سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ 1983ع

باب: --

صفحو :2

فارسي زبان ۽ ان جي ادب سان پير صاحب جن کي ولهانه عشق هو. پاڻ فارسي ادبيات ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنائون، تن ايران جي عالمن کي به متاثر ڪيو. ايران سرڪار طرفان پهريائين کين ”نشان سپاس“ جو علمي اعزا ڏنو ويو بعد ۾ ايران جو وڏي ۾ وڏو ادبي اعزاز ”نشان سپاس درجه اول“ مليو. مهراڻ يونيورسٽي پير صاحب کي ڊاڪٽريٽ جي اعزاري ڊگري ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪئي. پاڻ ايران شناسيءَ جي بين الاقوامي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪيائون ۽ ان جا مستقل ميمبر مقرر ٿيا. پاڪستان ايران دوستي انجمن جا پڻ ڪجهه عرصو صدر رهيا پاڪ جرمن فورم جا سرگرم ڪاڪن هئا. عمر جي پوئين حصي ۾، روس جي ڪراچيءَ واري فرينڊشپ هائوس جا پڻ ڪجهه وقت صدر رهيا.

پير صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو مخلف حيثيتن سا سفر ڪيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي، جن ۾ روس، چين، عراق، ايران افغانستان شامل آهن.

پير صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو قدر ڪندي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي حڪومت کين ”ستارہ امتياز جو تمغو ڏنو هو.

علم ۽ فضل جي ايڏي ڪمال ۽ بلنديءَ تي سندن رسائي ڪنهن به اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم يا ڊگريءَ سببان ڪانه هئي. سنڌيءِ سان گڏ اردو ۽ فارسي زمانن تي کين ملڪو حاصل هو. انگريزيءَ ٿي (working knowledge) جي حد تائين پوري پوري دسترس حاصل هئي، اها سڄي ڪاميابي سندن ”ذاتي مطالع“، اڻٿڪ محنت ۽ ذوق شوق سببان هئي.

پاڻ20- سيپٽمبر 1911ع تي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بهڻ ۾پيدا ٿيا. 1930ع کان سکر جي ٻن ممتار اخبار ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستارہ سنڌ“ ۾، پنهنجي وڏي ڀاءُ محترم پير علي محمد راشدي سان گڏ عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سا ڪيائون ۽ پوءِ سڄي عمر مسلسل محنت ۽ جفاڪشيءَ سان اهو مقام ماڻيائون، جو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪن ورلي عالمن کي نصيب ٿيو آهي.

پير صاحب هر ننڍي وڏي سان قرب سان پيش ايندا هئا. سنڌي جي نه فقط اهل حيات بلڪ اهل ممات بزرگن، عالمن ۽ اديبن جو احتُرام ۽ تقدس سندن زندگيءَ جو اصول هو. ذاتي طرح سندن صحبت ۽ ڪچهري صحيح معنيٰ ۾ ڄڻ هڪ قسم جي تربيت هئي. پاڻ بيحد بي پاڪ ۽ با حوصله، شگفته مزاج ۽ باغ وبهار شخصيت جا مالڪ هئا. محنت ۽ جفاڪشي سندن مطمع نظر هو، جنهن تي پاڻ سڄي عمر عمل پيرا رهيا ۽ نوجوانن کي ان جي تلقين دڪندا رهيا، سندن دوستن ۽ حبابن جو حلقو نهايت وسيع آهي. پنهنجن رفيقن ۽ ساٿين سا نهايت ٻاجهه ۽ شفقت سا پيش ايندا هئا ۽ سندن وس آهر خدمت ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيا. سندن وفات تي بيشمار اکيون ڳوڙهن سا ڀريل هيون!

پير صاحب جي جسد خاڪي کي، سندن وفات جي ٻئي ڏينهن، صبح جو مڪليءَ جي قبرستان ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي آخري آرامگاهه وراري احاطي ۾، سنڌجي سورهيه سپوت ۽ سندس دلي دوست عبدالمجيد سنڌيءَ جي پهلوءَ ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن لاءِ پاڻ ئي وصيت ڪئي هئائون. جنازه نماز ڏکويل جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي هئي.

قاضي مظر حيات                                        مضمون

سر آئزڪ نيوٽن

اڄ اوهان جي آڏو هڪ اهڙي عظيم انسان جي ڪهاڻي کڻي آيو آهيان، جنهن جو پيءُ هڪ غريب هاري هيو. سندسن چاچي جي مالي حالتن اها اجازت نه ڏني هئي ته کيس ڪنهن اسڪول ۾ ويهاري، ان کي علم جي زينت سان سينگاري ۽ سنواري سگهي. اهڙي نموني سندن نينگر ٻارنهن ورهيه علم حاصل ڪرڻ کان مرحروم رهيو، پر سندس محنت، مشقت، تجربن، تحقيقات ۽ علم جي شوق ۽ دلچسپيءَ اهڙو ته عظيم انسان بنائي ڇڏيو، جو تاريخ جي دنيا ۾ چوڏاهينءَ جو چنڊ بڻجي چمڪڻ لڳو.

ان عظيم محنت ڪش مزدور هاريءَ جي پٽ جو پورو نالوسر آئزڪ نيوٽن“ آهي، پر کيس دنيا جا ماڻهو نيوٽن جي نالي سان گهڻو ڄاڻن سڃاڻن. سندن ولادت پنهنجي پيءُ جي وفات کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪرسمس جي ڏينهن 25 ڊسمبر 1643ع ]ڪن ڪتابن ۾ 1662ع ڄاڻايل آهي[ ۾ نگلستان جي ننڍي ڳوٺ ”رولزٿاپ“ ۾ ٿي. سندس پيءُ جي وفات بعد سندس چاچي پيءُ جو پيارو ڏنو، کيس پنهنجي نظرداريءَ هيٺ رکيو. ان جي مالي حالت به ساڳي هئي يعني هو به غريب هيو.

سندس اسڪول واري زندگيءَ جي اڻٿڪ محنت ئي کيس عظيم انسانن جي صف ۾ آڻي بيهاريو. اسڪول ۾ هي ايترو هوشيار نه هيو،پر پنهنجي ڪلاس جي هوشيار شاگردن سان مقابلو ڪندي ڪندي ان کا اڳرو ٿي هوشياريءَ جي چوٽيءَ تي وڃي رسيو.

جوانيءَ جي شروعاتي سالن ۾ هو رياضيءَ ۾ ڏاڍي مهارت حاصل ڪري ويو- سندس هوشياري ڏسي، سندس چاچي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ موڪليو جتي 9 (نو) سال تعليم ڪرڻ کا پوءِ کيس اتي رياضيءَ جوپروفيسر مقرر ڪيو ويو.

نيوٽن سائنس جي ميدان ۾ ڪيتروئي ڪم ڪيو آهي پر جنهن کيس دنيا ۾ مشهور کان مشهور ترين بنايو اهو سندس ٻڌايل زمين جي ڪشش وارو اصول آهي. هڪ حساس ذهن رکندڙ انسان ]نيوٽن[ جڏهن صوفن جي باغ ۾ سير ڪندي اهو ڏٺو ته صوف صرف زمين تي ڇو ٿو ڪري؟ هو ڪنهن ٻئي طرف ڇا لاءَ نٿو وڃي؟ اهڙي طرح هو سوچيندي انهيءَ نتيجي تي پهتو ته زمين ۾ اهڙي ڪا ڪشش رکيل آهي؛ جيڪا هر شي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. پوءِ هن اصول کي ”ڪشش ثِقل ڪي قاعدي“ جو نالو ڏنو. ان کان سواءِ نيوٽن ٻيا به حرڪت جا قاعدي ۽ اصول ڏنا آهن.

نيوٽن روشنيءَ جي مطالعي تي به ڪافي تجربا ڪيا آهن. اهو ثابت ڪيو ته روشنيءَ هڪ رنگ جي ٺهيل نه آهي پر اها ڪيترن رنگن جي ملاوت سان بڻيل آهي انهي تجربي کي ثابت ڪرڻ لاءِ نيوٽن هڪ جديد قسم جي دوربين ٺاهي، جيڪا ان وقت جي مروجّ گيليلوئي دوربين کان بلڪل مختلف هئي.

سندسن سائنسي دنيا ۾ عظيم ۽ اٿاهه خدمتن سبب کيس 1675ع “۾ ”رايل سوسائٽي“ جو فيلو چونڊيو ويو. 1675ع ۾ سندس ڪتاب هڪ سائنسدان دوست ڇپرائي پڌرو ڪيو.

نيوٽن 1692ع ۾ زبردست بيماريءَجو شڪار ٿيو. صحتياب ٿيڻ بعد کيس انگلستان جي سڪا ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ نگران جي حيثيت جو عهدو سونپيو ويو. هن ان عهدي تي فائز رهي ڪري ڪافي ايمانداري، ديانتداري ۽ محبت سا پنهنجا فرائص انجام ڏنا، جنهن سبب کيس ڪارخاني جو سڀ کان وڏو عهدو ”ماسٽر“ به سونپيو ويو.

برطانوي قوم کيس محنتن جي عيوص ڪافي اتم اعزازن سان نوازيو هن کي 1689ع ۾ يونيورسٽي پاران پارليامينٽ جو ميمبر منتخب ڪيو ويو. 1703 ۾ کيل رائل يونيورسٽي جو صدر چنڊيو ويو، ان عهدي ٿي هو مرڻ گهڙيءَ 1704ع ۾ کيس ”سَر“ جو لقب عطا ڪيو ويو.

نيوٽن پنهنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ تحقيقات وغيره قائم رکي نه سگهيو پر کيس سائنس سان دلچسپي مرڻ گهڙيءَ تائين ساڻ هئي.

پاڻ گردي جي سور جي بيماريءَ سبب تقريباً 84 (85) سالن جي عمر ۾ 20 مارچ1727ع ۾ هن دنيا کي هميشہ لاءِ رخصت چيو.

پاڻ هن وقت دنيا ۾ نه آهي، پر سندس ڏنل اصول ۽ قاعدا، ڪيل ڪوششون، ڪو جمنائون، تحقيقاتون هميشہ اسان سان گڏ رهندا ايندا.

سهڻا سخن

زندگي جي اصول تي عمل ڪرڻ جي نيت ڪجي پوءِ ان جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ تي زندگي جو صحيح استعمال چئي سگهجي ٿو.                ــ عبداللہ سنڌي

محمود مغل

حق

”ڦوني، هلي آ، هيڏي، اچ آ، شابس ٻچي کي.“

ادا، هن کي پاڻ ڏانهن گهرايو، هوءَ ائين ئيُ پائي کي جهليو بيٺي رهي، ادا کي ڏسي اکيون مچڪا.ئي کٽ جي پائي کي مضبوطيءَ سان جهليو هئائين.

ادا وري سڏ ڪيو ”آ، اچ ته پپي ڏيانءِ.“

هن پريان ڪٻاٽ ۾ رکيل ٻارن جي رانديڪا ڏانهن اشارو ڪيو، جتي بسون، گاڏيوم ۽ الائي ڇاڇا رکيل هو. هوءَ تڏهن به چپ هئي، نه ڪجهه چيائين ٿي ۽ نه ئي وري اتان پري پئي ٿي.

پريان ويٺل امان به سڏين ”الي؛ اسان جي ڦولي ڪاولجي وئي آ ڇا .. الي امان ڪاول نه ڪبي آ... اچي، لال گيليون وٺ آ.

امان پريان رکيل ٿانوَ کنيا. هوءَ وري چپ هئي. ماٺ ڪري پيالو ڇڏي.ڪمري مان رود بوٽ جيان ٿپ ٿپ ڪندي هلي وئي. ادا، مون ڏانهن ڏٺو، اکين ۾ الائي ڇا هئس؛ مون ڪنڌ جهڪائي چڏيو.

هن پويان ٻاهر نڪتس، هوءَ ڪاڏي به ڪونه وئي هئي. اتي ئي در جي ٻاهران اچي بيٺي هئي. مون ڏانهن ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڀت تي آڱريون ڦيرائڻ لڳي.

”ڦولي“ مون سڏيو مانس ”آ ته هلئو گهمڻ“

کيس ٻانهن کان ورتم، هوءَ زوريءِ پاڻ کي ڇڏائڻ لڳي.

”ڇو، گهمڻ نه هلؤن“ پڇيم، هوءَ وري به ڇپ؛ ”چڱو ڀلا ڪاڏي هلوُن.“

”امي ڏي“ هن وري رينگٽ شروع ڪيو.

”امي سئي هڻائڻ وئي آ نه ڊاڪٽر وٽ.“

هن کي هيسائڻ چاهيم، سوچيم ڊاڪٽر جو نالو وٺندس ته متان به ڳالهه تان مڙي وڃين.

”دير سان ايندي “هن ٻانهون ڇڏائڻ بند ڪيون.

اڙي، اجهو ٿي اچي، آ ته تيستائين پاڻ ببل گم وٺي اچون، آ، هلي آ“

مون کيس ڀاڪر ۾ جهليو، هن ڪنڌ منهنجي مٿي تي رکيو ۽ مان کيس کڻي ٻاهر هليو آيم.

هي لقاءُ صرف اسان وٽ نه هو، هي ته هر ان گهر ۾ هوندو آ، جت ڪو ٻار ڄمندو هجي. ادا وارن جو به هي پنجون ٻار ته هو. ٻيا ٽي به هئا پر هي ڦوني مڙئي ڪجهه زور هئي، سياڻي، ڳالهه کي ڳنڍ ڏيڻ واري، هونئن گهر دفعي اهو ٿيو هو ته جڏهن به ادا جي گهر ڪو ڪاڪو يا ڪاڪي ڄاوا ٿي ته ان کان وڏن ٻارن کي اسان سنڀالي وٺندا هئاسين. رانديڪا، شيون، تول، الائي ڇاڇا ڏئي ان جي دل بهلائي هئي. وڌ ۾ وڌ ٽي ڏينهن، پوءِ هر ڪو ٻار ماءُ کان ڪجهه الڳ ٿي ويندو هو. پر هي ڦوتي عجيب هئي. جڏهن کا ادا وارن کي پنجون ٻار پيدا ٿيو هو، ڦوني چڪرن ۾ ئي هئي. ڀاڄائيءَ کي ته ڊاڪٽرياڻي آرام ڪرڻ جو چيو هو؛ سو سڀ هئا ڦونيءَ جي ڪڍ هوءَ به ڪنهن کي وٺ ڏئي ڇا.

بس رڳو اها رڙ پئي پوندي هئس ته ”امي ڏي وڃان“ هينئر به مس مس ڪو ٻاهر کڻي آيو هو مانس نه ته ڪا مڃي ڇا.

شئي وٺي ڏئي، اڱر کان وَٺي پيو اچانس ته اوچتو پڇائين ”امي چاڪ ناهي“ سوچيم، هي وقت چڱو آ، ڪنن ۾ سر لاٽ ٿي وڃيس ته سٺو.

”چاڪ آهي پٽ.. هو .. تنهنجي ننڍڙي ادي آئي آهي نه، اللہ سائين موڪلي آ، ان کي ڏاڍو رئڻ ٿو اچي نه، تنهن کي پرچائيندي هوندي.“

پوءِ ڊاڪٽر وٽ ڇو.“

اوهو، آهي ته چئن سالن جي ٻارڙي، ڳالهيون ته ڪهڙيون نه وڏيون تي ڪري.

”ڇا هي ته، روئڻ بس نه پيو ٿئيس نه، ته ڊاڪٽر آيو آ ته جيئن چپ ڪرائيس.“

”امي ته منهنجي آ نه.“

”نه پت ، نئين آيل ادي4 جي به ته هوندي نه جيئن،منو، ڪوڪيءَ ۽ چمپا سان گڏ تنهنجي به آ.“

هن ڪجهه به ڪونه ڪڇيو. ماٺ ڪور واٽ وٺيو پئي آئي.

گهر پڳاسين ته ادا ٻاهرئي ملي ويو.. ”الي، شيءَ ورتئي.“

هن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”ڇاڇا ولتئي.

هن ببل گمز ڏيکاريا.

”ٻيو ڇا؟“

”ٻيو… ٻيو...؟

هوءَ ڪجهه چئي ئي پئي ته اندران ڪنهن ڪمري ما ڀاڄائيءَ جي کنگهڻ جو آواز آيو. هن شيءَ اتي ئي ڦٽي ڪئي ۽ ڪمري اندر گهڙي وئي.

”ڦوني، ڦوني. .. بيهه ته ابا.“

مون روڪڻ چاهيو مانس، دل چيو اهڙي ضديري ٻار کي چماٽ وهائي ڪڍجي جيڪو چيو نه مڃي. هونئن ادا نه هجي ها ته وڄائي ڪڍائس ها. ايڏا ناز کڻون، پوءِ به اها امي.

مان هن پويان ڪمري ۾ گهڙيس، هوءَ ليٽيل ماءُ جي سيني تي مٿو رکيو پئي هئي. ڀاڄائي هن جي مٿي تي پئي ڦيريو ڪيئن آ طبيعت ڀاڄائي.“

”ٺيڪ آهيان ادا“ هن مون کي ورندي ڏني. ڦونيءَ اتي ئي ڪنڌ ورائي مون ڏانهن کلندي ڏٺو

اوچتو ان مهل، پريان نئين ڄايل ننڍڙيءَ رڙ ڪئي. هوءَ تنجڻن ۾ ٻڌل ململ جي رئي سان ڍڪيل ستي پئي هئي.

ڀاڄائي، ڦونيءَ کي جهٽ پاڻ کان پر ڪري، ننڍڙيءَ کي کنيو. ويچاريءَ شايد اهو سمجهيو، ”هاڻي ضد ڪندي، ماءُ کي چوندي ته ان کي ڇڏ، مون کي کڻ. آهيان مان به چٻ. سو دڙڪي نه وجهانس، ٻاهر نڪري آيس.

اڃان ڪجهه وکون ئي کنيم، ته لڳم، پويان ڪجهه آ، مڙي ڏٺم، هوءَ ٿپ ٿپ ڪندي، ڪيري مان ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ پنهنجو اڇليل بيل گمز کڻي رهي هئي،

مون کي لڳو، ڄڻ هن پنهنجي حق تان هٿ کڻي ڇڏيو هجي.

الهه بخش شيخ

دوست جي نصيحت

”ها- ها- امجد آئون پاس ٿي ويو آهيان.“ خوش ٿيندي امجد کي خوشبري ٻڌائي.

”ادا، مبارڪون هجنئي“ ”پر- هڪڙي ڳالهه ته ٻڌائي- ته تو جهڙو جوان ڪيئن پاس ٿيو؟ جڏهن ته تو پڙهيو به ڪو نه؟“ امجد بي رخي سان مبارڪون ڏيندي اٽلندو رفيق کان سوال ڪيو.

”يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين! بس- ائين سمجهه ته پاس ٿي ويس!“

رفيق اک هڻندي ٿورو ٽيڙي ۽ وڏائي سان جواب ڏنو.

”تنهن هوندي به، کڻي ٻڌائي ته تون ڪيئن پاس ٿئين يار؟“ امجد، دوستي واري اندازي ۾ رفيق کان پڇيو.

”نه پوءِ ٻڌ. ته آئون ڪيئن پاس ”يار- توکي ته خبر آهي ته، مون کي پڙهائي ۾ ڪا دلچسپي ته هئي ئي ڪانه پر بابا ۽ ادا وڏي جي ڊپ کان کڻي پڙهائي ۾ منهن ڏنو اٿم، جو کيسي جو خرچ نه بند ٿئي، تنهنڪري اسڪول ۾ داخل ورتم. داخله ڇا ورتم منهنجي لاءِ ته موج ٿي ويئي. ڇو ته، هڪ طرف ادا وڏو، پيو خرچي ڏي، ته ٻئي طرف ادا وڏو. پيو هر طرح جا ناز نخرا کڻي، نيٺ ان جو نتيجو اهو ٿيو جو اسڪول جي سنگت ۾ سڄو وقت بنا ڪنهن لکڻ پڙهڻ جي گذرڻ لڳو ۽ آئون هر طرح جي اوڏائي ۾ وڌندو ويس ۽ ائين اوچتو امتحان ٿيڻ جو اعلان ٿيو. خيال ڪيم ته هاڻ جي فيل ٿيس ته پوءِ اهي موجون ۽ ارڏيون ڪون ٿينديون، تنهنڪري امتحان جي تياري ڪرڻ لڳس، ادا، تياري به ڪهڙي رڳو سڄو ڏينهن ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ کان سواءِ منهنجا سنگتي رڳو ڪارتوس..

يار ڊڄين ڇو ٿو- بندوق وارا نه، امتحان وارا، امتحان ٿيا. هال ۾ اسان جي سنگت ارڏائي ڪئي ۽ اهي ڪارتوس امتحاني ڪاپي تي لاهڻ لڳاسين. جنهن جو نتيجو اهو مليو جو آئون ۽ مون وارا سنگتي پاس ٿي ويا * ائين منهنجي کيسي جي خرچي ۽ ادا وڏي طرفان مليل ڇوٽ برقرار رهي.“

رفيق پنهنجي ڪهاڻي بنا اسٽاپ جي امجد کي ٻڌائي، ڄڻ ڪو وڏو ميل ماري آيو هجي-

”واه- سائين- واه، تو واقعي وڏو ڦاڙهو ماريو آهي، حيف اٿئي، جو تون پان سان گڏ پنهنجن وڏن، دوستن ۽ استادن کي ٻيو ڌوڪو ڏين، ڀائو، حيف اتئي- حيف. مونکي به ته ڏس نه، آئون به تو ئي وانگيان ابي ۽ ادي جو لاڏلو آهيان، آئون ڪاپي نه ڪندو آهيان.

ڇو ته ڪاپي ڪرڻ سا صحيح علم حاصل نٿو ٿئي. بلڪ اهو انسان اِونڌاهي ۾ رهي ٿو ۽ اسان کي ننڍي هوندي کان ئي اهو سبق ڏنو ويو آهي ته ڪنهن کي به ڪو ڌڪو يا فريب نه ڏيون، ڇو ته متان اسان نه ان جا شڪار ٿي وڃون ۽ پوءِ سڄي سڄمار پڇتاءُ رهي، سو دوست، واريون ارڏيون ۽ موجون ڇڏ، ڇو ته سچوڳ علم حاصل ٿيڻ کان پوءِ جيڪي موجون نصيب ٿين ٿيون، سي اڄ ڪٿي!

دوست، اهڙي سنگت کان پاسو ڪر، جيڪا وقت تي منهن موڙي ۽ غلط راهه تي وٺي وڃي، تنهنڪري مستقبل کي ڌوڪي ۽ فريب ڏيڻ کان اڄ ئي توبنهن ڪر. ڇو ته سڀاڻي ٻي ڪنهن کي به خبر ڪانهي ته ڇا ٿيندو. تو ئي کڻي ڏس، چاچي ابراهيم جو پٽ جمن، اهڙي سنگت ۾ اڙيو جو اڄ ٽانگو پيو هلائي. مستري ڌڻي بخش جو پٽ ڏس، سڄو ڏينهن پيو جوا ڪري. حالانڪ انهن کي اللہ جو ڏنو سڀ ڪي آهي.

يار- هي ننڍڙا مثال انهيءَ ڪري ئي ڏنا اٿم ئي جو ڏس دنيا جا رنگ .“

رفيق جي ذهن تي امجد جي اڌ ڪلاڪ جي تقرير سٺو اثر ڪيو.

هن اتي ئي امجد سان واعده ڪيو ته هو آئنده پڙهائي ۾ دلچسپي وٺندو.

هن کان پوءِ هوءَ پنهنجي وقت کي اجايو ضايع نه ڪندو ۽ اهو وقت ايندو جو هو پنهنجي مقصد ۾ محنت ڪري ڪامياب ٿيندو.

لطيفو

جج: چور کي تو هن ماڻهو جي گهر اندر ڇو وئين.

چور: معصوميت سان، سائين گهر جي ٻاهران خوش آمديد لکيل هو.

 

ولي محمد طاهرزادو                (وطايي فقير جا نڪتا)

 

نماز ۾ ڀڳڙا چٻڻ

 

هڪڙي ڏينهن مسجد جي امام وطائي فقير کي چيو ته نماز جي مهل آهي. جمعي جو ڏينهن سڳورو آهي، هلي نماز پڙهه. وطايي فقير کي ڪنهن کائڻ واسطي ڀڳڙا ڏنا هئا، جن جا ڦڪ ڀريندو پئي ويو. امام جي چوڻ تي سڌو مسيت ۾ هليو آيو صفون ٻڌيون ته هيءُ به هڪ صف ۾ جهولي ڀڳڙن سوڌي ڀريل جهلي، نماز پڙهڻ بيٺو. هرهر هيڏانهن هوڏانهن ڏسيو، ڀڳڙان جي لپ وات ۾ هڻيو، وري ماٺ ڪريو نماز پئي پڙهيائين. جڏهن نماز پڙهي فارغ ٿيا ته ماڻهن چيس. ”فقير تنهنجي نماز ڪانه ٿي. تو نماز ۾ ڀڳڙا پئي کاڌا.“ وطايي چين ته ”مون ان وقت ڀڳڙا ٿي کاڌا، جيڏي مهل امام هليوٿي ويو.“

هنن پڇيو ته ”ڪيڏانهن ٿي ويو؟ هو ته نماز پڙهائي رهيو هو.“ وطايي چيو ته پڇي ڏسوس ته پهرين ڍڳي ڳولڻ جي ويچارن هيٺ هو۽ پوءِ گاهه هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ڊوڙيو جڏهن اتان خيالن موٽ تي کاڌس ته نماز ٿي پڙهيائين.

ماڻهن مُلين کان پڇيو- جنهن چيو ته برابر مون کي نماز ۾ ٻه ڀيرا اهڙو خيال آيو هو.

(اڻ ڇپيل ڪتاب وطايي فقير تان ورتل)

الطاف سومرو                        (اچو ته سنڌ گهمون)

روهڙيءَ

روهڙيءَ، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهرن مان هڪ آهي. هيءَ شهر ”مٺي مهراڻ“ جي اڀرندي ڪناري ٿي اڏيل آهي. هتي تمام جهونيون، وڻندڙ ۽ تاريخي عمارتون آهن. هيءَ شهر، سکر ۽ بکر کان هڪ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿو ڌاريا سياح اهو نظارو ڏسي روهڙيءَ شهر جي تشبيهه اٽليءَ جي مشهور سهڻي سهر ”وينس“ سان ڏيندا آهن.

روهڙيءَ جو شهر قدامت جي لحاظ کان هڪ قديم شهر آهي. قديم آثارن جي ماهرن” ڊاڪٽر بلئم فورڊ“ روهڙيءَ جي قدامت لاءِ لکي ٿو ته، هي ءَ شهر تمام جهونو اهي.، عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت هن شهر جو ڪو به نالو نشان ڪونه هو، پر پوءِ جڏهن سنڌو درياءَ پنهنجو پرڻواروڙ وارو وهڪرو ڦيرائي، سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ وارو وهڪرو اختيار ڪيو، تڏهن روهڙيءَ شهر جو پايو آهستي آهستي پوڻ لڳو. بکر جي قلعي ٺهڻ وقت شاهه بيگ ارغون هتان جي زمين ڪن سيدن کي مفت ڏيئي. شهر آباد ڪرايو. شروع ۾ هن شهر کي ”غوثپور“ سڏبو ويندو هو، بعد ۾ مٿن مبارڪ پور“ نالو پيو، ۽ آخري ۾ ”لهر“ سڏجڻ لڳو، جو پوءِ ڦري ”لوهڙيءَ“ ٿيو، ۽ اهڙي ريت لوهڙيءَ مان بدلجي ”روهڙي“ سڏجڻ لڳو.

روهڙي جو شهر قديم زماني کان واپار جو مرڪز هو. دنيا جو مشهور عربي ۽ يورپي سياح انن جو قل، اريسي ۽ ابوفضل روهڙيءَ جي باغن ميون، گلن، کارڪن، درياءِ جي مڇيءَ پلن ۽ بندر جي وڻج واپار جي ساراهه ڪئي آهي. روهڙيءَ جو شهر اوڻهين صدي تائين هميشہ علم ۽ فضل جو مرڪزو هو.هيءَ شهر خاص طرح سا قديم مذهبيءَ جاين کان مشهور آهي کيس ”سوا لک پيرن جو شهر“ به سڏيو آهي. گهڻو ڪري هر محلي يا گهٽيءَ ۾ ڪونه ڪو پير آهي. ان ڪري کيس بزرگن ماڻهو احترام وچان ”روهڙي شريف“ سڏيندا آهن. مسجدن جو ته هن شهر ۾ ڳاڻاٻو ئي ڪينهي، پر انهن مان اڪثر غير آباد ۽ ويران آهن. هت کجور سٺي ۽ گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿي.

روهڙيءَ شهر جون خاص جايون

1- ”بيدل“ ۽ ”بيڪس“ جو روضو: روهڙيءَ شهر جي پاسي ۾، سنڌ جي مشهور صوفي شاعرن قادربخش ”بيدل“ ۽ سندس پٽ محمد محسن ”بيڪس“ جي درگاهه آهي. هت هر سال 21- ذوالج تي ”بيدل“ جڪو ميلو لڳندو آهي.

2- ”وار مبارڪ“ واري مسجد: هيءَ روهڙيءِ جي مشهور ۾ مشهور درگاهه آهي. جا سال 1545ع ۾ جڙي راس ٿي. هن مسجد ۾ حضور جن جو وار مبارڪ“ رکيل آهي.

3- جامع مسجد: هيءَ مسجد، وار مبارڪ جي ڀر ۾ درياءَ جي ڪپر ٿي اڏيل آهي، جا اڪبر بادشاهه جي گورنر فتح خان سال 1582ع ۾ ٺهرائي هئي. هيءَ مسجد اڏاوت جي فن جي لحاظ کان نهايت ڏسڻ وٽان آهي.

4- عيد گاهه: هيءَ به هڪ تاريخي عمارت آهي، جا سال 1593ع ۾ مير معصوم بکري ٺهرائي هئي. هيءَ هڪ ٽڪري تي اڏيل آهي، ۽ کيس ٽي سهڻا گنبذ آهن.

5- روهڙيءَ واري پل: هن پل کي لئسڊائون پل جي نالي سان به سڏيندا آهن. هي پل بنا ٿنڀن جي ٺهيل آهي. جيڪا سال 1888ع ۾ ٺهي راس ٿي. هيءَ پل روهڙيءَ شهر کي سکر سا ڳنڍي ٿي.

6- ستين جو آستان: هيءَ عمارت لئسڊائون پل جي هيٺان هڪ اپٻيٽ تي ٺهيل آهي: هيءَ عمارت بکر جي گورنر مير ابوالقاسم ”نمڪين“ ٺهرائي هئي. هو هن وڻندڙ جاءِ تي اونهاري ۾ ويهي ڪچهريون ڪندو هو ۽ شعر جو محفلون لڳائيندو هو. هن جي جيءِ کي ”صفئه صفا“ به سڏيو وڃي ٿو.

7- سيمنٽ فيڪٽري: هتي هڪ وڏي سيمنٽ فيڪٽري آهي، جا حيدرآباد سيمنٽ فيڪٽري پوڻ کا اڳ، سنڌ جو وڏو ۽ اڪيلو سيمنٽ جو ڪارخانو هو. هن جي ڀر وارا باغ ۽ بنگلا پڻ ڏسڻ وٽان آهن.

روهڙيءَ اسٽيشن: هيءَ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي رياوي اسٽيشن آهي.

بادشاهه ۽ درويش

هڪ بادشاهه جهنگ ۾ هڪ هرڻ ڏٺو ۽ ان کي شڪار ڪرڻ لاءِ گهوڙو ان جي پٺيان ڊوڙايائين. هرڻ هڪ جهنگ ۾ گهڙي ويو. بادشاهه ان کي ڳوليندو اچي وڻ وت پهتو جتي هڪ درويش ويٺو هو- بادشاهه ان کان هرڻجو پڇيو. درويش سوچيو ته جي ها ڪندس ته هرڻ مارجي ويندو جي نه ڪندس تو ڪوڙو ٿي پوندس- سوچي جواب ڏنائين ”اکين جو ڪم آ ڏسڻ- پر ڳالهائي نه ٿيون سگهن. زبان جو ڪم آ ڳالهائڻ پر ڏسي نه ٿي سگهي. اهو ٻڌي بادشاهه شرمندو ٿيو ۽ معافي گهري بنا شڪار جي واپس هليو ويو.


 

سنڌيڪار: حق نواز                          روسي ڪهاڻي

ٻرندڙ پکي

پراڻي زماني ۾ هڪ برنيڊي نالي بادشاهه حڪومت ڪندو هيو. ان کي ٽي پٽ هئا. ان جي ننڍي پٽ جو نالو ”آئي ون“ هيو. هي ٻين ڀائرن کان تمام بهادر ۽ چالاڪ هيو. هن بادشاهه پنهنجي محلات ۾ هڪ خوبصورت باغ لڳرايو هوم ان باغ ۾ هڪ اهڙو وڻ به هيو جيڪو سونهري صوف ڏيندو هيو. اهو وڻ ان بادشاهه کي پنهنجي پٽن جيترو ئي پيارو هيو.

هڪ ڏينهن ان بادشاهه ڏٺو ته ڪوئي ان صوفن جي وڻ مان صوف چورائي ويو آهي.

بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙ ۽ چوڪيدار کي سخت چؤنڪي ڏيڻ لاءِ چيو. پر چوڪيدار چور پڪڙي ڪين سگهيو- بادشاهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ايتريقدر جو ان غم ۾ بادشاهه کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. نيٺ بادشاهه کي پنهنجي پٽن چيو: ”توهان الڪو نه ڪيو. اسان ان چور کي پڪڙي اينداسين.“ سڀن کان وڏي چيو:

”اڄ رات آءٌ باغ جي چؤنڪي ڏيندس.“

رات جو جڏهن وڏي شهزادي ڪافي دير تائين هيڏي هوڏي گهميو ۽ ڪجهه به ڪونه ڏٺو هو ٿڪاٽ جي ڪري ڇٻر تي ويهي رهيو ۽ ان کي ننڊ اچي وئي.

صبح جو بادشاهه وڏي شهزادي کي ڏسي خوش ٿيو ۽ بادشاهه ان کا چور بابت پڇيو ته چور پڪڙيو يا ڪونه؟ شهزادي: ”بابا قسم سان ڳالهه ٿو ڪيان ته مو سڄي رات جاڳي ڪاٽي آهي مگر ڪوبه مون کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. منهنجي خيال ۾ ڪو محلات جو ملازم ئي چور هوندو.“ اهو ٻڌي بادشاهه بي حد مايوس ٿيو!

ٻيءُ رات وچئين شهزادي جي واري هئي مگر صبح جو ان به اهوي جواب ڏنو جيڪو پهرئين شهزادي ڏنو هيو.

هاڻي سڀني کان ننڍي شهزادي ”آئي ون“ جي واري هئي. هن همت کان ڪم ورتو هو. پنهنجي ڀائرن وانگر ليٽڻ ته پري رهيو پر ويهي به ڪونه پيو. جڏهن ان کي ننڊ ٿي آئي ته ماڪ سان منهن ڌوئي وري هلڻ ٿي شروع ڪيائين.

جڏهن اڌ رات جو اونڌاهي چؤ طرف پکڙي چڪي هئي نه اوچتو شهزادي باغ ۾ هلڪي هلڪي روشني ڏٺي- روشني آهسته آهسته وڌندي ٿي وئي ايستائين جو سارو باغ روشن ٿي ويو.

شهزادي ڏٺو ته هڪ پکي اڏامندو ٿو اچي- جنهن جي پرن مان اها روشني پيدا ٿي رهي آهي. پکي سونهري صوفن جي وڻ تي اچي ويٺو آئي ون آهسته آهسته سرڪندو صوفن جي وڻ جي ڀرسان آيو ۽ پکيءَ جي پڇ ۾ کڻي هٿ وڌائين پر پکيءَ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو پر هڪ کنڀ پٽجي پيس.

صبح جو آئي ون بادشاهه وٽ ويو ته ان کان بادشاهه چور بابت پڇا ڪئي آئي ون ادب سان وراڻيو ”پيارا بابا! چور ته ڪونه پڪڙيو پر اهو معلوم ئي ويو آهي ته چور ڪير آهي؟ هي ڏسو اُن هي ڏسو پکيءَ توهان لاءَ هي سڀ سوکڙيءَ طور موڪليو آهي، اهو ئي پکي حقيقت ۾ چور آهي.“ بادشاهه اهو کنڀ پاڻ وٽ

هاڻي چوري به بند ٿي وئي هئي انڪري بادشاهه به خوش رهڻ لڳو هو. هڪ ڏينهن اوچتو بادشاهه کي خيال آيو ته ڪنهن به طريقي سان اهو خوبصورت پکي حاصل ڪرڻ گهرجي. ان ڪري بادشاهه پنهنجي پٽن کي گهرايو ۽ انهن کي چيو: ”توهان سڀئي پنهنجي پنهنجي سٺي ۾ سٺي گهوڙي تي سوار ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃو ۽ اُن پکيءَ کي حاصل ڪري. مون کي اميد آهي ته توهان صروور ڪامياب ٿيندؤ.“

ٽئي شهزادي پنهنجي پنهنجي گهوڙي تي سوار تي کاڌي پيتي جو سامان کڻي روانا ٿي ويا،

هلندي هلندي ائي ون هڪ اهڙي جڳهه تي اچي سخت گرمي هئي. تمام گهڻي سفر ڪرڻ ڪري هو ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهيو هو ان ڪري هو گهوڙي تان لٿو ۽ گهوڙي کي هڪ وڻ سان ٻڌي ڇڏيائين ته متان گهوڙي ڪاڏي پڄي نه وڃي ۽ پاڻ هڪ وڻ هيٺان سمهي پيو، جڏهن ننڊ ڪري اٿيو ته هُن ڏٺو ته گهوڙو غائب آهي، نيٺ هو گهوڙي جي ڳولا ۾ نڪري پيو. تمام پري ان کي گهوڙي جون ڪجهه هڏيون ڏسي آئي ون پڪ سمجهي ته ڪو جانور هن جو گهوڙي کائي ويو آهي. آئي ون سوچڻ لڳو ته بنا گهوڙي جي هو پنهنجو سفر جاري ڪيئن رکي سگهندو ۽ پنهنجي پيءُ جي خواهش ڪيئن پوري ڪندو. ٿوري وقت لاءِ هو ڏاڍو پريشان ٿيو پر پوءِ آئي ون سوچيو ته وقت ضايع ڪرڻ نه گهرجي ڇو ته اهڙي ويران جهنگل ۾ مدد جو ڪو به امڪان ٿي نه ٿي سگهيو. ان ڪري هُن همت کان ڪم ورتو ۽ هو اَن پکيءَ جي ڳولا ۾ هلڻ لڳو. هلندي هلندي هو ٿڪجي ته گاهه تي ويهي رهيو ۽ روئڻ لڳو.

ڪجهه وقت کان پوءِ آئي ون ڏٺو پري کان هڪ ڀورو بگهڙ اچي رهيو آهي. بگهڙ ڀرسان اچي پڇيو: ”آئي ون تون پريشان ڇوويٺو آهين؟“

ننڍڙي شهزادي وراڻيو: ”منهنجو عمدو گهوڙو ڪو ظالم جانور کائي ويو آهي، هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته آءٌ گهوڙي کان بنا پنهنجو سفر ڪيئن جاري رکندس، ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو؟“

بگهڙ چيو ”آئي ون! مان سخت شرمنده آهيان؟ ڇو ته تنهنجو گهوڙو مون کاڌو آهي، چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته توکي وڃڻو ڪيڏانهن آهي؟“

آئي ون چيو: ”مون کي پنهنجي پيءُ ٻرندڙ پکيءَ جي تلاش ۾ موڪليو آهي. مون کي ڪا به خبر ڪونهي ته اهو پکي ڪٿان ملندو. هاڻي ته مون وٽ گهوڙو به ڪونهي جو مان پنهنجو سفر جاري رکان. تو منهنجو گهوڙو کائي مون تي سخت ظلم ڪيو آهي.“

بگهڙ چيو، ”مون کي خبر آهي ته ٻرندڙ پکي ڪٿي ٿو رهي. جيئن ته مون تنهنجو گهوڙو کاڌو آهي، ان لاءِ هاڻي آءٌ تنهنجو فرمانبردار خادم آهيان. تون منهنجي پٺيءَ تي ويهه ۽ مون کي مضبوطيءَ سان پڪڙ؛ مان توکي وٺي ٿو هلان.“

آئي ون ان جي پٺيءَ تي مضبوطيءَ سان ويٺو ۽ بگهڙ روانو ٿيو. بگهڙ هوا وانگر هلندو رهيو. نيٺ ٻئي هڪ قلعي وٽ اچي پهتا. قلعي جي چوڌاري وڏا وڏا فصل هئا. بگهڙ آئي ون کي چيو: ”مان جيڪي چوان سو خيال سان ٻڌ ۽ ان کي ياد رکجانءِ. اسان هتي تمام سٺي وقت تي پهتا آهيون. هن وقت سڀ پهريدار آرام ۾ آهن. هاڻي تون بنا خوف جي ڀت چڙهي وچ. سامهون هڪ ٽاور تي توکي هڪ ڪمرو نظر ايندو. دريءَ ۾ هڪ سونهري پڃرو توکي نظر ايندءِ، ان پڃري ۾ اهو پکي بند آهي پکيءَ کي تمام آهستي آهستي ڪڍي پنهنجي سيني سان لڳائجانءِ، ليڪن ان ڳالهه جو خيال رکجانءِ ته تنهنجو هٿ پڃري سان نه لڳي. پوءِ جلدي واپس هليو اچجانءِ.“

ان کانپوءِ آءِ ون بگهڙ جي ٻڌايل هدايت مطابق ڀت تي چڙهي ويو، ان ڏٺو ته ٽاور جي اندر ڪمري جي دريءَ ۾ واقعي هڪ سونهري پڃرو لٽڪيل هو ۽ ان ۾ ٻرندڙ پکي به موجود هو.

شهزادي ان پٽيءَ کي ان پڃري مان احتياط سان ڪڍي سيني سان لڳايو. پر شهزادو خوبصورت پڃرو ڏسي لالچ ۾ اچي سوچڻ لڳو ته واهه ڏسي لالچ ۾ اچي سوچڻ لڳو ته واهه اهڙو سهڻو ۽ خوبصورت پڃرو ڀلا مان ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان؟ هو بگهڙ جي هدايت وساري چڪو هو. جيئن ئي شهزادي ان پڃري کي ڇهيو ته قلعي ۾ شور مچي ويو، چؤطرف شور ۽ دهل وڄڻ جو آواز اچڻ لڳو. سڀ پهريدار جاڳي پيا ۽ انهن ننڍڙي شهزادي آئي ون کي پڪڙي پنهنجي بادشاهه ”آفرن“ وٽ وٺي آيا. آفرن ڪاوڙ ۾ چيو ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿي جو رهاڪو آهين؟ هتي ڇو آيو آهين؟“

آئي ون وراڻيو: ”مان شهزادو ”آئي ون“ آهيان ۽ برنيدي بادشاهه جو پٽ آهيان....“ آئي ون اڃان ايترو ئي مس چيو ته بادشاهه چيو. ”توکي ته شرم اچڻ گهرجي جو تون هڪ بادشاهه جو پٽ ٿي ڪري چوري ٿو ڪرين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com