مسٽر اگوچي جو هي واقعو بي شمار واقعن مان هڪ آهي.
حقيقت هي آهي ته جاپان ۾ روبوٽ وڏي تيزيءَ سان هڪ
نئين صنعتي قسم جي انقلاب جي طرف وڌي آهي. روبوٽ
ٻن قسمن جا ڪم ڪندو آهي. يعني خطرناڪ، نفيس، هي
اهڙا ڪم آهن جيڪي ڪارڪن ڪرڻ ناپسند ڪندا آهن. يا
هي ان قسم جو ڪم هڪ ماڻهو ڪري نه سگهندو يا ان کي
اهو ڪم ڪڻ ئي نه کپندو.
ڪارون سميل ڪڻ وارن ڪارخانن ۾ روبوٽ ويلڊنگ ڪندو
آهي ۽ انهن تي رنگ ڪندو آهي. ان کان علاوه هوڏانهن
ننڍن ڪارخانن ۾ پڻ ڪم ڪندو آهي. ليڪن ان جي
ڪارڪردگي اتي تائين محدود نه آهي. پر هوخلا،
سامونڊي منصوبن زراعت، جنگلات، جوهر پلانٽ، ڪوئلي
جي کاڻن، اسپتالن، ۽ آفيسن ۾ پڻ ڪم ڪري سگهندو
آهي.
هتي ته هو گهرن ۾ پڻ ٿورن ڪمن ۾ حصو وٺندو آهي.
هاڻي اهو عام طور تي خيال ڪيو ويندو آهي ته
(نومورا تحقيقاتي انسٽيٽيوٽ) جاپان جوهڪ وڏو
تحقيقي ادارو آهي. ان جي تحقيق هي آهي ته صنعتن ۾
روبوٽ کي زياده کان زياده ڪم ڪرڻ ۽ انسان کان بغير
ڪم ڪرڻ وارين فيڪٽرين جو استعمال بنا شڪ جي زياده
پيداوار ۽ زياده منافعو حاصل ڪڻ جو سبب هوندوآهي.
ان انسٽيٽوٽ جي مطابق جاپان ۾ روبوٽ جي تياري
1980جي پيداوار سٺ ملين کان وڌي 1990تائين ڇهه سؤ
ملين ٿيڻ جي اميد آهي. جيڪا ڏهوڻي زياده آهي.
روبوٽ جي استعمال سان جيڪو بر روگاري جو خطرو وڌي
رهيو آهي ان سلسلي ۾ گذريل سال جاپان جي وزارت
محنت هڪ جائزو ورتو هيو (صنعتي روبوٽ جو ڦهلاءَ ۽
روزگار تي ان جا اثر) جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته روبوٽ
استعمال ڪرڻ واريون ڪمپنيون عام طور تي هي چيو آهي
ته جن شعبن ۾ روبوٽ آيا آهن اتان کان انساني
افرادي قوت پنهجن ادارن جي ٻين شعبن ۾ منتقل ڪري
ڇڏيا آهن.
صرف چار سيڪڙو جي لڳ ڀڳ اهڙا ڪارڪن جي روبوٽ جي
ڪري بي روزگار ٿيا آهن انهن ڏينهن ۾ جاپان ۾
روبوٽن جو روزانه زياده استعمال ٿي رهيو آهي.
پر ان جي مقابلي ۾ آمريڪا يورپ جا ڪارڪن ان کي
ٿوري وقت لاءِ مهمان چوندا آهن.
آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ منظم محنت جونظام رائج آهي
سو جاپان کان مختلف آهي. ائين لڳي ٿو ته جيئن اتي
ڪارڪن روبوٽن جي ڪمن کي روڪڻ چاهين ٿا.
جاپان ۾ اها ڪوشش آهي ته روبوٽ ۾ جلد اهڙي سوچڻ جي
صلاحيت اچي وڃي. جو هو سوچڻ جي سگهه ۾ ايترو ماهر
هوندو. جو دنيا جا پيچيده مسئلا هو پاڻ ازخود حاصل
ڪري وٺندو.
ننڍڙا اديب
بيوس انسان
هڪ ڏينهن مان گهر ويٺو هيس ته بوريت محسوس ٿي. مان
گهر مان ٻاهر نڪري هلڻ لڳس ته هڪ هنڌ هڪ بيوس
انسان ڏسڻ ۾ آيو ٿي ان جي حالت تمام بگڙيل هئي. ان
جي جسم تي ڪيترن ئي ڏينهن کان مٽئ جا ڊڳ چڙهيل
هئا، ائين محسوس پيو ٿئي ٿه هي ڪو انسانن جي دنيا
۾ ئي نه آهي! مان ٿورو اڳتي وڌي کيس ان کان بگڙيل
حالت جو حال احوال وٺڻ لڳس ته اي ادا، توهان هي
پنهنجو ڪهڙو حال ڪيو آهي، ته ان شخص جواب ۾ ڪجهه
به نه ڪڇيو، وري مان ٻه ٽي دفعا پنهنجن لفظن کي
دهرايو. ليڪن وري ڪوبه جواب نه مليو. مان هٿ ٻڌي
عرض ڪري هن کي همٿائڻ لڳس ته ان جواب ۾ پڇيو:
ادا، اسان تمام غريب هئاسين. مان پنهنجي پيءَ کي
هڪ ئي اولاد هيس. منهنجو پيءُ مزدري ڪري مونکي
پڙهائيندو هو. ان جي خواهش هئي ته مان ڊاڪٽر ٿي
پنهنجي غريب عوام جي خدمت ڪريان. پاڻ تڪليفون سهي
مون کي مئٽرڪ تائين پڙهائين. مان مئٽرڪ ۾ آيس ته
منهنجو پيءُ مون کان وڇڙي ويو ۽ خدا سان رابطو
قائم ڪري ويو.
منهنجي پياري ماءُ همت نه هاري پاڻ وڃي ٻين جي
گهرن ۾ ڪم ڪري منهنجي اسڪول جي في ۽ ڪتابن جو خرچو
ڀريندي رهي، منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ جي واعدو
پورو ڪرڻ پي چاهيائين ۽ مون کي خير سان مئٽرڪ جي
امتحان ۾ وهاريائين، امتحان ٿي ويو. باقي نتيجي جي
انتظار ۾ هيس، نتيجو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نڪتو.
مون کي جيڪا خرچي ملي، ما بازار هلي ويس ۽ هڪ
اخبار خريد ڪيم، جڏهن نمبر جاچيو ته خدا جي فضل
وڪرم سان فرسٽ ڪلاس جي لائين ۾ هو. مان ڏاڍو خوش
ٿي گهر آيس پر ڪجهه وقت گذريو ته امان کي بيماري
اچي وڪوڙيو ته منهنجو پڙهڻ اڳتي مشڪل ٿي پيو
منهنجي لاءِ ته هڪ ماءُ ئي هئي. مون وٽ ڪجهه پئسا
هجن ته امان جي دوا وٺي امان کي خوش ڪري سگهان.
مان پنهنجي ننڍڙن هٿن سان سرٽيفڪيٽ کڻي نوڪري جي
تلاش ۾ نڪتس ۽ هرهنڌ مون غريب جي لاءِ نوڪري جا
دروازا بند ٿي چڪا هئا. وري بيوس ٿي مزدوري ڪيم
جڏهن شام جو گهر دوا وٺي آيس ته منهنجي گهر جي آڏو
ماڻهن جو هجوم ڏسڻ ۾ آيو. مان ڊوڙي وڃي ماڻهن کي
پري ڪري اندر ويس ۽ منهنجي ماءُ جي دوا ۾ دير ٿي
چڪي هئي دير هئڻ جي ڪري پياري امان مون کي دنيا
مان هميشہ جي لاءِ مون کان وڇڙي ويئي، منهنجو هي
آخري دروازو بند ٿي چڪو هو.
هن وقت دنيا جا ماڻهو مون کي چريو ۽ پاڳل سمجهي
منهنجي غرينيءَ جي مذاق ٿا ڪن ۽ خوش ٿا ٿين. هي
دنيا غريبن جي لاءِ انڌيري آهي.
مان هن کي سمجهائڻ لڳس ته اللہ جي نظرن ۾ هڪ ئي
آهيون مون کي هن جي دردناڪ ڪهاڻي سمجهه ۾ آئي ۽
هن لاءِ منهنجي دل ۾ همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿيو ۽
هن جي غريبيءَ جو احساس ٿيو مان همٿ ڪري هن کي پاڻ
ساڻ وٺي آيس. هن کي پاڻ کان وڌيڪ سمجهي هن جي
زندگي سڌارڻ جو قسم کنيو. هن کي پڙهائڻ لڳس ته
جيئن هي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي خواهش پوري ڪري
سگهي.
گوپي ڪرشن، راڌڻ اسٽيشن
اوطاق
اڪبر پنهنجي دوست هاشم ڏي گهڻن ڏينهن کان پوءِ ملڻ
لاءِ ويو. هاشم پنهنجي مهمان دوست اڪبر جي کاڌي
پيتي تي گهڻي توجه ڏني رات جو ٻارهين- هڪ بجي
تائين ڪچهريون ڪري، هاشم پنهنجي دوست کي چوڻ لڳو
”تو ادا ٻرندڙ مچ تي ويهه ته مان تنهنجي لاءِ
بسترو کڻي اچان.“
سردي به تمام گهڻي هئي مهمان ويچارو باهه ٻاريندو
وقت پئي گذاريائين. آخر ڪاٺيون به سڙي ويون.
انڱارن تي ويٺي سيءَ جو بچاءُ ڪري پنهنجي دوست جي
گهر جي گهٽيءِ ڏانهن ڏسندو رهيو ليڪن هن جو بسترو
کڻي ڪونه آيو مهمان ويچاري سوچيندي، ڏڪندي ۽
ڪنبمدي سرديءَ ۾ ويٺو رهيو. آخر سج به اڀريو ته هن
جي دوست هاشم چار بسترا سر تي کڻي پنهنجي دوست وٽ
پهتو ۽ چوڻ لڳو، ”دوست پيارا گهٻراءِ نه. کوڙ
بسترا کڻي آيو آهيان“ اڪبر چيس ”هاڻي بستري جي
ڪهڙي ضرورت سڄي رات سيءَ ۾ ماريو اٿئي.“
هاشم چوڻ لڳو ”سائين منهنجو ڪهڙو قصور بسترا ته
هاڻي ئي واندا ٿيا آهن. مو دير نه ڪئي آهي. جلدي
بسترا کڻي حاضر ٿيو آهيان.“
غلام علي گبول پوسٽ جروار
جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي
ٻارو ڪنهن شهر ۾ هڪ امير ماڻهو رهندو هو، جنهن وٽ
هڪ عاليشان باغ ۽ محل هوندو هو. گهڻائي نوڪر چاڪر
باغ جي سجاوٽ ۾ مصروف هوندا هئا. نوڪر ڇا ڪندا هئا
جو جيڪي پٿر باغ مان نڪرندا هئا، سي محل کان ٻاهر
رستي تي اڇلائيندا ۽ جيڪي ماڻهو رستي تي هلندا هئا
ته انهن کي هلڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي، هڪ ڏينهن امير
ماڻهو محل جي دروازي وٽ بيٺو هو نوڪر باغ جي صفائي
۾ مصروف هئا، اتان هڪ پوڙهو اچي لنگهيو، جيئن ته
رستي تي پٿر پيل هئا، تنهن ڪري پوڙهي ماڻهوءَ کي
هلڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي ۽ چيائين ته پنهنجي زمين جا
پٿر ٻاهر ڇو اڇلائين، تنهن تي امير ماڻهو غصي ۾
چيو ته محل منهنجو آهي، باغ منهنجو آهي باقي باغ
جي ٻاهران منهنجو ڪهڙو واسطو تنهن تي پوڙهي امير
ماڻهوءَ کي چيو ته تو خدا جي مهربانين تي ايترو
غرور ٿو ڪرين اهو نٿو سوچين ته انسان هميشہ زنده
نٿو رهي ”ائين چئي پوڙهو ماڻهو هليو ويو، امير
ماڻهو پورهي جي ڳالهه تي غور نه ڪيو ۽ نوڪرن کي
پنهن جي ڪم جي تاڪيد ڪئي. خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو
امير ماڻهو جي سڄي دولت ختم ٿي وئي ۽ هو ڪنگال ٿي
ويو ۽ هن باغ ۽ محل وڪڻي ڇڏيو، گهڻي وقت کانپوءِ
جڏهن ماڻهو پوڙو ٿي ويو، هڪ ڏينهن پنهن جي باغ
وٽان اچي لنگهيو جيڪو ڪنهن ٻئي جي ملڪيت هو. رستي
تي پٿر پيل هئا پٿرن مان اگهاڙن پيرن هلندي سندس
پير رتو رت ٿي ويا، تڏهن اهو پوڙهو ياد آيو جنهن
پاڻ چيو هئائين ته محل کان ٻاهر منهنجو رستي سان
ڪهڙو وسطو؟ ٻارو هن لاءِ چوندا آهن ته: جهڙي ڪرڻي
تهڙي ڀرڻي.
- شانتي لعل، راڌڻ
نسورو ڪوڙ
رات جو ٻئين وڳي پاڻي پيئڻ لاءِ اٿيس ته ڏٺم اسان
جو منشي لائيٽن ٻاريو ويٺو آهي. مون پڇيو ”منشي
صاحب! ڪهڙي فڪر ۾ آهيو؟ چوڻ لڳو: ”ميان! مڇرن ته
سڄو رت چوسي ڇڏيو آهي. انتظار ۾ آهيان ته هاڻي ڏسڻ
۾ اچن ته پنهنجو شفقت ڀروي هٿ ڦيريان.“ تنهن کان
پوءِ چوڻ لڳو.
”تنهنجي ناني جي وقت ۾ به هڪ دفعي ائين ٿيو هو.
کيس جڏهن معلوم ٿيو ته گهر مڇر ٿي پيا ته رات وچ ۾
گهر کي باهه ڏيارائي ڇڏيائون. اللہ بخشيس ڏاڍوسٺو
ماڻهو هو. پوءِ ٻيڙي دکائي چوڻ لڳو ”تنهنجو نانو!
خدا کيس جنت نصيب ڪري وڏو حاتم صفت ۽ نيڪ انسان
هو. سندس هڪ ”موٽر هئي.“
مون پڇيو: ”موٽر ڪهڙي.“
اهائي ننڍي موٽر. ميان! ڪهڙي تعريف ڪريان انهيءَ
موٽر جي! جڏهن به اهو خيال ٿو ڪريان ته تصوير اکين
جي آڏو اچيو وڃي. خاص والايت مان گهرائي هئائون.
پنج ڇهه هزار روپيه ته هر مهيني سندس تيل تي خرچ
اچي ويندو هو.“
”پنج ڇهه هزار روپيه ننڍي موٽر جو خرچ!“
ڇا چويهه ئي ڪلاڪ هلندي هئي ڇا؟ مون تعجب مان
پڇيو.
”نه ابا! هفتي ۾صرف هڪ ٻه دفعا وهندو هو.“ ”ته
پوءِ ايترو خرچ ڪيئن ايندو هو. ڇا پيٽرول مهانگهو
هو؟“
”اڙي! ابا هوءَ پيٽرول سان ٿوري ئي هلندي هئي،
پيٽرول جي ٽانڪيءَ ۾ پيرس جي سينٽ ۽ تيل واريءَ
ٽانڪيءَ ۾ اصغر علي، محمد علي جي ڪارخاني جو نهايت
اعليٰ عمل پوندو هو.“
منشي صاحب! اهو اوهين ڇا چئي رهيا آهيون ڪڏهن موٽر
به عمل سان هلي آهي؟“
”ميان! اهو ڪوڙ ناهي بلڪل واقعي تعجب جي ڳالهه
آهي!! ”اڃا ٻڌ ته سهي موٽر جا ٽائر خالص ميدي جا
ٺهيل هئا ۽ سندس ٽيوب ميوي جا ٺهيل هئا جنهن ۾
گلاب جي هوا ڀريندا هئا ۽ اتفاق سان جيڪڏهن ”پنچر“
ٿي پوندو هو، ته سڄي شهر ۾ خوشبوءِ پکڙجي ويندي
هئي ۽ ماڻهو سمجهي ويندا هئا ته تنهنجي ناني جي
موٽر پنچر ٿي آهي.“
”منشي صاحب! اوهين مذاق ته ”ابا تون ته هر ڳالهه
کي مسخري ٿو سمجهين، ها سچي خبر اٿيئي ته سندس
کاديون ڪهڙي شيءَ جون ٺهيل هيون؟“
”صابڻ جي گجي ٿيندي آهي نه، تنهن کي چند جي
روشنيءَ ۾ سڪائي سندس مٿان وري ولائتي گل ٽانڪيل
هئا. گل به عجيب قسم جا هئا. جيڪڏهن ويجهو وڃي
ويهه ته پاڻ ئي پاڻ سڪي ويندا هئا ۽ جيڪڏهن اٿي
بيهه ته وري ساڳئي حالت ۾ ڄڻ هڪ هڪ گادي هڪ گلدستو
هئي.
موٽر جي هلائڻ جي ڪنجي به عجيب قسم جي هئي. ڪنجي
لڳائڻ کان پوءِ به انهيءِ وقت تائين موٽر ڪانه
هلندي هئي جيستائين تنهنجو نانو ساڻس انگريزيءَ ۾
گٽ مٽ نه ڪندو هو منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به ايندو هو
ته ڇا ٿو چوي باقي جڏهن چالو ٿي ويندي هئي ته
چوندو هوته ”هل ڙي موٽر بسم اللہ هاڻ“ تنهن کان
پوءِ هوءَ هلندي هئي!
”منشي صاحب! توهان جون ٻٽاڪو هاڻ آسمان تي پهچي
ويون آهن اوهين به سمهو ۽ مون کي به ڇڏيو ته وڃي
سمهان.
”ابا تنهنجو نانو ته ڪڏهن به مون سان ائين ڪونه
ڳالهائيندو تون الائجي ڇو ٿو ڳالهائين.“
”منشي صاحب منهنجو مطلب هو ته رات گهڻي ٿي وئي آهي
هاڻي سمهڻ گهرجي.
تنهنجو نانو ته ائين ڪو نه چوندو هو. ”ها سو مون
ڳالهه پئي ڪئي موٽر جي سندس روشني وري اهڙي هئي جو
سئي ڌاڳي ۾ پئجي وڃي ڀلا منشي صاحب انهيءَ جو
هارون ڪهڙي قسم جو هو؟
”ها ها!! اڙي ابا اها ته سڀ کان وڌيڪ عجيب و غريب
شيءِ هئي جيڪڏهن چونڪ مان لنگهي. ته جانورن جون
ٻوليون ۽ جي گهر مان ته ماڻهن جون ٻوليون انهيءَ
کان پوءِ منشي جهوٽا کائڻ لڳو ۽ مان کسڪي سمهي
پيس.
موڪليدڙ: نامعلوم
اچو ته ڪهاڻي لکون
اچو ته ڪهاڻي لکون سلسلو ٻارن ۾ مقبول ٿيندو پيو
وڃي. ان جي مقبوليت کي ڏسندي هڪ مخير شخص ڪجهه
ڪتاب ڏنا آهن جيڪي جنوري جي مواد کان بارڻ کي ڪتاب
موڪليا ويندا. هيءَ سلسلو سال لاءِ آهي.
اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ هڪ رهنما مواد هر مهيني
ڏنو ويندو آهي ۽ ان لاءِ هيٺيان اصول ۽ شرط مقرر
ڪيا ويا آهن:
1- سورهن سالن جو ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي سگهي ٿو.
2- هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون نمبر 7 جو ڪوپن
ڀرڻ ضروري آهي.
3- ڪهاڻي گل ڦل جي ٻن يا ٽن سفحن کان مٿي نه هجي.
4- ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو جو اسان وٽ 15 اپريل
1983ع تائين پهچڻ گهرجي.
5- ڪهاڻيڪارن کي گهرجي ته پوري ائڊريس لکي موڪلين
سندن نالو پرچي ۾ شايع ڪيو ويندا.
اچو ته ڪهاڻي لکون -7
رهنما مواد
اسڪول جي ڀرسان هڪ گهر کي باهه لڳي ٿي. ٻارو توهان
انهن جي ڪهڙي مدد ڪندا. هي مواد ذهن ۾ رکي ڪهاڻي
لکون.
موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد
گل ڦل ادبي سنگت
اسان کي خوشي ٿي آهي ته ٻارن گل ڦل سنگت جون شاخون
کولڻ شروع ڪري ڏنيو آهن. هن ڀيري هيٺين شاخن جي
رپورٽ ڏجي ٿي. (ايڊيٽر انچارج)
گل ڦل ادبي سنگت ڏيپلو جي نئين سر چونڊ ٿي گذري
جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
چيئرمن: شريف الدين مٺواڻي
وائيس چيئرمن: سعيد احمد ڪاملاڻي
جنرل سيڪريٽري: سعيد احمد ڪاملاڻي
خزانچي: وسيم اختر
پريس سيڪريٽري: راجا راحيل
ورڪنگ ڪاميٽي جا ميمبر: قائم الدين سمون، نعمان
ميمڻ، سجاد حيدر، زيد عمران، ذاڪر عرفان، نديم
اختر، سهيل رانا، زڪي الرحمان، محمد اسحاق، جاويد
اختر، فهيم اختر.
نتيجو
ماهه جنوري 1983ع جي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون جي
عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو. جنهن ۾ هيٺين
ٻارن حصو ورتو:
1- زاهده گوپانگ، قمبر 2- رياض احمد سانگي سڄڻ
سانگي (لاڙڪاڻو) 3- شاهنواز تنيو صوڀو ديرو 4-
مشتاق علي ملڪاڻي ڇڇ جهان خان (ٺٽه) 5- طفيل احمد
شيخ دادو 6- نجمه بيگم پٺاڻ صوڀو ديرو 7- ايس- ٽي-
رتناڻي کپرو 8- گرڌاري لال عمرڪوٽ 9- ناز ناٿن
شاهي خيرپور ناٿن شاهه 10- پريم چند پريمي ٽنڊوجان
محمد 11- عبدالغني مهر شمس آباد (سکر) 12- پرنس
محمد مسلم زيب چنه ڪشمور ڪالوني (جيڪب آباد) 13-
سڪندر علي جتڪ بروهي قبو سعيد خان 14- رسول بخش
داڻو پوٽو جيڪب آباد 15- شوڪت فرزانه لاڙڪاڻو 16-
سڪندر اعشم سومرو دائود ڳوٺ (خيرپور ميرس) 17-
ذوالفقار علي چنه فريد آباد (دادو) 18- ايم- جڙيل
جتوئي ٺٽو 19-محمد وسيم گراڻه نصرپور 20- سيد
ممتاز علي شاهه جهان پور شريف 21- نصير احمد ميمڻ
پاٽ شريف (دادو) 22- سريش ڪمار موراڻي ڏيپلو 23-
نجم دين پروانو نظاماڻي راڄو نظاماڻي 24- منير
اختر چنه خيرپور 25- حاجي خان چاچڙ ڪنڌ ڪوٽ 26- گل
افشان سيد شڪارپور 27- راجه جئه ڪمار ڪوٽ غلام
محمد 28- نياز علي ”نياز“ سولنگي دريا خان جلباڻي
29- غلام علي گبول بلوچ ڳوٺ جاني خان گبول بلوچ
30- نورعلي بوزدار هاشم آباد 31- هيرانند گمبٽ 32-
قبرالدين شيخ لاڙڪاڻو 33- واحد لطيف ميرپورخاص 34-
ساڌو مل ولاسائي ڏيپلو 35- سيد غلام مصطفيٰ شاهه
ڏيپلو 36- ڀڳوان داس واراهي واراهه (لاڙڪاڻو) 37-
عبد لقيوم ميمڻ ٺيڙهي 38- عبدالجليل جروار ڳوٺ خيي
محمد جروار 39- عبدالجليل جروار ميرپورخاص 40- ظهر
الدين بابر مهيسر ڪشمور 41- ظهير الدين مهيسر
ڪشمور 42- ڀڄنن داس گهوٽڪي (سکر) 43- بهادر خان
ٽالپر ڇتو مادراڻي. 44- علي محمد خان سومرو ڳوٺ
بخشاپور 45- ارشد حسين ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار 46- علي
محمد خان سومرو ڳوٺ بخشاپور 47- مقصود احمد قاضي
مٽياري.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون
پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنيون ويون. انهن کي کپي
ته صحيح ائڊريس موڪلي انعامي ڪتاب گهرائي وٺن.
1- زاهد گوپانگ قمبر.
2- رياض احمد سانگي لاڙڪاڻو.
سَلام ۽ سَنيهَا
سڪندر علي سميجو شاهه پنجو: ڀاءُ گل ڦل جنوري جو
نظر مان گذريو لطيفا به پسند آيا. نئون ڪالم
معلومات جو ڏيو، جنهن ۾ پڙهندڙن جي سوالن جا جواب
ڏنا وڃن.
(ڀاءُ- اسان سوالن جا جواب جلد شروع ڪنداسين.)
زبيده ناز شورو ڄام شورو: ڀاءُ، جنوري جو گل ڦل
مليو اوهان جنهن نموني سان سينگاريو آهي هن لاءِ
مبارڪ هجيو، اچو ته سنڌ گهمون ڪالم اميد ته ٻارن ۾
معلومات وڌائيندو. ۽ ڪهاڻين ۾ استاد جي رهنمائي.
ٻارن کي ڊيڄارڻ نه گهرجي پاراڻي حرڪت سٺيون
ڪهاڻيون آهن، اميد ته اوهان گل ڦل کي اسان جي
ڏانءَ وٽان ڪڍندا رهندا. ڀيڻ، گل ڦل پسند ڪرڻ لاءِ
مهرباني.
ذوالفقار علي درس. پبلڪ اسڪول ميرپورخاص: ڀاءُ، گل
ڦل گهرائڻ جي ائڊريس لکندا.
ادل گل ڦل جي خريداري جي ائڊريس رسالي ۾ لکيل آهي.
داد سنڌي ميپورماٿيلو. ڀاءُ، گل ڦل لاءِ ڪهاڻي
موڪليان ٿو. ٻارن لاءِ مضمون به ڏيو ته سٺو ٿيندو.
سائين مضمون مارچ کان شروع ڪيا اٿئون ڪهاڻي
موڪلڻٻ لاءِ مهرباني.
محمد اشرف نصورپور. ڀاءُ، جنوري جو گل ڦل سٺو هو.
ڪئلينڊر به ڏاڍو وڻيو.
بد والدين صدف ميمڻ شهر ڦل. ڀاءُ مان ڪهاڻي
موڪليان ٿو شايع ڪندا، ڪهاڻي نه ڇپڻ ڪري مان مايوس
ٿي ويندو آهيان.
ڀاءُ، مايوس نه ٿيو سٺي شيءِ اول ڇپبي.
سرور سميجو پنو عاقل. ڀاءُ نظم موڪليان ٿو. اميد
ته شايع ڪندا.
ادا نظم ٻارن کان مٿي آهي ان لاءِ ٻئي ڪا شيءِ
موڪليو.
ميجر غلام محمد ڏيپلو. ڀاءُ گل ڦل پسند آيو.
جاسوسي ڪهاڻيون شايع ڪيو ته سٺو ٿيندو.
(ڪهاڻي موڪليو شايع ڪبي)
عبدالجليل جروار. ڀاءُ گل ڦل پسند آيو. مان ٻين
ڇوڪرن کي به پڙهڻ جي صلاح ڏيندو آهيان.
ادل، اوهان جي جذبي کي جس هجي.
ان کان سواءِ هيٺين ٻارن جا خط آيا آهن. عبدالحليم
مهر سکر، محمد يونس ڀٽو بنگل ديرو، احسان علي
جروار، محمد جمن جروار محمد موسيٰ ملڪاڻي ملڪاڻي
شريف، سڪندر علي بروهي قبو سعيد خان. وزير علي
ڪيريو، نواب شاهه. محمد الياس جوکيو جنگشاهي. شوڪت
فراز ابڙو. جاڙل شاهه محلو لاڙڪاڻو، غلام مصطفيٰ
شاهه، شڪارپور. عبدالحليم مهر سکر. گل حسن جانوري
راڌڻ. محمد حسين منگي پنو عاقل. غلام سرور پنهور
ڦهلجي اسٽيشن، زاهده گوپانگ قمبر محمد صديق مسافر
ضمير حسين جلالاڻي ميرواهه. مسرت الياس جوکيو
مالماڙي، عاجز چنو مورو. اياز حسين قادري ٻيڙ
چانڊيو. شاهه، محمد سومرو خيرپور ميرس. پريم چند
پريمي ٽنڊوجان محمد. شڪيل احمد شيخ دادو. محمد
يوسف رستماني نواب شاهه. نور علي بوزدار پاڪ
سنگهار نظير احمد ڀٽو لاڙڪاڻو، شاهنواز تنيو نور
پور، نجمه بيگيم پٺاڻ کپرو. ويرومل ٽنڊوالهيار. گل
انشان سيد شڪارپور. حاجي اياز ميمڻ نثون ديرو.
معشوق عيل ٽانوري، ميرواهه.
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
چوڏهن ٻارن جا جواب صحيح آيا
گل ڦل آڌ اکري ڳجهارت 41 جو نتيجو ظاهر
گل ڦل آڌ اکري ڳجهارت -41 جو نتيجو 17- فيبروري
1983ع تي صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان
وقت موجود هئا، جي روبرو، مسٽر غلام زباني آگرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ظاهر ڪيو.
شعر ۾ حال وارا لفظ هئا، 1- طناب 2- پاٻاهيو 3-
وڻي
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا،
1- نعميا ٻٽ ڪوارٽر نمبر 2a
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شرور.
2- غلام علي گبول، ڳوٺ جاني خان گبول معرفت علي گل
گبول ريڊيو سروس پوسٽ جروار، سکر.
3- علي گوهر ملڪاڻي ڪوراٽر نمبر 17-
C
پراڻي وحدت ڪالوني حيدرآباد.
4- جميل احمد سانگي. ڳوٺ سڄڻ سانگي لاڙڪاڻو.
5- نگينه سيد شڪارپور (هن ڀيڻ کي کپي ته ائڊريس
لکي موڪلي ته کيس انعامي ڪتاب موڪليا وڃن.)
6- اياز حسين قادري، پوسٽ آفيس ٻيڙو چانڊيو ضلع
لارڪاڻو.
7- ضمير حسين جالالاڻي پوسٽ صاحب خان جلالاڻي وايا
محراب پوجنڪشن.
8- غلام اصغر نظاماڻي پٽ رجب علي نظاماڻي، پوسٽ نم
ويا ٽنڊومحمد خان.
9- نظير احمد ڀٽو ولد ڊاڪٽر محمد صديق ڀٽو غالب
نگر لاڙڪاڻو.
10- مدد علي زنگيجو ڍڪ تلاءُ محلو رتو دير.
11 عبدالحڪيم ڊکڻ معرفت لڇمڻ داس ڪريانه مرچنٽ عيد
گاهه روڊ ميرپور ماٿيلو
12 عاجز محمد سليم ميمڻ ڪلاس نائون هاءَ اسڪول
جاتي.
13- ميجر غلام محمد ميمڻ نزد پير مسجد ڏيپلو.
14 اشهد شاهد معرفت ميجر غلام محمد ميمڻ نزد پير
مسجد ڏيپلو.
چوڏهن ٻارن کي حصي آهر ڪتاب سندن ائڊريس تي موڪليو
ويندا. ڪل 2500 ٻارن هن ڳجهارت ۾ حصو ورتو، جيڪي
سڀيئي مقابلي ۾ شريڪ ڪيا ويا.
گل ڦل آڏِ کري گجهارت -43
هڪ سؤ روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 10- اپريل 1983ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 11 اپريل 1883ع
هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن. انهن کي اهڙي طرح
ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ با مقصد ٿي وڃن. جملن
۾ جيئن ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا
آهن: ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. نمبرن جي روشني ۾
جملا پڙهي خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي،
اسان ڏانهن مقرر تاريخ اندر ڏياري موڪليو. لغافي
تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي.
جن جا جواب صحيح هوندا انهن کي هڪ سؤ روپين جا
ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ هڪ کان
وڌيڪ ٻار هوندا ته انعام ورا ڪتاب سڀني ۾ يا هڪ
جيترا ورها ويندا. جيڪڏهن صحيح ڪو به جواب ڪو به
نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهيني سان گڏي ورهايو
ويندو. هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو
جنهن کي مڃڻ لا سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا. ڪوپن ڀرڻ
ضروري آهي، پوسٽ باڪس نمبر 12 تي آڏ اکري ڳجهارت
(ڀري) موڪلڻ گهرجي.
ساڄي کان کاٻي
2- زمين جي پيداوار آهي.
3- افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ ------ جنهن جا
اکر اڳتي پوئتي لکيل آهن.
5- اڄ ------ جي ههڙي دنيا جي ڀلا ڪير پويان
پوندو؟
7- خدمت ----- خدا سمجهي عبادت دوست.
9- سٺو ------- ڪنهن کي نه وڻندو؟
10- ------ جي اهميت کي ڪوبه نظر انداز نٿو ڪري
سگهي.
مٿان کان هيٺ
1- مومل جو محل ------ جنهن جا اکر هيٺ مٿي لکجي
ويل آهن.
3- ----- جو ٻارن سان گهرو تعلق آهي.
6- اڄ ڪلهه ---- سان اسان گهڻي دلچسپي رکون ٿا.
8- زندگيءَ جو -------- سان گهاٽو سٻنڌ آهي. |