هيڊ ماستر صاحب اسلم کي پنهنجي پوري ڪهاڻي ٻڌائڻ
لاءِ چيو. اسلم ان کي پوري ڳالهه ڪري ٻڌائي. هيڊ
ماستر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسلم تي تعريف ڪرڻ لڳو.
اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو ۽ اسلم به پنهنجي محنت
سان پڙهندو رهيو ۽ آخر هڪ ڏينهن هن ميٽرڪ جو
امتحان به اي گريڊ ۾ پاس ڪيو.
اسلم جو هاڻي آفيسر ٿيڻ وارو خواب به پورو ٿيڻ
وارو هو. ۽ اسلم ڪوشش ڪري بئنڪ ۾ سروس ورتي ۽ هاڻي
هو اڳتي تعليم به حاصل ڪري رهيو هو ۽ سروس به ڪري
رهيو هو.
اختر حسين ڪيريو.
سَلام ۽ سَنيهَا
·
اياز جاني ميمڻ حيدرآباد، ڀاءُ هي پرچو مواد جي
لحاظ کان تمام سٺو هو توهان منهنجو مواد ڇو نه ٿا
شايع ڪيو. (ڀاءُ مضمون ته شايع ٿيو آ).
·
ايم هارون ناشاد ڏيپلو: ڀاءُ توهان منهنجو مواد
شايع نه ٿا ڪيو، مواد نه ڏسي مايوسي ٿئي ٿي.
مهرباني ڪري منهنجو مواد شايع ڪندا.
ڀاءُ مواد شايع ڪبو، توهان دل جاءِ ڪريو، هروڀرو
جذباني نه ٿيو.
·
محمد موسيٰ ملڪاڻي جهڏو: ڀاءُ رسالو دير سان ٿو
نڪري مهرباني ڪري پهرين تاريخن ۾ ڪڍو، ۽ مون کي خط
جو جواب ضرور ڏيندا ۽ ڪجهه ڪالم وڌائيندا.
(ڀاءُ ڪالم ڌوائڻ لاءِ اوهان جي راءِ نوٽ ڪئي ويئي
آهي.)
·
اقبال احمد شيخ لاڙڪاڻو: ڀاءُ ڪهاڻي موڪليان پيو
شايع ڪندا، (ننڍڙا ادا ڪهاڻي ٻي موڪليو ۽ سٺو ٿئي
ته اوهان پنهنجي ذهن مان سوچي لکو.)
·
پرڪاش ڪمار شهدادڪوٽ: ادل مون پهريون دفعو گل ڦل
پڙهيو ڏاڍو وڻيو مهرباني ڪري مون کي شامل ڪندا
منهنجي لکڻي سنڌي جي سٺي ڪانهي ڇو ته مان اردو ۾
پڙهيو آهيان.
(ادل؛ ڀلي ڪري آئين هر ٻولي سکڻ گهرجي پر پنهنجي
مادري زبان ضرور سکڻ گهرجي.)
·
حافظ عزيز بروهي لاڙڪاڻو: ڀاءُ: گل ڦل هاڻ اڳي کان
بهتر ٿيندو وڃي؛ محبوب علي جوکيو جو مضمون ڇو نه
ٿا هلايو؛ مون لقمان حڪيم جا قول موڪيا هئا اهي
ردي جي ٽوڪري حوالي ٿي ويا ڇا؟ (ڀاءُ، قول هڪ جهڙا
هجڻ ڪري رهجي ويا ۽ محبوب علي جوکيو صاحب لکي پيو
پر ڪجهه ٻين دوستن کي به وارو ڏجي ٿو ڇو ته گهڻا
ڀائر پوِ اعتراض ٿا ڪن.
·
جاويد اقبال عمراڻي سجاول: ادل، رسالو سٺو پيو
نڪري- هڪ عرض ته جي مان ڪهاڻي موڪليان ته شايع
ڪندا يا نه. (ڀاءُ ڪهاڻي موڪليو.)
·
ظفر علي لاشاري: ڀاءُ مان گل ڦل پڙهندو رهندو
آهيان. هن پرچي ۾ علم جي روشني، چهنڊڙي، ٻه ته
ٻارهن ڪهاڻيون سٺيون هيون.
·
اشرف زمان پير چنڊاڻي مٺي: ڀاءُ توهان اسان جو ڪو
به مواد شايع نه ٿا ڪيو، رڳو سفارشي دوستن جو مواد
شايع ڪيو ٿا. مهرباني ڪري اسان جي مواد شايع ڪندا
ته جيئن اسان ۾ لکڻ جو جذبو پيدا ٿئي؟
(ڀاءُ هر ڇپجڻ جهڙو مواد شايع ڪيو آهي، توهان
هروڀرو مايوس ٿا ٿيو،مون وٽ سفارش موادجي هوندي
آهي نه ڪي ڪنهن ماڻهوءَ جي).
·
وفا عبدالقادر ميمڻ گولاڙچي: ادل ٻار ڪهاڻيون ٻين
کان ٿا لکرائن ۽ سوال به انهن کي هدايت ڪندا ته
ائين نه ڪن (ڀاءُ ڪهاڻي لکڻ جي سلسلو انهي ڪري
شروع ڪيو ويو هو ته جيئن ٻارن ۾ لکڻ جو ڏانءَ پيدا
ٿئي، جيڪي ٻار ٻين کان ٿا لکرائن اهو انهن جو
پنهنجو نقصان آهي).
·
نيازي اي نائچ بچل سنگراسي: ادل توهان منهنجو مواد
شايع نه ٿا ڪيو ۽ خط جو به جواب نه ٿا ڏيو مهرباني
ڪري جواب جلد ڏيندا.
·
عبدالغفار هاليپوٽو هٽڙي: ادل مئي وارو رسالو پسند
آيو ۽ نوان لکندڙن کي گهرجي ته مواد سٺو لکي ڏين
ٻولي سليس استعمال ڪن (ڀاءُ مواد پسند ڪرڻ لاءِ
مهرباني. باقي نون لکندڙن کان شڪايت مون کي به آهي
ته مواد نقل ڪن ٿا.
·
در محمد بهراڻي: ڀاءُ فيبروري واري پرچي ۾ اچو ته
ڪهاڻي لکون جي سلسلي ۾ حصو ورتو هو پر منهنجو نالو
ڪونه آيو هو. (ڀاءُ مواد دير سان پهتو هوندو.)
·
وفا غلام حسين جنگشاهي: ادل رسالو پڙهي ڏاڍو خوش
ٿيس ڇو ته سڀ مواد بهتر کان بهتر هو، قلمي دوستي
جو ڪالم شروع ڪريو؟
(ڀاءُ جهڙي نموني سان اوهان رسالي جي تعريف ڪئي
آهي. ان لاءِ اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون، قلمي
دوستي جو ڪالم نئين سال کان شروع ڪبو.)
·
پريتم داس ڪرشن داس قادرپور: ادل گل ڦل ۾ ڪهاڻيون
يڪسانيت جو شڪار ٿي رهيون آهن. اچو ته ڪهاڻي لکون
۽ ٽيون نمبر ايندڙ ڪهاڻيڪار کي به شامل ڪريو
(ڀاءُ، هڪ ئي موضوع تي ٽي ڪهاڻيون اچڻ سان بار گوڙ
ڪندا.)
·
احسان قادر نواب شاهه: اسل مان گل ڦل ۾ شامل ٿيان
ٿو مهرباني سلام ۽ سنيها ۾ نالو ڏيندا. (ڀاءُ نالو
اچي ويو. بس هاڻ ته ڪانه آهي نه.) نويد مصطفيٰ
ڪانجو نواب شاهه: ادل، ڪهاڻي شايع ڪندا ته مهرباني
ٿيندي.
·
عبدالله رخشاڻي بلوچ: ادل مون ڪيترائي خط لکيا آهن
پر جواب ڪونه ٿا ڏيو. (ڀاءُ ڪم جي ڳالهه ڪا لکي
ڪانه اٿو.)
·
علي نواز ٻرڙو نوشهرو: ادل ڪهاڻي موڪليان ٿو
مهرباني ڪري درستيون ڪري شايع ڪندا. (ڀاءُ، هڪ
پاسي ڪهاڻي لکي موڪليو).
·
فرخ عالم ذوالفقار علي: ادل، اسان وٽ گل ڦل جا سڀ
پرچا آهن مواد موڪليون ته شايع ڪندا. (ڀاءُ مواد
موڪليو شايع ٿيڻ جهرو شايع ڪبو.)
·
منوج مينگهراج هالا نيو: ڀاءُ، منهنجو مواد ڇو نه
شايع ڪيو ۽ ڪرڪيٽ تي مضمون موڪليان ته شايع ڪندا
يا نه. (ها ڀاءُ مضمون موڪليو شايع ڪبو.
اچو ته ڪهاڻي لکون
اسان کي ڏاڍي خوشي آهي جو ٻار هن سلسلي ۾ شوق سان
حصو وٺن ٿا. اسان پهريون ۽ ٻيو نمبر ايندڙ ڪهاڻي
جي ڪهاڻيڪار کي ڪتاب انعام ۾ موڪليندا آهيون.
اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ هڪ رهنمائي مواد هر مهيني
ڏنو ويندو آهي ان لاءِ هيٺيان شرط آهن:
1.
ارڙهن سالن تائين عمر جو ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي سگهي
ٿو.
2.
هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون 24 جو ڪوپن ڀرڻ
ضروري آهي.
3.
ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو جو اسان وٽ پهرين آگسٽ
1984ع تائين پهچڻ گهرجي.
4.
ڪهاڻي گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي،
ڪهاڻي پني جي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل
ڪهاڻي کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
5.
ڪهاڻيڪار پوري ائڊريس لکي موڪلين سندن نالا پرچي ۾
شايع ڪيا ويندا.
اچو ته ڪهاڻي لکون- 24
رهنما مواد
هڪ ٻار جو ننڍي هوندي نه پڙهيو. اڻ پڙهيل هجڻ ڪري
هڪ آفيس ۾ پٽيوالي ڪري ٿو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ پڙهي
اتي ئي آفيسر ٿي آيو آهي، ان پٽيوالي جي جذبات لکو
ته هو ڇا ٿو سوچي ۽ ڪيترو ٿو پڇتائي پر هاڻ ڇا
ٿيندس.
ڪهاڻي موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد.
نتيجو اچو ته ڪهاڻي لکون
ماهه مئي جو پرچي ۾ ”اچو ته ڪهاڻي لکون“ جي عنوان
تحت هڪ رهنمائي مواد ڏنو ويو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن
حصو ورتو.
1-
محمد صالح سولنگي هنڱورجا 2- بدرالنساءِ ڀٽي سکر
3- ديدار حسين سولنگي ڏٻر 4- ڪوثر پروين جهڏو 5-
غلام حسين مهر عبدو 6- در محمد بهراڻي 7- منظور
علي لغاري 8- آفتاب جوڻيجو ڏيپلو 9- راجا مهيش
ڪمار ٿري 10- بشير احمد حسين ڪلور 11- خالده پروين
شيخ لاڙڪاڻو 12- عبدالطيف مگسي سکر 13- فرزانا ايڇ
شيخ خيرپور 14- اعجاز علي ميمڻ عمر ڪوٽ 15- غلام
نبي شيخ رستم جتوئي 16- مظفر احمد سجاول 17-
عبدالله شاهه سکر 18- عزيز احمد ميمڻ سجاول 19-
جاويد علي چنه لاکو لنجاري 20- فرزانه جان ميمڻ
حيدرآباد 21- غلام شبير چنا ڳوٺ حامي صاحب 22-
ذيشان کوهارو لاڙڪاڻو 23- شفقت حسين ڪلوڙ 24-
عبدالقيوم ميمڻ حامداڻي 25- اسحاق سومرو ميرپور
ٻرڙو 26- فيض محمد سومرو ميرپور ٻرڙو 27- زڪيا ناز
قمبراڻي خيرپور 28- انور علي زردار 29- منور حسين
حيدري لاڙڪاڻو 30- گل محمد ميمڻ سجاول 31- محمد
عمر ناز ڪنڀار 32- ذوالفقار علي مهر سکر 33- غريب
نواز عبدالغفور 34- شهديو ڪمار رڄو خاناڻي 35-
صادق المير سنڌي ڪاريو 36- عبدالملڪ نظاماڻي باقر
نظاماڻي 37- اظهر علي جوکيو 38- منوج مينگهراج
هالا نيو 39- پون ڪمار بينجا 40- عباس علي ميراڻي
راڌڻ 41- عبدالستار پڪا گهانگهرا 42- خالد حسين
ابڙو لاڙڪاڻو 43- جاويد عباسي لاڙڪاڻو 44- بشير
احمد کهڙو ٻنڊي 45- سجاد احمد جان ميمڻ حيدرآباد
46- عالمان سليمان خاصخيلي صوڀو ديرو 47- محمد
فياض ڪليار نواب شاهه 48- محمد سليمان ميمڻ
هنڱورجا 49- علي نواز ٻرڙو ڪنڊو ٻرڙو 50- عبدالله
رخشاڻي بلوچ 51- آزاد پرويز علي تنيو 52- ارباب
علي لاشاري ملا مکڻ 53- ڪامران احمد شيخ دادو 54-
اقبال انجم صوڀوديرو 55- خدابخش دائود پوٽو ٺل 56-
لوڪومل گهوٽڪي 57- ظهيرالدين بابر ڪشمور 58- محمد
عيسيٰ بوزدار 59- غلام عباس سولنگي ميرپور خاص 60-
عنايت الله جتوئي دادو 61- قائم علي شاهه ٺٽوي 62-
سڪندر علي شاهه لاڙڪاڻو 63- سريش ڪمار پرڏاناڻي
64- ميشر احمد نظاماڻي ٽنڊو سومرو 65- نصير احمد
ميمڻ پاٽ شريف 66- عبدالغفار هاليپوٽو هٽڙي 67-
مقصود احمد قاضي مٽياري 68- منصور احمد شيخ ڄام
شورو 69- ساڌو مل ڪلوئي شهر 70- جهانگير مهر سکر
71- عبدالڪريم ڏاهري شاهپور چاڪر 72- اجيت ڪمار
گهوٽڪي 73- نديم شهزاد ميمڻ ڄام شورو 74- محمد
رفيق ڪانڌڙو 75- حسين جوڻيجو ڏوڪري 76- سنيل ڪمار
جروار 77- بر جلال ميرپور خاص 78- سعيد احمد ميمڻ
نواب شاهه 79- منوج ڪمار لوهاڻو 80- عبدالغني
سومرو شڪارپور 81- بشير احمد شيخ لاڙڪاڻو 82-
فاروق حيدر سومرو 83- اشرف علي منگر 84- نويد
مصطفيٰ ڪانجو 85- اسير مل مينگهواڙ علي آباد 86-
ٻاٻهاڻي غلام رضا ساگر 87- محمد حيات بهراڻي 88-
منير احمد شيخ باڪراڻي روڊ لاڙڪاڻو 89- ديدار حسين
سولنگي خيرپور ميرس 90- بيوس رب نواز مڱڻهار 91-
انعام الحق سومرو 92- زاهده محبوب لغاري ميرپورخاص
93- عبدالمجيد شيخ لاڙڪاڻو 94- افتخار احمد
ميرپورخاص 95- آر جروار شهدادڪوٽ 96- رضا فاروق
دلشاد 97- برڪت علي شيخ لاڙڪاڻو 98- ايم هارون
ناشاد پانڌياڻي ڏيپلو 99- عبدالرزاق مگي لاڙڪاڻو
100- مسعود احمد منگي نئون ڳوٺ 101- نظير حسين چنه
قمبر 102- جي-اي چنڙ 103- ابراهيم خليل نئون ديرو
104- جاويد اقبال ميمڻ 105- رحيم بخش ڀٽو شڪارپور
106- منظور عباسي وارهه 107- عبدالغفار ميمڻ
گولاڙچي 108- نندلال ڪلوئي شهر 109- امتياز حسين
ڪلوڙ 110- نياز ملاح اڳڙا 111- منظور حسين سمون
ٽنڊو الهيار 112- سڪندر ڪلوڙ 113- انيس ٽالپر 114-
پريتم داس قادرپور 115- کنگهار ڪلوئي 116- موهن
لال گرداس مل.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين ڪلهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون
پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنيون ويون آهن. اهي
پنهنجي صحيح ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
1-
محمد صالح سولنگي، شيخ لطيف بڊيو هنڱورجا گمبٽ.
2-
بدرالنساءِ ڀٽي سکر.
هڪ سو روپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو- 7
گل ڦل! خال ڀريو پنج جو نتيجو 3 جون 1984ع تي ظاهر
ڪيو ويو.
خال:
1-
جمل 2- گجرات 3- محمد عثمان ڏيپلائي 4- عمر ڪوٽ 5-
آرياڻي.
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح هجڻ ڪري مقابلي ۾ شامل
ڪيا ويا کين صحي آهر ڪتاب موڪليا ويندا.
1-
جاويد احمد سومرو، بنگلو اي- 6 لطيف آباد 2- محمد
علي خواجا معرفت احمد علي خواجا ڪلاٿ مرچنٽ شاهه
بازار کهڙا گمبٽ 3- آمنا خاتون دودو خان لغاري 4-
محمد شبير ڪمبوهه حيدرآباد 5- خالده پروين شيخ
لاڙڪاڻو 6- مفتي فيض محمد سومرو پوسٽ مير محمد
ٻرڙو تعلقو ٺل 7- ايم هارون ناشاد پانڌياڻي پاڙها
ڪالوني ڏيپلو 8- بيبي صنم سجاول 9- احمد بخش شيخ
رحمت پور محلو لاڙڪاڻو 10- محمد اسحاق سومرو
ميڊيڪل اسٽور ميرپور ٻرڙو 11- محمود علي سهتو رسول
آباد گمبٽ 12- محمد ملوڪ ٻرڙو معرفت علي اڪبر ٻرڙو
ڪلاس نائون مرزاپور 13- فياض خواجه پبلڪ لائبرري
سجاول 14- رياض حسين راٺوڙ پوسٽ ملڪ تعلقو مورو
15- غلام نبي ملاح گهر نمبر اي- 959 سيوهاڻي پاڙو
ڪوٽڙي 16- آفتاب حسين يوسف رئي حيدرآباد 17- محمد
علي اعواڻ منظور علي اعواڻ ايس ڊي ايم شهداد ڪوٽ
18- مختيار احمد انصاري حيدري محلو لاڙڪاڻو 19-
قمرالدين ميراڻي حيدري محلو لاڙڪاڻو 20- باغ علي
خاصخيلي ولد سدورو ويٺل ڳوٺ سومر خان خاصخيلي 21-
ذوالفقار منگي ڪلاس سعون بي نئون ديرو 22- اختر
ملاح پوسٽ ڏيٿا اسٽيشن 23- ضمير حسين جلالاڻي-
پوسٽ جلالاڻي وايا محراب پور جنڪسن خيرپورميرس 24-
عبدالله رخشاڻي سنڌري ميڊيڪل اسٽور سنڌي چوڪ شاهه
پور چاڪر 25- جمشيد علي ميمڻ ڪشيدهه ڪار ميمڻ محلو
ٽنڊو الهيار 26- محمد صادق عالماڻي معرفت استاد
لعل بخش هاءِ اسڪول مورو 27- عبدالحڪيم امير البحر
جهمپير 28- قربان پنهور ڪلاس اٺو مڊل اسڪول باقر
نظاماڻي 29- غلام مرتضيٰ اي 1- جي او- آر ڪالوني
حيدرآباد 30- عبدالجليل هڪڙو معرفت علي محمد هوٽل
وارو ٽنڊوالهيار 31- ڀٽيو مل مينگهواڙ جاويد جنرل
اسٽور جناح چوڪ ٽنڊو آدم 32- حسن جوڻيجو معرفت
حاجي علي اصغر جوڻيجو سائيڪل ورڪس ڏوڪري 33- عامر
عمراڻي پوسٽ گپچاڻي ضلعو نواب شاهه 34- دين محمد
عباسي ڳوٺ احمد خان جتوئي پوسٽ ڪمال ديرو، وايا
ڪنڊيارو 35- محب علي ولد قادر بخش ڳوٺ احمد خان
جتوئي پوسٽ ڦڪا ضلع دادو 36- نجمه رحيم جوکيو ٺٽو
37- عبدالڪريم ڏاهري گورنمينٽ هاءِ اسڪول شاهپور
چاڪر 38- ضمير احمد ويراڳ درگاهه سيد غريب شاهه
پوسٽ آفيس صحب خان جلالاڻي وايا محراب پور 39-
عرفان الله ڪوهستاني ڪلاس اٺون هاءِ اسڪول جهمپير
40- سڪندر مهراڻ ملڪ محلو ڪنڌ ڪوٽ 41- علي بخس
سومرو، سومرا محلو ٺل جيڪب آباد 42- احمد علي کوسو
پوسٽ ڦڪا مڊل اسڪول ڦڪا 43- الله بخس راٺوڙ پوسٽ
ملڪ تعلقو مورو 44- دسرت ڪمار گورنمينٽ هاءِ اسڪول
مٺي 45- علي نواز احمداڻي سنڌي ادبي سنگت احمد ڪوٽ
46-عبدالوحيد جروار معرفت ڊاڪٽر نذير احمد جروار
اسٽيشن روڊ شهداد ڪوٽ 47- گوپال داس کتري فلور مل
نو آباد تعلقو سنجهورو.48- محمد صيفل آزاد هاءِ
اسڪول ڀنگو بهڻ 49- غلام حيدر شاهه پڙهندڙ ڪلاس
ڏهون گورنمينٽ هاءِ اسڪول باقر نظاماڻي شهدادپور
50- منور حسين حيدري لاهوري محلو لاڙڪاڻو 51-
لکميچند سندر داس فريم ميڪر ڪنڌڪوٽ 52- اعجاز ميمڻ
هاءِ اسڪول عمرڪوٽ 53- شوڪت راهمون عزيز جنرل
اسٽور رحم نگر ميرپورخاص 54- ساڌو مل ولاسائي گل
ڦل فروش ڪلوئي 55- کنگهار مل ڪلوئي شهر 56- غلام
رسول جسڪاڻي معرفت محمد يوسف ٽيلر ماسٽر مورو 57-
محمد هاشم خيبر وايا مٽياري 58- مشتاق وڳڻ شاهي
بازار ٺارو شاهه سراج الدين دڪاندار خانزاده 59-
مس گلزار شيخ ڪراچي 60- عبدالله پهور عبدالله بوڪ
اسٽور بندر روڊ لاڙڪاڻو 61- عبدالقيوم شورو ڳوٺ
حاجي مانجهي شورو پوسٽ ٽيلي گراف ورڪشاپ ڪوٽڙي 62-
ٻاجهاڻي غلام رضا ساکر پوسٽ صاحب خان جلالاڻي وايا
محراب پور جنگشن خيرپور 63- سراج احمد نوناري ڪم
جنرل اسٽور اسٽيشن روڊ گهوٽڪي 64- رياض احمد سانگي
سعيد بوڪ ڊپو لاهوري محلو لاڙڪاڻو 65- نثار احمد
نوناري ڪمل جنرل اسٽور اسٽيشن روڊ گهوٽڪي 66- عاجز
الهه رکيو ڳوٺ ڇتو مادراڻي وايا ٽنڊو غلام علي
ماتلي 67- امداد حسين پٽ الاهي بخش احمد خان جتوئي
ڳوٺ وارهه 68- جان محمد چنو جاويد جنرل اسٽور جناح
چوڪ ٽنڊو آدم 69- رياض حسين مير بحر نيو اپر تاج
گڊس ٽرانسپورٽ ڪمپني لاڙڪاڻو 70- نياز اي نائيچ
ڳوٺ بچل سنگراسي پوسٽ باقر نظاماڻي شهدادپور 71-
اختر ڀٽي پوسٽ حمزو ڀٽي وايا نصير آباد 72- غلام
محمد اسير بروهي فريد آباد ميهڙ 73- محمد امين
سمون پرائمري اسڪول راڌڻ وليج 74- سراج الدين
پنهور نيو جتوئي مورو 75- عبدالعزيز کتري عزيز
لانڊري بدين 76- ممتاز منگي هاءِ اسڪول صوڀو ديرو
راڻي پور 77- ميهر علي پاهي اسڪول قائم جتوئي پوسٽ
فريد آباد 78- اسير مل مينگهواڙ هاءِ اسڪول نئون
آباد 79- غلام قادر فاروقي ڪلاس نائون باقر
نظاماڻي شهدادپور 80- سنتوش ڪمار شهنشاهه ڪولڊ
ڪمپني ڪنڌڪوٽ 81- غلام نبي نظاماڻي باقر نظاماڻي
82- مٺو مل جهمپير 83- امداد آخوند ڪواٽر اي 28
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني.
اقوال زرين
ولادت موت جو قاصد آهي. (حضرت علي رضه)
اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي نفس جو معلم نٿو ٿئي، اهو
ٻين جو معلم ڪٿان ٿيندو. (حضرت عمر فاروق رضه)
طلب علم ۾ شرم نه ڪر، ڇو ته جهالت بي حيائي آهي.
(افلاطون)
علم حاصل ڪري پاڻ کي شمع وانگر ٻار. (شيخ سعدي)
اسان کي چار شيون بلند ڪن ٿيون.
1- علم 2- حلم 3- ڪرم 4- خوش ڪلامي. (بو علي سينا)
موڪليندڙ: محمد صيفل
گل ڦل خال ڀريو- 7
هڪ سو روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 1- آگسٽ 1984ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 2- آگسٽ 1984ع
گل ڦل خال ڀريو سلسلي جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.
1-
خال ڀري رسالي مان ڪوپن ڦاڙي جواب سان گڏ موڪلجي.
2-
نتيجي ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا. انهن کي حصي
آهر هڪ سو روپين جا ڪتاب موڪليا ويندا.
3-
ڪنهن جو به جواب صحيح نه اچڻ تي هڪ غلطي واري کي
انعام ڏنو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ به ڪير نه آيو ته
اهو انعام رد سمجهيو ويندو.
4-
ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. ان کي ڪير به چئلينج
نه ٿو ڪري سگهجي. |