رخسانه ناز سومرو
ٻيو نمبر ڪهاڻي
سلسلو- 1
خوابن جي تعبير
اڄ عثمان ڏاڍو خوش هو ڇاڪاڻ ته هو پنجين درجي جي
امتحان ۾ پهريون نمبر پاس ٿيو هو. هو سوچي رهيو هو
ته امان ۽ بابا اها ڳالهه ٻڌي ڪيڏو نه خوش ٿيندا ۽
منهنجون ننڍيون ڀينرون ته خوشيءَ ۾ ماپي نه سگهن
ٿيون هاڻي مان شهر واري اسڪول ۾ پڙهندس ۽ وڏو
آفيسر ٿيندس ۽ پوءِ مون کي سڀ وڏو صاحب چوندا. اهي
ڳالهيون سوچيندو هو گهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته ان
کي پنهنجي گهر جي سامهون ماڻهو نظر آيا جيڪي تڏي
تي ويٺا هئا. يا الله خير چئي هو گهر ۾ گهڙيو ته
ڏٺائين ته اڱڻ ۾ ان جو پيءُ اڇي چادر پاتل کٽ تي
پيو هو. کٽ جي چوڌاري عورتون ويٺيون هيون، انهن
سان گڏ ان جون ڀينرون ۽ ماءُ به شامل هئي ۽ هو وڏي
آواز سان روئي رهيون هيون.
عثمان کي سمجهڻ ۾ دير ڪانه لڳي ته ان جو شفيق پيءُ
ان کان هميشہ لاءِ جدا ٿي ويو آهي جيڪو انهن جي
ذري ذري تڪليف تي پريشان ٿي ويندو هو اڄ پاڻ
پنهنجن پيارن گلن جهڙن ٻارڙن ۽ نيڪ سيرت زال کي
هميشہ لاءِ تڪليف جي اونهي کوهه ۾ اڇلائي ويو هو.
عثمان جو پيءُ عارف هڪ هاريءَ جو پٽ هو عارف کي
پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر خرچ جي تنگيءَ ڪري هو
اڳتي نه پڙهي سگهيو ۽ صرف پنج درجا ئي پڙهي سگهيو،
عارف جو پيءُ بيمار ٿي پيو ۽ صحيح علاج نه ملڻ ڪري
آخرڪار هڪ ڏينهن هن ظالم دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
هاڻي عارف جي مشڪلاتن جو دور هو. هو هر به ڪونه
پئي هلائي سگهيو ڇاڪاڻ ته زميندار پنهنجي زمين
واپس وٺي ڇڏي هئي ۽ هي بي يارو مددگار ٿيو پر عارف
محنت ڪري پنهنجي حالت سڌاري ۽ پوءِ شادي ڪيائين هن
پنهنجي پٽ عثمان کي وڏو آفيسر پئي ڏسڻ چاهيو. پر
اڄ عارف پنهنجا اڌورا خراب ٽوڙي ڇڏيا هئا ۽ دنيا
کان هميشہ هميشہ لاءِ سڀ ناتا ٽوڙي ڇڏيا.
عثمان کي پنهنجي پڙهائي ڇڏڻ جو ڏاڍو ارمان هو پر
هو ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيو. هن جا خواب ۽ آرزو
هڪ ئي منٽ ۾ ڪنهن ٽٽل مالا وانگر وکري ويا هئا هو
پريشان ٿيڻ لڳو پر هن جي سمجهه ۾ نه اچي ته هو ڇا
ڪري ۽ ماءُ ۽ پنهنجن ڀينرن جي سارسنڀال ڪيئن ڪري،
هن (عثمان) پنهنجي ماءُ کي چيو ته امان مون کي
موڪل ڏي ته مان شهر وڃي ڪو ڪم ڪار ڪيان ۽ گذران
لاءِ ڪجهه پئسا هٿ ڪيان. ماءُ پنهنجي اکين جي لعل
کي پري ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هو مجبور هئي.
هن کي ياد آيو ته عارف چوندو هو ته مان پنهنجي پٽ
کي آفيسر بڻائيندس ۽ هن کي زمين ۾ هر هلائڻ نه
ڏيندس.
عثمان ماءُ کي آواز ڏئي چيو ته ”امان ڇا پئي
سوچين، ڇا تون مون کي شهر وڃڻ نه ڏيندينءَ“ ماءُ
ان کي چيو ”ابا تون ڀلي وڃ شهر پر ساران ۽ فاطمه
(جيڪي عثمان جون ننڍيون ڀينرون هيون) جو هت توکان
سواءِ ڪير هوندو.“ الله مالڪ آهي امان تون ڪو فڪر
نه ڪر الله پاڻهي ڪو بلو ڪندو، ائين چئي عثمان
ساران کي چيو ته ڀيڻ مون کي ماني ٽڪر ته پچائي ڏي
پر گهر ۾ ته ڪجهه به ڪونه هو ساران ويچاري ڇا ڪري
ها. عثمان کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو بکيو ئي شهر ڏانهن
وڃڻ لڳو، شهر هنن جي ڳوٺ کان گهڻو پري ڪونه هو. هو
ٻن ڪلاڪن ۾ اتي پهچي ويو. هي سوچڻ لڳو ته ڇا ڪريان
ڪيئن پئسن جو بلو ٿئي. ايتري ۾ هن ڏٺو ته هڪ ننڍڙو
ڇوڪرو بوٽ پالش، بوٽ پالش جا آواز لائي رهيو هو.
هن دل ۾ سوچيو ته ڇو نه مان به بوٽ پالش ڪيان پر
بوٽ پالش ڪرڻ جو سامان ڪٿان ايندو ۽ هي اداس ٿي
ويو ۽ الله سائين کان دعا گهرڻ لڳو ته اي منهنجي
پروردگار منهنجي مدد فرماءِ ته جيئن مان پنهنجي
ماءُ جي خدمت ڪري سگهان هو غمگين ٿي هڪ هنڌ ويهي
سڏڪا ڀرڻ لڳو. هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪو ماڻهو هن جي
ويجهو پيو آهي هن ڪنڌ مٿي کنيو ته هن کي هڪ شخص
نظر آيو جيڪو هن ڏانهن وڏي محبت سان تڪي رهيو هو.
اهو ماڻهو (جنهن جو نالو قادر هو) ميوو وڪڻندو هو
۽ هن جو ڪوبه والي وارث ڪونه هو. قادر عثمان کي
چيو ته ”پٽ تون ڪير آهين ۽ تون اداس ۽ غمگين ڇو
ويٺو آهين“ عثمان هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ وڏي ادب
سان چيائين ته ”اي محترم بزرگ مان ڏاڍو دکي آهيان
ڇا توهان منهنجي مدد ڪرڻ پسند ڪندؤ.“ قادر ان کي
پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ عثمان کي چيائين ته ”پٽ مان
ته ميوو وڪڻندو آهيان ۽ اهڙي طرح توکي منهنجو هٿ
ونڊائڻو پوندو ۽ ها تون پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي به
هت ئي وٺي اچ. عثمان، قادر جو ٿورائتو ٿيو ۽ ان
سان گڏجي ميوو وڪڻڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جون ڀينرون ۽ ماءُ به اچي
ويون هي ڏاڍو خوش ٿيو. قادر چاهي پيو ته عثمان
پڙهي لکي پر گهر جون حالتون ڏسي عثمان پڙهڻ کان
منع ڪيو آخرڪار قادر ان کي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو
۽ عثمان پڙهڻ لڳو.
هڪ ڏينهن هن پنهنجي ماءُ کي چيو ته امان مون کي
ڇولا پچائي ڏيندي ڪر ته جيئن مان اسڪول ۾ وڪڻان.
ٻئي ڏينهن ماءُ ان کي ڇولا پچائي ڏنا هاڻي هو هاف
ٽائيم ۾ ڇولا وڪڻندو هو ۽ شام جو قادر سان گڏ ميوو
وڪڻندو هو ساران ۽ فاطمه به گهر ۾ ويهي ماڻهن جا
ڪپڙا سبڻ ۽ ڀرڻ لڳيون.
عثمان ڏهه درجا پاس ڪيا ته هڪ هوٽل ۾ نوڪري ڪرڻ
لڳو ۽ رات جو ڪاليج ۾ پڙهڻ ويندو هو. ڏينهن گذرندا
ويا ۽ عثمان تعليم ختم ڪرڻ لڳو ۽ ساران ۽ فاطمه کي
به پڙهائڻ لڳو. عثمان هاڻي هوٽل ۾ مينيجر بنجي چڪو
هو هن وڏي ڌام ڌوم سان ساران ۽ فاطمه جي شادي ڪئي
۽ هڪ وڏو گهر ورتائين جنهن ۾ سندس ماءُ، زال ۽
قادر سان گڏ رهڻ لڳو ۽ اهڙي طرح عثمان جي خوابن جو
تعبير پوري ٿيو ۽ هي خوشحال رهڻ لڳا.
هڪ حقيقت
پنهنجي ماءُ پيءُ جي چوڻ ۾ رهو ۽ سندن حڪمن جي
تعميل ڪريو ان طرح سان نه رڳو اوهان پنهنجي دنيا
خوشحال ڪري سگهو ٿا پر اوهان جو دين به موچارو ۽
بهتر ٿي سگهي ٿو. حضور پاڪ جن جو ارشاد آهي ته
”جنت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي“ اها جنت حاصل ڪرڻ لاءِ
ماءُ جي حڪمن جي تعميل ڪريو ۽ سندس خدمت ۾ ڪابه
ڪوتاهي نه ڪريو. دنيا جا سڀ وڏا ۽ مشهور ماڻهو رڳو
ان ڪري نامور ٿيا جو هنن پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت
۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو ۽ سندن حڪمن جي تعميل
ڪئي. انڪري ٻارن کي گهرجي ته پنڌرهين صديءَ هن دور
۾ پنهنجي ماءُ- پيءُ کي ئي نجات ۽ عزت جو وسيلو
ڄاڻن.
محمد حاجن خوشتر
صنم قادري
عظمت جا مينار
رسيس جو گهنڊ وڳو ننڍڙا ننڍڙا ٻار خوشيءَ مان
نچندا ٽپندا ۽ ڪڏندا ٻاهر نڪرڻ لڳا معصوم معصوم
ٻارڙن جي گوڙ مان وري هوڪن وارن جا آواز بلند ٿيڻ
لڳا. هر ٻار پنهنجي پسند جي شيءِ وٺڻ لاءِ ڊُڪي
رهيو هو، ڪنهن ملائي ورتي ته ڪنهن وري قلفي، ڪو
برف جو ڳنڍو چوسڻ لڳو ته ڪو وري چڻن چٻاڙڻ ۾ پورو
هو، اختر به ڪتاب ٺاهي بينچ تي رکي ڊوڙ پائي آفيس
۾ ڪٻٽ تي رکيل چڻن جو ننڍو ٿالهه کڻي کپائڻ لاءِ
اچي پهتو، ڪجهه ٻار ميڙاڪو ڪري بيٺس هر ڪنهن کي هو
واري واري سان چڻا ڏيندو پئي ويو، ايتري ۾ تيار
جيڪو شهر جي سيٺ جو پٽ هو ۽ هر ڪنهن غريب ٻار کي
ستائڻ سبب پوري اسڪول ۾ بدنام هو پنهنجن ڪجهه
ساٿين سميت اختر جي ڀر ۾ پهتو ۽ کانئس چڻا گهرڻ
لڳو اختر کي خبر هئي ته نياز پئسا ڏيندو ئي ڪونه!!
سو چڻا ڏيڻ کان انڪار ڪيائين نياز ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي
ويو هن اها پنهنجي بيعزتي سمجهي ۽ اختر کي ڌڪو
ڏنائين چڻن جو سڄو ٿالهه ڪري پيو چڻا مٽي ۾ خراب
ٿي ويا ۽ پئسا پٽ تي وکري ويا ۽ نياز ساٿين سميت
خوش خوش هليو ويو. ايتري ۾ رسيس بند ٿيڻ جو ڳهنڊ
وڳو ته اختر وکريل پئسا پٽ تان کڻي ٿالهه آفيس ۾
رکي اچي ڪلاس ۾ ويٺو استاد آيو ته اختر کيس دانهن
ڏني استاد ٻڌي نياز کي اٿي بيهڻ لاءِ چيو ۽
پڇيائين ”اختر کي ڇو ڌڪو ڏنئي؟“
ان تي نياز جواب ڏنو ته ”سائين، اختر مون کي
گاريون ڏنيون.“
ايتري ۾ نياز جا ساٿي به اٿي بيٺا ۽ نياز جي تصديق
ڪندي چوڻ لڳا ته ”ها سائين! اسان پاڻ ٻڌو اختر
گاريون پئي ڏنس!!“
”پر گارين ڏيڻ جو ڪو سبب ته هوندو!“ استاد پڇيو.
”سائين: مان چڻا گهريامانس ته جواب ڏنئي، چيومانس
ته پوءِ آئينده اسڪول ۾ کڻي نه ايندو ڪر؛ ان تي
مڇرجي پيو ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين!!“ نياز جواب
ڏنو.
”... ۽ تو ڌڪو ڏنس! گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ٻڌائين
ها.“ استاد چيو؛
”اڙي اختر تو گاريون ڇو ڏنس؟“ استاد وري اختر کي
مخاطب ٿيندي چيو؛
”سائين مان ته ڪابه گار ڪانه ڏني، چار پنج ڄڻا ٿي
آيا ۽ مفت ۾ چڻا زوري وٺڻ لڳا مون انڪار ڪيو ته
ڌڪو ڏنائون.“
اختر تقريباً روئڻهارڪو ٿيندي چيو؛
”نه سائين اختر ڪوڙ ٿو ڳالهائي!“ نياز وچ ۾ ٽپ
ڏيندي چيو.
”چپ ڪري بيهه نالائق“ استاد دڙڪو ڏيندي چيو؛
ايتري ۾ دهي پڙن وارو آيو ۽ استاد جي خالي ڪيل
پليٽ کنيائين هن جو اها ڳالهه ٻڌي ته اختر جي حق ۾
شاهدي ڏنائين ڇو ته اختر سندس ئي گاڏڙي اڳيان چڻا
کپائي رهيو هو ۽ سڄو لقاءُ اکين ڏٺائين. استاد لڪڻ
گهرائي نياز ۽ ان جي ساٿين ۽ اختر کي سزا ڏنائين
ته جيئن آئنده پاڻ ۾ نه وڙهن ۽ ويچارو اختر نازڪ
هٿڙن جون تريون مهٽيندو، ڳوڙها ڳاڙيندو ويهي رهيو.
اختر ٽين ڪلاس ۾ پڙهندو هو نياز به ساڻس گڏ ٽين
ڪلاس جو شاگرد هو اختر جو پيءُ ٽي- بي جو مريض ۽
هو ڪمائڻ کان به لاچار هو سندس ماءُ، پاڙي وارن جا
ڪپڙا ۽ ٿانو ٺڪر ڌويو مڙيئي پيئي گهر کي هلائيندي
هئي ۽ روز صبح جو چڻا رڌي اختر کي ڏيندي هئي ته
جيئن اسڪول ۾ پڙهڻ سان گڏ چڻن جو هڪ ٿالهه به
کپائي موڪل مهل موٽي منجهند جو گهڙي کن آرام ڪري
وري چڻن جو ٻيو ٿالهه کڻي شام جو بس اسٽينڊ تي
کپائڻ ويندو هو. جڏهن سج به آڪاش جي دامن ۾ پناهه
وٺندو هو ته هو به هلڪي هلڪي اونده مهل گهر موٽندو
هو ۽ رات جو روزانو ويهي پابندي سان اسڪول جو ڪم
ڪندو هو. ايتري ننڍڙي عمر ايڏي محنت ۽ مشقت جي
باوجود هر وقت صاف سٿرو رهندو هو، ننڍي وڏي سان
نهايت اخلاق ۽ ادب سان پيس ايندو هو. اڄوڪي خبر
جڏهن گهر اچي ماءُ کي ٻڌايائين ته سندس پياريءَ
ماءُ شفقت جا هٿ مٿي تي ڦيريندي هدايت ڪندي چيو ته
”پٽ صبر ۽ شڪر کي هٿان نه ڇڏيو آهي الله ڪندو ته
تون هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون
ماڻيندين، بس مسلسل محنت ڪندو رهه. اهي چند پئسا
ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي.“
ماءُ جي آٿت تي اختر جي اندر ۾ وري عزم جو طوفان
اٿڻ لڳو ۽ گهڙي کن آرام ڪري وري چڻن جو ٿالهه کڻي
پنهنجي منزل ڏي راهي ٿيو.
هوڏانهن نياز جي دوستي شهر جي لوفرن ۽ غندن سان
هوندي هئي. هن اسڪول ۾ استاد جي مار پنهنجي بيعزتي
سمجهيو ۽ هاڻ هو بدلي وٺڻ لاءِ آتو هو خبر هيس ته
شام جو اختر وري چڻا کپائڻ بس اسٽينڊ تي ايندو.
اختر هوڪا ڏيندو چڻا کپائي رهيو هو ته اوچتو ئي
اوچتو ڪجهه غنڊا ڦري آيس سڀ چڻا ڪيرائي، پئسا ڦري
۽ وري ڌڪ هڻي هليا ويا. وري ڪوماڻل منهن ۽ وکريل
وارن سان گهر اچي پهتو، پر گهر ۾ هڪ دفعو وري شفيق
ماءُ جي شفيق هستي کيس ڏڍ ڏنو ۽ مسلسل محنت جي
عظمت کان آگاهه ڪيائين. اختر دل سان ڳالهه نه
مڃيندي به ماءُ جو حڪم سمجهي هينئن سان هنڊائڻ
لڳو.
ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ اڃا پهريون پيرڊ هلي رهيو هو ته
نياز جو سيٺ پيءُ ٿلهي پيٽ ۾ بي ڊولي جسم سان
تاناري ڪٽ مڇن کي وٽ ڏيندو ڪلاس ۾ ڍري آيو ۽ استاد
ويچاري کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. استاد ويچارو منهن
هيٺ ڪيو ويٺو رهيو. ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهيو!؟
اهائي ته ماستري هئي جو مهيني ۾ ٽي سؤ رپيا کن
ملندا هئس، جن مان هو پنهنجن ٻچن سان گذر سفر ڪندو
هو، جي ٿو سيٺ کي ڪو جواب ڏئي ته نوڪريءَ تان هٿ
ٿا کڻن پونس، جي نوڪري وئي ته ولر ٻچن سوڌو مرندو
بک!! اهو سوچي سوچي هو سيٺ جي اڳيان ڪنڌ نوايو
بيٺو رهيو!!! نياز اهو ڏسي ٻهڪيو پئي پر اختر
استاد جي اها بيعزتي ڏسي دل ئي دل ۾ ڪڙهندو هيو!!
ڀلا هي ننڍڙو اُبهم ٻار ڪري به ڇا ٿي سگهيو!!؟؟
... ۽ ان کان پوءِ هر آئي ڏينهن اختر ويچاري سان
جُٺيون ٿينديون رهيون پر اختر مسلسل محنت ڪندو
رهيو ۽ اهڙن ننڍڙن ننڍڙن واقعن تي ڌيان ئي نه
ڌريندو هو. هاڻ هو اٺون درجو پاس ڪري تعليم جي
نائين ۽ فيصله ڪن ڏاڪي تي قدم رکي چڪا هئا. جڏهن
نائين درجي جو امتحان ٿيو ته نياز فيل ٿي پيو پر
اختر امتيازي مارڪن سان ڏهين ۾ پهچي ويو ۽ آخرڪار
محنت سان مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري فرسٽ ايئر ۾
داخلا ورتائين هاڻ اختر پڙهڻ سان گڏوگڏ چڻن وڪڻڻ
بجاءِ شهر جي هڪ ڪارخاني ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. هو
ڪارخاني رات جو ڊيوٽي ڏيندو هو. نوڪريءَ سبب هو
انٽر فرسٽ ڊويزن کان رهجي ويو. پر هو مايوس نه ٿيو
۽ بي- ايس- سي ۾ داخلا وٺي وري اڳتي پڙهڻ لڳو.
ڪارخاني جو مئنيجر اختر جي اخلاق، قابليت، تعليم ۽
محنت کي ڏسي کيس پنهنجي آفيس ۾ پنهنجو اسسٽنٽ ڪري
رکيو جتي هو ڪاليج کان واپس اچي ڪندو هو. هاڻ اختر
کي اميد هئي ته هو مسلسل ترقيءَ جي ڏاڪڻ تي قدم
رکي چڪو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور عظمت جي منارن
کي ڇهندو. هوڏانهن نياز لوفرن جي سنگت ۾ رهڻ ڪري
تمام خراب ٿي چڪو هو ۽ ڪيترائي دفعا جوئا ۾ پڪڙجي
پيو هو ۽ سندس نالو ٿاڻي جي ڪاري لسٽ ۾ اچي چڪو هو
جڏهن به شهر ۾ ڪو ننڍو وڏو واقعو پيش ايندو هو ته
نياز ٿاڻي جي حوالات ۾ بند ٿيندو هو ۽ سندس سيٺ
پيءُ جيڪو ڪجهه سال اڳ استاد جهڙي عظيم شخصيت کي
نيچو نوائي ويو هو هاڻ پنهنجي بدلڇڻي پٽ جي ضمانت
لاءِ پوليس اڳيان گيسيون ڪندو ۽ هٿ ٻڌندو نظر
ايندو هو.
رخسانه انجم
بنا عنوان جي
هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري اسان
ڏانهن اهڙيءَ طرح ڏياري موڪليو جو اسان وٽ 20-
ڊسمبر کان اڳ پهچي وڃي. جنهن ٻار جو عنوان سٺو
هوندو، ان کي ويهن روپين جا ڪتابن انعام طور ڏنا
ويندا. - ايڊيٽر
احمد نالي هڪ سلڇڻو ڇوڪرو هوندو هو. هيءُ ڏاڍو
محنتي ۽ فرمانبردار هوندو هيو. احمد کي پڙهائي جو
ڏڌاڍو شوق هوندو هيو. هن جي خواهش هئي ته مان به
علم حاصل ڪري وڏو ماڻهو ٿيان. ان ڪري ئي هو ڏاڍي
چاهه سان ۽ محنت ڪري هر سال امتحان ۾ پهريون نمبر
ايندو هيو. احمد جو پيءُ ان ئي ڳوٺ ۾ رئيس جو هاري
هو. هو ڏينهن رات محنت ڪري، پنهنجو رت ولوڙي
پنهنجي پٽ احمد جي هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو
هو. سندس خواهش هئي ته منهنجو احمد پڙهي ڪنهن
قابل ٿئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري.
رئيس جو سڪيلڌو پٽ عامر به احمد سان گڏ هڪ ئي ڪلاس
۾ پڙهندو هيو. هو ڏاڍو حاسدي هو. سڀن کي پنهنجو
تعبدار سمجهي ڪنهن به قسم جي حڪم هلائڻ کان ڪڏهن
به ڪين ڪيٻائيندو هيو ۽ خاص ڪري احمد سان ڏاڍو
سڙندو هيو. ڇو جو احمد سندس ڪاڻ نه ڪڍندو هيو. ٻين
ڇوڪرن وانگر احمد به عامر کي لفٽ نه ڏيندو هيو. هو
سوچيندو هيو ته جهڙو مان تهڙو عامر ڇا ٿيو جي عامر
شاهوڪار آ! پيدا ته اسان ٻنهي کي هڪ ئي الله ڪيو آ
نه! انڪري هو ٻي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان
سواءِ صرف پنهنجي علم حاصل ڪرڻ ۾ مگن رهندو هيو ۽
هر سال پهريون نمبر کڻندو هيو ۽ اهائي ڳالهه ويتر
عامر کي احمد سان حسد ڪرڻ تي اڀاريندي هئي. هو
موقعي جي تلاش ۾ هوندو هيو ۽ سوچيندو رهندو هو ته
ڪهڙي طرح احمد کي پنهنجي رستي تان هٽايان ۽ آخر هو
ان سازش ۾ ڪامياب ويو. عامر هڪ ترڪيب سوچي، هن
پنهنجي پيءُ کي چيو ته! ”احمد منهنجو نوڪر بيهي.“
پر! احمد جو پيءَ اهو ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيو.
هن پنهنجن خواهشن ۽ امنگن جو گلو گهٽيو هيو. صرف
پنهنجي سڪيلڌي احمد لاءِ هن رئيس ۽ سندس پٽ جي ڪاٽ
ڪڍي هئي. ليڪن هن نٿي چاهيو ته مون وانگر منهنجو
پٽ ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍي، ”ڪنهن جو نه نوڪر ٿئي“ ۽ سندس
خواب اَڌورا ئي سندس هن اندر رهجي وڃن ۽ هن انڪار
ڪري ڇڏيو!
سندس انڪار رئيس جي رڳ رڳ ۾ باهه جا ڀڀڙ مچائي
ڇڏيا ۽ هو ان ئي موقعي جي تلاش ۾ آهي.
آخرڪار رئيس هن کي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو!
هي ويچارا مجبور ٿي اتان لڏي وڃي هڪ ننڍڙي شهر ۾
آباد ٿيا! ڏکن جا ڏينهن ٿورا هوندا آهن.
احمد ائين ئي هوشياريءَ سان پڙهندو رهيو! هو اسڪول
کان پوءِ جي ٽائيم ۾ هڪ مل ۾ مزدوري ڪندو هيو.
احمد جي ماءُ پيءُ جي دعائن رنگ لاٿو ۽ احمد
هوشياريءَ سان پڙهندو، ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهندو
منزل جي ماڳ رهيو: ”هو هاڻي صوبيدار هيو“! ۽ احمد
علي صوبيدار سڏجڻ لڳو!
احمد جهڙي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پڙهي ان منزل تي
پهتو هيو! تهڙيءَ ئي وفاداريءَ سان هو نوڪري ڪرڻ
لڳو! ٿوري ئي عرصي ۾ هو پنهنجي سهڻي سڀاءَ ۽
ايمانداريءَ ڪري مقبول ٿي ويو.
هڪ ڏينهن هنن کي اطلاع مليو ته پير جي ڳوٺ ۾ هڪ
ڌاڙيلن جي ٽولي ڳوٺاڻن کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي! جيئن
ئي احمد اهو نالو ٻڌو ته سندس اکين اڳيان پنهنجي
ڳوٺ جو تصور اچي ويو!
”جتان پنجويهه سال اڳ کين ڪڍيو ويو هيو! احمد دل ۾
عهد ڪيو ته مان پنهنجي ڳوٺ جي ضرور خدمت ڪندس!
احمد پنهنجا ڪجهه سپاهي گڏ وٺي پنهنجي ڳوٺ ويو!
اتي جي ماڻهن هن کي بلڪل به نه سڃاتو! جڏهن احمد
کين ٻڌايو ته مان علڻ هاريءَ جو پٽ آهيان! ته
ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ ڏاڍو خوش به ٿيا! جڏهن احمد
کي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اهو ڪمو ڌاڙيل ساڳي ئي رئيس جو
پٽ آهي ته احمد ڏاڍو حيران ٿيو. چيائين ”پر عموءَ
جو پيءُ ته وڏو رئيس هو“ ها! هو وڏو رئيس هيو!
ليڪن ان جي مرڻ کان پوءِ عموءَ دولت ٻنهي هٿن سان
لٽائي! چوندا آهن ته ”کائيندي خرار کٽيو وڃن.“ سو
آخر هنن جي دولت به کٽي وئي، ۽ هو پئسن جي لالچ ۾
هڪ وڏو ڌاڙيل ٿي ويو!
هاڻي ته هو اسان غريبن کي ڏاڍو تنگ ٿو ڪري! احمد
هنن کي دلداري ڏني ته: ”اوهان ڪوبه فڪر نه ڪيو!“
جنهن وقت مون کي هن ڳوٺ مان ڪڍيو ويو! ان وقت هو
رئيس عامر هيو! ۽ آءٌ هڪ غريب احمد! ۽ هن وقت ”هو
عمو آهي“! ۽ ”مان احمد علي“! احمد دل ۾ پڪو عزم
ڪيو ته مان هن ڳوٺ کي عموءَ جي لچاين کان ضرور پاڪ
ڪندس!
احمد ڏاڍي هوشياري ۽ بهادريءَ سان سپاهين کي ساڻ
ڪري اوچتو وڃي عموءَ جي ٽولي ۾ ڪڙڪيو! ڏاڍو زبردست
مقابلو ٿيو! عموءَ جا ٻه ساٿي مارجي ويا! ۽
هيڏانهن هڪ سپاهي به مارجي ويو. جيت هميشہ حق ۽ سچ
جي ٿيندي آ. ۽ اهڙيءَ ريت آخرڪار احمد ۽ سپاهين
عموءَ ۽ سندس ساٿين کي جهلي ورتو.
هو ڏاڍو خوش هيو! ۽ سوچي رهيو هيو ته منهنجي ڳوٺ
جا ماڻهو هاڻي ڪنهن به رئيس جا غلام نه هوندا. ۽
نه ڪنهن عمو ڌاڙيل جا تابعدار هوندا.
دادا سنڌي
سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون
بهادر شهزادو
1843ع جي ڳالهه آهي. تن ڏينهن ۾ سنڌ جو حاڪم مير
نصير خان هو، جيڪو مير مراد عليءَ جو پٽ ۽ مير نور
محمد جو ڀاءُ هو. جڏهن مير نور محمد وفات ڪئي،
تڏهن مير نصير خان گاديءَ تي ويٺو. ان وقت مير نور
محمد جو هڪ ننڍڙو پُٽ مير حسن علي خان چاچي وٽ
رهندڙ هو. هو 1829ع ۾ ڄائو هو ۽ ان وقت سندس عمر
صرف 14 سال هئي.
انگريزن جون ڇوليون ماريندڙ لشڪر، نيپئر جهڙي
مڪار، چالباز ۽ ٺڳ سپهه سالار جي سرڪردگي هيٺ سنڌ
تي ڪاهه ڪري آيو. مير نصيرخان، سنڌين جي فوج ساڻ
ڪري، جنم ڀومي جي سالميت ۽ ساڻيهه جي سلامتي لاءِ
مياڻيءَ ڏانهن روانو ٿيو. اها مهل سج پچ قرباني جي
هئي. جهاد جو وقت هو. وطن جي بقاءَ ۽ آزادي لاءِ
سرن جا سؤدا ڪرڻا هئا. هر ننڍو ۽ وڏو، سَر بڪفن هو
۽ پنهنجي وطن تان جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو.
ننڍڙو حسين گهر ۾ موجود هو ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪري
رهيو هو ته سندس ڪَن تي ماءُ جي سڏ جو آواز پيو.
اها امڙ، جيڪا پنهنجي لخت جگر تي ڪک به نه سهندي
آهي، ڪوسو واءُ لڳڻ به برداشت نه ڪندي آهي،
سنڌڙيءَ جي اها عظيم هستي ۽ ناتوان ذات عورت چئي
رهي آهي ته ”پٽ حسين، تنهنجو چاچو ۽ ڀاءُ (مير حسن
علي ولي عهد) دشمنن سان وڙهڻ لاءِ، وطن جي حفاظت
لاءِ، ميدان جنگ ڏانهن وڃي رهيا آهن، تنهنجو به
فرض آهي ته تون به اوڏانهن وڃي، هن راهه ۾ پنهنجو
ڪردار ادا ڪر. هڪ شهزادي جو مَرڪ آهي ته هو پنهنجي
ديس لاءِ، سڀ ڪجهه قربان ڪري، ويندي جان جي نذراني
ڏيڻ کان به نه ڪيٻائي.“ ننڍڙي مير حسين علي پنهنجي
بهادر ماءُ جا لفظ ٻڌي چيو ته ”امڙ تنهنجي حڪم مڃڻ
لاءِ مان هر طرح تيار آهيان. جنم ڀومي لاءِ،
پنهنجي سڀ کان عزيز پونجي ساهه ۽ سرير، صدقي ڪرڻ
کان نه ڪيٻائيندس. تون مون کي ميدان جنگ ۾ سڀ کان
اڳرو ڏسندينءَ.“ سندس والده اهو جواب ٻڌي ڏاڍي خوش
ٿي ۽ هٿيار کڻي، پاڻ ئي پنهنجي هانءَ جي ٺار کي
پهرائي، جنگ جي ميدان ڏانهن مَرڪندي موڪليو. ٻارو،
سوچيو ته سهي! ڪهڙي ماءُ چاهيندي ته سندس ننڍو
ٻچڙو توبن، بندوقن ۽ تلوارن جي منهن ۾ وڃي! پر مير
جي هن بهادر ۽ غيور والده، پنهنجي وطن دوستي جو
ايڏو ته عظيم ۽ بهترين مثال پيش ڪيو آهي، جو سنڌ
جي تاريخ ۾ عورت جي ڪردار لاءِ واضح ڪري ٿو ته هنن
۾ پنهنجي وطن لاءِ قرباني جو انگ موجود هو ۽ وطن
جي سلامت وٽن زندگي ۽ اولاد کان به وڌيڪ عزيز هئي.
اهڙيون ئي مائرون ديس جو سينگار آهن.
ننڍڙو مير، هٿيار پنهوار ڪري، جڏهن ميدان جنگ ۾
آيو، تڏهن مير نصير خان، پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي
نشاني سمجهي کيس موٽي وڃڻ جي صلاح ڏني، پر هن
سورهيه شهزادي چيو ته ”چاچا! وطن جي راهه ۾ وڙهڻ
صرف وڏن جو شيوو نه آهي. هن راهه ۾ لڙڻ کان مونکي
نه روڪ. دشمن کي پٺي ڏيڻ ڪانئرن جو ڪم آهي. بهادرن
۽ سرويچن جو اهو دستور نه هوندو آهي ته هو سڄڻ ۽
ساڻيهه کي وساري، انهن کي ٻوهي ۾ ڏسي، پاڻ گهرن ۾
ويهي عيش ڪن. زندگي گلن جي سيج نه آهي، پر ديس جي
سالميت لاءِ زندگي قربان ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي آهي.“
سندس جذبي ۽ حب الوطنيءَ کي ڏسي وڏي مير کيس
ڳراٽڙي پائي پيار ڪيو. جنگ ۾ سنڌ جي هن ننڍڙي
شهزادي پاڻ ملهايو. جڏهن جنگ بند ٿي، تڏهن فاتح
حاڪمن، ننڍي مير کي به ٻين سان گڏي، بمبئي موڪليو
ويو ۽ اتي هو هزاري باغ جهڙي ويران ڳوٺ ۾، پنهنجي
ملڪ کان هزارين ميل، پري نظر بند رهيو. لارڊ
ڊلهائوزي جي هڪ اعلان موجب هو 1859ع ۾ پنهنجي وطن
موٽي آيو، اهڙيءَ طرح مير صاحب پورا سورهن سال سنڌ
کان ٻاهر رهيو.
مير حسن علي خان هڪ محب وطن سپاهيءَ سان گڏ اعليٰ
درجي جو شاعر به هو. ايام اسيريءَ ۾ هن بهترين غزل
لکيا. سنڌيءَ ۾ سندس ڪتاب ”سنڌ جو شاهنامو“ ۽ ”سنڌ
جي منظوم تاريخ“ مشهور آهي. سنڌ جو هيءُ سرويچ ۽
بهادر شهزادو 1878ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس مزار
مير ڪرم علي خان جي قبرستان ۾ آهي.
امتياز ابڙو
سائنس
اڏامندڙ ڦوڪڻو (بيلون)
هزارن سالن کان انسان پکيءَ وانگر اڏامڻ جي ڪوشش
ڪندو رهيو آهي. يوناني آکاڻين ۾ هڪ شخص ڊي ڊالس جو
ذڪر ملي ٿو جيڪو ڪنهن ڏوهه جي سزا ۾ جيل موڪليو
ويو. ان اتي ڪيترائي پکين جا پر جمع ڪيا ۽ ميڻ جي
وسيلي انهن کي گڏي وڏا پکين جهڙا کنڀ ٺاهي جيل مان
اڏامي ڀڄي ويو. ان کان نو سال پوءِ هڪ انگريز
پادريءَ به پکين وانگر ڦڙڪائڻ واريون ٻانهون (کنڀ)
ٺاهيون پر اهو ان ۾ ڪامياب نه ويو ۽ اڏامي ڪونه
سگهيو.
ڦوڪڻو ته اوهان ڏٺو هوندو. بيلون به عام ڦوڪڻي جي
شڪل جهڙو ٿئي ٿو. هي هوا ۾ تمام گهڻو مٿي ٿي وڃي
سگهي ٿو ۽ واپس زمين تي پڻ اچي سگهي ٿو. ان ڪري هن
کي ”اڏامندڙ ڦوڪڻو“ به چيو وڃي ٿو. |