سنڌيڪار: فهميده شيخ
صحت جا اصول
·
ننڊ گهٽ اچي ته جيترو ٿي سگهي ان جو اعلاج دوائن
سان نه ڪريو، غور ڪري ننڊ نه اچڻ جا سبب سمجهو ۽
ان کا ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريو صحت
سٺي نه هجي، دماغ تي پريشاني هجي ته ننڊ نه ايندي.
ننڊ اها چڱي آهي جيڪا گورين کان سواءِ اچي.
·
لباس جو مقصد جسم جي حفاظت ۽ زيبائش آهي، صرف
نمائش ۽ فيشن ناهي، انهيءَ لاءِ تنگ لباس نه پائڻ
گهرجي. چاهي اهو ڪيتروئي سٺو يا سهڻو لڳي. سادو
آرام وارو ۽ ٿورا ڍلا ڪپڙا صحت لاءِ نقصان نه
پهچائيندا.
·
جوتا، گهڻا تنگ يا گهڻا ڍلا يا وري ننڍا وڏا نه
هجن. پر فٽ هجن وڏي کري وارا جوتا يا چپل يا سينڊل
سڌي بيهڻ ۾ تڪليف ڏيندا آهن ۽ هلڻ ۾ به مشڪل پيدا
ڪندا.
·
ويهڻ، بيهڻ، يا هلڻ جي صحيح نه هجڻ سان به صحت تي
اثر ڪري ٿو. سڌي ويهڻ، بيهڻ ۽ هلڻ جي مشق ڪرڻ
گهرجي؛ ڪنڌ، ڳچي ۽ پاسي کي جهڪائڻ سان جسم جي
صورتحال خراب ٿيو وڃي. انهيءَ سان ماڻهو جلد ٿڪيو
به وڃي ۽ بيمار به ٿيو وڃي.
·
علاج کان پرهيز بهتر آهي. پر جيڪڏهن ماڻهو بيمار
ٿي وڃي ته علاج ۾ دير نه ڪجي. پاڻ پنهنجو علاج يا
هر ڪنهن جو ٻڌايل دوائن سان علاج نه ڪجي، مستند ۽
ڊاڪٽر سان پوري صورتحال بيان ڪرڻ کان پوءِ علاج
ڪرائڻ گهرجي ۽ هو جيڪي هدايتون به ڏي ان کي چڱي
طرح سمجهي ان تي پوري طرح عمل ڪرڻ گهرجي.
·
بيمار ماڻهوءَ جي تيماداري ان کي صحت ياب ڪررڻ ۾
اهم حصو وٺي ٿي.
هي هڪ دوستانه مدد هوندي آهي. بيماري ماڻهو سان
پيرشاني مايوسي يا غم جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن پر
ان کي اميد ڏيڻ ۽ خوش ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ
گهرجن اهڙيون ڳالهيون دوا جي طرح مفيد اثر ڪنديون
آهن.
عالم جو قدر
اهو شخص منهنجي اُمت مان نه آهي جيڪو پنهنجن وڏن
جي تعظيم نه ڪري. ننڍن تي رحم نه ڪري ۽ علم جو قدر
نه ڪري. (حضور صلعم)
بد ديانتي
سڀ کان وڏي بد ديانتي قوم سان غداري آهي. (حضور
صلعم)
علي مرتضيٰ ڌاريجو
سائنس
رڇ
توهان رڇن بابت ڪيتريون ئي عجيب و غريب ڳالهيون
ٻڌيون هونديون رڇ هڪڙو اهڙو جانور آهي جيڪو
پنهنجين پوئين ٽنگن تي سولائي سان بيهي سگهندو
آهي. ڪي رڇ ته ايترا وڏا ۽ طاقتور هوندا آهن جو
ماڻهو انهن جون ڪيتريون ڳالهيون ڪندا رهندا آهن.
اهڙا جانور جيڪي گوشت خور هوندا آهن تن ۾ رڇ به
اچي وڃن ٿا.
شينهن اهڙو جانور آهي جنهن جو وزن پنجن سون
پائونڊن تائين وزني ٿي سگهي ٿو. ساڳئي طرح سان
چيتي جو وزن به ڇهن سون پائونڊ جيترو ٿي سگهي ٿو
جڏهن ته ڪي رڇ جيڪي قطمن جا رهاڪو هوندا آهن يا
رهي رڇ جن کي گرزلي رڇ سڏيو ويندو آهي، اهي نون
سون يا هزار پائونڊن جيترا به ٿي سگهندا آهن.
رڇن ۾ سڀ کان وڏا رڇ الاسڪنا جا ڀورا رڇ ٿيندا
آهن. انهن ۾ ڪي نر رڇ اهڙا به ٿين جن جو وزن
پنڌرهن سون پائونڊن کان به مٿي ٿيندو آهي ۽ اهي
جڏهن پنهنجن پوئين ٽنگن تي اٿي بيهندا آهن ته سندن
قد نون فوٽن کان به مٿي ٿي ويندو آهي.
ساڳئي طرح سان ڪي رڇ وري گهڻا ننڍڙا به ٿيندا آهن
جهڙوڪ ملائيشن رڇ جڏهن بلڪل جوان ٿي ويندا آهن
تڏهن به سندن وزن هڪ سو پائونڊ کان گهٽل هوندو
آهي. گهڻو ڪري ماڻهو اهو ئي سوچيندا آهن ته رڇ
ڳهيلا ۽ بيوقوف ٿيندا آهن پر اصل ۾ ائين نه هوندو
آهي، رڇ ڏاڍا سياڻا ٿيندا آهن. ماڻهن کي اهو هن
ڪري لڳندو آهي جو سندن هلڻ جو طريقو ئي اهڙو هوندو
آهي.
رڇ جو هلڻ به بلڪل ماڻهوءَ جهڙو ٿيندو آهي يعني ته
هو جڏهن به هلندو آهي ته ماڻهوءَ جيان پنهنجي سڄي
کڙي زمين تي کوڙي هلندو آهي.
جڏهن رڇ هلندو آهي ته هو پنهنجي جسم جي هڪ پاسي
جون ٻئي ٽنگون ساڳئي وقت اڳتي ڪندو هلندو ويندو
آهي. جنهن ڪري ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته هو
ليٿڙيون پائي هلي رهيو آهي. سندس هن طريقي سان هلڻ
جو اهو مطلب نه هوندو آهي، ته هو ڪو موڳو آهي، ڇو
ته جڏهن رڇ جئن ئي ٽنگن تي ڊڪڻ شروع ڪندو اهي ته
چڱي ڀلي سٺي ڊوڙ پائيندڙ کي به ماري ويندو آهي.
جيئن ته رڇ ڏسڻ ۾ سست ۽ بي عقل لڳندا آهن تنهن ڪري
ماڻهو به کين وائڙا ڀائيندا آهن. جڏهن ته ائين نه
اهي.
ان لاءِ توهان جي ڪنهن چڙيا گهر واري کان رڇ بابت
پڇا ڪندو ته هو توهان کي اهو ئي ٻڌائيندو ته رڇ؛
هوشيار ۽ ذهين جانور منجهان هڪ آهي. سندس ان ڳالهه
جو اندازو توهان هن مان لڳائي سگهو ٿا ته ٻاهرين
ملڪن جي ڪيترين ئي سرگسن ۾، رڇ کان بهترين ڪرتب
ڪرايا ويندا آهن.
اسان وٽ ڪيترائي فقير اهڙا هوندا آهن جيڪي رڇ کي
اهڙو ته هيرائي ڇڏيندا آهن جو ڪيتريون ئي مزيدار
ڳالهيون ڪري ڏيکاريندو آهي.
اتر آمريڪا ۾ رڇن جا چار قسم ٿيندا آهن جن ۾ ڪارو
رڇ، گرزلي رڇ، الاسڪا جو ڀورو رڇ ۽ قطمي رڇ اچي
وڃن ٿا پر انهن سڀني ۾ وڌ ۾ وڌ ڏکيو رڇ گرزلي
سمجهيو ويندو آهي.
واقعي اهو رڇ ٿيندو به گهڻو خطرناڪ آهي.
هندستاني ماڻهوهن رڇ کي پنهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن
سمجهندا آهن ۽ جيڪو ماڻهو هن رڇ کي ماريندو هيو
تنهن کي بهادر ڀائيندا هيا.
علم
اي انسانو علم سکو هن کان اڳ جو اهو کسيو وڃي ۽ ان
جي کسجڻ اهو آهي ته ان جي روايت ڪرڻ وارا مري
ويندا.
(ابن مسعود)
ظالم ماڻهو
جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل قانون مطابق فيصلو نه
ڪن اهي ئي ظالم آهن.
(قرآن)
ترتيب: عبدالرحمان سيال
(اسان جا اديب)
ظفر حسن
ڪي ڪي ماڻهون اهڙا هوندا آهن، جيڪي تعارف جا محتاج
نه هوندا آهن. اهڙن ماڻهن مان ظفر حسين به هڪ آهي.
پاڻ 14- آگسٽ 1937ع حيدرآباد جي ڀرسان ڳوٺ کٽياڻ ۾
ڄائو. 1966ع کان باقاعدي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪيائين.
ظفر حسين جيتري قدر ٿورو لکيو اٿس پر ادب ۾ هڪ اهم
شخصيت جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اچو ته اوهان کي
هن سان ملايو ۽ ڏسون ته پاڻ ٻارن لاءِ ڇا ٿو چوي.
سوال: سائين توهان پنهنجي ننڍپڻ بابت ڪجهه
ٻڌائيندا؟
جواب: آءٌ ٻهراڙي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو آهيان.
جيتوڻيڪ آءُ ۽ ٻه سال پوءِ اچي شهر ۾ پڙهيس، جتي
مون پرائمري تعليم پوري ڪئي. پر واڻڪي اسڪول ۾
اسين ٻه ڀائر صبح جو پنهنجي ڳوٺ کان ٻه ميل پنڌ
ويندا هئاسون ۽ پاڻ سان ٻنپهرن جي ماني کائي ويندا
هئاسون؛ ٻنپهرن جو جڏهن آسي پاسي جي ڳوٺن جا ڇوڪرا
ماني کائڻ ويندا هئا ته اسين اتي بينچن تي ليٽي
پوندا هئاسون ۽ اهي بينچون بنا ٽيڪ جي هونديون
هيون، جن تي اسين صبح جو 9 وڳي کان 5 وڳي شام
تائين پڙهندا هئاسون ۽ اسان جي اسڪول ۾ ٻه ڪلاس
روم هوندا هئا هڪ ڪلاس ۾ پهرين درجي جا ٻار پڙهندا
هئا ۽ ٻئي ڪلاس ۾ ٻئي کان وٺي ستين درجي تائين جا
سڀ شاگرد پڙهندا هئا.
سوال: اوهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو ۽ لکڻ ڇو ضروري
سمجهيو؟
جواب: هونئن ته مان ننڍپڻ ۾ روزاني ”الوحيد:
”نواءِ سنڌ“ جي ٻارن جي صفحن ۾ ’معلومات‘ جي سري
هيٺ هتان هتان مواد کڻي موڪليندو هئس پر پوءِ
پهرين ڀيرو 1954ع ۾ ڪاليج مخزن ”ڦليلي“ ۾ پهريون
ڀيرو اصلوڪي ڪهاڻي لکيم. تنهن کان پوءِ ٻارهن سالن
کان پوءِ 1966ع ۾ باقاعدي لکڻ شروع ڪيم. لکڻ جي
ضرورت ان ڪر سمجهيم ته مون کي پنهنجو نالو پڙهي
ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي ۽ ان ڪري ئي لکڻ شروع ڪيم ته
نالو ڇپجي ۽ شهرت ملي، پر هاڻي انهي ڪري ٿو ضروري
سمجهان جو اسان جي قوم لاءِ ضروري آهي ته سنڌي
ٻولي ۽ سماج کي مالوتر ڪيو وڃي. سوال: ٻارن لاءِ
هن وقت تائين اوهان ڇا لکيو آهي؟
جواب: ٻارن لاءِ هن وقت تائين مون ڪجهه به نه لکيو
آهي.
سوال: ڇا ٻارن لاءِ لکڻ ايترو مشڪل آهي جو اوهان
نٿا لکي سگهو؟
جواب: جي ها، ٻارن لاءِ لکڻ ڪجهه ڏکيو آهي يا گهٽ
۾ گهٽ مون کي ائين ٿو لڳي. ٻالڪ ساهت لاءِ وڏن جي
ساهت وانگر سهيوڳي ٻالڪ ساهت جو جيڪو خاص طرح
انگريزي ۾ ڇپجي ٿو ان جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي ته
جيئن ٻالڪ ساهت به وڏن جي ساهت وانگر نئين انداز ۾
لکي سگهجي نه ته پراڻو ٻالڪ ساهت پڙهيل يا رڳو
هاڻوڪو سنڌي ٻالڪ ساهت پڙهيل ليکڪ جيڪڏهن ٻالڪ
ساهت تخليق ڪندو ته اهو معيار نه هوندو آءُ گهٽ ۾
گهٽ انگريزيءَ ۾ جديد ٻالڪ جو سو کن ڪتاب ۽ رسالا
پهرين پڙهڻ گهران ٿو جيئن انهن جي نموني پٽاندڙ
ٻالڪ ساهت تخليق ڪري سگهان.
سوال: موجوده ۾ سنڌي ٻارن لاءِ نه ماهوار رسالا
آهن ۽ نه ڪتابي سلسلا؛ اوهان اهو ٻڌائي سگهندا ته
هن وقت اهو خال ڪيئن ڀري سگهجي ٿو؟
جواب: ادا اهو صحيح آهي ته موجوده دور ۾ سواءِ هڪ
رسالي ماهوار گل ڦل جي ٻيو ڪوبه ٻارن لاءِ رسالو
نه اهي ۽ ڪو به ڪتابي سلسلو باقاعدگيءَ سان نٿو
نڪري ۽ سنڌي ادبي بورڊ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ادارو
اهڙو نه آهي جو ٻارن لاءِ ڪتاب باقاعدگي سان شايع
ڪندو رهي ۽ آئوٽ آف اسٽاڪ ڪتاب ڪتاب ٻيهر شايع
ڪري.
اهو خال ان ريت ڀري سگهجي ٿو ته پهرين مرحلي ۾
سنڌي ادبي بورڊ وانگر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي به
ٻارن جو ماهوار رسالو جاري ڪري ٻيو اهڙي طرح مرڪزي
حڪومت طرفان جيئن وڏن لاءِ ”نئين زندگي“ ۽ صوبائي
حڪومت طرفان ماهوار ”پيغام“ شايع ڪيا وڃن ٿا. اهڙي
طرح مرڪزي حڪومت نه ته گهٽ ۾ گهٽ صوبائي حڪومت
طرفان پيغام سان گڏ پر الڳ هڪ ٻارن جو رسالو به
شايع ڪيو وڃي اهڙي طرح ترت اسان کي ٻارن لاءِ ٽي
رسالا ملي ويندا. تنهن کان پوءِ ٻارن جا ڪتاب جيڪي
سنڌي ادبي بورد اڳ ۾ ئي ڇپايائون انهن ۾ اڄڪلهه
واڌارو نه ٿو ڪيو وڃي. تنهن کان سواءِ نئشنل بوڪ
فائونڊيشن ۽ ٻين مرڪزي ادارن جيڪي به ڪتاب اردو ۾
شايع ڪيا آهن تنهن جا سنڌل ايڊيشن به شايع ڪيا
وڃن.
انهيءَ مرحلي کان پوءِ سنڌ ادبي بورڊ ۽ سنڌ الاجي
وانگر هڪ ٻارن جي ساهت لاءِ الڳ ادارو سنڌ ٻالڪ
ڪتاب ٽرسٽ (چلڊرين بوڪ ٽرسٽ اف انڊيا) جي نموني تي
به قائم ڪيو وڃي جيڪي رڳو ٻارن لاءِ ڪتاب شايع
ڪري. (اهڙي اداري قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻيا سرڪاري
ادارا ڀلي پوءِ ٻالڪ ساهت شايع نه ڪئي ۽ ڇو ته
پوءِ هر ادارو اسپشيلائيز ڪم ڪندو، جيئن هاڻي سنڌ
سائنس سوسائٽي ٿيڻ کان پوءِ ٻين سرڪاري ادارن
سائنسي موضوع تي ڪتاب شايع نه ڪرڻ کپن. ڇو ته
حڪومت ادارن کي ڪنهن به ڪم جي
Duplication
ڪرڻ ڪري گرانٽ نه ڏيندي آهي.
سوال سنڌي ٻارن کي پڙهڻ لاءِ سنڌي رسالا ۽ ٻيا
ڪتاب ميسر نه آهن. ٻار مجبور ادبي شوق پورو ڪرڻ
لاءِ ادارو رسالا ۽ ڪتاب وٺن ٿا. اوهان ٻڌايئ
سگهندا ته اسان جي ٻارن کي ڇاڪرڻ گهرجي.
جواب: ادا، ٻارسنڌيءَ ۾ سندن لاءِ رسالا ۽ ڪتاب نه
هجڻ ڪري اردوءَ ۾ ڪتاب وٺي ٿو، ٻار ته شوق ۽ وندر
لاءِ جيڪو به جنهن به ٻولي جو ڪتاب جيڪڏهن هو پڙهي
سگهندو ته وٺندو، ان ڪري ٻارن تي ڪهڙي معيار. هتي
ته وڏا پڙهيل لکيل ليکڪ دانشور پنهنجي ٻوليءَ ۾
رسالا ۽ اخبارون هوندي به اردو ٻوليءَ جا ئي ڪتاب،
رسالا ۽ اخبارون وٺن ٿا.
سوال: ٻارن لاءِ هن وقت جيڪو ڪجهه لکجي ٿو اهو
معياري آهي يا نه؟
جواب: ادا آئون سمجهان ٿو ته ٻارن لاءِ جيڪي لکجي
پيو سو ايترو معياري نه آهي جو هجڻ گهرجي.
سوال: جيڪڏهن معياري ناهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جواب: مون اوهان کي ٻڌايو ته سنڌي ساهت لکندڙن کي
وڏن جو جديد انگريزي ٻالڪ ساهت پڙهڻ گهرجي. اسان
وٽ ته اهو به ڪانسيپٽ صاف ڪونهي ته اسين جيڪي ڪجهه
لکي رهيا آهيون اهو ڪهڙي عمر واري ٻار جي گروپ جو
آهي انگريزيءَ ۾ ٻارن جا رسالا ٻارن جي عمر پٽاندر
(سطح تي) پيش ڪيا وڃن ٿا. اسان جا گهڻا ليکڪ ٻارن
جي موضوع تي کڻن ٿا. پر لکن هو وڏن جي سمجهه وٽان
ٿا.
سوال: سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ وڏا وڏا نامور اديب آهن
جن ۾ اوهان پاڻ به آهيو، ته پوءِ ٻارن لاءِ ڇو نه
ٿا لکو؟
جواب: ادا ٻارن لاءِ وڏن ليکڪن کي لکڻ کپي ۽
منهنجو وس پڄي ته آءُ اهو شرط وجهان ته انهي ليکڪ
کي ليکڪ نه سمجهيو وڃي جيسين هو ٻارن لاءِ نه لکي.
سوال: ننڍپڻ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
جواب: ننڍپڻ جو هڪڙو واقعو سدائين مون سان گڏ
رهندو.
هڪڙي شادي هئي جتي آءُ بابا سان گڏجي ويو هئس.
شاديءَ ۾ لڏون ورهايا هئائون جڏهين لڏن جو پئڪيٽ
آءُ ۽ بابا پاڻ سان گڏ کڻيو واپس پي موٽياسين ته
بابا پڇيو هو ”توکان جيڪڏهن شادي وارا پڇن ته توکي
لڏون مليا آهن يا نه ته ڇا جواب ڏيندين“ مون وراڻي
ڏني هئيمانس، ”آءُ هي لڏون لڪائي ڇوندس ته مون کي
لڏن جو ٻيو به پيڪٽ ملي ويندو.“
تنهن تي بابا چيو هو ”جي لڏون سونا به هجن ته به
ائين نه ڪجان.“
سوال: سنڌي اديبن مان وڏن ۽ ٻارن لاءِ ڪهڙا ليکڪ
پسند اٿو؟
جواب: سنڌي اديبن مان شاعرن کي وري به شابس آهي جو
هو ٻارن لاءِ شعر ته لکن ٿا. پر سنڌي نثر نويس
ٻارن لاءِ نه ٿا لکن. وري به محمود مغل،
عبدالرحمان سيال، اڪبر جسڪاڻي ۽ ادل سومري کي شابس
آهي جو ٻارن لاءِ باقائدگي سان لکندا رهن ٿا.
سوال: سنڌي ٻارن لاءِ ڪو خاص سنيهو؟
جواب: سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهو، سنڌي ٻولي ڳالهايو،
سنڌي ٻوليءَ ۾ لکو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻڌو؛ ٻولي قوم
جي واحد سڃاڻپ آهي. جي ٻولي نه آهي ته قدر به نه
آهي.
سوال: گل ڦل جي لاءِ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: گل ڦل سنڌي ٻولي4 جي اهم ترين خال کي ڪجه
ڀريو بيٺو آهي. گل ڦل تي تنقيد ڪرڻ مهل سوچيندو
آهيان ته گل ڦل نه هجي ته الاءِ ڇا ٿئي.
سنڌي ٻوليءَ جي بنياد ٻالڪ ساهت تي ۽ اڪيلي سر گل
ڦل اها ذميدار کنيو بيٺو آهي. باقي گل ڦل کي آفسيٽ
تي ڇپجڻ گهرجي. هر لکڻي سان گڏ تصوير هجي. ننڍي
ٽائيپ بدران وڏي ٽائيپ هجي.
پڪو مسلمان
پڪو مسلمان اهو آهي. جنهن جي زبان ۽ هٿ (يعني زبان
۽ هٿ سان نقصان پهچڻ) کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن ۽
پڪو مومن اهو آهي، جنهن کان ماڻهو پنهنجي جان ۽
مال متعلق امن ۾ هجن. (حضور صلعم)
محمد صالح سولنگي
ڪهاڻي-1 سلسلو-22
ضدي ٻار
انور بيٺل بسن جي وچ مان ٿيندو بس اسٽاپ کان ٻاهر
اچي ٿو ۽ گهمندو گهمندو وڃي بازار ۾ نڪري ٿو. ائين
ڪندي رات پئجي ٿي. هي ٻي ڪابه واٽ نه ڏسي وڃي فوٽ
پاٿ تي سمهي ٿو.
صبح جو اٿي وري بازار ڏانهن وڃي ٿو.
هن کي بک به ڏاڍي لڳي ٿي سو هو هڪڙي هوٽل ۾ وڃي
ماني کائي ٿو مان کائڻ کان پوءِ هن وٽ بيرو اچي ٿو
۽ بل ڏئي ٿو، مگر هن وٽ پيسا ڪونه هئا سو بيرو هن
کي سڌو مئنيجر وٽ وٺي اچي ٿو. مئنيجر هن کي پيسن
وٺڻ جي بدران ڪم تي لڳائي ٿو. |