سنڌيڪار: حسن علي ”قمر“ ابڙو
ڄامڙي جا ڪارناما
هڪ غريب ڪاٺير کي هڪ زال ۽ ست پٽ هئا ۽ جيڪو پٽ
سڀني کان ننڍڙو هو، اُهو صفا ننڍڙو هو! بس پنهنجي
پيءُ جي هٿ جي آڱوٺي جيترو انهيءَ ڪري سڀئي ماڻهو
هن کي ڄامڙو چوندا هئا.
ڄامڙو هو ته ننڍڙو، پر هو ڏاڍو هوشيار، هڪ ڀيري ڇا
ٿيو، جو ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو، ڪاٺير وٽ نه ڪو پئسو
بچيو هو ۽ نه ڪي ڪجهه کائڻ لاءِ ئي هوس، هڪ ڏينهن
شام جو هو پنهنجي زال کي چوڻ لڳو ته ”هاڻي ته اسان
وٽ ڪجهه به ڪونهي. جنهن سان هنن ٻارن جو پيٽ ڀري
سگهون. آئون سڀاڻي هنن کي جهنگ ۾ وٺي ويندس ۽ الله
جي آسري تي کين ڇڏي ايندس.“
هن جي زال اهو ٻڌي ڏاڍو رُني، پر کيس ٻي ڪا به
ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي، ڄامڙو چانهه جي پيالي ۾
لڪي سڀ ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، ٻئي ڏينهن جڏهن پيءُ
ڇوڪرن کي وٺي جهنگ ڏانهن هليو، ته ڄامڙي ڳچ جيترا
ننڍا ننڍا پٿر پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. جنهن به
رستي تان پيءُ هنن کي وٺيو ٿي ويو، ڄامڙو، هڪ هڪ
ڪري پٿر اُتي ڪيرائيندو پئي ويو.
پيءُ هنن کي ڇڏي واپس موٽي آيو، شام ٿي ته ٻين
ڀائرن کي ڏاڍو اچي ڊپ ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي به
گهر جي واٽ جي خبر نه هئي، پر ڄامڙو چوڻ لڳو ته
”اوهين پرواهه نه ڪريو، آئون توهان کي گهر وٺي ٿو
هلان!“ ۽ پنهنجي اُڇلايل پٿرن جا نشان ڏسندو، هو
سڀني کي گهر وٺي آيو.
گهر جي دروازي وٽ پهتا ته اندران هن جي ماءُ جي
روئڻ جو آواز اچي رهيو هو، ”هاءِ منهنجا ٻچڙا
الائي ڪٿي آهن؟ خبر ناهي ڪهڙي حال ۾ آهن؟“
”اسين دروازي جي ٻاهران آهيون ۽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ
آهيون.“ سڀني رڙ ڪئي! ماءُ ۽ پيءُ ڊوڙي اچي هنن
کان سيني سان لڳايو.
پر هنن جا ڏينهن نه ڦريا، ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ
ڪاٺير وري اها صلاح ڪئي ته ٻارن کي جهنگ ۾ ڇڏي
اچجي. ڄامڙو هن دفعي به چانهه جي ڪٽلي جي پويان
لڪي سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. ٻئي ڏينهن جڏهن پيءُ هنن
کي وٺي نڪتو ڄامڙي هڪ ماني پنهنجي کيسي ۾ لڪائي
ڇڏي ۽ جنهن رستي کان هي لنگهيا ٿي، ڄامڙو مانيءَ
جا ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪندو اتي ڇڏيندو پئي ويو.
پيءُ هنن کي ڇڏي گهر موٽي آيو، شام جو جڏهن ڇوڪرا
اچي ڊنا ته ڄامڙي وري چيو ”ادا، گهٻرايو نه، آئون
مانيءَ جي ٽُڪرن جي قطار ٺاهي آيو آهيان، انهيءَ
کي ڏسندا، اسين گهر پهچي وينداسين.
پر مانيءَ جا ٽڪرا ته پکي کائي ويا هئا! هاڻي ته
هو سڀ رستو صفا ڀلجي ويا. جهنگ مان نڪرڻ جو ڪوبه
رستو ئي نظر نه آيو، جڏهن سڀ همت هاري ويٺا، تڏهن
ڄامڙو هڪ وڏي وڻ تي چڙهي ويو ۽ کيس پري کان
اوڏانهن وٺي هليو. گهر جو دروازو کڙڪايائون هڪ
مائي ڊڄندي ڊڄندي ٻاهر نڪتي ۽ چوڻ لڳي: ”ڀڄي وڃو!
ڀڄي وڃو! هڪدم هتان ڀڄي وڃو! هن گهر ۾ هڪ ديو
رهندو آهي، هينئر ته جهنگ ۾ ويو آهي، پر جيڪڏهن
اوهان کي ڏسي ورتو ته سڀني کي کائي ويندو.“
سڀئي ٻار ڊپ کان اُتان ڀڳا پئي ويا ته اوچتو ائين
لڳو ڄڻ ته طوفان پيو اچي، ڪڪر گوڙ پيا ڪن. اصل ۾
اهو ديو ڪو ڀر ۾ ئي ستل هو ۽ اهو آواز هن جي
کونگهرن جو هو.
ڄامڙي اهو ٻڌو هو ته ديو جا، جيڪي بوٽ آهن، اهي
ستن ڪوهن جا بوٽ سڏبا آهن، ڇو ته جيڪو انهن کي
پائيندو، تنهن جي هڪ هڪ وک ستن ڪوهن جي ٿي ويندي
آهي.
ڄامڙي پنهنجي ڀائرن کي ماٺ ۾ رهڻ جو اشارو ڪيو ۽
آهستي آهستي وڃي ستل ديو جو بوٽ جا ڌاڳا کوليائين
ديو پاسو ورايو ته ڄامڙو ڊپ ۾ ڏڪندي وڃي، پنن
پويان لڪو، پر ديو جاڳيوئي ڪونه. اهو ڏسي ڄامڙو
وري اڳتي وڌيو ۽ آهستي آهستي ديو جا بوٽ لاهي
ورتائين.
بس پوءِ ڇا ٿيو جو ست ئي ڀائر بوٽن ۾ گهڙي ويا ۽
بوٽ هلڻ لڳا ته هنن جي هڪ هڪ وک ستن ڪوهن جي ٿي
ويئي ۽ ٿوري دير ۾ ست ئي ڀائر گهر پهچي ويا.
سڀني ڄامڙي کي گهڻي شاباس ڏني ڄامڙي گهڻو ڪمائڻ
شروع ڪري ڏنو. ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪنهن کي ڪا شيءَ پري
موڪلڻي هوندي هئي ته ڄامڙو ستن ڪوهن وارا بوٽ
پائي اک ڇنڀ ۾ ڏئي ايندو هو.
اعجاز اسد ٻگهيو
ٻليون
پيارا ٻارو: توهان گهڻو ڪري ٻلين کي ته هر گهر ۾
ڏٺو هوندو اڄ، آءٌ اوهان کي ٻلين بابت ڄاڻ ڏيندس.
سنڌي ٻولي ۾ ٻلين تي ڪيترائي پهاڪا ۽ ڳجهارتون
مشهور آهن. مثال طور: ٻلي جي خواب ۾ ڇيڇڙا ۽
ڳجهارتون، ميائون ميائون ڪرني اي، چلهه وٽ ٻهندي
اي. وغيره ٻلي جو واسطو انسانن سان ڪڏهن پيو، ان
بابت ڪا صحيح ڄاڻ نه ملي سگهي آهي، نه ئي وري اهو
معلوم ٿي سگهيو آهي ته ٻلي ڪهڙي جانور جي بدليل
شڪل آهي. عام طور تي کيس شينهن جي ماسي سمجهيو وڃي
ٿو ۽ هن کي شينهن ۽ چيتي جي خاندان مان سمجهيو وڃي
ٿو. هن جي خاندان ۾ ٻيا جانور جهنگلي جابلو بلا،
شينهن چيتا ۽ برفاني چيتا اچي وڃن ٿا. اهي سمورا
جانور قد، بت جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان مختلف آهن،
هوئن ته دنيا ۾ ٻلين جا ڪيترائي قسم آهن، پر آءُ
اوهانکي رڳو گهر ۾ پاليل ٻلي بابت ڄاڻ ڏيندس. گهر
۾ ٻلين جي پالڻ جو رواج تمام گهڻو آڳاٽو آهي. هڪ
تخميني موجب ٻه هزار سالن کان وٺي ٻليون گهرن ۾
پوليون وڃن ٿيون. گهريلو ٻليون هميشه گهر وارن
انسانن جون سهڪاري ۽ ٻيلي رهيون آهن ۽ جتي جتي
انسان آباد آهي. اوهان اتي ٻليون ضرور موجود ڏٺيون
هونديون. اوهان ڏٺو ته ٻليون ڪيئن نه انسان سان
پريت ۽ پيار ڪن ٿيون ۽ ساڻن گڏ ويهڻ پسند ڪن ٿيون،
ٻليون ڪيترن ئي رنگن جون ٿين ٿيون، جن ۾ ڪاريون،
اڇيون، نيريون، سليٽي ۽ ڀوريون وغيره ٻلين جو
سمورو جسم هڪ رنگ جو ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ته چٽڪمريون
به ٿين ٿيون، سندن حسن سندن اکين ۾ ٿيندو آهي.
سندن اکيون ڏسڻ ۾ ائين اينديون آهن ڄڻ بلور جون
ٺهيل هجن. ڪيترن ئي ٻلين جون اکيون مختلف ٿينديون
آهن. جن ۾ نارنگي، پيليون، سايون، ڀوريون، هلڪو
نيرو رنگ شامل آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ٻلي جي هڪ اک
ڀوري ته ٻي وري نيري ٿيندي آهي. ٻلين جي نظر ڏاڍي
تيز هوندي آهي هوءَ ڏينهن جو ته عام ماڻهن وانگر
ڏسي سگهندي آهي، سندس اکيون رات جو ٻرندڙ ٽانڊن
جيان محسوس ٿينديون آهن، ٻلي جڏهن هلندي آهي ته
پنهنجو سمورو بار، پنهنجي آڱرين تي وجهندي آهي،
سندس آڏو واري پير ۾ پنج آڱريون ٿين ۽ هڪ ننڍڙو
آڱوٺو ٿيندو اٿس، سندس پوئين پير ۾ چار چار آڱريون
اٿس، ٻلين جو سڀ کان اهم ۽ وڏو هٿيار سندن چنبا ۽
تيز ننهن ٿيندا آهن. ٻلي جو پسنديده کاڌو، مڇي،
پلو، گوشت، ڇيڇڙا، ڪئا، پکي، ڪڪڙ آهي. ڪڏهن ڪڏهن
ته ڪيترائي ڪيئان ۽ ماڪوڙا به کايو وڃي، ٻلي بک
کان وڌيڪ به ناهي کائيندي، ٻلي جا پونگڙا ڄم
کانپوءِ انڌا ۽ بي وس هوندا آهن سندس ماءُ کين
کاڌو آڻي ڏيندي آهي ۽ هوا برسات گرمي توڙي سردي
کان بچائيندي آهي. ٻلي هميشه ستن گهرن کانپوءِ
اٺين گهر ۾ ٻار (پونگڙا) نيپاج لاءِ ڇڏيندي آهي.
ٻلي هڪ ماهر مداريءَ جيان ڪرتب ڪري سگهي ٿي. خدا
کيس تيز دماغ ڏنو آهي، ٻليءَ کي ڪو به ڪم سيکارجي
ته هوءَ هڪدم سکي ۽ سمجهي ويندي (ٻلي) ايتري ته
هوشيار ۽ تيز مهم هوندي آهي جو لکن ۽ ڪروڙن گهرن
مان پنهنجو گهر سولائي سان سڃاڻي ويندي آهي. سندس
ٻڌڻ جي سگهه تمام گهڻي تيز ٿئي ٿي. آواز جي ننڍڙي
کڙڪي تي هڪدم هوشياري ٿيو وڃي ۽ کيس ان طرف جي خبر
پئجي ويندي آهي. ٻليءَ جي سنگهڻ جي حواس به تمام
تيز ٿيندو آهي، هوءَ هر شئي سنگهي پوءِ کائيندي
آهي، گهر ۾ پاليل ٻلي سيامي سڀ کان وڌيڪ مشهور
آهي، ننڍا وار نيريون اکيون سندس سڃاڻپ آهي. مٿن
اهو نالو سيامي، هاڻوڪي ٿائلينڊ اڳوڻي سيام، جي
ڪري پيو ڇو ته اڳوڻي سيام ۾ ٻليون تمام گھڻيون
هونديون هيون. گھرن ۾ پاليل ٻليءَ کي ايراني ٻلي
به چئجي ٿو، اهي حسين ۽ خوبصورت ٿين. ان کانسواءِ
ترڪي، انگولرا، همالين سومالي، برمي، سائمدي ۽
مينڪس ٻلين جو پڇ ڪونه ٿيندو آهي. برطانيه،
آمريڪا، مصر، برما، ڪورنس، ريڪس، بمبئي، روس،
پاڪستان، جاپان ۾ ملندڙ ٻلين جا وار ننڍڙا ٿيندا
آهن. پر جيڪا شهريت سيامي ٻلي کي نصيب ٿي آهي سا
ڪنهن کي ناهي نصيب ٿي!
شاهد چنو
شاهه لطيف لائبريري چڪ
مان جڏهن پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس، منهنجو ڪلاس
ٽيچر استاد _ ”حامي“ مهر هو. مونکي شاعري، ڪهاڻيون
لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. چڪ جي پرائمري اسڪول
۾ ٻه ٽي استاد اديب هئا. مثلاً: سائين حاڪم
وغيره. سائين حاميءَ مونکي صلاح ڏني ته،
”لائبريريءَ جا ڪتاب به پڙهندو ڪر.“
مان جڏهن شاهه لطيف لائبريري ۾ پهريون ڀيرو قدم
رکيو ته جڳهه مونکي عجيب و غريب نظر آئي. جڏهن
مان ادبي سنگت جي گڏجاڻين واري هال ۾ داخل ٿيس ته
لطيف سائينءَ جو لکيل شعر ڏاڍو پُر ڪشش لڳو. ”اچين
جي هيڪار، مون ساريندي سپرين....“ ميٽنگ واري هال
۾ موُڙا، ميزون مٿان پکيڙن رسالا ۽ اخبارون، ڪاٺ
جو تختيون. جن تي ”خاموش“ ”مطالعو آهستي ڪريو“
وغيره جھڙيون هدايتون لکيل هيون. ڀتين تي ٽنگيل
ڪٻٽن ۾ ڪتاب ۽ درين ۾ اجرڪ جا ٽنگيل پردا منهنجي
دل ۾ تهذيب سان ٽمٽار ماحول جو خوشگوار احساس پيدا
ڪرڻ لڳا. ميٽنگ واري هال ۾ اديب دوست ڪتاب پڙهندا
آهن ۽ هتي هر هفتي ادبي گڏجاڻي ٿيندي آهي. ڪتابن
واري هال ۾ لائبريريءَ جي انچارج جي آفيس آهي.
ڪتابن جي سيٽنگ خوبصورت نموني ۾ ترتيب ڏنل آهي.
هتي تقريباً پنج هزار ڪتاب آهن. سنڌي، اردو ۽
انگريزي ڪتابن جا حصا الڳ الڳ آهن.
شاهه لطيف لائبريري وچ شهر ۾ ٻه ماڙ تي ٺهيل آهي.
جنهن تان سڄي شهر جو دلڪش نظارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
لائبريريءَ جي الهندي پاسي وارين درين مان پوکن ۽
باغن جو نظارو ڏسبو آهي. ٻين جي ساوڪ سائي چادر
وانگر لڳندي آهي. لائبريريءَ جي اڱڻ جي ڪشادگي ڪا
گرمي محسوس ئي ڪرڻ ڪو نه ڏيندي آهي. لائبريري مٿي
هجڻ جي ڪري شهر جي شور کان به محفوظ آهي.
شاهه لطيف لائبريري سنه 1987ع ۾ سائين غلام علي
چني، سائين هارون چني، نذير احمد سومري، رشيد احمد
سومري، شوڪت سيٺار ۽ استاد راهيءَ جي ڪوشش سان
قائم ٿي. جنهن کي سائين هارون چني تمام گهڻو وقت
سنڀاليو ۽ هن کي مثالي لائبريري بڻايو. لائبريريءَ
جو هلائيندڙ ادارو چڪ ادبي سنگت آهي جنهن کي هاڻي
”چڪ ادبي سماجي سنگت“ ٺاهيو ويو آهي. جنهن جو صدر
استاد راهي آهي ۽ جنرل سيڪريٽري آزاد بخاري آهي.
سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري استاد ”حامي“ مهر آهي.
چڪ جي ٽائون ڪاميٽي لائبريريءَ کي هڪ اخبار ڏيندي
آهي. جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي کي سڀ اخبارون ۽ رسالا
ڏيڻ گهرجن. چڪ جا سرنديءَ وارا ماڻهو به
لائبريريءَ کي ڪجهه به امداد نٿا ڏين. کين کپي ته
لائبريريءَ کي ڪجهه امداد ڏئي پئسا سجايا ڪن. شهر
وارن کي گهرجي ته هو شاهه لطيف لائبريريءَ سان هر
قسم جو تعاون ڪن ۽ هتي اچي ڪري ڪتاب پڙهن جيڪو
لائبريريءَ جو اصل مقصد آهي.
لائبريريءَ وارن کي منهنجي راءِ آهي ته هتي چڪ
ادبي ٻارڙا سنگت ٺاهي وڃي جيئن چڪ جا ٻارڙا به
سنڌي ادب ۾ پنهنهو پاڻ ملهائي سگهن.
روشن ڪنڀر
محنت ۾ عظمت
پيارا ٻارو، هڪ زميندار کي ٻه پٽ هئا. ٻئي آرام جا
شوقين ۽ سُست هئا. زميندار هاڻي اچي ڪراڙو ٿيو هو.
ان ڪري هو هاڻي ٻنين جي سارسنڀال نه ٿي ڪري سگهيو.
آهستي آهستي انهن ٻنين جي پيدائش به گهٽجڻ لڳي.
آخر ٻنيون ان ڏيڻ کان ختم ٿي ويون ۽ نوڪر چاڪر به
زميندار جو ساٿ ڇڏي هليا ويا.
پيارا ٻارو، زميندار پنهنجي پٽن جي رويي کان ڏاڍو
پريشان هو ۽ ڳڻتي ڪندي ڪندي هو بيمار ٿي پيو ۽ جمع
ٿيل رقم به هوريان ختم ٿي وئي. جڏهن هن جي طبعيت
سڌرڻ کان جواب ڏنو ته هن پٽن کي پاڻ وٽ گهرايو.
پٽن کي چوڻ لڳو ”ڏسو، هاڻي مان مرڻ جي ويجهو
آهيان، هاڻي منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي، پر مون
کي توهان جو خيال هو مون توهان لاءِ زمين ۾ دولت
پوري آهي، اها توهان ڪڍجو“ ائين چئي مري ويو.
ڇوڪرا جڏهن پيءُ کي دفنائي آيا ۽ ان جي خيرات
وغيره کان آجا ٿيا ته انهن کي پيءُ جي ڳالهه ذهن ۾
آئي ۽ هو چوريءَ چوريءَ پنيءَ تي ويا. انهن کي ان
ملڪيت ڪڍڻ جو فڪر هو. جنهن جو باري ۾ هنن کي پيءُ
ٻڌايو هو.
انهن کي خبر ته ڪانه هئي ته دولت ڪٿي پوريل آهي.
ان ڪري هنن سڄي ٻني کوٽي ناس ڪئي، مگر دولت هٿ نه
آئي آخر ڪار ٿڪجي گهر موٽي آيا. هنن کي خيال آيو
ته بابا جو هڪ دوست هيو ان سان ملجي.
جڏهن هو ان وٽ ويا ته ان هنن کي چيو ته ”توهان جي
پيءُ نهايت سچو انسان هو. هو ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو
زمين ۾ دولت ضرور هوندي، پر توهان هاڻي هي ٻج کڻي
وڃو زمين ۾ پوکيو پوءِ اچجو ته توهان کي ان دولت
جي باري ۾ ٻڌائيندس.“
پيارا ٻارو، جڏهن ٻج کڻي زمين ۾ پوکيائون ته اها
زمين سائي سرسبز ٿي پئي ۽ هنن پاڻي ۽ سار سنڀال به
چڱي طرح لڌي.
خدا جي قدرت ٻين جي ڀيٽ ۾ هنن جو فصل تمام سٺو ٿيو
۽ جڏهن فصل لٿو ته هنن جام پئسا ڪمايا.
ٻئي ڀائر ڏاڍو خوش ٿيا ۽ گڏجي پنهنجي پيءُ واري
دوست ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن اتي پهتا ته هُن، هنن
کي ڏسي مسڪرايو ۽ چيو ته ”توهان جي پيءُ اهائي
دولت پوري رکي هئي، جيڪا توهان حاصل ڪئي آهي.
توهان محنت ڪيو توهان کي هن زمين مان اڃا به دولت
ملندي.“
پيارا ٻارو هاڻي ٻنهي ڀائرن کي پيءَ جي وصيت جي
حقيقت معلوم ٿي ۽ محنت جي عظمت جو اندازو ٿيو.
انهن سستي ۽ ڪاهليءَ کي ڇڏي ڏنو ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ
لڳا. ڏسو ٻارو محنت سان انهن کي ڪيتري عزت ملي.
توهان به محنت ڪيو ڇو ته محنتي ٻار کي هر ڪو ماڻهو
سٺي نظر سان ڏسندو آهي. ۽ سست ٻار کان پيءُ ماءُ
به بيزار هوندا آهن.
رابيل جوکيو
سچو دوست
ننڍڙي نعيم اسڪول جو ڪم پورو ڪيو ۽ پوءِ راند کيڏڻ
جي لاءِ ٻاهر نڪتو، ٿوري دير بعد نعيم جلدي گهر
واپس آيو. ”ڇا ڳالهه آهي پٽ، اڄ تون جلدي راند
کيڏي آئين.“ سندس ماءُ پڇيو. نعيم چيو ته، ”امان
اڄ مون راند ڪونه کيڏي“
ڇو پٽ! ماءُ پڇا ڪيس. نعيم چيو ته: ”امان اڄ سليم
مون سان افي ڪئي آهي.“
”سليم ته تنهنجو سٺو دوست آهي، هو توکان ناراض ڇو
ٿي ويو.“ کيس ماءُ چيو.
”نعيم چيو ته، ”امان اڄ سليم چئي رهيو هو ته آءٌ
هڪ وڏو رانديگر ٿيندس، ان تي مون کيس مذاق ڪندي
چيو ته، تون بدصورت آهين تون هڪ وڏو رانديگر نٿو
ٿي سگهين. تنهن تي هن مون سان افي ڪئي آهي“. نعيم
جي اها ڳالهه ٻڌي کيس پنهنجيءَ ماءُ ڀَر ۾ ويهاريو
۽ سمجهائيندي چيو ته ”پٽ هيءَ سموري ڪائنات الله
تعاليٰ جي خلقيل آهي، ڪنهن تي حسد ڪرڻ، گلا ڪرڻ،
نفرت يا ڪنهن سان مذاق ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه نه آهي.
اسين سڀ هڪ آهيون اسان مان ڀلو ۽ بهتر اهو آهي،
جيڪو پڻ نيڪ عمل ڪري.“ سليم تنهنجو هڪ سچو دوست
آهي توکي هن سان مذاق نه ڪرڻ گهرجي ها. نعيم
پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته سچو دوست ڪير هوندو آهي؟
تنهن تي ماءُ چيس ته پٽ سچو دوست اهو آهي جيڪو با
اخلاق آهي، نيت جو صاف ۽ همدرد ۽ هڏ ڏوکي هجي
دوستي ڪرڻ وقت اميري ۽ غريبي نه ڏسجي ڇو ته
دوستيءَ جو بنياد فقط خلوص تي هوندو آهي. نعيم تي
پنهنجي ماءُ جي ٻڌايل ڳالهين جو گهڻو اثر ٿيو. ۽
نعيم پڪو پهه ڪيو ته هو هڪ سچو دوست ٿي ڏيکاريندو.
ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ نعيم پنهنجي ناراض دوست سان وڃي
مليو ۽ هن کان معافي ورتي ۽ پوءِ ٻئي سٺا ۽ سچا
دوست ٿي ويا.
حزب الله آءِ. سومرو
سٺو ڳالهائڻ
اوهان اگر ٻه ڄڻ ڳالهائيندا هجو، ٽيون ڪو اچي
اوهان جي وچ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري، ڇا اها ڳالهه
اوهان کي وڻندي؟ ان طرح ڪو اوهان سان ڏاڍيان
ڳالهائي ته ڇا اها ڳالهه اوهان کي وڻندي؟ ان جو
مطلب ته ڳالهائڻ جو به هڪ فن ۽ طريقو آهي الله
سائين قرآن شريف ۾ سورت بقره جي آيت نمبر 84 ۾
فرمايو آهي: ”ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو.“ آءٌ اوهان
کي ڳالهائڻ جو صحيح ڍنگ سيکاريان ٿو.
1.
آواز نه تمام آهستي هجي، نه تمام وڏو هجي، سورت
لقمان آيت نمبر 19 ۾ آهي ته حضرت لقمان عليه
السلام پنهنجي پٽن کي نصيحت ڪندي چيو هو ته
”پنهنجي آواز کي گهٽ رکو ڇو ته خراب آواز گڏهه جو
آواز آهي.“
2.
ڪنهن کي خراب نالي سان نه سڏيو سورت حجرات آيت
نمبر 11 ۾ آهي ته هڪ ٻئي تي خراب لقب نه رکو.
3.
هر هڪ کي پنهنجي پسند جي نالي سان نه سڏيو حضرت
عمر رضه فرمايو آهي ته سٺي نالي سڏڻ سان پاڻ ۾
محبت وڌندي آهي.
4.
ٻه ڄڻا ڳالهائيندا هجن ته انهن جي وچ ۾ نه
ڳالهائجي سندن ڳالهه پوري ٿئي ته ڳالهائجي.
5.
آرام ۽ اطمينان سان ڳالهائڻ گهرجي.
6.
ڳالهائڻ وقت خيال گفتگو ۾ رکجي.
7.
گارين ۽ گندن لفظن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
8.
ڪنهن جي چغلي نه ڪجي ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪجي.
9.
ڪنهن به ماڻهوءِ جي گلا يا خوشامد نه ڪرڻ گهرجي.
10.
گهڻا قسم نه کڻڻ گهرجن.
11.
غير ضروري ڳالهين کان پرهيز هجي.
12.
تڪڙو تڪڙو نه ڳالهائجي، صاف صاف ڳالهائجي.
13.
ڪنهن تي ٽوڪ نه ڪندا ڪريو.
14.
ڳالهائڻ مهل مختلف اجايا سجايا اشارا نه ڏيڻ گهرجي
۽ جسم کي اجايو سجايو نه لوڏيو.
15.
گفتگو ۾ اجائي پٽاڙ کان پاسو ڪجي.
16.
ڳالهائڻ ۾ وڏن لاءِ ادب ۽ ننڍن لاءِ شفقت هجي.
احسان احمد ملڪ
صحبت جو اثر
احسان هڪ غريب ڇوڪرو هو، مگر هن کي پڙهائي سان
ڏاڍي دلچسپي هئي ۽ احسان جو ٻيو دوست شاهوڪار پيءُ
جو پٽ هو ۽ انهيءَ جو نالو ته درويش هو، مگر
انهيءَ کي پيار مان گڊو ڪري سڏيندا هئا ۽ گڊو کي
پڙهائي سان دلچسپي نه هئي. گهڻو ڪري لوفر ڇوڪرن
سان گڏ گهمندو ۽ رلندو هو. هن جا ماءُ پيءُ هن کي
گهڻو سمجهائيندا هئا ته پٽ ٻار رلڻ پنڻ سان نه لکڻ
پڙهڻ سان دنيا ۾ نالو روشن ڪندا آهن، مگر هي
ڪيڏانهن به ڌيان نه ڏيندو هو. احسان ۽ درويش ساڳئي
اسڪول ۾ پڙهندا هئا. احسان اسڪول کا نپوءِ هوٽل تي
ڪم ڪرڻ ويندو هو اهو انهيءَ لاءِ ته احسان جو پيءُ
وفات ڪري ويو هو ۽ سڄي گهر جو بار هن جي مٿان هو.
ڪجهه پئسا گڏ ڪري پاڻ نون ڪپڙن وٺڻ جو ارادو
ڪيائين ته ماءُ هن جي اڳيان ننڍي ڀاءُ جو مسئلو
کڙو ڪيو! ڏس پٽ هي تنهنجو ڀاءُ ڪڏهن کان پراڻن
ڪپڙن ۾ اسڪول وڃي رهيو آهي.“ ۽ احسان اُنهن پئسن
مان ننڍي ڀاءُ کي ڪپڙا وٺي ڏنا ڀاءُ کي نون ڪپڙن ۾
ڏسي پنهنجا ڦاٽل ڪپڙا ڀلي ويو ۽ ائين محسوس ڪرڻ
لڳو ته، اهي ڪپڙا ان نه مون پاڻ ئي پاتا آهن.
احسان ڏهين جو امتحان ڏنو ۽ رزلٽ جو شدت سان
انتظار ڪري رهيو هو، امتحان کان بعد احسان پنهنجي
ڏينهن نوڪري ڪندي گذاريا. آخرڪار چند مهينا انتظار
جا ختم ٿيا ۽ رزلٽ جو ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيو اهو
انهيءَ لاءِ ته هن جون مارڪون تمام سٺيون آيون ۽
هن جو دوست درويش جنهن کي هي دوست سمجهندو هو، اهو
رزلٽ ٻڌي ڏاڍو مايوس ٿيو، درويش جون مارڪون تمام
گهٽ آيون ۽ هيءُ پڻ پنهنجن دوستن اڳيان به ڏاڍو
شرمسار ٿيو. هن جو پيءُ شاهوڪار هو ۽ هن کي ڪاليج
۾ داخلا وٺي ڏني درويش هاڻي لوفر ڇوڪرن جي صحبت
ڇڏي احسان جي صحبت اختيار ڪئي هاڻي احسان ۽ درويشن
ٻئي ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳا يارهين ۽ ٻارهين جي امتحان ۾
ٻئي سٺين مارڪن ۾ پاس ٿيا، هاڻي ٻنهي کي ميڊيڪل
ڪاليج ۾ بنا ڪنهن سفارش جي داخلا ملي وئي احسان کي
ايتري حيثيت نه هئي جو اُتان جي فيس ڏئي سگهي، مگر
اُن جي ماءُ همت نه هاري ۽ پاڙي وارن جا ڪپڙا سبي
پئسا ڪمائي پٽ ڏانهن موڪليندي هئي ۽ آخر ڪار احسان
۽ درويشن ٻئي ڊاڪٽر ٿيا ا۽ ڪامياب ٿي گهر ڏانهن
واپس آيا ۽ احسان ڳوٺ ۾ ئي اسپتال کولي، غريب
ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لڳو.
ٻارو توهان به محنت ۽ دل و جان سان پڙهو ۽ لوفرن
ڇوڪرن جي صحبت اختيار نه ڪريو ۽ هن دنيا ۾ پنهنجو
نالو روشن ڪريو.
ڪرم سنڌي
آفيسر
اٺهين ڪلاس جي رزلٽ آئي ته هو، اسڪول ۾ پهريون
نمبر آيو، استادن شاباس ڏني، تڙ تڪڙ ۾ دوستن سان
ملي. گهر پهتو. ۽ ماءُ کي اها خوشخبري ٻڌايائين.
ماءُ، کيس ڳراٽڙي پائي چمي ڏني. ۽ پوءِ هُو، پيءُ
جي اچڻ جو اوسيڙو ڪرڻ لڳو. پر ڄڻ وقت جا ڪانٽا
بيهي رهيا هجن.
پيءُ، جيڪو مختيارڪار جي آفيس ۾ پٽيوالو هو. شام
جو چئين ڌاري گهر ايندو هو. ۽ پنهنجي پٽ کي هر وقت
تلقين ڪندو رهندو هو ته ”پٽ تعليم هڪ املهه هيرو
آهي. جنهن وٽ تعليم ناهي، سو ڄڻ انڌو آهي. تون
محنت ڪري پڙهه ۽ منهنجي آس آهي ته تون پڙهي، لکي
آفيسر ٿين.“
”امان.... او امان، ساڍا چار ٿي ويا آهن، پر بابا
اڃا ڇو ناهي آيو.؟“ واحد اوسيئڙو ڪري ڪري ٿڪجي
پيو.
”پٽ واحد! شهر ۾ ڪو ڪم ٿي ويو هوندس، اجهو اچڻ
وارو هوندو“ ماءُ گهر جي آڳر اڳيان ٻهارو ڏيندي
ڀڻڪي، پر سج لٿي ڌاري واحد جي پيءُ جو لاش گهر
پهتو، ايمبولينس وارن ٻڌايو ته ”روڊ پار ڪندي، ڪار
جي هيٺيان اچي ويو، ۽ ڪار خبر نه پئي ته ڪنهن جي
هئي.
گهر ۾ روڄ، راڙو مچي ويو، ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي
هجي. سڀ خوشيون غمن ۾ تبديل ٿي ويون. پيءُ جي وفات
کانپوءِ، گهر جو سڄو بار واحد جي ڪلهن تي اچي ويو.
چاچا، ماما، ماسات سڀ ائين منهن مٽي ويا، ڄڻ واقف
ئي نه هئا. واحد صبح جو سوير پڙهڻ ويندو هو. ۽ شام
جو ماءُ پڪوڙا ٺاهي ڏيندي هئي. جيڪو هُو وڪڻدو هو.
نيٺ هن انٽر پاس ڪري ورتي ۽ پوءِ نوڪري لاءِ آفيسن
جا ڌڪا کائڻ لڳو. پر جڏهن گهڻي ڊڪ ڊوڙ جي باوجود،
نوڪري نه ملي ته هڪ ڏينهن ماءُ چيس، ”ابا پاڻ غريب
ماڻهو آهيون. هينئر رشوت ۾ سفارش جو دور آهي.
انهيءَ ڪري توکي نوڪري ملڻ مشڪل آهي. منهنجي صلاح
مڃين ته وڃي ڪنهن زميندار وٽ ٻني ٻارو ڪر.“
واحد مرڪي ماءُ کي چيو ته ”امان! تون به صفا ڪا
چري آهين. الله سائين مان ڪڏهن به آسرو لاهڻ نه
گهرجي. واقعي تون سچ ٿي چوين، ته هي دؤر رشوت ۽
سفارش جو دور آهي. پر پوءِ به امان، ڪجهه ايماندار
آفيسر آهن، تون دلجاءِ ڪر، مون کي جلدي نوڪري ملي
ويندي، ۽ هونئن به بابا جو خواب هو ته مان آفيسر
ٿيان.“
ماءُ، پٽ جا اٽل ارادا ڏسي مرڪي پئي. ۽ پٺي
ٺپريندي چيائين، شل ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ سدائين
مرڪندو پسان!!!“
نيٺ هڪ ڏينهن واحد کي ماستري جو آرڊر ملي ويو،
واحد، ماستري جو آرڊر کڻي، سڌ پيءُ جي قبر تي پهتو
۽ پيءُ جي قبر جي ڀر ۾ ويهي روئندي چوڻ لڳو بابا
تنهنجو خواب ساڀيان ٿي چڪو آهي، مان... آفيسر ته
نه ٿيو آهيان پر استاد ٿيو آهيان.
طارق پنهور
وفادار دوست
ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه دوست رهندا هئا، جنهن مان هڪ جو
نالو فياض ۽ ٻئي جو نالو اشفاق هيو، فياض تمام
وفادار ۽ سچو دوست هئو ۽ اشفاق بي وفا ۽ شرارتي،
اشفاق سڄو ڏيهن شرارت ڪندو هو. فيض هر وقت اشفاق
کي سمجهائيندو هو ته: ”ادا، شرارت جو نتيجو تمام
خراب نڪرندو آهي، پر اشفاف هڪ ڪن کان ٻڌي ۽ ٻئي ڪن
مان ڪڍي ڇڏيندو هو. اشفاق ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ
ٻيو دوست ڪيو جنهن جو نالو اصغر هو ۽ اهو تمام
گهڻو شرارتي ۽ بي وفا هو، هڪ ڏينهن اشفاق ۽ اصغر
وڃي رهيا هئا ته اصغر يڪدم اشفاق جي کيسي مان ٻٽون
ڪڍيو، ان ٻٽون ۾ هزار روپيا پيو هو، اصغر اهو هزار
روپين جو نوٽ ٻٽون مان ڪڍي ۽ پنهنجي هٿ ۾ جهليو.
اشفاق يڪدم هن کان هزار روپيا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
اصغر ان هزار مان هٿ نه ڪڍيا ۽ اشفاق جا ٻئي هٿ ان
هزار ۾ هئا. پر گهڻي زور ڀرڻ کانپوءِ اهو هزار
روپيا، اصغر جي معمولي حرڪت جي ڪري ڦاٽي ذرا ذرا
ٿي پيو ۽ اشفاق روئي گهر آيو ۽ پنهنجي پيءُ کي سڄي
حقيقت ڪري ٻڌايائين. هن کي پنهنجي پيءُ گهڻو ئي
ماريو. اشفاق پنهنجا لڙڪ اگهندي پنهنجي پهرئين
وفادار دوست فياض وٽ آيو ۽ ان کي سڄي حقيقت ڪري
ٻڌايائين ۽ روئي چيائينس ته ”ادا تو جهڙو وفادار
دوست شايد هن سڄي دنيا ۾ نه هوندو.“ ۽ اشفاق
پنهنجي وفادار دوست فياض کان روئي معافي ورتائين
پيارا ٻارو! توهان ڏٺو ته شرارت ۽ بي وفا دوست جو
ڪيڏو نه خراب نتيجو نڪتو، توهان به ڪو دوست ڪيو ته
وفادار ۽ سچا دوست ڪجو.
حبيب ڀٽو
نصيحت
رشيد هڪ رولو ڇوڪرو هو، پر هن ۾ خاصيت به هئي ته
هو پڙهائيءَ ۾ ڪجهه اڳرو هو.
ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ان اسڪول ۾ هڪ ڇوڪرو (آڪاش)
آيو، جيڪو تمام محنتي هو. رشيد جي ان سان دوستي ٿي
وئي. ٻئي هڪ ٻئي جا گهاٽا دوست ٿي ويا. مگر موڪل
کان پوءِ رشيد رولو ڇوڪرن سان روزانو شاخ ۾ وهنجڻ
ويندو هو.
هڪ ڏينهن انهن ڇوڪرن سان رشيد وهنجي رهيوهو، ته
آڪاش جو گذر به ان سم شاخ وٽان ٿيو. آڪاش اهو ڏسي
ڏاڍو ڏکيرو ٿيو ته رشيد اتي وهنجي رهيو هو. آڪاش
اتان هليو ويو. جڏهن ٻئي ڏينهن رشيد اسڪول آيو ته
آڪاش ان کان اڳ اسڪول ۾ موجود هو. رشيد سلام ڪيو ۽
آڪاش سلام جو جواب ڏنو. جڏهن رشيد آڪاش سان
ڳالهايو ته آڪاش ڪوبه جواب نه ڏنو. رشيد آڪاش کان
پڇيو ته ”تون مون سان ڇو نه ٿو ڳالهائين“ آڪاش
جواب ڏنس ته ”اگر تون اڳتي سم شاخ ۾ وهنجندين ته
مان توسان نه ڳالهائيندس.“ رشيد جواب ڏنو ”اگر نه
ٿي ڳالهائڻو ته نه ڳالهاءِ، توکي ڪهڙو نقصان آهي،
منهنجي وهنجڻ سان، اهو منهنجو ذاتي مسئلو آ.“ آڪاش
بس ٿي ويو.
هڪ ڏينهن رشيد سم شاخ ۾ وهنجي رهيو هو ته اوچتو ان
جڳهه تان هن جو پير ترڪي ويو. هڪ اونهين کڏي ۾ وڃي
ڪريو ڏاڍيون رڙيون ڪيائين، پر رولو ڇوڪرن چيو ته
هي مذاق ڪري رهيو آهي آخر هڪ ڇوڪري هن کي هٿ ڏنو،
هي ٻار نڪتو ۽ اڌ مئو ٿي ويو ۽ وهنجڻ کان هميشه
لاءِ توبهه ڪيائين.
ٻئي ڏينهن اسڪول ڪونه آيو، ٽئين ڏينهن اسڪول آيو ۽
آڪاش کان معافي ورتائين ۽ ڪڏهن به سم شاخ تي وڃڻ
کان توبهه ڪيائين.
کل ته سهي
ڊاڪٽر (ٻار جي پيءُ کي) هاڻ توهان جي ٻار جي طبيعت
ڪيئن آهي.
پيءُ: اڳي کان به وڌيڪ خراب اٿس.
ڊاڪٽر: ڇو ڀلا دوا وقت تي نه پياري اٿو ڇا؟
پيءُ: سائين، دوا تي لکيل هو ته دوائون ٻارن جي
پهچ کان مٿي رکو.
طاهر حسين لغاري ڄامشورو
·
منور (درزي کي) توهين شلوار جي سلائي جا ڪيترا
وٺندا آهيو.
درزي، پنجاهه روپيا.
منور: ڪڇي جا.
درزي: ڏهه روپيا.
منور: پوءِ توهين ڪڇو سبي ڏيو، پر ماپ شلوار جي
رکوس.
اياز علي سهارڻ، ڄام شورو ڦاٽڪ
استاد، عمران، ڪتي تي جو تو مضمون لکيو آهي، بلڪل
توهان جي ڀيڻ جي مضمون جهڙو آهي.
عمران: سائين، گهر ۾ ڪتو هڪڙو آهي.
ظهور علي گاڏهي، ڄام شورو ڦاٽڪ
·
هڪ سپاهي کي، انسپيڪٽر چيو ته: اهو چور وڃي پيو،
ڀڄي وڃي وٺي اچينس، سپاهي کي جو چور ڏٺو ته وٺي
ڀڳو.
سپاهي، ٿاڻي تي موٽي آيو، صوبيدار چيس، ”چور ڪٿي
آهي“
سپاهي چيو، ”سائين چور هڪ گهر ۾ گهڙي ويو ۽ دروازي
جي ٻاهران لکيل هو، بنا اجازت اندر اچڻ منع آهي.
شعبان علي، ميهڙ
·
استاد، (شاگرد کي) تو اسڪول ۾ گڏهه ڇو آندو آهي.
شاگرد، سائين، توهين، ڪالهه چيو هو ته مون وڏن وڏن
گڏهن کي ماري، انسان بنائي ڇڏيو آهي، سو مان به ان
ڪري گڏهه ڪاهي آيو آهيان.
عبدالرحمٰن ملاح ڪنڌ ڪوٽ
·
هڪ همراهه، روزانو، اچي بڪ اسٽال تي ڪتاب ڏسندو
هو.
هڪ ڏينهن اسٽال واري چيس. ”روزانو اچي ڪتاب ڏسو ٿا
پر وٺو هڪ به نه ٿا؟
همراهه: مان ته روزانو هڪ ٻه ڪتاب کڻي ويندو
آهيان، اوهان نه ٿا ڏسو ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه.
اعجاز رنگريز ميرپور بٺورو.
·
هڪ همراهه ريڊيو مستري کان ٺهرايو، ٻئي ڏينهن واپس
کڻي ويس، ۽ چيائينس ته، ”هي ريڊيو ٺاهيو اٿئي، رڳو
شون شون ٿو ڪري.“
مستري چيس: ”اڄ موسم خراب آهي ان ڪري.“
همراهه چيس: مون ته توکي چيو هو ته سڀ پرزا ٺاهي
ڏي، پوءِ موسم کي ڇو نه ٺاهيو اٿو.
عمران ٿهيم دادو.
·
هڪ مهمان ميزبان کان پڇيو ته، ”يار، ڇو ڀلا تنهنجي
گهر مکيون ڏاڍيون آهن ۽ ڏاڍو تنگ ٿيون ڪن.“
ميزبان چيو: ادا، ڇا ڪجي مکيون جيڪا به خراب شئي
ڏسن ٿيو ان تي ويهن ٿيون، اسان ڇا ڪيون.
فهد ڀٽو وارهه
·
هڪ همراهه گهر فون ڪيو، سندس گهر واريءَ ڳالهايو.
همراهه کي پٽ جي سڪ ٿي، سو زال کي چيائين ”ننڍڙي
کي فون ڏيو“
ننڍڙي ٻار، جڏهن پيءُ جو آواز ٻڌو ته روئڻ لڳو،
ماڻس پڇيس: ابا روئين ڇو ٿو.
چيائين، اما، بابا سوراخن مان ڪيئن نڪرندو.
تنوير/احمد ميمڻ ميرپور بٺورو
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: عمران خان سرڪي ڪلاس: نائون (بي) وندر: ٻوٽا
پوکڻ عمر: 13 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺل
·
نالو: طالب حسين لنڊ ڪلاس: اٺون (اي) وندر: قلمي
دوستي رکڻ عمر: 15 سال ائڊريس: معرفت بشير شاپ
ڪيپر پوسٽ يارو لنڊ تعلقو ميرپور ماٿيلو.
·
مهيش ڪمار ڪلاس: ستون وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ عمر: 12
سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور مهر.
·
نالو: اصغر ساجد شيخ ڪلاس: نائون (بي) وندر: ڪرڪيٽ
کيڏڻ عمر: 16 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول 4
ميهڙ
·
نالو: محمد علي شيخ ڪلاس: ڏهون وندر: غريبن سان
پيار عمر: 17 سال ائڊريس: پرنس سوشل ايسوسيئيشن
رستم روڊ شڪارپور.
·
نالو: درشن لال ڪلاس: اٺون (اي) وندر: جوڊو ڪراٽي
کيڏڻ عمر: 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ميرپور ماٿيلو.
·
نالو: پرنس ڪرشن لال ڪلاس: ڏهون (اي) وندر: رسالا
پڙهڻ عمر: 15 سال ائڊريس: مڪواڻا ميڊيڪل اسٽور عمر
ڪوٽ.
·
نالو: عزيز الله لاکو ڪلاس: نائون (ڊي) وندر: قلمي
دوستي رکڻ عمر: 16 سال ائڊريس: نزد جامع مسجد عيد
گاهه الطاف ڪواٽر گهر نمبر 21 نواب شاهه.
·
نالو: آصف علي سومرو ڪلاس: ستون وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 13 سال ائڊريس: معرفت محمد قاسم پوسٽ آفيس
مٺياڻي، نوشهرو فيروز.
·
نالو: اعجاز حسين پٺاڻ ڪلاس: فرسٽ ايئر وندر: ڪتاب
پڙهڻ عمر: 17 سال ائڊريس: معرفت آغا فضل حسين نزد
سيد بخاري امام بارگاهه عمرڪوٽ.
·
نالو: خالد فيروز چنا ڪلاس: انٽر وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 17 سال ائڊريس: لال محمد گُل فروش مارڪيٽ روڊ
هالا نوان.
·
نالو: مبارڪ سومرو: ڪلاس: ڏهون (E)
وندر: رسالا پڙهڻ عمر: 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول بدين.
·
نالو: سنيل ڪمار ڏاسواڻي ڪلاس: اٺون (سي) وندر:
راند کيڏڻ عمر: 14 سال ائڊريس: سنڌ. ٽي.وي ريڊيو
دڪان پنو عاقل.
·
نالو: منصور احمد نظاماڻي ڪلاس: ستون وندر: سائيڪل
هلائڻ عمر: 13 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
سيري
·
نالو: نظير احمد سميجو ڪلاس: ستون (بي) وندر: قرآن
شريف پڙهڻ عمر: 13 سال ائڊريس: مدرسه عربيه مفتاح
العلوم حماديه گلشير محله ڪنڌ ڪوٽ.
·
نالو: محمد سليم انصاري ڪلاس: نائون (بي) وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ عمر: 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول قمبر علي خان لاڙڪاڻو.
·
نالو: احسان سنجراڻي ڪلاس: اٺون (اي) وندر:
ڪهاڻيون پڙهڻ عمر: 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ هائير
سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ خيرپور ناٿن شاهه.
·
نالو: علي محمد باڊاهي ڪلاس: ڏهون وندر: ادب سان
چاهه عمر: 14 سال ائڊريس: معرفت: سچل سرمست
لائبريري پوسٽ نيو باڊهه لاڙڪاڻو.
·
نالو: پريمچند راجپوت ڪلاس: ستون (بي) وندر: قلمي
دوستي رکڻ عمر: 11 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول نمبر 2 عمرڪوٽ.
·
نالو: امتياز حمد ڀٽي ڪلاس: ڏهون (اي) وندر: ڪتاب
پڙهڻ عمر: 16 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
مٺياڻي ضلعو نوشهروفيروز.
·
نالو: گل خان بروهي ڪلاس: نائون (بي) وندر: گل ڦل
پڙهڻ عمر: 13 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
سرهاري.
·
نالو: محمد آچر گڏاڻي ڪلاس: ڇهون (اي) وندر: گل ڦل
پڙهڻ عمر: 12 سال ائڊريس: معرفت محمد عظيم گڏاڻي
ماڪاهي روڊ خانپور مهر.
·
نالو: عبدالغفار انصاري ڪلاس: نائون (ڊي) وندر:
رسالا پڙهڻ عمر: 14 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول قمبر علي خان لاڙڪاڻو.
·
نالو: وشنداس پروانو ڪلاس: اٺون (E)
وندر: قلمي دوستي رکڻ عمر: 14 سال ائڊريس:
ڪونڀارام ڪريانه مرچنٽ جميل مارڪيٽ عمرڪوٽ.
·
نالو: تاج محمد مهر ڪلاس: نائون (بي) وندر: گل ڦل
پڙهڻ عمر: 15 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
جروار ضلعو سکر.
·
نالو: نفيس علي ميمڻ ڪلاس: انٽر سائنس وندر: ادب
سان چاهه عمر: 17 سال ائڊريس: پوسٽ ميرپور بٺورو
ضلعو ٺٽو.
·
نالو: عبدالوهاب شيخ ڪلاس: نائون وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 13 سال ائڊريس: خليل بوٽ هائوس پنوعاقل.
·
نالو: عبدالحليم بروهي ڪلاس: ڏهون (ڊي) وندر: علم
سان چاهه عمر: 18 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
قمبر.
·
نالو: سندر ڪمار ڪلاس: يارهون وندر: قلمي دوستي
رکڻ عمر: 16 سال ائڊريس: ايس.جي.آر ڪلينڪ ڊاڪٽر
رميش لال خانپور روڊ گهوٽڪي.
·
نالو: نياز احمد شيخ ڪلاس: نائون وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 14 سال ائڊريس: معرفت ڊاڪٽر شمشاد علي شيخ
پوسٽ آفيس ميان جو ڳوٺ شڪارپور.
·
نالو: علام سرور چولياڻي ڪلاس: نائون (بي) وندر:
ڪتاب پڙهڻ عمر: 14 سال ائڊريس: نظام الدين قريشي
دڪاندار حمل محلو وارهه لاڙڪاڻو.
·
نالو: نديم قادر پيرزادو ڪلاس: ڏهون (اي) وندر:
ڪتاب پڙهڻ عمر 16 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
هالاڻي تعلقو ڪنڊيارو.
·
نالو: منير احمد پنهور ڪلاس: ڏهون (بي) وندر: قلمي
دوستي رکڻ عمر: 14 سال ائڊريس: گهر نمبر 42 سي
هائوسنگ سوسائٽي دادو.
·
نالو: عابد حسين جتوئي ڪلاس: فرسٽ ايئر وندر:
تحقيقي ڪم ڪرڻ عمر: 16 سال ائڊريس: ستار بوڪ سينٽر
ڇاڻو روڊ دادو
·
نالو: اشفاق حسين سومرو ڪلاس: ڏهون وندر: گل ڦل
پڙهڻ عمر: 15 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ڀنگوبهڻ، خير پور ميرس.
·
نالو: افضل حسين ڀنڀرو ڪلاس: ٻارهون وندر: رسالا
پڙهڻ عمر: 16 سال ائڊريس: مهراڻ ميڊيڪل اسٽور
بڇيري ضلعو نواب شاهه.
·
نالو: حيدر علي نوحاڻي ڪلاس: نائون وندر: ڪرڪيٽ
کيڏڻ عمر: 16 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ترائي ضلع بدين.
خط
ادا. سيپٽمبر 1995ع وارو گل ڦل 15 سيپٽمبر تي مليو
۽ پڙهي ڪري اوهان ڏي خط قلمي دوستي عام معلومات ۽
فوٽو موڪلي رهيو آهي. رسالو تمام گهڻو پسند آيو،
جنهن ۾ پهاڪن جو استاد، چالاڪ ٻلي، هاري ۽ نانگ ۽
بوتل ۾ جن بيحد پسند آيا. اسان جو خط ضرور شايع
ڪندا.
موڪليندڙ: پرديسي خادم حسين کوسو بلوچ
محترمه سائين، ادا مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ
آهيان ۽ هر مهيني ۾ گل ڦل جو انتظار رهندو آهي ۽
گل ڦل تمام دير سان ٿو پهچي مان هڪ ڪهاڻي نيڪي جي
نالي موڪليان ٿو ۽ خط به مهرباني ڪري گلڙن جي لسٽ
۾ شامل ڪندا مايوس نه ڪندا ته مهرباني ٿيندي.
اوهان جو علي عباس براهوئي فريد آباد
ادا! سيپٽمبر وارو گل ڦل هٿن ۾ آهي. جنهن ۾ لطيفي
لات، حال احوال، احساس، چالاڪ ٻلي، گليلو، مريخ،
سائنسي راز، قلمي دوستي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پسند آيو.
اميد آهي ته هي خط شامل ڪندا ته توهانجي مهرباني
ٿيندي، ادا، انهيءَ خط سان گڏ هڪ تصوير اماڻي رهيو
آهيان، جيڪا اميد آهي ته ٻالڪ البم ۾ شايع ڪندا ته
دعاگو ۽ طالب دعا رهندس.
توهانجو، غلام مصطفيٰ سومرو ڳوٺ پڌريو سومرا ”مٺي“
ادا سائين سيپٽمبر وارو گل ڦل پسند آيو، رسالي جي
ٽائيٽل تمام سٺو هو، ڪهاڻين ۾ ڪوڙ جي سزا پسند آئي
۽ مستقل سلسلا، قلمي دوستي، خط پسند آيا، ادا
پهريان به مون مواد موڪليو آهي، پر شايع نه ٿيو
آهي هي خط لکي رهيو آهيان اميد ته شايع ڪندا.
الطاف حسين لغاري دادو
ادا سيپٽمبر وارو رسالو هٿن ۾ آهي. پر افسوس
انهيءَ ڳالهه جو آهي ته توهان منهنجو مواد هر ڀيري
رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ڪندا آهيو. اسان انتظار
ڪري هر مهيني رسالو خريد ڪندا آهيو، پر پوءِ به
توهان اسان جي انتظار جو احساس نه ڪندا آهيو آخر
ڇو؟ ادا هي خط ۽ ٻيو ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان
اميد ته مايوسيءَ جي موٽ نه ڏيندا.
توهانجو، عابد حسين جتوئي دادو.
اسلام عليڪم، گل ڦل ذريعي اسان جهڙن هزارين شاگردن
کي نصيحت ڪري پڙهڻ تي شوق ڏيکاريندا آهيو، هر بڪ
اسٽال تي اردو رسالن جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن. پر
انهن جي وچ ۾ پيارو گل ڦل، ڏسي اسان کي ائين محسوس
ٿيندو آهي. ڄڻ نماڻي آرزو سان چئي رهيو هجي ”آئون
حاضر آهيان. صرف توهان جو ساٿ گهرجي.“ ادل اسانجي
دعا آهي ته، رب تعاليٰ توهان جهڙا نيڪ دل انسان
پيدا ڪري، ٻارڙن لاءِ وڌ مان وڌ لکن ۽ سڀ بڪ اسٽال
سنڌي رسالن سان ڀرجي وڃن (آمين) ادل گل ڦل دير سان
پهچڻ ڪري ڏک ٿيندو آهي، پر جنهن مهل گل ڦل هٿن ۾
هوندو آهي ته سچ پچ ڏک به خوشين ۾ بدلجي ويندا
آهن.
فقط توهان جو دعاگو محمد الياس زئونر لڳ شاهه ڪمال
درگاهه، ٺٽو.
ادل، آئون پهريون دفعو خط لکي رهيو آهيان اميد ته
شايع ڪندا، مون پهريون دفعو گل ڦل ورتو تمام گهڻو
پسند آيو تنهن ڪري هي خط لکي رهيو آهيان. گل ڦل ۾
سڀ سلسلا سٺا آهن پر گهٽ آهن، ڪوشش ڪري سلسلا وڌيڪ
ڏيو گل ڦل ۾ مستقل سلسلا بهترين آهن. مون کي به
بيت اچي ٿو ۽ نه وري ڪهاڻي تنهنڪري آئون شروعات خط
سان ڪريان ٿو اميد ته همت افزائي ڪندا.
توهانجو ڀاءُ فراز لغاري سانگهڙ.
ادا، آئون پهريون دفعو خط لکڻ جي جسارت ڪري رهيو
آهيان. مون کي اميد آهي ته توهان خط ضرور آڪٽوبر
جي پرچي ۾ شامل ڪندا. توهان يقين ڪريو ته اڃا گل
ڦل جا صرف ٻه جلد پڙهيا آهن، پر اهو ڪتاب مون کي
تمام بهترين لڳو انهي جو ثبوت هي خط آهي. مون کي
توهان جي ڪتاب ۾ ٻه سلسلا تمام سٺا لڳا پهريون
ٻاراڻا گيت ۽ ٻيو خال ڀرڻ اسان جهڙن جي ذهانت جو
امتحان هوندو آهي. آئون ”گل ڦل“ قلمي دوستي ۾ حصو
وٺڻ ٿو چاهيان. انهي ڪري هي خط لکي رهيو آهيان.
اقبال ڪنڀر ڍورو نارو
ادا، مان گل ڦل جي پڙهندڙ مان هڪ آهيان، سيپٽمبر
جو پيارو پرچو هٿن ۾ آهي، پڙهي ايتري خوشي ٿي ته
ڄڻ آسمان جو سير پيو ڪريان ۽ وري نالي ڏسڻ سان
خوشي بيحد وڌي ويئي، ڄڻ حورن جي پينگهي ۾ پيو
لڏان، هن پرچي ۾ سڀ کان وڌيڪ بهتر ڪهاڻي اميد وڻي
اٿم، ڪهاڻيون ٻيون به چوڏيهن جي چنڊ کان بهتر هيون
پر ”اميد“ پنهنجو مٽ پاڻ هئي ۽ هاڻ منهنجي اميد
آهي اوهان ۾ ته ڪجهه مواد ۽ خط لکي رهيو آهيان.
مهرباني سان ردي حوالي نه ڪندا ۽ گلڙن جهڙي گل ڦل
۾ جاءِ ڏيندا.
پرنس مڪيش داس اي. ايڇ ڪنري
سيپٽمبر وارو رسالو ورتم پڙهي دل خوش ٿي، پر هڪ
ڳالهه جو ڏک به ٿيو ته منهنجو خط شايع ٿيل نه هو،
مان اڳ به ٻه ٽي خط لکيا آهن، پر انهن مان ڪوبه
شايع نه ٿيو آهي آخر ڇو؟ رسالو هن ڀيري وارو
بهترين هو، ڪهاڻين ۾ احساس، اوچا ڳاٽ ۽ عجيب
گهوڙو، سٺيون لڳيون، شاعري به هن ڀيري سڀني جي سٺي
هئي پر خليل عارف سومرو، محسن چانڊيو ۽ رشيد ارشد
جي شاعر سٺي هئي ۽ ڀاءُ هڪ گذارش آهي ته رسالو
اسان واري شهر ڏي جلدي موڪليندا ڪريو.
فقط مير عبيدالله خان ٽالپر ميرپورخاص
ادا جيئن ته سيپٽمبر وارو گل ڦل مليو ڏاڍو ڏک ٿيو
ڇو ته منهنجو ڪجهه به مواد شامل نه هيو ڪيترائي خط
لکيا اٿم مگر هڪ به نه ڇپيو آهي. ادا آخر ڇو؟ ڇا
اسان توهان جا پڙهندڙ نه آهيون ڇا؟ اسان جو به گل
ڦل تي حق آهي سڀني کي چانس برابر ڏيو ڇو هر پڙهندڙ
رسالي جي حقدار آهي، هي خط ۽ ٻيو ڪجهه مواد موڪلي
رهيو آهيان اميد ته اسان پڙهندڙن جي همت افزائي
ڪندا.
توهان جو ساٿي، طارق پنهور دادو.
ادا، آئون گل ڦل جي نئون پڙهندڙ آهيان، پهريون
دفعو، اتفاق سان گل ڦل ورتم، تمام گهڻو پسند آيو،
منهنجو هي خط ”خط“ سلسلي ۾ شايع ڪري همت افزائي
ڪندا. ادل گهڻي سڪ ۽ محبت سان لکجي ٿو ته مان
اوهانجو رسالو ڏاڍي دلچسپي سان پڙهندو آهيان. ادا
اوهانجي گل ڦل مون کي خط لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو،
شروعات ۾ حال احوال پڙهيم، ادي اڪبر صاحب حضور ﷺ
جي باري ۾ تمام سٺو
لکيو. ۽ سڀ
سلسلا بهترين هئا. ڀلا تعريف ڪنهن جي ڪريان، گل ڦل
۾ سلسلا گهٽ آهن. ڪوشش ڪريو ته سلسلا وڌ ۾ وڌ هجن
۽ آخر ۾ دعا آهي ته هي رسالو ڪامياب ٿئي آمين.
فقط اوهانجو ڀاءُ فهد لغاري سانگهڙ
پيارا ڀاءُ، آئون گل ڦل شوق ۽ پابندي سان پڙهندڙ
آهيان. توهان جو گل ڦل ڏاڍو سڪون بخشيندو آهي.
سيپٽمبر 1995ع وارو رسالو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. جنهن
۾ لطيفي لات، هاري ۽ نانگ، چالاڪ ٻلي، بوتل ۾ جن،
ماٽيجي ماءُ، چُون چُون چاچو ۽ عجيب گهوڙو، وڇوڙو،
ڪوڙ جي سزا، احساس،لالچ جو انجام، مطلب ته سڀئي
ڪهاڻيون پسند آيون مون کي به شوق ٿيو هي پهريون خط
گل ڦل ۾ لکي رهيو آهيان. ادا اميد ته هي خط ۽ قلمي
دوستي ضرور شايع ڪندا.
اوهان جو ڀاءُ پرويز سولنگي سيتا روڊ
ادا، جيئن ته سيپٽمبر جو شمارو هٿن ۾ آهي تمام
گهڻو پسند آيو. ڪهاڻين ۾ جن جو ڪهاڻيون پسند آيون
سي آهن، هاري ۽ نانگ-الطاف شيخ، چالاڪ ٻلي، ناز
ڀٽو، احساس، انجم قاضي، بوتل ۾ جن-سومرو
عبداللطيف، ڪوڙ جي سزا-شمس الدين، بوٽ پاليش،
ڊاڪٽر منير چنا وغيره. شاعريءَ ۾ رشيد ارشد، تابش
بخاري، محسن چانڊيو، خليل عارف سومرو، مختيار
گهمرو جي شاعري پسند آئي. گليلو، ننگرپارڪر، ”ٻار
گلن جا هار“ تي هڪ نظم، مٺي ڳالهائڻ ۾ جادو آهي.
صوف، مريخ، علم وغيره سٺو لڳو.
مهرباني اوهان جو ادو حبيب الله ڀٽو ڳوٺ حسين ڀٽو
نتيجو رنگ ڀريو 24
هن ڀيري ۾ ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا، پهريون
نمبر آيو ظهير عباس ولد عباس علي معرفت: ميونسپل
ڪاميٽي شهدادڪوٽ هن ڀاءُ کي گل ڦل جي هڪ اعزازي
ڪاپي موڪلبي.
نتيجو خال ڀريو-24
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا. جن مان
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا، کين رسالي جي اعزازي
ڪاپي موڪلبي.
جواب: (1) سالونڪي (2) آڪسفورڊ (3) برطانيه (4)
1954ع (5) 1948ع.
1-
محمد اياز ڪيريو پهريون سال زرعي تربيتي ادارو
سڪرنڊ
2-
عبدالوحيد درياڻي، ڀرسان پوسٽ آفيس ميهڙ.
3-
برڪت علي ميمڻ محلو وڏيرو حاجي الهه بچايو ميمڻ
محلو دادو.
4-
شبير احمد سيٺار، ڪلاس ڏهون اي هاءِ اسڪول حاجي
فتح محمد اوستو شڪارپور.
5-
علي مردان ريٽي پوسٽ وسايو ڀٽو، تعلقو رتوديرو.
رنگ ڀريو-26
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ
صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي
اعزازي موڪلبي.
خال ڀريو-26
هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح خال ڀري موڪليو. جن ٻارن جا
پنج ئي خال صحيح ڀريل هوندا. انهن کي ”گل ڦل“
رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي!
1.
مشهور سياح ڪولمبس اٽلي جي شهر............. ۾
پيدا ٿيو.
2.
ابراهيم لنڪن کي هڪ آمريڪي.........نالي گولي هڻي
ماريو هو.
3.
خليفي مامون الرشيد جو اصل نالو........آهي.
4.
آءِ ايم. ايف جو مشهور ادارو........... سن ۾ قائم
ٿيو.
5.
چين جو وزيراعظم چو.اين. لاءِ...........سن ۾
گذاري ويو. |