيئن کي اشاري ۾ چيو ته چانورن جي ڦڪي هئڻ جي ڪابه دانهن نه ڪجو ٽيئي ڄڻيون سرهي منهن سان کائي خوش ٿي اٿيون هن کي اچي دل ۾ اهو خيال ٿيو ته جڏهن گهر وارا کائڻ ويهندا تڏهن دل ۾ ڏاڍا ڦڪا ٿيندا ته اسان مهمانن کي ڦڪا چانور کارايا. تنهن ڪري گهر وارن جي دل خوش ڪرڻ خاطر کين چيائين ته اسين چانور اڪثر لوڻ بنا کائيندا آهيون. نتيجو اهو ٿيو جو جڏهن گهر وارا کائڻ ويٺا تڏهن انهن کي چانور برابر ڦڪا لڳا پر دل ۾ هاڻي خوشي هين ته اسان جي مهمانن کي چانور ئي ڦڪا کپندا هئا ۽ جيڪڏهن لوڻ دستور موجب وجهون ها ته هوند اسان جا مهمان بک مرن ها اهو ويچار ڪري پاڻ ماٺ ميٺ ۾ کائي خوش ٿي اٿي کڙا ٿيا.

عاشق ابڙو

لاڏ

روشن هڪ ڪارخاني ۾ ڪلارڪ هو. کيس ايتري پگهار ملندي هئي جو هو پنهنجو گذر سفر به پوريءَ طرح مس ڪندو هو. کيس جاويد نالي هڪ پٽ هوندو هو. هو هميشہ خراب دوستن سان گڏ رلندو هو. روشن کي اها ڳالهه نه وڻي. هن کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر جاويد جي دل اسڪول ۾ لڳي ئي ڪانه، ڪڏهن وڃي ته ڪڏهن وڃي ڪونه ۽ جي وڃي ته ڪنهن نه ڪنهن شرارت کان مار ضرور کائي.

هڪ ڏينهن ڪنهن شرارت کان استاد کيس ڏاڍي مار ڏني. ان بعد جاويد اسڪول کان ڀڄي آيو ۽ روئي اچي ماءُ کي دانهن ڏنائين، جنهن سندس پاس خاطري ڪندي استاد کي وڌ گهٽ ڳالهايو. هاڻي هن کي اسڪول نه وڃڻ جو بهانو ملي ويو ۽ سڄو ڏينهن خراب دوستن سان رلڻ لڳو. روشن ڪيترائي هيلا هلايا ۽ کيس مار به ڏني، پر سندس ماءُ هن جي هر وقت پاس خاطري ڪندي هئي ۽ روشن کي چوندي هئي ته ”تون هٿ ڌوئي جاويد جي پٺيان اچي پيو آهين، آخر اڃان هو ٻار آهي، پاڻهين سمجهي ويندو.“ روشن کيس هر وقت سمجهائيندو رهندو هو ته پيار ۽ لاڏ سان گڏ مار به ضروري آهي، تنهنجي لاڏ جاويد کي چوٽ چارهي ڇڏيو آهي، سڄو ڏينهن خراب دوستن سان رُلي ٿو. مان چاهيان ٿو ته کيس ڪنهن ڪارخاني ۾ نوڪري وٺرائي ڏيان، جتي منهنجي نظر هيٺ رهندو. ٻئي ڏينهن روشن جاويد کي ساڻ ڪري، ڪارخاني جي مالڪ کي گذارش ڪري، کيس نوڪري وٺرائي ڏني، پر سندس دل اتي به نه پئي لڳي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو پنهنجن دوستن سان مليو ته هنن نه اچڻ جو سبب پڇيس، تڏهن هن سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي. انهن مان هڪ چيو ”اهو وڌيڪ بهتر آهي، ڇو ته ڪارخاني ۾ ڪيترائي اوزار موجود هوندا، جيڪڏهن هر روز هڪڙو اوزار چوري ڪري ايندو ته اسين سڀ عيش ڪنداسين.“ پوءِ جاويد ائين ڪندو رهيو. جڏهن اها خبرڪارخاني جي مالڪ کي پئي ته ڪارخاني مان اوزار چوري ٿين ٿا، تڏهن چور کي پڪڙڻ لاءِ ڳجهيءَ طرح ماڻهو ڇڏيا. معمول مطابق جاويد اوزار چورائي رهيو هو ته هڪ ماڻهو کيس ڏسي ورتو ۽ کيس مالڪ ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو ته هو ان کان زوريءَ ڀڄي ويو. ڪارخاني جي مالڪ روشن کي گهرايو ۽ هن کي وڌ گهٽ ڳالهايو ۽ اوزارن جا پئسا سندس پگهار مان ڪٽڻ جو حڪم ڏنائين.

جاويد پيءُ جي مار جي خوف کان گهر نه ويو، بلڪ سڌو اسٽيشن ويو، جتي گاڏي تيار بيٺي هئي، هو بنا ٽڪيٽ گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺو. اتفاق سان ٽڪيٽ چيڪر به اچي ويو ۽ جاويد وٽ ٽڪيٽ نه ڏسي، کيس وڌيڪ سزا نه ڏني ۽ هڪ ننڍي اسٽيشن تي لاهي ڇڏيو. ان وقت رات ٿي چڪي هئي، کيس ڏاڍي اُڃ ۽ بک لڳي هئي. جاويد هڪ رستي تان اڳتي هلندو رهيو، گهڻي گهڻي دير کان پوءِ هن کي روشنيءَ جا ڪرڻا نظر آيا، جڏهن هو انهن ڪرڻن جي ويجهو پهتو ته هن باهه جي مَچ تي وڏين مڇين سان ڪي ماڻهون ڏٺا، جن هن کان سڄي حقيقت جي پڇا ڪئي، تڏهن هن انهن کان ماني ۽ پاڻيءَ جي گهر ڪئي. ماني کائڻ کان پوءِ هن سڄو احوال ڪيو، تڏهن انهن هن کي شاباس ڏني ۽ کيس ٻڌايو ته هو به هن وانگر چور آهن ۽ هاڻي توکي اسان سان رهڻو پوندو، جيڪڏهن تو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته توکي سخت سزا ڏبي.

جڏهن رات جو سڀئي سمهي پيا ته هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهن مان هڪ هن کي ڏسي ورتو ۽ هن کي سخت سزا ڏني.

آخرڪار وقت ويو گذرندو. هاڻي هو جاويد مان ڦري، بابو ڌاڙيل جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هرڪو ماڻهو سندس نالي کان ڊڄندو هو. جڏهن رات جو ننڍا ٻار ننڊ نه ڪندا هئا ته مائرون انهن کي بابو ڌاڙيل جو ڊڄ ڏينديون هيون.

هڪ رات جو جڏهن هر هڪ ڳوٺ ۾ ڪنهن ڌاڙي تي وڃي رهيو هو ته هنن کي رستي ۾ هڪ ڳوٺ نظر آيو، جڏهن هو ڳوٺ جي ويجهو پهتا ته بابو پنهنجين ساٿين کي ٻاهر بيهاري، پاڻ هڪ گهر جي ڀت ٽپي اندر ويو ته کڙڪي تي گهر جو مالڪ جاڳي پيو. بابو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گهر جي مالڪ هن کي گولي هڻي ڪڍي ۽ هو زمين تي ڪري پيو. جڏهن گهر جو مالڪ سندس ويجهو آيو، تڏهن هن ڏٺو ته گهر جو مالڪ سندس پيءُ روشن هو.

قطب الدين کنڊ، ڀنگو بهڻ

نقلي رڇ

مان پشم کڻي وڪڻڻ لاءِ برفاني رستي تان شهر وڃي رهيو هوس. نرم برف جي ڪري پنڌ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو ۽ اهوئي سبب هئو جو شهر پهچڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو ۽ جڏهن وري شهر پهتس ته اتي رش گهڻي هئي تنهنڪري منهنجي مال وڪڻڻ جو وارو به دير سان آيو. جڏهن منهنجي پشم وڪامجي چڪي هئي ته سج لهڻ وارو هئو. مان تڪڙ ۾ موٽڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيئن ته مان ٿڪل هئس ۽ پنڌ پڻ اڻائو هئو تنهنڪري واٽ تي ئي اوندهه ٿي وئي ۽ اڃان مون کي ڇهه ميل اونداهي ۾ سفر ڪرڻو هئو، ان ڪري جيترو ٿي سگهيو ٿي مان تڪڙو پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو. مون کي خبر هئي ته هن موسم ۾ واٽ تي برفاني رڇ تمام بکايل ۽ سست هوندا آهن ڇاڪاڻ جو سڄو سيارو ٿوري کاڌي تي هو چُرن ۾ لڪي گذاريندا آهن. مان اوندهه ۾ تمام تڪڙو هلي رهيو هئس ته آهستي آهستي تارن جي جهڪي روشني نروار ٿيڻ لڳي. روشني نمودار ٿيڻ کان پوءِ وڻن جي جهنڊ وٽ ته اونداهي هئي، البت سڌي ميدان ۾ ڪٿي ڪٿي مان برف جا ساڙيل وڻ آساني سان ڏسي پي سگهيس، ان ڪري مان ميدان مان خوش پي هليس ڇاڪاڻ جو اتي ڪوبه برفاني رڇ اوچتو مون تي حملو نه ڪري ٿي سگهيو مان خيال سان هرهڪ قدم سنڀالي کڻي رهيو هئس ۽ رکي رکي منهنجي ڪنن بي خبر رڇن جو کڙڪو ٿي ٻڌو جيڪي ڀروارن ٻوڙن ۾ گهمي رهيا هئا.

ان کان پوءِ مان جيئن ئي وچ ميدان ۾ پهتس ته هڪڙو وڏو رڇ رستي تي ڏٺو جيڪو پنهنجين پوين ٽنگن تي بيٺل هئو ۽ مون ڏانهن نهاري رهيو هئو.

مان هن جون اکيون جي چمڪيون ٿي، مضبوط ٻُر ۽ هڪ چنبو مٿي کنيل تارن جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏسي پئي سگهيس رڇ ڏسي منهنجا وار ڪانڊارجي ويا ۽ بت بنجي جتي بيٺو هئس اتي ئي بيٺو رهيس.

رڇ چريو نه پر اڃان مون ڏانهن نهاري رهيو هئو مون چڱي طرح ڄاتو ٿي ته هن کي هتي ڇڏڻ خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ جو هتي آئون هن جو مقابلو ڪري ٿي سگهيس پر اڳتي هلي گهاٽا ٻوڙا ايندا جتي اوندهه هئي مون کان گهڻو ڏسي سگهي ها ته مان هن بکايل رڇ جي مقابلي ۾ ڪابه جوابي ڪاروائي ڪري نه سگهان ها.

مون کي پنهنجي بندوق ساڻ نه هجڻ جو گهڻو افسوس ٿيو، جيڪڏهن مون کي پنهنجي بندوق ساڻ هجي ها ته مان اهڙن ڏهن رڇن جو مقابلو ڪري سگهان ها. گهر پهچڻ لاءِ رڇ وٽان لنگهڻو هو ۽ مان چاهيو ٿي ته ڪنهن طريقي سان سڇ رستو ڇڏي ڏئي. مان سوچيو ته جيڪڏهن هن کي ڊيڄارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان ته ٿي سگهي ٿو ته رڇ منهنجي رستي روڪ ڪرڻ ڇڏي مان ڊگهو ساهه کنيو ۽ وڏا واڪا ڪندي، ٻانهون لهرائيندو رڇ ڏانهن وڌڻ لڳس.

پر رڇ چريوئي ڪونه.

مان هن جي ويجهو وڃي نه ٿي سگهيس تنهنڪري اتي بيٺو هن کي ڏيندو رهيس ۽ هو مون کي ڏسندو رهيو. مون وري واڪا ڪرڻ ٻانهون ڦيرائڻ شروع ڪيون پر هو صفا نه چريو.

”مان ڳولهيو نه لڀندس جيڪڏهن مان جهنگ ۾ رهجي ويس ۽ جهنگ مان نڪرڻ لاءِ هن رڇ وٽان لنگهڻو ضرور هو. مون کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي هت ڪرڻ گهرجي“ مون سوچيو مون چوڌاري نظر ڦيرائي ته هڪ وڏو مضبوط ڏنڊو ڏٺم جيڪو ڪنهن وڻ مان برف جي بار ڪري ڀڄي ڪري پيو هو، مان ڏنڊو کنيو ۽ رڇ ڏانهن وڌڻ لڳس. مان ڏنڊو اڀو ڪري سموري طاقت سان هيٺ آڻيندي رڇ جي مٿي تي هنيو. وڏو ٺڪاءُ ضرور ٿيو ۽ ڪجهه ڇڻ ڇڻ به ٿي. پر هو اڃا بيٺو ئي رهيو، ڇاڪاڻ جو اهو هڪ وڏو ٻريل ڪارو بنڊ هو جيڪو رڇ جهڙي شڪل بنجي ويو هو ۽ واٽهڙن لاءِ خوف جو نشان بنيو بيٺو هو.

سنڌيڪار: ستار ميمڻ

پاڻ سان دشمني

مجيد...! اڄ به منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود به اسڪول پڙهڻ وئين واه، واه... دوست رات توکي ڪيترو سمجهايو هيم ته اسڪول نه وڃجانءِ.

ڳوٺ جي ٻارن سان رانديون ڪنداسين. ڏس...!

مان قاسم کان جُوا ۾ ڏهه روپيا کٽيا. هاڻي سڀاڻي اسڪول وئين ته مان ناراض ٿيندو ساءِ- پرويز، مجيد تي ڪاوڙندي کيس چيو.

مجيد پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول ۾ پڙهندو هو. تمام هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو. اڪثر ڪري هر امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هو.

هوشياريءَ ڪري سڀ استاد سندس عزت ڪندا هئا. پر هن سال نڀاڳ اچي مجيد جو پاسو ورتو، پر پرويز جي تعاون سان...

دراصل پرويز وارا اڳ ۾ ٻئي هڪ ڳوٺ ۾ ويٺل هئا؛ اتي پرويز پنهنجي شرارتن ۽ بد چالين ڪري مشهور هو. سندس پيءَ گهڻي ڪوشش ڪندو هو ته هو پڙهي ۽ هڪ سٺو ۽ بااخلاق ڇوڪر ٿئي. انڪري هو هر وقت پرويز کي سمجهائيندو هو، هدايتون ڪندو هو پر پرويز پنهنجي شرارتن کان به باز نه ايندو هو ۽ پڙهڻ جي بجاءِ سڄو ڏينهن شرارتن ۽ راندين ۾ گذاريندو هو.

هن جي شرارتن کان سڄو ڳوٺ تنگ اچي چڪو.

هڪ لڱا پرويز ڳوٺ جي زميندار جي ٻڪريءَ کي هڪ اهڙي زوردار لٺ هنئي جو ٻڪري اتي ئي هن دنيا کي خير آباد چئي ويئي. ان تي زميندار سخت ناراض ٿيو ۽ پرويز وارن کي پنهنجي ڳوٺ مان لڏائي ڪڍيائين. پرويز وارا اتان لڏي اچي اُن ڳوٺ ۾ ويٺا جتي مجيد وارا ويٺا هئا. پرويز هت به پنهنجون شرارتون شروع ڪيون.

مجيد جيڪو هڪ ذهين ڇوڪرو هو ۽ هر روز اسڪول پڙهڻ ويندو هو ان سان اچي دوستي رکيائين.

هر روز مجيد کي راند ڪرڻ لاءِ وٺي ويندو هو ۽ اسڪول وڃڻ کان کيس منع ڪندو هو. هنن جي چڱي خاصي دوستي لڳي. ڪڏهن ڪا شرارت ڪن ته ڪڏهن وري ڪنهن ٻار سان وڙهن. آخرڪار ٿوري عرصي ۾ هن مجيد کي پاڻ جهڙو بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هاڻي مجيد به اسڪول وڃڻ کان نٽائيندو رهندو هو. انهيءَ ڪري سندس تعليمي اڀياس ڪمزور ٿيندو ٿي ويو. سندس والد صاحب ۽ استادن گهڻي ڪوشش ڪئي ته کيس شرارتن کي روڪين، مگر هو ان ڪوشش ۾ ناڪام ويا. بس، مجيد پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪڏهن اسڪول ويندو هو ته ڪڏهن بنهه نه.

آخرڪار امتحانن جو به وقت اچي ويو. امتحان شروع ٿيا. مجيد ته بلڪل محنت ڪانه ڪئي هئي، تنهن ڪري ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ٿيو. پهريون پرچو شروع ٿيو. مجيد کي ڪاپي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه سهارو نه هو، سو هن ڪاپي ڪرڻ شروع ڪئي. اوچتو مجيد جي مٿان هڪ بم ڦاٽو، اهو هيڊ ماستر جو هٿ هو، جنهن کيس ڪاپي ڪندي پڪڙي ورتو، کيس خوب مار ڏنائين ۽ اسڪول کان به ڪڍي ڇڏيائينس. مجيد هيڊ ماستر کي گهڻيون ئي منٿون ڪيون، مگر هن سندس هڪ به نه ٻڌي. آخر مجيد سفارشي طور پنهنجي والد کي وٺي آيو، مگر سندس والد جي چوڻ جي باوجود به هيڊ ماستر مجيد کي اسڪول ۾ ويهڻ ۽ امتحان ڏيڻ نه ڇڏيو. مجيد لاچار ٿي آخر موٽي آيو. ٻئي ڏينهن تي ڳوٺ جو زميندار مجيد کي واندو ڏسي کيس حڪم ڏنو ته هو سندس مال چاري. اڄڪلهه مجيد مال چاريندو وتندو آهي. هو پڇتائيندو آهي ته هن پاڻ سان ڇا ظلم ڪيو! ۽ جڏهن به کانئس سوال ڪيو ويندو آهي ته ”مجيد تو پڙهائي ڇو ڇڏي؟“ هن جي ٿڌي ساهه ڀرڻ کان پوءِ اوچتو اوچتو سندس زبان مان اهي لفظ نڪرندا آهن ته:

بُري دوستي ٿي بنائي بُرو،

لڳي ڪاٺ کي جيئن ٻارو سُرو.

ٻارو! اوهان ڏٺو ته مجيد کي هڪ شرير ٻار سان دوستي رکڻ مان ڇا هڙ حاصل ٿيو؟ پيارا ٻارو! اسان کي گهرجي ته اهڙي ٻار سان دوستي رکون جيڪو سٺن اخلاقن جو ماڪ، شريف، عقل مند ۽ ذهين هجي. بقول لقمان حڪيم جي ته ”عقلمندن سان دوستي اختيار ڪريو، ان ۾ انيڪ فائدا آهن.“

سڪندر بروهي، ڳوٺ حاجي نور محمد مغيري

محنت جو ڦل

هڪ غريب ماڻهو، ڪنهن بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”آءٌ تمام غريب آهيان، بکن کان تنگ اچي، اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو آهيان، اوهان منهنجي لاءِ دعا گهرو ته خدا پنهنجي غيب جي خزاني مان منهنجي مدد ڪري.“

درويش چيو ”تو وٽ ڪا شيءِ آهي، جنهن کي وڪڻين سگهين؟“ ان شخص عرض ڪيو ”ٻيو ته ڪجهه سجهيم ڪونه ٿو، باقي کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه ٿانو هوندا.“ بزرگ فرمايو ته ”وڃ، اهي ٿانو کڻي بازار ۾ وڪڻ ۽ انهن جي جيڪا قيمت ملئي، اها اچي مون کي ٻڌاءِ.“

ان شخص ائين ڪيو. گهران ٿانو کڻي وڃي بازار ۾ وڪيائين ته هڪ رپيو مليس ۽ پوءِ ان روپئي سوڌو اچي، ان بزرگ وٽ حاضر ٿيو.

بزرگ حڪم ڏنو ته ”روپئي مان ڇهن آنن جو کاڌي پيتي جو سامان وٺي وڇي ٻچن کي کاراءِ.“ باقي ڏهن آنن مان بزرگ کيس ڪهاڙي ۽ رسو وٺي ڏنو ۽ چيائون ته ”جهنگ ۾ وڃي روزانه ڪاٺين جي ڀري ڪري، شهر ۾ وڪڻندو ڪر ۽ اهڙي طرح جيڪا رقم توکي ملي، ان مان اڌ روزانو کاڌي پيتي تي خرچ ڪندو ڪر ۽ باقي اڌ بچائي رکندو ڪر، جيڪو توکي مينهن وسندي ڪم ايندو. هاڻ وڃ، خدا تنهنجي مدد ڪندو.“

آخر ان ماڻهوءَ ائين ڪيو، روزانو جهنگ ۾ وڃي ڪاٺيون ڪندو هو، جيڪو وصول ٿيندو هوس، ان مان گهر جو خرچ به هلائيندو هو ته ڪجهه پئسا بچت به ڪري رکندو هو.

هڪ مهيني کان پوءِ اهو ساڳيو شخص، ان بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪجهه نذرانو به پيش ڪيائين ۽ عرض ڪيائين ته ”اوهان جي دعا ۽ ٻڌايل رستي سان، الله مون تي وڏو فضل ڪيو آهي ۽ هاڻي آءٌ ٻئي وقت پيٽ ڀري، آرام سان زندگي گذاريان ٿو ۽ ڪجهه روپيا به بچايا اٿم.“

ان بزرگ فرمايو ”خدا ان جي مدد ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي مدد  پاڻ ٿو ڪري ۽ ڪنهن ٻئي تي نٿو ڀاڙي. هيءُ سڀ تنهنجي محنت جو نتيجو آهي. آئنده به ائين محنت ڪري، پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جو پيٽ پاليندو رهجانءِ.“

سچ آهي ته محنت جو ڦل، مٺو ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com