سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جولاءِ 1984ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جولاءِ 1984ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارو،

ڪيئن هاڻ ته خوش آهيون نه، اوهان جو رسالو اوهان کي پهرين تاريخ ۾ ملي رهيو آهي، اسان انهيءَ ڪوشش ۾ آهيون ته رسالو هر مهيني جي پهرين تاريخن ۾ اچي مواد اوهان جي پسند جو هجي. سچ ته پريس ملازمن کان ويندي بوڪ اسٽال جي ملازمن تائين سڀني کي اها ڪوشش هوندي آهي ته توهان جو پيارو رسالو جلد اوهان جي هٿن ۾ پهچي. ڏسو نه هي پرچو به اوهان کي عيد کان اڳ ۾ ملي رهيو آهي. جڏهن اوهان عيد جون تياريون ڪندا هوندا، تڏهن توهان جي دلچسپي ۾ گل ڦل به اضافو ڪندو، ڇو ته هينئر موڪلون آهن ۽ موسم به اهڙي آهي جو اوهان ڪيڏانهن نڪرندا ڪونه هوندا. ظاهر آهي ته اهڙي واندڪائي ۾ ڪورس جي ڪتابن سان گڏ تفريحي ادب جو هجڻ به توهان لاءِ ضروري آهي.

اسان ڪوشش ڪيون پيا ته مواد اوهان جي گهرج آهر ڏجي پر مالي حالتون بورڊ جون اهڙيون نه آهن جو اوهان جون گهرجو پوريون ڪري سگهجن، جي واهان جو اهو ساٿ رهيو ته اهو وقت پري نه آهي جڏهن گل ڦل اوهان جي گهرجن آهر ڇپجڻ شروع ٿيندو.

ٻارو عيد جي خوشيءَ جي موقعي تي اسان طرفان توهان سڀني کي عيد جون مبارڪون هجن.

اوهان جو ڀاءُ اڪبر جسڪاڻي

ادارو

لطيف لات

مُون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،

ولهي جي وڻان تي، توڏ نه تنوارين،

هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.

(شاهه)

هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ سر حسيني جي داستان چوٿين جي ڇهن بيت آهي.

سمجهاڻي:

منهنجن سڏن ڪندي به مون کي ساٿي ڪو اتر نه ٿا ڏين، هن مسڪين جي مڪان تي هينئر اُٺ نه ٿا تنوارين، هن بڇڙي ڀنڀور ۾ ئي ههڙا ويل ٿا وهن.

معنيٰ:

ولهي: مسڪين- توڏ: توڏا.

هاڃا: وئل- ظلم.

عادل منگي

نظم

عالم، آچر؛ گامو، جانو جاڙا،

اچو تڏجي سڀ ته هلو پڙهڻ پيارا.

پڙهڻ آ ته سٺو جو پڙهڻدو آهي،

هر هنڌ ته عزت اهو پائيندو آهي،

جو رلندو ڪين ملندو مان آ ان کي،

ڪونه پيار ڪندو ڪو ان سان مٺڙا.

ڪي ٻار مٺا پڙهڻ لاءِ سڪن ٿا،

اسڪول ته ويندي ٻار ڏسي چوندا.

جيڪو اسين به ڄمون اهڙن گهرن ها،

جي روز کڻي ٿيلهو پڙهڻ وڃن پياري.

اسڪول اسان جو آ سهڻو ساٿي،

استاد اسان جو آ ته ڀلو جائي،

پنهنجي ٻولي ٻاتي سهڻي سا ئي،

ديس پنهنجو سڀ کي آ مٺڙو مٺڙا.

استاد علم جي روشني ته ڏئي ٿو،

وڏن ننڍن جو پڻ ادب سيکاري ٿو،

پنهنجي ثقافت جي واٽ ٻڌائي ٿو،

سنڌ وارا مهمان نواز هن سارا.

پڙهو بيت ڪتابن ۾ شاهه جا ٿا،

جو شاعرن جو شاعر پڻ عادل آ،

پڙهڻ سان ڄاڻ پوي ڪير حق تي آ،

هاڻ اسڪول هلڻ جو وقت ٿيو مٺڙا.

احمد خان مدهوش

پيءُ جي نصيحت

 

سُستي نه ٽاڙ ٻچڙا؛

لانگها لتاڙ ٻچڙا.

 ماڻڻ جي ماڳ چاهين، وٺ ڪين آڙ ٻچڙا.

سُورن ڏکن جي سامهون، سينو سلهاڙ ٻچڙا.

پنهنجي پرائي اُڏام، ڳوڙها نه ڳاڙ ٻچڙا.

کڻ بار پنهنجي سر تي، ٻئي تي ته ڀاڙ ٻچڙا.

ڌارين اڳيان ڪڏهن ڀي، ڳاٽو نه لاڙ ٻچڙا.

دل اهڙي ڪر پڪي تون،         جهڙو پهاڙ ٻچڙا.

بيجا نه خرچ ڪر ڪو، ڇڏ داڙ ڦاڙ ٻچڙا.

پائي به ڪم اچي ٿي، پئسو نه ساڙ ٻچڙا.

جيڏن جي وچ ۾ ويهي، هڻجان نه ڊاڙ ٻچڙا.

بيهي نه آهي سگهندي، ڪائي لٻاڙ ٻچڙا.

آ ڪوڙ ۽ گلا ٻئي، پاپن جي پاڙ ٻچڙا.

سچي سندو سدا ٿو؛ ٻهڪي نراڙ ٻچڙا.

جي قول ٿئي ڪيا تن؛ وعدن جي پاڙ ٻچڙا.

مدهوش جو چيو مڃ؛ ڳالهيون کلاڙ ٻچڙا.

درياءُ خان سهاڳ

ميلي تي

اچو ننڍڙا ننڍڙا ٻار؛

هلو ميلي تي ڪري سينگار.

طوط سڪا ۽ ڪشمش هوندي،

پڪي مٺائي به ضرور ايندي؛

ننڍا وڏا هوندا شاهوڪار،

هلو ميلي تي ڪري سينگار.

ملهه ڏاڍيون ملهون وڙهندا،

شام جو وڏا سر گس هلندا،

ٽڪيٽ انهن جي روپيه ٻه چار،

هلو ميلي تي ڪري سينگار.

شام جو جڏهن سج لهندو،

سڀڪو فلم ڏسي واندو ٿيندو،

پوءِ گهٽين ۾ ماڻهو هزار،

هلو ميلي تي ڪري سينگار.

رڇ ڪتن جون ويڙهيون ٿينديون،

پوڙهن پڪن جون ڦيريون ٿينديون؛

دريا خان مٿيان ميلي جا آثار؛

هلو ميلي تي ڪري سينگار.

ايم هارون ناشاد

هو جمالو

نئين موج ٿي مهراڻ ۾،

هو جمالو.

او اسان ٻار سهڻا سنسار الا؛

هو جمالو.

او اسان بهار لاءِ اداس الا،

هو جمالو.

او اسان آئينده جا مهندار الا؛

هو جمالو.

او اسان مائٽن جا آهيون پيار الا،

هو جمالو.

او اسان سنڌڙي تان جندگهور الا،

هو جمالو.

او اسان پاڪستاني ٻار الا؛

هو جمالو.

او اسان امتحان لاءِ تيار الا،

هو جمالو.

”ناشاد“ جو پيار ٻارن لاءِ،

هو جمالو.

نئين موج ٿي مهراڻ ۾،

هو جمالو.

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سچل سرمستؒ

درازي درويش سچ سرمست جو اصل نالو ”عبدالوهاب“ آهي. سندس والد ميان صلاح الدين، هڪ خدا ترس ۽ ديندار شخص هو. هي خاندان حضرت عمر فاروق رضه جن جي اولاد مان آهي؛ انهيءَ ڪري ”فاروقي“ سڏجي ٿو.

خيرپور ميرس ۾ راڻيپور لڳ، دروازن جي ننڍڙي ڳوٺ ۾، سال 1739ع ۾ سچل سائينءَ جي ولادت ٿي.

پاڻ ستن ورهين جي عمر ۾ قرآن پاڪ جو حافظ ٿيو. سندس ڏاڏو ميان صاحب ڏنو، وڏو عابد ۽ سنڌي زبان جو شاعر هو، جنهن هن نينگر جي ننڍپڻ کان پالنا ڪئي.

آخوند عبدالله وٽ به ڪجهه ديني ڪتاب پڙهيا هئائين. باقي فيض پنهنجي چاچي، اُستاد مرشد ۽ سهري ميان عبدالخالق وٽان حاصل ڪيائين.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کيس ننڍپڻ ۾ ڏسي چيو ته ”اسان جيڪو راز جو ڪُنو چاڙهيو آهي، اُن جو ڍڪڻ هي ڇوڪر لاهيندو!“

سچ پچ ٿيو به ائين. سورهن ورهين جي عمر ۾ پختو شاعر ٿيو. خدا جي فضل سان اڄ سندس شعر ستن زبانن ۾ هجڻ ڪري، ”هفت زبان شاعر“ سڏ جي ٿو. سندس ڪافيون پوري ايشيا ۾ مشهور آهن.

سچل سائين 95 ورهين جي عمر ۾ تاريخ 14 ماهه رمضان المبارڪ سنه 1242 هه مطابق 1829ع تي درازن ۾ لاڏاڻو ڪيائين. سندس مقبرو خيرپور جي ميرن جوڙايو هو، ۽ درازن جي شهر ۾ عام زيارت گاهه بڻيل آهي.

محبوب علي جوکيو

شهري بچاءُ

اڳئين دور ۾، جيڪي لڙايون لڙيون وينديون هيون، تن ۾ تلوار، تير، گرز، ڀالا، بڙڇيون ۽ ڍالون وغيره استعمال ڪيون وينديون هيون.

ان زماني ۾ به شهري بچاءُ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا ويندا هئا، ته جئين دشمن شهري زندگيءَ کي ڪو جوکو رسائي نه سگهي. ان لاءِ ڇا ڪندا هئا، جو شهرن جي چوڌاري قلعا اڏيا ويندا هئا ۽ چؤطرف وڏيون کڏون يا خندقون کوٽيون وينديو هيون.

اڄ ڪلهه حالتون ٻيون آهن. هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي ۽ لڙاين لڙڻ لاءِ سامان پڻ جديد تقاضائن موجب تيار ڪيو ويو آهي.

اڄ ڪلهه راڪيٽ ائٽم بم، هئڊروجن بم، نيپام بم، ميزائل وغيره جهڙن هٿيارن جي وسيلي جنگيون جوٽيون وڃن ٿيون، تنهنڪري ظاهر آهي ته شهري بچاءُ لاءِ به نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا هوندا.

هن وقت، هر هڪ شهريءَ کي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻو آهي. هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ۽ شهر جي بچاءُ لاءِ ضروري سکيا حاصل ڪرڻي پوي ٿي ۽ پاڻ کي وطن جو ڪارگر سپاهي ثابت ڪرڻو پوي ٿو. سو شهرين طرفان پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت فوج جي امداد ڪرڻ ”شهري بچاءُ“ يا ”سول ڊفينس“ سڏيو وڃي ٿو.

شهري بچاءُ يا سول ڊفينس جي تنظيم ٽن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آهي.

(1) خبردار ڪندڙ عملو:

هوائي حملي وقت، هي عملو شهرين کي گھگھوءَ جي ذريعي خبردار ڪندو آهي، رات جو جنگ دوران، بلئڪ آئوٽ ڪرائيندو آهي ۽ جاين وغيره کي ميرانجھڙو رنگ ڏياريندو آهي ته جئين دشمن کي اهي جايون نظر نه اچي سگهن.

هن عملي جي ذريعي، عوام کي هدايتون ڏنيون وينديون آهن ته جئين پنهنجو حوصلو بلند رکن، افواهن تي ڪن نه ڏين، هوائي حملي وقت تهه خانن ۾ وڃي لڪن، يا منهن ڀر سمهي رهڻ ۽ وات ۾ ڪو ڪپڙو وجھن.

(2) امداد ڪندڙ عملو:

هي عملو، امن دوران توڙي جنگ وقت، ڪارگر ۽ مفيد آهي ۽ ڪافي مدد ڪري ٿو. ٻوڏن ۾ هي عملو، متاثر ايراضين تي پهچي، ماڻهن ۽ انهن جي مال متاع کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪٿي باهه لڳي پوي ته اتي وڃي، ماڻهن جي مدد ڪندو آهي ۽ باهه وسائڻ جو بندوبست ڪندو آهي. ڪٿي ڪا جاءِ ڪري پوي ته انهن رهواسين جي مدد ڪندو آهي ۽ کاڌ خوراڪ جو اهتمام ڪندو آهي يا ڪٿي ڪي حادثي وغيره ۾ زخمي ٿي پون، ته انهن جي ترت علاج جو بندوبست ڪرڻ به هن عملي جي فرضن ۾ داخل آهي.

(3) خلق جي خدمت ڪندڙ عملو:

هوائي حملي يا ڪنهن ٻئي حادثي ۾ جيڪڏهن ڪي لاش ملن ته انهن جو ڪفن دفن ڪرڻ، رستا ۽ گهٽيون بند ٿي وڃن ته اهي کولڻ ۽ رنڊڪون دور ڪرڻ، ڪٿي بجلي، پاڻي يا گئس وغيره جي رسد ۾ ڪو نقص ٿي پوي ته ان کي بحال ڪرڻ به هن عملي جو فرض آهي.

مطلب ته “شهري بچاءُ“ جي سکيا ۽ تربيت حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي، هر هڪ شهري کي گهرجي ته پنهنجي توڙي ٻين جي بچاءُ لاءِ، هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي.

نياز احمد ملاح

معصوم جو جذبو

اسڪول ويندي ان رستي تان گذرندو هيس گذريل خميس تي جڏهن ان رستي تان لنگهيس. ڏسان ته ماڻهن جو ميڙ لڳو پيو آهي جڏهن مان ماڻهن جي ويجهو ويس ته ڏسان ته هڪ معصوم ڇوڪرو زمين تي پيو آهي.

مان پڇڻ لڳي ته چاچا هن معصوم کي ڪنهن ماريو آهي ته انهن جواب ڏنو ته ابا هن جي مٿان جيپ چڙهي وئي آهي ۽ مٿان ڇوڪري جي ئي بيٺو هيس ته مون کي اهو معلو ٿيو ته ڇوڪرو چئي رهيو آهي ته منهنجي مدد ڪريو پوءِ مان انهيءَ ميڙ مان نڪري هلڻ لڳس جڏهن مان روڊ تي پهتس ته اچانڪ مان ڪيلي جي کل تان ترڪي پيس منهن ڀر ڪري پيس ۽ منهنجي مٿي مان رت وهڻ لڳو مان تکو تکو پوليس اسٽيشن ڏانهن ويس ته صوبيدار ڪم ۾ رڌل هيو صوبيدار منهنجي مٿي مان رت وهندي ڏسي چيائين ”پٽ ڪنهن ماريو اٿئي“ صوبيدار شايد اهو سمجهيو ته مان کيس پنهنجي دانهن ڏيڻ آيو آهيان.

مان صوبيدار کي مخاطب ٿي چيو ته ”سائين جيڪو پري روڊ آهي اتي الائي ڪنهنجي جيپ هڪڙي ننڍڙي معصوم ٻار جي مٿي چڙهي وئي آهي صوبيدار منهنجي ڳالهه ٻڌڻ شرط يڪدم مون ڏانهن متوجه ٿي ويو ۽ مون کي جيپ ۾ پاڻ سان ويهاري اتي آيو جيپ مان لهي لاش وٽ آيو پين پنو کڻي ڪجهه لکيو ۽ ٻين پوليس وارن کي چيو ته هن لاش کي جيپ ۾ رکو ۽ پاڻ گاڏي ۾ ويهي مون کي مخاطب ٿي چيو ته پٽ هاڻي تون گهر وڃي ملم پٽي ڪرائي اسان پاڻ ان ظالم کي ڳولي لهنداسين.

مان به آخري ڀيرو رت لڳل ان جاءِ کي ڏسي هٿ جيڪو رت سان ڀريل هئو ۽ دل ۾ چيم مان هر حالت ۾ هن معصوم جي مدد ڪندس. مان گهر ڏانهن روانو ٿيس ته ادا جي دوست جي جيپ گئريج ۾ بيٺل ڏٺم حيران ٿي ويس ڪجهه سوچيم ته مٿي جو سور وڌڻ لڳو ۽ پوءِ گهر ويس ته امان مون کي رڙ ڪري چيو ته ابا توکي ڪنهن ماريو آهي؟ امان کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌايم امڙ منهنجي ملم پٽي ڪري مون کي آرام ڪرڻ لاءِ چيائين. کٽ تي ليٽيس مون کي مزو ڪونه آيو. مون کي ان معصوم ٻار جو خيال آيو ته هو چئي رهيو آهي ته تون منهنجي مدد ڪندين ۽ پوءِ مان ٻاهر نڪتس ڏسان ته گيريج ۾ جيپ بيٺي آهي ادي جو دوست شڪ ۾ ويٺو هئو ته مان ان کان پڇيو ته اچ گاڏي سوير ڇو بيٺي آهي ان وراڻيو ته خراب آهي اچانڪ منهنجي نظر ڦيٿي تي پئي جنهن تي رت جا نشان هئا ۽ مان سڌو ٿاڻي ڏانهن ويس ۽ صوبيدار چيو پٽ وري ڪهڙي خبر آندي اٿئي مو جواب ڏنو ته سائين مان ان ظالم کي جهليو آهي صوبيدار گئريج وٽ آيو ڏسي نه اهو ظالم فڪر ۾ پيو آهي ته صوبيدار ٻين پوليس وارن کي چيو ته هن کي گرفتار ڪريو پوءِ صوبيدار مون کي پنهنجي کيسي مان 50 روپيه ڪڍي ڏنا ۽ پاڻ هليو ويو ۽ ان کان پوءِ مون آرام ڪيو ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ اهو معصوم چئي رهيو آهي.

ادا، توهان جي وڏي مهرباني؛ توهان جي مهرباني!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com