حال احوال
پيارا ٻارو! اسان وٽ اوهان جا ڪيترائي خط پهتا
آهن. جن ۾ رسالي دير پهچڻ جي شڪايت آهي. ٻارو اصل
حقيقت اها آهي ته اسان رسالو پوري وقت تي ڪڍندا
آهيون. پر حيدرآباد جون حالتون اهڙيون آهن جو بڪ
اسٽال تي رسالو جڏهن پهچندو آهي ته، شهر جون
حالتون خراب هجڻ سبب، سموري شهر جو ڪاروبار درهم
برهم هوندو آهي. ۽ پوسٽ آفيس ۾ به عملو ڪوبه ملندو
آهي. ان ڪري رسالو اوهان کي دير سان ملندو آهي.
ٻارو، دهشتگردي چڱي ڳالهه نه آهي ان سان هڪ ته ملڪ
جي اقتصادي حالت تي اثر پوي ٿو. ٻيو، ڪيترائي بي
گناهه ماڻهو مارجي وڃن ٿا، جن ۾ معصوم ٻار به
هوندا آهن. پيارا ٻارو، توهين ٻار اسڪول ۾، پاڙي ۾
پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان رهو، ۽ اهڙين حالتن جي نندا
ڪريو، ۽ هڪ ٻار کي سمجهايو ته، اسين سڀ هڪ آهيون.
۽ اسان جي نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جن جو فرمان آهي
ته ”الله تعاليٰ وٽ سڀ انسان هڪجهڙا آهن. امير،
غريب يا ڪاري اڇي جو ان وٽ ڪوبه فرق ڪونهي، صرف
سٺا عمل ئي آهن، جيڪي انسان کي الله تعاليٰ وٽ
سرخرو ڪن ٿا.“
ان لاءِ ٻارو توهين به ڌڻي در دعا گهرو ته اسان جي
ملڪ مان اها، دهشتگردي ختم ٿئي ۽ سڀ انسان پاڻ ۾
ڀائر ٿي رهن.
اوهانجو ادا: اڪبر جسڪاڻي
ڪلياڻ آڏواڻي
لطيفي لات
ڪوڏينهن آهئين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مه لاهه،
ڪامَڻِ! هَجِي ڪُرَجي، اَڏ وڏائي آهه،
هِتِ م پاڙج هيڪڙو، پائر جي پساهه.
سَتي، سيِل نباهه، ملير ويندين مارئي.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
هي بيت سُر مارئي جي داستان ڏهين جو ٽيون نمبر بيت
آهي.
سمجهاڻي: تون ڪوٽ ۾ باقي ڪي ڏينهن آهين، لوئي هر
گز نه لاهج. اي سندري! اوهان جي ڪُل (خاندان) جي
وڏائي پئي ڳائجي. ٿر ۾ جودم گذاريندين، تنهنجي مٽ
هتي، (ڪوٽ ۾) هڪ به پساهه نه سمجهج. اي مارئي
ستياڻي! تون پنهنجو ست قائم رکج. تون موٽي ملير
ويندين.
معنيٰ: ڪامڻ
=
سندري. اهجي
=
اوهانجي. ڪُر
=
خاندان. اَڏِ
=
خاص وڏائي سيل نباهه
=
ست قائم رک.
گلبدن آصف مصراڻي
بي مثال
پيارا ٻارو، خان نالي هڪ نينگر هوندو هو، جنهن جو
جنم ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ، هڪ واڻئي جي ڪمدار
محمد عالم جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو، سندن گهر ڳوٺ کان
پرڀرو اڏيل هوندو هو، خان ماءُ، پيءُ جو آخري ٻار
هئڻ ڪري گهڻو لاڏلو هوندو هو، ۽ خدا کين ننڍپڻ ۾
ئي سلڇڻو بڻايو هو.
ان زماني ۾ سندن تر ۾ صرف هڪ پرائمري اسڪول هوندو
هو، جيڪو خان جي گهر کان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي
اڏيل هو. انهن ڏينهن ۾ مسلمان صرف ٻني ٻارو ڪندا
هئا يا واڻين جا منشي ۽ ڪمدار هوندا هئا. واپار ۽
نوڪرين جي ته کين ڄاڻ به نه هوندي هئي. سندن
اٻوجهائيءَ جي اها حالت هئي. جو ڏونگهي، مصري،
ڀڳڙن ۽ کارڪن تي زمينون واڻين وٽ وڪڻي پاڻ انهن جا
هاري بڻجي ويا.
بهر حال، خان جيئن ئي سمجهه ڀريو ٿيو ته روزانو
پڻس کيس پابنديءَ سان اسڪول ڇڏي ايندو هو. سندس
پيءُ پڙهيل ڳڙهيل ته ڪونه هو، پر علم جي اهميت کان
واقف هو ۽ پنهنجي تر ۾ هڪ مشهور سگهڙ جي حيثيت سان
ڄاتو ويندو هو. ان وقت جا استاد به علم جا پارکو ۽
ديانتدار هوندا هئا، سو هن ٻار ۾ غير معمولي ذهانت
ڏسي سندس وڌيڪ رهنمائي ڪرڻ لڳا، ان ڪري هن نينگر
اسڪول جي چئن سالن ۾ گهڻو ڪجهه پراڻو. (ان وقت
پرائمري جا چار درجا رکيل هوندا هئا.) خان کي علم
سان بيحد محبت هوندي هئي، ان ڪري پنهنجن استادن
کان هندي ٻولي به سکي ورتائين. پرائمري تعليم پوري
ڪرڻ کان پوءِ هن کان وڌيڪ پڙهڻ هڪ مسئلو ٿي پيو،
پر هن جي استادن سندس پيءُ کي همت ڏياري ته کيس
حيدرآباد پڙهڻ لاءِ موڪلي، ۽ سندس اسڪالرشپ به
منظور ڪرايائون. پوءِ سندس والدين خوشيءَ سان کيس
حيدرآباد فائنل ڪرڻ لاءِ موڪليو.
خان انهن ٽن سالن ۾ نه فقط پنهنجي مضمون ۾ مهارت
حاصل ڪئي، پر قرآن شريف به حفظ ڪيائين، فارسي ٻولي
سکڻ سان گڏ، علم ۽ ادب، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو پڻ
گهرو مطالعو ڪيائين. فائنل جو امتحان امتيازي
حيثيت سان پاس ڪرڻ جي ڪري. کيس لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ
ڳوٺ ۾ ماستريءَ جو آرڊر مليو، اتي سندس صحبت
عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان ٿي، جن کان علم ۽ ادب،
شاعري، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪيائين، ۽
جلد ئي سڀني شعبن تي دسترس حاصل ڪري ورتائين ۽
ٿوري ئي وقت ۾ ڊزن کان مٿي ناياب ڪتاب لکائين.
شاديءَ ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ان ئي اسڪول ۾ هيڊ ماستر
ٿي آيو، جتان پرائمري تعليم حاصل ڪئي هئائين. پاڻ
جتي به رهيو، اتي جي شاگردن کي علم ۽ ادب سان مالا
مال ڪيائين، جنهن به شاگرد ۾ ڪا صلاحيت ڏسندو هو
ته ان جي پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪري، کيس منزل
مقصود تائين پهچائيندو هو، ان ڪري سندس ڪيترائي
شاگرد، ڪامورا، مشهور شاعر ۽ اديب آهن.
علم ۽ ادب سان گڏ، پاڻ سماجي ڀلائي وارين تنظيمن
سان به لاڳاپيل رهيو، سياست سان به گهڻي دلچسپي
هوندي هيس، سندس ذات مان هميشه ماڻهن کي چڱائي
پلئه پئي، پنهنجي محدود حالتن هوندي ۽ مسڪينن ۽
غريبن جي سار سنڀال لهندو هو. عيد جي ڏينهن سڀني
عزيزن ۽ پاڙي وارن جي گهر وڃي ڏسندو هو ته ڪٿي
ڪنهن جي اڄ چلهه وساڻل ته ناهي، بيماري بڙي، موت
يا ڪنهن جي نياڻيءَ جي شادي، هجي، هر ڪنهن جي مدد
ضرور ڪندو هو، اهوئي سبب هو جي سڄي تر ۾ کيس عزت
جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. جنهن به گڏجاڻي ۾
ويندو هو ته سندس احترام ۾ ماڻهو اٿي بيهندا هئا.
نوجوان طبقو ته سندس شيدائي هوندو هو. هر گڏجاڻي
سندس موجودگيءَ کان سواءِ ٻسي لڳندي هئي. کيس
ادبي، سماجي ۽ ٻين پروگرامن ۾ صدر ۽ مهمان خاص جي
حيثيت سان گهرايو ويندو هو.
سندس علم سان ان حد تائين چاهه هو جو، پنهنجي گهر
۾ هڪ لئبرري ”شان“ جي نالي سان قائم ڪئي هئائين،
جنهن ۾ اڄ به ٽي هزار ناياب ڪتاب موجود آهن.
پاڻ ڳوٺ جي مکيه رستي تي هڪ ڪچي اوطاق به اڏرائي
هئائين، جنهن جي آس پاس جي ڳوٺن مان گذريندڙ مسافر
آرام ڪندا هئا، ۽ سندس گهر مان انهن لاءِ ماني به
ايندي هئي. ستت ئي سندس گهر واري وفات ڪري وئي،
جنهن سان کيس بي انتها محبت هئي. جڏهن سندس مائٽن
کيس ٻي شاديءَ ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته، چيائين
”منهنجي زندگيءَ جو مقصد صرف منهنجا ٻار آهن،
انڪري آئون ڪا ڌاري ماءُ کين نه ڏيندس.“
بهرحال، گهر واريءَ جي وفات کان پوءِ گهڻو دکي
رهندو هو. پر علم ۽ ادب جي واٽ روشن رکيائين،
ڪيترائي ڪم اڌورا ڇڏي، وقت کان اڳ، اسان کان وڇڙي
ويو، پر سندس ٻاريل شمع اڄ به روشن آهي. سچ چيو
اٿن ته ۾ ”ماڻهو ته مري سگهي ٿو، پر سندس نيڪيون
هميشه زنده رهن ٿيون.“
حليم ساهڙ
گيت
گهر گهر ۾ روشن ڏيئا،
جهر مر جهرڪن ٿا.
سي ننڍڙا ٻار!
ڪُڏي ڪُڏي ٿا من پرچائن،
ڀاڪر پائي ٿا پاڻ وڻائن،
اڱڻ اڱڻ تي سرڪن ٿا،
جهر مر جهرڪن ٿا!
سي ننڍڙا ٻار!
نيڻ کڻي ٿا گهورن جڏهن،
دور ٿين ٿا درد تڏهن،
مرڪون مرڪن ٿا،
جهر مر جهرڪن ٿا.
سي ننڍڙا ٻار!
رُسي رُسي ٿا پرچن،
روئي روئي ٿا کلن،
جهمريون پائي پرچن ٿا!
جهرمر جهرڪن ٿا!
سي ننڍڙا ٻار!
سي ننڍڙا ٻار!
اياز پاٽولي
دُعا
خدايا اسانجو تون سائين سدائين،
ساري جڳت جو تون مالڪ سڏائين!
هي سج، چنڊ تارا ڪَتيون جي ڪروڙ،
نه توکان بنا ڪنهن رهي هيءَ پروڙ.
اَڙين جو تون آڌار غمخوار آن.
خدايا اسانجو تون ستار آن.
هي ڍنڍون بنايون تو ڍورا درياءِ،
سڀئي حڪم تنهنجي مٿي تير ٿيا.
هي وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ گلزار گل،
الله تو اُپايا هي موتي اَملهه،
مهر جا ٿو مينهن تون وسائين مٿان،
وڄون واءَ پاڻي اچي تو هٿان.
عطا علم جو تون عقل ڪر اسان،
ڪجانءِ ان ۾ قابل مون کي مهر سان!
وطن جو اسان کي ڪجان پاسبان،
فدا جان تن ٿئي زنده گلستان.
اسان کي تون غازي ۽ قاضي بناءِ،
مٿان مينهن رحمت سندا ڪي وسا،
اسان کي عمل جي ڪا توفيق ڏي،
اسان کي يا خدا تنهنجي توحيد ڏي!
خدايا اسان کي تون صالح بناءِ،
سٺو ڪو ستارو ڪو طالح بناءِ.
رهون ماءُ پيءُ جي ته فرمان ۾،
هجي منهن اسانجو ته قرآن ۾!
هلون هر قدم ماءُ پيءُ کي وڻي،
دعائن لئه ماءُ پيءُ هٿڙا کڻي.
سچائي اسانجي هجي شل ورونهه،
پڙهون پاڪ ڪلمون محمد ﷺ مَڃون.
غلام مصطفيٰ سولنگي
جُراسڪ پارڪ فلم
پيارا ٻارو! توهان ڊائنوسار جو نالو ته ٻڌو هوندو.
ٿي سگهي ٿو ته اوهان پنهنجي درسي ڪتابن ۾ انهن
جانورن جي باري ۾ ڪجهه پڙهيو به هجي. اهي خطرناڪ
جانور 25 ڪروڙ سال اڳ روس جي علائقي سائيبيريا،
چين ۽ دنيا جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ رهندا هئا.
سائيبيريا ۾ ٻرندڙ جبلن جي لاڳيتي ڦاٽڻ ۽ چين ۽
ٻين علائقن ۾ سامونڊي اٿل پٿل ۽ جاگرافيائي
تبديلين جي ڪري اهي جانور هميشه لاءِ ختم ٿي ويا ۽
اڄ دنيا ۾ ڪٿي به انهن جي وجود ڪونهي.
ٽي سال اڳ جڏهن آمريڪا کان آيل جانورن جي علم جي
ماهر ڊاڪٽر ايلين بيريءَ پنهنجي چيني ساٿين سميت
ڏکڻ چين جي هڪ جابلو علائقي ۾ ڊائنو سار جي ڍانچن
جي کوٽائي پئي ڪئي ته اُتي کين ڊائنوسار جا ڪجهه
آنا هٿ آيا. آنن جي اندر وارو مواد ته صفا سُڪي
خشڪ ٿي ويو هو، پر پوءِ به ان ۾ ڊائنو سار جا اڇا
جنسي جُزا موجود هئا، جن مان ساهوار ڊائنوسار وجود
۾ اچي ٿي سگهيا. انهن اڇن جنسي جُزن کي سائنسي
اصطلاح
D.N.A
چيو ويندو آهي. اڄڪلهه چين جا
سائنسدان ڊائنو سار کي ٻيهر وجود ۾ آڻڻ جي ڪوشش
ڪري رهيا آهن. ان ڳالهه تي دنيا جي گهڻن ئي
سائنسدانن اهو اعتراض ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڊائنو سار
کي ٻيهر وجود ۾ آندو ويو ته ته پوءِ اهي انسانن کي
کائي ناس ڪري ڇڏيندا.
انهي واقعي آمريڪا جي مشهور سائنسي ناول نگار
مائيڪل ڪرڪٽن کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ پوءِ هن ”جُراسڪ
پارڪ“ نالي سان هڪ سائنسي ناول لکي ورتو. اهو ناول
جڏهن آمريڪا جي هڪ فلم پروڊيوسر اِسٽي ون
اسپائلبرگ پڙهيون ته کيس ڏاڍو وڻيو ۽ ان تي فلم
ٺاهڻ جو ارادو ڪيائين. آخرڪار ڪافي مشڪلاتن، فني
ماهرن جي مدد ۽ فلم ۾ شامل اداڪارن جي محنت سان
اها فلم ٺهي تيار ٿي.
ان فلم جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي ته جان هيمنڊس
نالي هڪ ڪروڙ پتيءَ کي دنيا جي هڪ عجيب و غريب باغ
ٺاهڻ جو شوق جاڳي ٿو. پوءِ هُو آمريڪي سرڪار کان
هڪ ڏورانهون ساموندي ٻيٽ خريد ڪري ٿو. باغ جي مرمت
۽ صفائيءَ دوران ڊائنو سار جا ڍانچا ۽ کونر ۾ بند
ٿيل ڊائنو سار جي دور جو هڪ مڇر ملي وڃي ٿو، جنهن
ڊائنوسار جي رَتُ کي چُوسيو هو، تنهنڪري ان مان
ڊائنوسار جا اڇا جنسي جزا يعني
D.N.A
حاصل ڪري ڏيڏرن جي آنن ۾ وڌا وڃن ٿا ۽ ٿوري عرصي
کانپوءِ انهن آنن مان چئن قسمن جا ڊائنوسار ڦٽي
نڪرن ٿا. جڏهن اهي ننڍڙا ڊائنو سار ڪجهه وَڏَڀرا
ٿين ٿا ته کين باغ ۾ آزاد ڇڏيو وڃي ٿو.
ڪجهه عرصي کانپوءِ جان هيمنڊ پنهنجي پوٽيءَ ليڪس ۽
پوٽي ٽم ۽ جاگرافي، رياضي ۽ جانورن جي علم جي ماهر
ڊاڪٽرن آئن مالڪم، ڊاڪٽر ايلي سيٽَلرَ ۽ ڊاڪٽر
ايلن گرانٽ کي ”جراسڪ پارڪ“ گهمڻ جي دعوت ڏئي ٿو.
اهي جڏهن آٽوميٽڪ گاڏين تي سير ڪن ٿا ته اوچتو
زوردار طوفان اچي وڃي ٿو ۽ ”جراسڪ پارڪ“ جو سڄو
ڪمپيوٽر سسٽم فيل ٿي وڃڻ ڪري ڊائنوسار پنهنجي حدن
مان نڪري وڏي تباهي آڻين ٿا. پوءِ اهي سير ڪندڙ
مشڪل سان پنهنجي جان بچائي ڀڄي اچن ٿا. آخرڪار ٻيٽ
ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو ڇو جو اُتي رهڻ خطري کان
خالي نه هو.
مان ٻڌايو پئي ته فلم ۾ چئن قسمن جا ڊائنوسار
ڏيکاريا ويا آهن. هڪ زراف وانگر ڊگهو ڊائنوسار،
جنهن کي ٽرائسر ٽاپس چيو وڃي ٿو. ٻيو هاٿيءَ جهڙو
سڱن وارو ڊائنو سار، جنهن جو نالو ٽرائنوسار ريڪس
آهي، ٽيون اهي ڊائنو سار، جن جي شڪَل آسٽريليا جي
جانور ڪانگرو سان ملندڙ جلندڙ آهي. انهن ٽنهي قسمن
جي ڊائنوسار گاهه ۽ وڻن جا پَن کائي گذارو ڪندا
آهن. جڏهن ته چوٿون گوشت کائيندڙ خطرناڪ دائنوسار
ڊلفوسارس آهي، جيڪو سڄي ”جُراسڪ پارڪ“ ۾ ٿرٿلو
مچائي ڇڏي ٿو.
فني ماهرن جي ڏاڍي جاکوڙ کانپوءِ پلاسٽڪ جي ٺهيل
انهن ڊائنوسار تي لکين آمريڪي ڊالر خريد ڪيا ويا
آهن ۽ جديد ٽيڪنلاجي استعمال ڪئي وئي آهي. پر فلم
جي پروڊيوسر فلم تي آيل خرچ کان ويهه ڀيرا مٿي
پئسا ڪمايا آهن، ان ڪري جو اها فلم سڄي دنيا ۾ وڏي
شوق سان ڏٺي وئي آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي مشهور
ٻولين ۾ ان فلم کي
Dub
ڪيو ويو آهي. هتي اسان جي ملڪ ۾
پڻ ان فلم کي ٻارن توڙي وڏن ڏاڍو پسند ڪيو آهي ۽
اها پهرين انگريزي فلم آهي جنهن کي اردوءَ ۾ ترجمو
ڪري
Dub
ڪيو ويو آهي.
غلام محمد غازي
امَڙ جي دُعا
ٻوٽ اکيون مان لولي ڏيانءَ،
پنهنجي مٺڙي ٻولي ڏيانءِ.
شال وڏو ٿي دودو ٿيندين،
دودو ٿيندين جوڌو ٿيندين.
تون ريشم ۽ پٽ پهريندين،
مرڪي مٺڙي ماءُ ڏي ايندين.
تنهنجو ٿيندو ڀاڳ ڀليرو،
تنهنجو ٿيندو من نه ميرو.
شال وني ماڻيندين مٺڙا،
ساڻ اُها آڻيندين مٺڙا.
جوڙي شال سلامت هوندي،
عيدن جهڙي حالت هوندي.
ٻچڙا ٿيندءِ بابو ٿيندين،
پيار اُنهن کي پنهنجي ڏيندين.
ويڙهو وسندو تنهنجو سارو،
توکي ڏيندو رَب سهارو.
شال صدورو صالح ٿيندين،
سانگين کي سک پنهنجا ڏيندين.
انجم قاضي
نظم
راهه سجائي اڳتي هل تون،
جوت جلائي اڳتي هل تو.
سچ ته جياپو آهي پيارا،
ڪوڙ ڀلائي اڳتي هل تون.
نفرت ڀيلي سڪ جا ساٿي،
سنگ لڳائي اڳتي هل تون.
علم ادب جي ذهن ۾ هردم،
سوچ سمائي اڳتي هل تون.
ها تون گڏجي هڪ جيڏن سان،
ساٿ ملائي اڳتي هل تون.
ڪارو ڇا ۽ ڀورو ڇا سڀ،
ويڇا ڊاهي اڳتي هل تون.
قوم پئي واجهائي توڏي.
سنڌ سجائي اڳتي هل تون.
اٽل ارادي منزل ملندي،
قدم وڌائي اڳتي هل تون.
ويچارن، مجبورن جا دک،
درد مٽائي اڳتي هل تون.
وک وک پيار امن جا انجم،
نغما ڳائي اڳتي هل تون.
رشيد احمد ڪليري
ريڊار يا اليڪٽرانڪ اک
توهان سياري ۾ صبح جو سوير ٻاهر نڪري ڏٺو هوندو ته
ڪيئن نه ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري، اسان جي چوڌاري
واريون شيون، اسان کي ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن. پرٿڌ
جي غير معمولي حالتن ۾ ڪوهيڙو اهڙو ته وڌيڪ هوندو
آهي، جو هٿ نه ڏسي هٿ کي، پوين وقتن ۾ دنيا جي
هوائي اڏن تي اهڙي حالت، ڪيترائي دفعا هوائي جهازن
جي حادثن جو سبب بڻي آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو
دکدائڪ واقعو ملڪ اسپين ۾ پيش آيو، جڏهن ايئرپورٽ
تي لهندي، ٻه جهاز پاڻ ۾ ٽڪرجي پيا، جنهن سان سوين
جانيون ضايع ٿي ويون، پر اڄڪلهه اهڙي قسم جا حادثا
ٿيڻ تقريباً ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته سائنسدانن هڪ
اهڙو اوزار ٺاهي ڇڏيو آهي جو رات هجي يا ڏينهن،
جهڙ هجي يا ڪوهيڙو، برسات هجي يا ٻي رڪاوٽ، مطلب
ته هر موسمي حالت ۾، هر چيز تي نظر رکي سگهجي ٿي.
انهيءَ اوزار کي ريڊار سڏيو وڃي ٿو، ريڊار جرمني
زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ريڊيائي طريقي
سان پتو لڳائڻ ۽ فاصلو معلوم ڪرڻ.
انگريزي ۾ ريڊار جو سڄو نالو آهي ريڊيو ڊٽيڪشن
اينڊ رينجنگ، جيئن نالي مان ظاهر آهي ته ريڊار هڪ
اهڙو طريقو آهي، جنهن وسيلي ريڊيائي لهرون استعمال
ڪري، هڪ مقرر جڳهه کان، ان جي چوگرد موجود شين جو
پتو لڳائي سگهجي ٿو. اوهان اهو مشاهدو ضرور ڪيو
هوندو ته جڏهن چمڙو، رات جو ڪمري ۾ چڪر تيزيءَ سان
لڳائيندو آهي، ته ڪمري جي ڀتين وغيره سان ناهي
ٽڪرئبو، سائنسدانن جي تحقيق مان پتو پيو آهي ته
چمڙو جنهن جي منهن مان اهڙا شعاع نڪرندا آهن، جيڪي
ڪنهن سخت جسم سان ٽڪرائجي واپس ورندا آهن ۽ چمڙو
انهن شعاعن جي واپسي جو اطلاع ملندي ئي پنهنجي
پرواز جو رخ مٽائي ويندو آهي. ريڊار جي ڪم ڪرڻ جو
طريقو به بلڪل ائين آهي. ريڊار جي ڪم ڪرڻ جي طريقي
کي سمجهڻ لاءِ اسان کي انساني اک جي ڏسڻ جي اصول
جي به مدد وٺڻي پوندي. اوندهه ۾ جڏهن اسين بتي يا
ٽارچ وغيره ٻاريندا آهيون ته بتي جا شعاع سڀ کان
پهريان اهڙين شين تي پوندا آهن، جيڪي اتي موجود
هونديون آهن. شعاع انهن شين سان ٽڪرائجي، اسان جي
اکين ڏانهن موٽي اچن ٿا. اک تي ان جسم جو، عڪس ٺهي
ٿو. اهڙي نموني اسان ڏسي سگهندا آهيون!
ريڊار به هن اصول تي ڪم ڪري ٿو هڪ خاص اصول مطابق
تيز رفتار ريڊيائي لهرون، جن جي رفتار روشني جي
لهرن جيتري آهي، ۽ جنهن ڪري انهن لهرن کي روشني
جون لهرون چئي سگهجي ٿو. فضا ۾ چئني طرف ڦهلايون
وينديون آهن. هي لهرون جڏهن ڪنهن سخت جسم سان
ٽڪرائبيون آهن ته تيزيءَ سان واپس موٽنديون آهن ۽
انهيءَ سخت جسم جي تصوير ريڊار جي لڳل پردي تي صاف
نظر ايندي آهي. لهرن جي وڃڻ ۽ واپس تصوير جو پردري
تي ظاهر ٿيڻ جو وقت نوٽ ڪيو ويندو آهي. جنهن مان
حرڪت ڪندڙ جسم جي رفتار معلوم ڪئي ويندي آهي. جڏهن
ته طرف معلوم ڪرڻ لاءِ ريڊار جي ايرئيلس يا
اينٽينا کي چئني طرف گهمايو ويندو آهي، جنهن سان
گهربل تصوير ريڊار جي پردي جي مرڪزي تي اچي ويندي
آهي.
اڄڪلهه ريڊار پاڻي وارن جهازن، توڙي هوائي جهازن
جي محفوظ سفر لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
بندرگاهه ۽ هوائي اڏي تي جهاز جي ٽرئفڪ کي ڪنٽرول
ڪرڻ لاءِ پڻ ريڊار استعمال ڪيا وڃن ٿا. جنگي حالتن
۾، ريڊار ذريعي حمله آور جهاز يا دشمن جي ڇڏيل
ميزائيل جو پتو لڳائي سگهجي ٿو ۽ بروقت جوابي
ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. ساڳي نموني سمنڊ تي موجود
دشمن جي ٻيڙي يا دشمن جي چرپر جي خبر به ريڊار
ذريعي ملي سگهي ٿي.
ٽيليويزن جون لهرون زمين جي گولائي سان گردش نه
ڪنديون آهن، پر ريڊار جا شعاع زمين جي گولائي سان
گردش ڪندا آهن، جنهن ڪري اسان هن اليڪٽرانڪ اک سان
پنهنجي نظر جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ ڏسي سگهون ٿا. جتي
انساني اک دوربين ذريعي به ڪجهه نه ڏسي سگهي، اتي
ريڊار سڀ ڪجهه چٽو ۽ صاف ڏيکاريندي آهي. ڇاڪاڻ ته
ريڊار جي شعاعن جي آڏو، گهاٽا گهاٽا ڪڪر به رڪاوٽ
نٿا بنجي سگهن. اهڙن هنڌن تي جتي سدائين برف پئي
پوندي آهي، جيئن اتر قطب وغيره، اتي جهاز صحيح طرف
نه ملڻ ڪري پاڻ ۾ ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي ويندا هئا،
۽ هي سڀ نقصان فضا ۾ موجود انڌيري ۾ ڪوهيڙي ڪري
ٿيندو هو، پر هن اوزار جي ڪري اهي سڀ خطرا ختم ٿي
ويا آهن.
موسميات جا ماهر، موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ پڻ ريڊار
جو استعمال ڪندا آهن.
ايئرپورٽ، تي اوچتو بجلي بند ٿيڻ جي حالت ۾ ريڊار
جي پردي تي رن-وي جي تصوير صاف نظر ايندي آهي،
جيڪڏهن جهاز رن-وي کان هٽي کاٻي طرف ويندو ته پردي
تي رن-وي جي تصوير ساڄي پاسي ٿي ويندو ۽ ساڄي طرف
جهاز لڙندو ته تصوير وري کاٻي ڏسڻ ۾ ايندي. |