اسان جي هن سنڌ ۾ تعليم به هڪ اهم مسئلو بڻجي چڪي
آهي. اهڙا ٻار جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ مال چارين ٿا يا
شهر ۾ هوٽلن تي وي. سي. آر، وڊيو گيم يا ڊس انٽينا
ڏسڻ ۾ پنهنجو قيمتي ٽائيم وڃائن ٿا يا پنهنجي
جواني روڊن، رستن ۽ بازارن ۾ رلي خراب ڪن ٿا انهن
کي مقصود گل علم بابت ڄاڻ ڏيندي چوي ٿو ته:-
علم وڏي هڪ دولت آهي،
ان سان ملندي عزت آهي،
علم اُتم انسان بنائي،
علم ڇڏيندو عرش رسائي.
يا
علم شاهي شان آ انسان لئه
مرتبو ۽ مان آ انسان لئه،
علم سان سينگارجي سهڻا ٿيو،
سونهن، سوڀيا پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏيو.
مقصود گل جي ٻاراڻي شاعري تي جڏهن نظر وجهنداسين
ته ان ۾ اسان کي ٽيليويزن، ٽيليفون، سيارو،
اونهارو، ڪتو، مڇي، طوطو، سج، سچ، ڪوڙ، ڪاپي ڪلچر،
استاد، پروليون ۽ حمد جهڙا مشهور ۽ مقبول نظم
ملندا.
پکين ۾ طوطي جهڙو ڏاهو ۽ عقلمند پکي ٻيو ڪونهي
جيڪو ماڻهن وانگر ڳالهيون ٻوليون ڪري، مقصود گل به
طوطي کي ڏاهو پکي ڪوٺيو آهي ۽ ان تي ٻه ٽي تمام
سٺا نظم به لکيا اٿس طوطي جي حرڪتن، جسم ۽ جان،
رنگ و روپ، کاڌ ۽ خوراڪ جي باري ۾ ٻارن کي
ٻڌائيندي چوي ٿو ته:-
”مٺوءَ کي ٿا طوطو ۽ چتون پڻ چون،
ڏسي ٻار پياري پکيءَ کي ٺرن،
اٿس واهه پوشاڪ سائي سٺي،
ڳچيءَ ۾ وري لال ڳاني اٿس.
عام ماڻهوءَ ۽ شاعر ۾ تمام گهڻو فرق ٿئي ٿو، عام
ماڻهو محسوس به ڪري ٿو ۽ سوچي به ٿو ۽ ان ۾ تخليق
ڪرڻ جي سگهه ڪانهي، جڏهن ته قلمڪار ڪنهن شيءَ کي
محسوس، سوچڻ ۽ مشاهدي ڪرڻ کانپوءِ هڪ سهڻو ڍنگ ڏئي
ٿو.
مقصود گل جڏهن مڇي مارڪيٽ مان مڇي وٺي گهر پهچي ٿو
ته ان مڇي کي سندس ننڍڙا ٻار ڏسي ڏاڍو خوش ٿين ٿا
۽ هنبوڇون هڻڻ لڳن ٿا. اهو منظر اکين سان ڏسندي
مقصود گل ان منظر کي هڪ نظر جي روپ ۾ پيش ڪري ٿو.
بابي آندي اڇي مڇي،
امان چاڙهي اڇي مڇي،
شاعر پنهنجي مشاهدن جي روشنيءَ ۾ ماڻهن کي ايندڙ
خطرن کان آگاهه ڪري ٿو ۽ ائين هو قوم جي تقدير
بدلائڻ ۾ مکيه ڪردار نڀائي ٿو.
ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو اسان جي سموري سنڌ لاءِ تمام
هاڃيڪار آهي. جنهن جو وري ڪالاباغ نانءُ مٽائي
انڊس ڊيم رکيو ويو آهي. ان خطري متعلق مقصود گل
ننڍڙن ٻارن واتان چورائي ٿو ته:-
ڊَم ڊمَ، ڊمَ ڊمَ، ڪالا ڊيم
ٺاٺا ٺاٺا، ڪالا ڊيم،
ڪين کپي ٿو ڪالا ڊيم
ڪين کپي ٿو ڪالا ڊيم.
زندگي گهارڻ جا به ڪي اصول ٿيندا آهن. انهن اصولن
۾ سڀ کان اهم ۽ پهريون اصول انسانيت آهي، جنهن
انسان ۾ انسانيت ڪانهي اهو ڄڻ انسان ئي ڪونهي،
”انسانيت جا اصول“ وارو نظم ۾ گل ٻارن کي انسانيت
سکڻ لاءِ چوي ٿو ته:-
انسانيت سکي، ٿيءُ انسان ٻار پيارا،
انسان ساڻ الفت، پنهنجو اصول ڪر تون.
توکي اگر اچي ڪا تڪليف راهه حق ۾،
انعام ان کي سمجهي جلدي قبول ڪر تون،
هيڻن کي ڏي تون هٿڙا آڌار ٿي انهن جو،
اڳواڻ پنهنجي پيارا، پيارو رسول ڪر تون.
هن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي دور جي حوالي سان مقصود گل
اهڙا به ٻارن لاءِ نظم لکيا آهن جن مان سائنسي ڄاڻ
ملي ٿي ۽ اها سوچ اڄ جي ٻارن لاءِ اهم ضرورت به
آهي. هن ٽيليفون ۽ ٽيليويزن متعلق نظم لکيا آهن.
جن ۾ گل ٻارن کي سٺي ڄاڻ ڏني آهي ۽ کين اهو به
ٻڌائي ٿو ته اهي شيون انگريز سائنسدانن جوڙيون
آهن.
سندس جي نطم جون هي سٽون ڏسو:
جَس جي لائق محنت وارو هر ماڻهو آ ٻارو
”بئرڊ“ ڀي انسان ڀلو آ، اعليٰ عظمت وارو،
ٺاهي جنهن دنيا کي ”گل“ ڏيکاري ٽيليويزن.
يا
فون بنائي دنيا تي ”گرهام“ ڪيو احسان،
ٻارو سوچي ڏسجو ڪيڏو آه اتم انسان.
اسان جي تعليمي نظام ۾ چار شيون اهڙيون آهن جن
اسان جي تعليم جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهي آهن.
1- ٽيوشن، 2- ڪاپي، 3- رشوت ۽، 4- سفارش. انهن چئن
شين متعلق مقصود گل ٻارن کي سمجهائيندي فرمائي ٿو
ته:-
ٽيوشن، ڪاپي، رشوت جن آهي ٻيڙي علم جي ٻوڙي،
چوٿين آ سفارش، جنهن تعليم جي پاڙ اکيڙي،
چارئي پنهنجا دشمن سمجهو، محنت سان من لايو،
قرب ڪتابن ساڻ رکو ۽ پيارا علم پرايو.
انهن کان علاوه مقصود گل ٻيا به کوڙ سارا نصيحتن
ڀريا نظم ۽ سبق آموز ڪهاڻيون به لکيون آهن، هي هڪ
سٺو ڪهاڻيڪار به آهي. هن جي هر هڪ ڪهاڻي اسان جي
معاشري جو جيئرو جاڳندو چتر آهي جنهن ۾ هن اسان جي
هن سماجي جا گهمندڙ ڦرندڙ ڪرادار تمام سٺي نموني
پئنٽ ڪيا آهن.
آخر ۾ دعا آهي ته شال مقصود گل ٻارن لاءِ اڃا به
وڌيڪ سچائي ۽ خلوص سان لکندو رهي ته جيئن اسان جا
سنڌي ٻارڙا ڪجهه پڙهي پنهنجي اڃ اجهائي سگهن.
اسان سندس شعري ڪجهه بند ڏنا آهن، ٻارو، توهين
سندس ڪتاب پڙهندا ته اوهان کي وڌيڪ ڄاڻ ملندي.
الهه بچايو رند
عجيب ڳالهيون
سڱن وارو ماڻهو:
آفريڪا ۾ اهڙي وحشي قبيلي جي دريافت ٿي آهي، جنهن
جي تعلق ڊائنو سار جي نسل سان آهي. فرانسيسي
سائنسدانن ان کي دور جديد جي سڀ کان حيران ڪن
دريافت قرار ڏنو آهي. اهي ڊائنا سار ماڻهو آفريڪا
جي جهنگن ۾ رهن ٿا. اهي وحشي ڳالهائڻ بجاءِ رڙيون
ڪن ٿا. انهن ۾ حيران ڪندڙ شيءَ هي آهي ته هنن جي
پٺن تي ٽڙيل سڱ آهي. جن مان ڪيترائي چوڏهن انچ
ڊگها به آهن ۽ سندن ٻارن جي پٺيءَ تي پڻ اهڙا سڱ
ملن ٿا.
ست ڄامڙا روبوٽس:
برطانيا جي سائنسي ميلي ۾ ريڊنگ يونيورسٽي جي تيار
ڪيل ستن ڄامڙن روبوٽس جو ٽولو سڄي ميلي ۾ توجهه جو
مرڪز رهيو. يونيورسٽي جي پروفيسر ڪيوني واروڪ جي
راءِ ۾ اها ڄامڙا روبوٽ جن جو قد صرف 14 انچ آهي.
ان دنيا جي ترقي يافته جا روبوٽس آهن. ڄامڙن
روبوٽس ٽن ڦيٿن تي ڊوڙي ڏيکاريو.
اهي ڄامڙا روبوٽس رستي ۾ ايندڙ رنڊڪن کي ٻنهي اکين
۾ لڳل الٽرا سائونڊ ليزرن کي استعمال ڪري انسان
وانگر ڏسندا آهن ۽ رڪاوٽن کان بچندا رهندا آهن. ان
کان علاوه انفرا ريد شعاعن جي ذريعي هڪ ٻئي کي
پيغام به موڪليندا آهن. هڪ ڄامڙو روبوٽ ٻئي ڄامڙي
روبوٽ کي صلاحون پڻ ڏيندو آهي.
انوکي بيماري:
لنڊن ۾ هيڊي نالي ڇوڪري کي پاڻي کان الرجي آهي.
اٺن سالن جي هيڊي جي جسم تي جيڪڏهن پاڻي جو هڪ ڦڙو
به ڪري پئي ته اهو تيزاب جو ڪم ڏيندو آهي. هو
وهنجڻ ته پري پر پاڻ کي پاڻي جو ڇنڊو به نٿي هڻي
سگهي. هيڊيءَ صرف هفتي ۾ هڪ دفعو ٽوال سان جسم صاف
ڪندي آهي. کيس سندس ماءُ چمي به نٿي ڏئي سگهي ڇو
ته ان جي چمڻ سان هيڊي جي جسم تي داڻا نڪريو اچن.
ڊاڪٽر منير احمد
هيرو پُٽ
اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان اڃا، ٽن
سالن جو مس هوس، ته منهنجي مٺڙي ۽ جيجل ماءُ هن
فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. منهنجي ماءُ جو
موت، انهن اکين جو موت هو، جيڪو منهنجيون پهريدار
هيون. منهنجي ماءُ جو موت، انهي ڇاتيءَ جي ڀاڪر جو
موت هيو، جيڪي منهنجي لاءِ خوشين ۽ آرام جو گهر
هيو. منهنجي ماءُ جو موت دراصل منهنجي وجود جو موت
هيو، منهنجي نصيب جو موت هيو. ڪنهن به انسان جي
ننڍپڻ ۾ سڀ ڪجهه کسجي وڃي، پر جيڪڏهن هن وٽ ماءُ
جي روپ ۾ ڇپر ۽ ڇانو آهي ته پوءِ سمجهو ته هن وٽ
سڀ ڪجهه آهي. ننڍپڻ ۾ ماءُ جي ممتا ۽ پيار، ٻار
لاءِ ائين آهي، جيئين ڪنهن ٻوٽي جي اسرڻ لاءِ
پاڻي.
منهنجي مٺڙي امڙ جي وفات کي اڃا ڏيڍ سال ئي مس
گذريو هو ته منهنجي بابي، ٻي شادي ڪري، ماٽيجي
ماءُ کي گهر ۾ آندو. منهنجي معصوميت جو گل خوشبو
ڏيڻ کان اڳ ئي ڪومائجي ويو. جڏهن مون کي پير پير
کڻڻ لاءِ ماءُ جي نرم نرم هٿن جي سهاري جي ضرورت
هئي، تڏهن مون کي ماٽيجي ماءُ جا دڙڪا مليا. جڏهن
مان ٻاتڙا ٻاتڙا ٻول ڳالهائڻ لڳس، تڏهن ماٽيجي
ماءُ جا دڙڪا مليا. ماٽيجي ماءُ جي پاڇي ۾ پلجندڙ
ٻار جي حيثيت به ٿر جي انهي ٿوهر مثل آهي، جيڪو
بغير ڪنهن توجه، سهاري ۽ پاڻي جي اسرندو رهندو
آهي، زندگيءَ جو معصوميت وارا ڏينهن ۽ راتيون
آهُن، سسڪين، ڳوڙهن ۽ تنهائي ۾ گذرندا رهيا.
پهرين بابو به ٿوري گهڻي توجه ڏيندو هو، ليڪن وقت
گذرڻ سان ۽ حالاتن جي گردش ڪري بابي جي توجه به
وئي گهٽجندي.
منهنجي انڌيري قسمت ۾ ٻاٽ انڌيرو ان وقت ڇانئجي
ويو، جڏهن ٻن سالن کان پوءِ، منهنجي ماٽيجي ماءُ
کي پٽ ڄائو، يعني منهنجو ڀاءُ پيدا ٿيو، پوءِ ته
بس منهنجي ماٽيجي ماءُ ته راڄ ڪرڻ لڳي، بابي جي به
مون، مان توجه وئي گهٽجندي ۽ منهنجي ماٽيجي ماءُ
ڏانهن توجه وئي وڌندي، پوءِ ته مون کي ٿوري ٿوري
ڳالهه تي مارون ۽ دڙڪا ملڻ لڳا. نه ڪي وقت تي ماني
ملي نه وري ڪا خرچي وغيره، ڪاش، مان ڪو پکي هجان
ها، يا ڪنهن وڻ جو ميوو هجان ها، ته جيئن ڪنهن
بکايل ٻار جو کاڌو ٿي سگهان ها، ليڪن مان ته پٿر
آهيان، جيڪو ماٽيجي ماءُ جون ٺوڪرون کائيندو رهي
ٿو. ۽ واقعي پيءُ، ماءُ جي عدم توجه ۽ ٻاهر جي بي
رحم دنيا، مون کي پٿر بڻائي ڇڏيو. ليڪن انهن
حالاتن جي باوجود به، مان ڪڏهن ڪتاب هٿن، مان نه
ڇڏيا، استادن، وڏن ۽ ضعيفن جي عزت ڪرڻ، مان پنهنجو
اولين فرض سمجهندو هوس. ننڍي هوندي کان ئي مظلومن
جي حقن لاءِ وڙهندو وڙهندو، اچي ميٽرڪ ۾ پهتس. ۽
منهنجو ننڍو ڀاءُ اچي اٺين ڪلاس ۾ پهتو. چوندا آهن
ته گهڻو لاڏ ۽ پيار، ٻار کي کاري يا چريو ڪري، سو
منهنجو ڀاءُ به حد کان وڌيڪ پيار جي ڪري تمام گهڻو
چچلو ٿي پيو هو. منهنجي ڀاءُ کي سندس ماءُ ايترو
ته لاڏ پيار ڏنو هو، جو هو ٿوري ٿوري ڳالهه تي
ماءُ کي ڌڪ چنبا هڻندو ۽ گاريون ڏيندو هو. ماءُ ته
ماءُ پر پيءُ جي بي عزتي ڪندي به دير نه ڪندو هو،
ليڪن مان، پنهنجي ماٽيجي ماءُ جي نفرت ڀرئي لهجي،
مارن ۽ دڙڪن جي باوجود ڪڏهن به، کيس جواب ۾ تيز نه
ڳالهايو، هميشه هيٺ ڪنڌ ڪري، خاموش ٿي بيهندو هوس
يا وري گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هوس.
اها ڳالهه هئي، جو منهنجي داداگيريءَ جو رعب سڄي
پاڙي تي ويٺل هو، ليڪن منهنجي ويڙهه هميشه ظلم جي
خلاف هوندي هئي ۽ اِهي منهنجي ئي داداگيريءَ جي
ڪري، منهنجي ڀاءُ جي شرارتن ۽ حرڪتن تي ڪير به
ڪجهه نه چوندو هوس.
بس ائين ئي تنهائين، نفرتن ۽ جهڳڙن ۾ وقت گذرندو
پئي رهيو ته هڪ ڏينهن، جيئن ئي اسڪول کان واپس
موٽيم ته مون وارو ماٽيجو ڀاءُ، پنهنجي ماءُ سان
وڙهي رهيو هو ۽ کانئس پئسا گهري رهيو هو. ماڻس جي
سمجهائڻ تي ته مهيني جا پويان ڏينهن آهن ۽ پئسا
ڪونه آهن، تنهن جي باوجود به، هو روز رکي رهيو هو
ته پئسا کپن ۽ ضرور به ضرور کپن، ٻاهر منهنجا دوست
بيٺا آهن ۽ انتظار ڪري رهيا آهن. بس جلدي پئسا
کپن، پئسن نه ڏيڻ تي هن ماءُ کي ڌڪ هڻن شروع ڪيا،
مان اچرج ۾ پيو بيٺو ڏسان. |