ٻئي آئي ون جي گهر روانا ٿيا ۽ جلد ئي انهن، ٻنهي
ڀائرن کي پڪڙي ورتو بگهڙ ڪاوڙ ۾ اچي ٻنهي کي قتل
ڪري ڇڏيو انهن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري جنهگل ۾ پکيڙي
ڇڏيا آئي ون هو ڀيرو وري بگهڙ کي جهڪي سلام ڪيو ۽
ان جو شڪريه ادا ڪيو ۽ خدا حافظ چئي پنهنجي سڀني
ساٿين سميت پنهنجي گهر روانو ٿي ويو.
برنيڊي بادشاهه جڏهن آئي ون سان گڏ ايتريون شيون
ڏٺيون ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي پٽ کان سفر جو حال
احوال ۽ ان کان سڀني شين جي متعلق پڇيو. آئي ون
پيءَ کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي. ان پنهنجي پيءُ کي
بگهڙ جي مدد بابت نه ٻڌايو ته ڪيئن هن کي پنهنجا
ڀائر قتل ڪري ويا هئا ۽ بگهڙ ڪيئن هن کي زنده ڪيو
هو.
هن پنهنجي پيءُ کي ڀائرن جي به سموري ڳالهه ٻڌائي.
پهريان ته برنيڊي پٽن جي مارجي وڃڻ جي خبر ٻڌي
ڏاڍو رنجيده ٿيو مگر جلد ئي سنڀلجي ويو ۽ ان چيو
ته هڙن ڌوڪي بارن جو اهو ئي انجام ٿيڻ گهرجي.
برنيڊ ”ٻرندڙ پکي“ جي ملڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيو.
هن وڏيون خوشيون ڪيون ۽ جلدئي آئي ون لڳا. جي شادي
يلينا سان ڪرائي ڇڏي ۽ سونهري وارن وارو گهوڙو
لغام سميت ان کي تحفي طور ڏيڻي ڇڏيو. ان کانپوءِ
سڀ خوش رهڻ لڳا.
نذر الاسلام
بنگل جي مشهور شاعر نذر الا سلام کي جڏهن اها خبر
پئي ته سندس مجسمو هڪ پارڪ ۾ ٺهرايو پيو وڃي. جنهن
تي هڪ لک رپيا خرچ ايندو. تڏهن هن چيو ته جي هڪ لک
رپيا مون کي ڏنا وڃن ته مان ان مجسمي جي جاءِ تي
بيهي رهندس.
الهلال
امروٽي پبليڪيشن طرفان ديني رسالو الهلال ڇپجي ويو
آهي. جنهن ۾ ديني ۽ شرعي مضيون شامل آهن هيءَ
رسالو هر ٻار ۽ وڏي کي پڙهڻ گهرجي.
گهرائڻ جو پتو
ڪمرو نمبر 1- هاسٽل 2 چاندڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو
زاهد گوپانگ
ڪهاڻي نمبر 1-
سلسلو -5
ڪوشش ۾ ڪاميابي
امتحان هال ۾ خاموشي چانيل هئي هر ڇوڪرو پنهنجي
پرچي ڪرڻ ۾ مشغول هو شوڪت امتحان جي تياري ڪئي ڪين
هئي رڳو ڪاپي ڪرڻ آسرو رکي ويهي رهيو هو ڇوڪري
ڏانهن نهاري هو ليڪن استاد مٿان پئي ڦريو شوڪت کي
ڪاپي ڪرڻ جو بلڪل وجهه نه مليو. شوڪت سان گڏ هڪ
هوشيار هو ڇوڪرو ناصر ويٺو هو جيڪو پڙهڻ ۾ تمام
گهڻو هوشيار جو ۽ پنهنجي محنت سان هر سال پهريون
نمبر ايندو هو تنهن شوڪت کي ڏٺو ته ائين ويٺو آهي
ناصر کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته ڪاش! هي
به محنت ڪري ها ته هن مهل سٺي طريقي سان ويهي پرچو
ڪري ها.“ جلدي ۾ هن خيال مٽايو ۽ پنهنجي پرچي ڪرڻ
۾ مشغول ٿي ويو شوڪت کي ڪاپي ڪرڻ جو بلڪل وجهه نه
مليو جڏهن پرچي جو ٽائيم ختم ٿي ويو ته شوڪت به بي
دلي مان پرچو استاد کي ڏنو ۽ سوچي رهيو ته ڪاش!
مان به ناصر جيان محنت ڪيان ها-“ هو ٻاهر نڪري ٿو
ته کيس ناصر ملي ٿو ناصر پڇيس ٿو ته ”دا پرچو ڪيئن
ڪيئي“ شوڪت چپن ٿي ڦڪي مُرڪ آڻيندي ڪوڙ ڳالهايو ۽
چيو ”تمام سٺو پرچو ڪيو اٿم ڏسجانءَ ته هن سال
آئون توکان گهڻيون مارڪون کڻندس“ شوڪت ٻٽاڪ هڻي
ٿو. ناصر چيو ادا اهو ته تمام سٺو جو تو محنت ڪرين
پيو.“ جڏهن سڀ پرچا ٿي ويا ۽ امتحان جو نتيجو ته
ناصر سڄي اسڪو ۾ پهريون نمبر آيو ۽ شوڪت هڪ پرچي ۾
به پاس نه ٿيو! جڏهن ناصر ٻاهر نڪتو ۽ شوڪت کي
غمگين ڏٺائين ته شوڪت جي ڀر ۾ وڃي بيٺو ۽ چيائين
ته ادا ڪوڙ ڳالهائڻ تمام خراب ڳالهه آهي جيڪو تون
محنت ڪرين ها ته توکي ان جو ڦل به تمام سٺو ملي
ها؟“ شوڪت ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هو ناصر کيس ڪلهي تي
هٿ رکي چيس شوڪت ڀاءُ مايوس نه ٿي تون ڪوشش ڪر ۽
هن سال تمام گهڻي محنت ڪر ته تو پاڻيهي پاس
ٿيندي!“ شوڪت نماڻي مان چيو ته ادا مان دعائون ته
تمام گهڻيون گهريون هيم ليڪن خبر ناهي ڇو...
ناصر مرڪندي چيو ڀاءُ اللہ سائين چئي ٿو ته تون
ڪوشش ڪر ته مان تنهنجي مدد ڪندس جڏهن تو ڪوشش ئي
نه ڪئي ته باقي اللہ تنهنجي ڪيئن مدد ڪندو؟“ باصر
جي انهن ڳالهين شوڪت کي اثر وڌو ۽ هن ناصر سان
واعدو ڪيو ته هاڻي هو بلڪل ڪوڙ نه ڳالهائيندو ۽
محنت ڪندو
شوڪت جڏهن ناصر کان موڪلائي گهر روانو ٿيو ته
گذريل ٻن ٽن ڏينهن وارو واقعو ياد آيس جڏهن راند ۾
مشغول هو ته کيس ماءُ ڏاڍي پيار منجهان پاڻ وٽ
گهرئي کيس پڙهڻ جي نصيحت ڪئي هن هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي
مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هن کي ياد آيو ته هو پيءُ ماءُ
کي تمام گهڻو تنگ ڪندو هو ۽ انهن جو چيو به بلڪل
نه مڃندو هو ۽ اسڪول به هڪ ڏينهن ويندو هو ته هفتو
گسائيندو هو اُهي ڳالهيون ياد ڪري شوڪت جي اکين
مان لڙڪ ڪري پيا ۽ هو دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ”هاڻي
مان محنت ڪندس تمام گهڻي محنت جيئن اڳتي وڌي
سگهان“ اهو سوچيندي هو گهر ۾ گهڙي ٿو ماءُ ڏسي ٿي
پنهنجي پٽ کي ته اچي پڇي ٿي ”شوڪت پٽ پاس ٿئين؟“
شوڪت جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا ۽ ماءُ جي پيرن ٿي
ڪري پيو ۽ ماءُ کي چيائين امان، مان تنهنجي ۽ بابا
جي دل ڏکائي هئي توهان جو چوڻ نه وٺندو هيس جيڪو
ماءُ پيءُ جي دل ڏکايئدو آهي ۽ چوڻ نه مڃيندو آهي
اهو ڀلا ڪيئن ٿو ڪامياب ٿي سگهي امان مون کي معاف
ڪر“ شوڪت ماءُ کان معافيٿو گهري ۽ ماءُ به معاف
ڪري ۽ هو ماءُ کي وڌيڪ چئي ٿو امان مان محنت ڪندس
۽ اڳتي وڌندس ها محنت ڪندس هو ڊوڙندو پنهنجي ڪمري
۾ وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڪورس جي جا ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي
ڇنڊي سيني سان لائي ٿو ۽ پڙهڻ شروع ڪري ٿو، شوڪت
ٻئي سال تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ سڄي اسڪول ۾ پهريون
نمبر آيو.
ٻارو شوڪت ڪوشش ڪئي ڪامياب ٿيو اسان کي به گهرجي
ته محنت ڪندا رهون ۽ علم حاصل ڪندا رهون.
بادشاهه
هڪ مسخرو بادشاهه وٽ آيو. بادشاهه ان کي ڏسي چيو،
منهنجي دل پئي گهريو ته ڪو مسخرو اڇي ته ڪچهري
ڪيانس! مسخري جواب ڏنو.
”سائين منهنجي دل به اهو پئي چاهيو ان ڪري اوهان
وٽ هليو آيس.
ننڊ
هڪ ماڻهو سئنيما ۾ ننڊ ۾ گونگهرا هڻي رهيو هو ته
ٻئي ماڻهو ننڊ ما جاڳائي چيس. مهربان هيءُ سئنيما
آهي گهر نه آهي ٻين کي به ننڊ ڪرڻ ڏي؟
رياض احمد سانگي
ڪهاڻي نمبر -2
سلسلو
5
ڪاپي تي ڀاڙڻ نه گهرجي
اسان جو ساليانو امتحان شروع ٿيو. سڀ شاگرد پيپر
شروع ٿيڻ کان اڳ اسڪو پهچي ويا هئا.
پٽيوالي گهند وڄايو، شاگرد امتحان هال ۾ پنهنجين
جاين تي وڃي ويٺا. امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ سڄي هال
۾ عجيب قسم جو شور و غل هيو. ايتري ۾ اسان جي
اسڪول جا ستاد، جوابي ڪاپيو کڻي آيا سڄي هال ۾
خاموشي ڇانئجي وئي.
استاد صاحبن اعلان ڪيو ته جنهن به شاگرد وٽ ڪو
ڪتاب، نوٽبوڪ يا ليکيل مواد آهي سو ٻاهر ڪڍي اچي.
امتحان شروع ٿيڻ کان پوءِ هر هڪ شاگرد جي تلاشي
ورتي ويندي ڪنهن به شاگرد وتان جيڪڏهن ڪجهه نڪتو
ته ان کي نقل ڪندڙ شمار ڪري امتحان هال مان ٻاهر
ڪڍيو ويندو. ڇاڪاڻ جو امتحان هال ۾ پاڻ سان مواد
آڻڻ قانون جي خلاف آهي. انهيءَ اعلان ٻڌڻ سان
ڪاپيءَ ڪرڻ وارن مٿان ڄڻ پهاڙ ڪري پيو. اهي جيڪي
پاڻ سان نقل ڪرڻ جون اميدون کڻي آيا، اهي خاڪ ۾
ملي ويون. انهن جا پگهر لهڻ ۽ چڙهڻ لڳا. مجبور ٿي
پنهنجن کيسن، وَرَن ۽ جورابن مان، مال مسالو ۽
ڪارتوس ڪڍي اچي استاد جي ميز تي رکيائون. استاد
طرفان جوابي ڪاپيون شاگردن ۾ ورهايون ويون. هر هڪ
شاگرد ڪاپيءَ تي پنهنجو سيٽ نمبر ڪلاس ۽ مصمون جو
نالو لکيو. ايتري ۾ هيڊ ماستر صاحب جن پيپر کڻي
آيا.
سڀني شاگرد ۾ پيپر ورهايا ويا. جن شاگرد سڄو سال
محنت ڪئي هئي، اسڪول رهيا هئا انهن جامُنهن خوشيءَ
۾ ٻهڪي رهيا هئا انهن کي سڄو پيپر سولو لڳي رهيو
هو. اهي پيپر ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويا. انهن جي ابتڙن جن
شاگردن سڄو سال محنت ڪئي. راند روند، ۽ شرارتن ۾
وقت گذاريو هو، انهن جا مُنهن لهي ويا. سندن چپن
تي خشڪيون چڙهي ويون. اڄ هال ۾ سختي به ڏاڍي هئي.
ڪنهن کي ڪنڌ چورڻ جي به اجازت نه هئي. پيپر نه ڪرڻ
وارن شاگرد پاني پيئڻ ٿي زور ڏنو، سائين! پاڻي
سائين! پاڻي جو آواز هال مان اچڻ لڳا. منهنجي
ڀرسان هڪ اهڙو شاگرد ويٺو هو جيڪو شرارتي ته ٽاپ
جو هو. لڪين پڙهڻ ۾ پويون نمبر هو. اهو به ٻين
ڪاپي ڪندڙن وانگر ڪاپيءَ تي ڀاڙيو ويٺو هو. ليڪن
اڄ جي صورتحال ٻي هئي. استادن به فيصلو ڪري ڇڏيو
هو ته ڪنهن به قيمت تي ڪاپي به ٿيندي هونئن به
امتحاني نگراني جيڪڏهن رعايت نه ڪري ته شاگرد کي
ڪهڙي مجال آهي جو ناجائز طريقا استعمال ڪندو. هن
شاگرد جو ڇوڪارن تي زور هو. والدين جي موچڙن جي
ڊپ، سنگت ۾ رسوائيءَ سبب هن جا پگهر چڙهن ۽ لهن
پيا. جيئن ته هن کي پيپر بلڪل نه پي آيو- تنهنڪري
عجيب حالت ۾ هو. هن جي صورت غمگين ۽ مايوس هئي.
سندسن منهن مان معلوم ٿي رهيو هو ته هن اندر وارو
هن کي سندس حال تي ملامت ڪري رهيو آهي، ۽ عجيب
سوال پڇي رهيو آهي ته ٻين وانگر محنت ڇو نه ڪيئي؟
ڪاپيءَ تي ڪيترو وقت ڀاڙيندين؟ پيءُ ماءُ ۽ دوست
ناپاس ٿيڻ تي ڇا چوندا؟
ائين سمجهه ۾ پي آيو ته ڪاپيءَ تي ڀاڙڻ کان توبهه
پيو ڪري ۽ محنت ڪرڻ لاءِ پيو سوچي ۽ ٻين کي
هدايتون پيو ڪري ته مون ڏانهن ڏسو مان ڪاپيءَ تي
ڀاڙڻ وارن جو سڌو سنئو مثال آهيان. انهنڪري محنت
ڪريو، ڪاپيءَ تي نه ڀاڙيو ڇاڪاڻ جو غلط طريقي
استعمال ڪرڻ وارن کي هڪ ڏينهن پڇتائڻو ئي پوي ٿو.
سنڌيڪار: امر وگهيو
سائنس
صنعتي روبوٽ
صنعتي روبورٽ هڪ اهڙو لفظ آهي جو مشينن جي سڃاڻپ ۽
ٽيڪنالاجي جي بي شمار قسمن ۾ استعمال ٿيندو آهي.
اين- سي (عددي ڪنٽرو) روبوٽ انتهائي نفيس، مڪمل ۽
اعليٰ ٽيڪنالاجي جي روبوٽن مان هڪ آهي.
هي اليڪٽرونڪس ۽ مشين سازيءَ ۾ رهنمائي شعبن جا
اصطلاح ۽ اشارا ٻڌي پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندو آهي،
هن جو عمل ڪنهن هڪ ئي انداز جي ڪرڻ تائين محدود نه
آهي بلڪ حقيقت هي آهي ته هي روبوٽ پنهنجي لچڪيدار
ڪارڪردگي جي ڪري سهڻو ڪم سرانجام ڏئي سگهندو آهي.
روبوٽ جي ونڌڙ صنعت ۾ اگر ڪا ڪمپني پهل ڪرڻ جي
دعوا ڪري سگهي ٿي ته اها ”فوجسٽو مانوڪ لميٽيڊ“
آهي. اين- سي روبوٽ جي ملڪي گهرج جو پنجهتر حصو في
سيڪڙو
آهي، عالمي مارڪيٽن ۾ هن جي گهرج پنجاهه في صد آهي
هن ڪمپني جي مڪزي فيڪٽري ٽوڪيو جي مغربي مفافات
هنيو شهر ۾ قائم آهي. فيڪٽري جي عمارت ڇهه ماڙ آهي
جنهن جون ديوارون هلڪي سائي رنگ جون آهن. جيڪي ڏسڻ
وارن جي توجهه جو مرڪز آهن.
هن فيڪٽري جي هڪ حصي ۾ موٽرن جا پرزا تيار ٿيندا
آهن.
ڏهن کان ٽيهن ڪلو گرام وزن اسٽيل جو سامان زمين تي
پيو نظر ايندو آهي ۽ اتي صرف چند ڪارڪن هيڏانهن
هوڏانهن گهمندي نظر ايندا آهن.
اڪثر فيڪٽري ۾ مختلف شين جي گهڻ جو عمل جاري آهي
ليڪن ان جي باوجود انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ايندو
آهي. هتي هر شيءِ پنهنجي پنهنجي جڳهه تي صحيح
نموني رکيل ملندي آهي ۽ ڪم ڪرڻ جي پوري طاقت
روبوٽن تي مشتمل هوندي آهي. روبوٽ پنهنجي گلابي
هٿن سان پوري آهستگيءَ سا اسٽيل جا اهي ڍڳ کڻندو
آهي، جيڪي موٽر جي شڪل اختيار ڪرڻ وارو هوندا آهن.
پوءِ هو ان مشين ۾ وجهي ڇڏيندو جو ان کي صحيح عمل
۾ آڻيندي آهي، ان کان پوءِ مشين جو دروازو بند ٿي
ويندو آهي پوءِ ان جي پيسڻ ۽ رڳڙن جو ڪم تيزيءَ
سان شروع ٿي ويندو آهي.
اهڙيءَ طرح هڪ موٽر جي رڳڙائي، سٿائيءَ جي پورائي
۾ صرف ٻه منٽ ۽ ٽيهه سيڪنڍ لڳندا آهن، پوءِ جڏهن
رڳڙائي جو ڪم ختم ٿيندو آهي ته مشين جو دروازو کلي
ويندو آهي پوءِ هڪ روبوٽ رڳڙائي جي عمل مان گذرڻ
واري موٽر کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ گهڻ واري ان
ميز تي رکي ڇڏيندو آهي؛ جيڪا ان کي هڪڙي جڳهه تي
کڻي ويندي آهي.
روبورٽجي عمل ۾ وقت ضايع ڪونه ٿيندو آهي، هن جو ڪم
تمام تيزيءِ سان ٿيندو آهي. موٽر فيڪٽري ۾ صرف ڏهه
ڪارڪن ڪم ڪندا آهن.
جڏهن ته روبوٽن جو تعداد چوڏهن آهي. اهي تمام
ڪارڪن ان ميز تي ضروري سامان رکي ڇڏيندا آهن. جتان
روبوٽ انهن کي وڌيڪ عمل لاءِ اتان کڻي ويندو آهي.
”فوجسٽو“ جي شعبي جو هڪ آفيسر فيڪٽري جي ڪم ۾
رهنمائي ڪندو آهي. ان جو چوڻ آهي ته جڏهن فيڪٽري ۾
سامان کڻي اچڻ وڃڻ ۾ روبوٽ ڪامياب ٿي ويندا ته
پوءِ هڪ به انساني ڪارڪن جي ضرورت ڪانه رهندي! ۽
فيڪٽرين ۾ڪم ڪرڻ وارا روبوٽ ڪمپيوٽر نظام جي تحت
عمل ڪندا آهن. هن شعبي ۾ صرف روبوٽ تيار ٿيندا آهن
بلڪ هر مشين جو ڪمپڻ ٿيندو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ
ڪارڪن حقيقت بيان ڪندي چيو.
”هتي جيڪو ماڻهو ڪم ڪندو آهي اهو ئي ڪم روبوٽ بغير
ڪنهن مشڪلات جي سرانجام ڏيندو آهي ۽ هو هي ڪم جلدي
۾ پورو ڪري ڏيندو آهي.“
شعبي جي آفيسر کان جڏهن سوال ڪيو ويو.
”هن طرح روبوٽ سان فيڪٽرين ۾ ڪم ورتو ويو ته ڇا بي
روزگاري نه وڌندي؟
ماڻهو ان بي روزگاري مان خوفزده نه ٿيندا؟!
ان سوال جو جواب ۾ هن وڏي حوصلي سان چيو.
”ماڻهو کي ماڻهو سمجهي ڪم ڪرڻ گهرجي جي جهڙو هو
آهي.
هن وقت دنيا ۾ اسي هزار ڪمپيوٽر ڪم ڪري رهيا آهن.
جنهن ۾ اسي في صد جاپان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙي
طرح جاپان بناشڪ جي سڀ کان زياده روبوٽ جو انقلاب
آڻي وڏين وڏين فيڪٽرين تائين محدود نه آهي، بلڪ هي
گهرن جا ننڍا ننڍا ڪم به ڪندو آهي. هڪ هڪ اهڙو
مثال پيش ڪيو وڃي ٿو ته ڪهڙي طرح روبوٽ ڪنهن
فيڪٽري جي ڪم ڪار ۾ تبديلي آڻيندو آهي.
اگوچي سي شاڪو شو (اگوچي ورڪس) ٽوڪيو جي علائقي
ڪاسٽو شيڪوارڊ ۾ هڪ ننڍي درجي جو پلانٽ آهي. ان جو
فرش هڪ سؤ ستر چورس ميٽر آهي. ان ۾ پلاسٽڪ جي
رانديڪن جا حصا تيار ڪيا ويندا آهن. ان پلانٽ جو
صدر ايڪيهه سالن جو تو شيواگوچي آهي. تو شيواگوچي
پنهنجي فيڪٽري ۾هڪ روبوٽ اچي ڪارڪردگي جي صحيح
شناخت جي علاوه ٻين مسئلن تي ان ٻئي قيمتي روبوٽ
جو مقابلو نه ڪري سگهندو جو وڏين وڏين فيڪٽرين ۾
ڪندا آهن. تڏهن به اگوچي جيو هي ”اسٽيل ڪالر“
ڪارڪن لاءِ اطمينان بخش خدمت سرانجام ڏيندو آهي.
پلاسٽڪ کي ٺاهڻ واري مشين وٽ روبوٽ پنهنجي اسٽيل
جي حصي کي وٺندو هي. وٺندو آهي. هو هڪ هٿ سان.
رانديڪن وارا حصا کڻي وٺندا آهي ۽ ٻئي هٿ سان
ڪئنچي سان جتان تيز ان جا غير ضروري حصا ڪٽي وٺندو
آهي. ۽ پوءِ تيار ٿيڻ وارن حصن کي پاٺي جي هڪ باڪس
۾ وجهي ڇڏيندو آهي.
روبوٽ بغير ڪنهن وقفي جي ڪم ڪندو رهندو آهي ۽
پنجويهن سيڪنڊن ۾ پنهنجي ڪم جو هڪ چڪر مڪمل ڪري
ڇڏيندو آهي. اهو ڪم اگر ماڻهو ڪر ته ان لاءِ ٽن
ڪارڪنن جي ضرورت پوندي.
هي نوجوان اگوچي وڏي پيار سان روبوٽ سڏيندو آهي ۽
هو اٺٽيهه هزار روپين تي مهينو ڪم ڪندو آهي، ان
رقم جو ٽيون حصو اگوچي ان گهريلو عورتن مان هر هڪ
کي ادان ڪندو آهي. جيڪي هن وٽ پاڙي ۾ شين کي وڪري
طور ڪم اينديون آهن.
روبوٽ فيڪٽري جي ڪمن ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو آهي ۽
سالانه آمدني ٻه عرب روپين کان وڌيڪ ٿي رهي آهي.
روبوٽ جا قانون صرف ان حد تائين محدود نه آهن پر
مسٽر اگوچي روبوٽ جو بٽڻ دٻائڻ کانپوءِ مزي سان
بغير ڪنهن کٽڪي جي گهمي ڦري سگهندو آهي.
روبوٽ جي معمول مطابق ڪڏهن ڪڏهن روزانه ڪم ڪرڻ
واريون عورتوم به اينديون آهن ته مسٽر اگوچي جي
زال مز ڪيمسي کي فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ليڪن
هاڻي ڀي هوءَ بنا معاوضي جي ڪم ڪندي آهي.
هڙي طرح رانديڪن جي مختلف ڀريل ڊٻن جي جاءِ تي
خالي ڊٻا رکندي آهي.
هونءُ به روبوٽ ان کي پنهنجن ٻن ٻارن جي سار سنڀال
لاءِ ڪافي وقت ڏئي ڇڏيو آهي. |