ڇوڪري پنهنجي پيءُ کي شڪايت ڪئي ته پيءُ چيو توکي
ڪيئن خبر پئي. ڌي چيو مون هن کي چيو ته هو ته چنڊ
چوڏهين جو آهي يعني چوڏهن مانيون آهن درياءَ موج ۾
آهي يعني پليٽ شورو سان ڀريل آهي. تارا بي شمار
آهن هن جو مطلب آهي ٻوٽيون گهڻيون آهن، نوڪر رستي
۾ اڌ ڪڍي ڇڏيو. پيءُ چڱيءَ طرح سمجهي ويو ۽ نوڪر
کي ڏاڍو ڳالهايائين. پوڙهو ڌيءَ ۽ مهمان جي
عقلمندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو بعد ۾ پوڙهي پهرين
پنهنجي ڌيءَ ۽ ان کان پوءِ مهمان کي سندس شادي جي
ڳالهه ڪئي، ٻئي راضي ٿي ويا اهڙي طرح ٻنهي جي شادي
ٿي وئي ۽ اهي ٻئي زندگي خوش گذارڻ لڳا.
رشيد احمد ڪليري
کڙندڙ تارا
رات جو آسمان ۾ اسان کي بيشمار تارا ٽمڪندي نظر
ايندا آهن. ڪي تيز روشنيءَ وارا ته ڪي وري جهَڪي
روشنيءَ وارا، تارن جي انهي جهر مر ۾ ڪيڏي ڪيڏي
مهل روشنيءَ جي هڪ ليڪ پيدا ٿيندي آهي، جيڪا ٿوري
دير کان پوءِ غائب ٿي ويندي آهي. روشني جي اها ليڪ
جڏهن اسان کي نظر ايندي آهي ته اسان چوندا آهيون
ته تارو کڙيو آهي.
کڙندڙ تارا گهڻو ڪري ڌاتوءَ ۽ پٿرن جي ننڍڙن ذرڙن
جو مجموعو هوندو آهن جي خلا ۾ تيزي سان هلندا رهن
ٿا. جڏهن هن وايو منڊل ۾ داخل ٿين ٿا ته اتي گاٺ
جي ڪري گرم ٿي اڇي رنگ جي روشني خارج ڪن ٿا جيڪال
اسان کي هڪ ليڪ وانگيان نظر ايندي آهي.
کڙندڙ تارا عام طور تي ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا
تمام ننڍڙا واريءَ جي ذرڙن جيترا، جيڪي روزانو لکن
بلڪ ڪروڙن جي تعداد ۾ اسان جي ڌرتيءَ جي مٿئين
ماحول ۾ ڪرندا رهن ٿا. هن قسم جي کڙندڙ تارن کي ’Meteros‘
چئجي ٿو ٻئي قسم جا کڙندڙ تارا تمام وڏا ۽ ڳرا ٿين
ٿا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته زمين جي مٿاڇري تائين به پهچي
وڃن ٿا. اهڙي قسم جي کڙندڙ تارن کي سائنسي اصطلاح
۾ ’Meteorites‘
چئبو آهي. وڏن کڙندڙ تارن جي ڪرڻ سان اسان جي زمين
تي ڪهڙي قسم جون تبديليون اچن ٿيون؟ ۽ اسان جي
ماحول تي انهن جو ڪهڙو اثر ٿئي ٿو؟ سائنسدانن ۽
زمين جي ماهرن لاءِ اهو موضوع نهايت دلچسپ آهي.
پينسلوانيا (Pennsylvania)
يونيورسٽيءَ ۾ طبقات الارض جي هڪ ماهر ”ڊاڪٽر
فرينڪ ڊيچل“ جو چوڻ آهي ته ڪي کڙندڙ تارا ايترا ته
وڏا ۽ ڳرا ٿين ٿا، جو اُنهن جي ڪرڻ سان زمين ۾ هڪ
ڪلوميٽر ويڪرا کڏا ٺهي پون ٿا. بلڪ ڪن ڪن هنڌن تي
ته اِنهيءَ کان به وڏا کڏا ٺهن ٿا. مثال طور ڏکڻ
آفريڪا، قازقستان، سويڊن، جرمني ۽ آمريڪا جي ڏکڻ
اولهه علائقن ۾ کڙندڙ تارن جي ڪرڻ سان زمين جي
مٿاڇري تي هڪ ڪلوميٽر کان به وڏا کڏا ڏٺا ويا آهن.
قازقستان جي علائقي ۾ ته لکين سال اڳ هڪ کڙندڙ
تاري جي ڪرڻ سان هڪ ايڏي ته وڏي کڏ ٺهي پئي هئي،
جنهن جي ويڪر ساڍا ٽي سو ڪلوميٽر هئي. ڏکڻ آفريڪا
۾ پڻ اڄ کان ڪروڙين سان اڳ هڪ کڙندڙ تاري جي ڪرڻ
سان چار سو ڪلوميٽر ويڪري کڏ ٺهي پيئي هئي. 1877ع
۾ آمريڪا ۾ ايئوا (Iowa)
نالي هڪ هنڌ تي اهڙي کڙندڙ تاري جي ڪرڻ سان 774
پائونڊن جا ٽڪرا گڏ ڪيا ويا هئا. اُن کان سواءِ
هزارين سال اڳ ايريزونا (Arizona)
۾ هڪ وڏي تاري جي ڪرڻ سبب 600 فٽ اونچي کاهي ٺهي
پئي هئي. کڙندڙ تارن جي ڪرڻ سبب جيڪي کڏا ٺهن ٿا،
تن کي سائنسي اصطلاح ۾ ڪريٽر (Crator)
چئبو آهي.
هيڏن وڏن ۽ وزني کڙندڙ تارن جي زمين تي ڪرڻ سبب
زمين جي فضا ۽ مٿاڇري ۾ غير معمولي تبديلي ۽ ڦير
ڦار اچڻ يقيني آهي. انهيءَ ڪري ماهرن جي راءِ آهي
ته انهن ئي اثرن سبب زمين تي رهندڙ جاندار مخلوق
جي شڪل ۽ صورت ۾ وڏيون وڏيون تبديليون آيون. ايتري
قدر جو ڪن جاندارن جو ته نسل ئي بلڪل ختم ٿي ويو.
مثال طور زمين تي رهندي عجيب و غريب حيوان ڊائنا
سور (Dinosour)
جيڪي لکين سال اڳ زنده هئا. هاڻي بلڪ ختم ٿي ويا
آهن. ڊاڪٽر فرينڪ ڊيچل جو چوڻ آهي ته ڌرتيءَ جي
گولي جي مختلف دورن جي تاريخ مان اها حقيقت ثابت
ٿي چڪي آهي ته وقت بوقت وڏن وڏن کڙندڙ تارن جي ڪرڻ
سان زمين جي مٿاڇري تي غير معمولي ڦير ڦار ۽
تبديلي ايندي رهي، پر وڏن وڏن سمنڊن ۽ ٻرندڙ جبلن
جي موجودگي سبب زمين جي سطح انهن اثرن کي بتدريج
ختم ڪري پنهنجي عام هيئت کي برقرار رکندي پئي اچي.
ايندڙ کڙندڙ تارو زمين تي ڪڏهن ڪرندو؟ انهيءَ جي
باري ۾ ڪا اڳڪٿي ته نٿي ڪري سگهجي. البت هنن
آسماني جسمن جي ڪرڻ جي گذريل تاريخ کي نظر ۾ رکندي
اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ هزار ٽن وزني
کڙندڙ تارو زمين تي هر ويهين يا ٽيهين سال ڪري ٿو.
جنهن سبب زمين ۾ هڪ عام راند جي ميدان جيترو کڏو
پئدا ٿي سگهي ٿو. انهيءَ کان به وڏا يعني اٽڪل هڪ
ڪلوميٽر ويڪرا کڏا ٻن کان ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ
وڏا ڪيئي ڪلوميٽر ويڪرا کڏا لکين سالن کان پوءِ
کڙندڙ تارن جي ڪرڻ سبب زمين تي ٿين ٿا.
جيئن ته اسان جي ڌرتيءَ جا ٽي حصا پاڻي آهي ۽ فقط
هڪ حصو خشڪي آهي، جنهن تي اسان رهون ٿا. انهيءَ جو
مطلب هيءُ ٿيو ته خشڪي جي ڀيٽ ۾ سمنڊ ۾ ڪرندڙ تارن
جو تعداد به ٽيڻو هوندو. هاڻي جڏهن زمين تي کڙندڙ
تارن جي ڪرڻ سان وڏيون وڏيون تبديليون اچن ٿيون ته
ظاهر آهي سمنڊ ۾ ڪرندڙ تارن جو به ڪو ته اثر
هوندو. زمين تي کڙندڙ تارن جي ڪرڻ سان جيڪي کڏا
ٺهن ٿا. انهن مان گهڻا ته موسم ۽ هوائن جي هٿان
لَٽجي ويا آهن. پر تنهن هوندي به انهن مان ڪن ڪن
جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي هاڻي ظاهر آهي سمنڊ ۾ به وڏا
وڏا کڏا ٺهيا هوندا. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته
آخر اهي کڏا آهن ڪٿي؟ دنيا جي سڀ کان وڏي سمنڊ
بحرالڪاهل جي زميني سائنسي مرڪز جي هڪڙي برطانوي
محقق ”گيري. سي. روجل“ انهيءَ سوال جو جواب ڏنو
آهي. سندس چوڻ موجب سمنڊ ۾ کڙندڙ تاري جي ڪرڻ سان
پاڻي ڦوهاري جي صورت ۾ ٽهڪڻ لڳندو آهي. جنهن جاءِ
تي کڙندڙ تاري جي ڪرڻ سبب پاڻي ٽهڪڻ لڳندو آهي.
تنهن کي سمنڊ جي ”سطح مرتفع، چئجي ٿو. گيري. سي
روجل جي چوڻ مطابق جڏهن به ڪو وڏو کڙندڙ تارو سمنڊ
جي سطح سان ٽڪرجندو آهي ته پهريائين اٽڪل هڪ سو
ڪلوميٽر اونهو کڏو ٺهي پوندو آهي. پر پوءِ جلدئي
ان جي مرڪز ۾ چنڊ جي ٻرندڙ جبلن وانگيان هڪ بوڙيو
اڀري ايندو آهي. جيڪو عام طور تي ٻرندڙ مادي سان
ڀريل هوندو آهي. انهيءَ مان لاوا وهڻ شروع ٿيندو
آهي جنهن سبب پاڻي ٽهڪڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ وقت گذرڻ
سان گڏوگڏ لکين سالن ۾ اهو کڏو سمنڊ جي ”سطح
مرتفع“ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. هن وقت بحرالڪاهل ۾
پنج ”سطح مرتفع“ آهن پر ممڪن آهي ته انهن جو تعداد
اڃا به وڌيڪ هجي.
ڪائنات جي ڪارساز انسان لاءِ ڪابه شيءِ بي فائده
نه خلقي آهي. هر شيءِ ۾ جيڪڏهن ڪجهه خرابيون آهن
ته ان ۾ ڪا اهڙي خوبي به ٿئي ٿي، جيڪا ان جي سڀني
خامين کي ڍڪي ڇڏي ٿي. ڇا کڙندڙ تارن مان به انسان
کي ڪو فائدو پهچي ٿو؟ جي ها! اسان انهن ٽٽل تارن
مان وڏا فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا.
تازو سائنسدانن پنهنجي تحقيق جي روشنيءَ ۾ دريافت
ڪيو آهي ته خلا جي بلندين کان روزانو جيڪي واريءَ
جي ذرڙن جيترا کڙندڙ تارا زمين جي مٿئين ماحول ۾
ڪرندا رهن ٿا. تن جي لڳاتار ڪرڻ سبب زمين جي
مٿاڇري کان سئو سوا سئو ڪلوميٽرن جي بلندي تي برقي
لهرون پئدا ٿينديون رهن ٿيون. آمريڪا جي زرعي
محڪمي جي سائنسدانن زمين جي مٿئين ماحول ۾ پئدا
ٿيندڙ انهن برقي لهرن کان مواصلات جو ڪم ورتو آهي.
آمريڪا جي سائرا (Siera)
۾ ڪاسڪاڊ (Cascade)
جي اوچين ٽڪرين تي برف جي تهن کي ماپڻ لاءِ زرعي
محڪمي جا ڪارڪن مقرر هوندا آهن، جيڪي آمريڪا جي
مختلف ميداني علائقن ۾ قائم رسيونگ اسٽيشن کي برف
جي باري ۾ اطلاع ڏيندا رهن ٿا. پرانهن هنڌن تي اهي
اطلاع زمين جي مٿئين ماحول ۾ کڙندڙ تارن جي ڪرڻ
سان پئدا ٿيندڙ برقي لهر جي ذريعي بنا ڪنهن خرچ جي
آساني سان پهچايا وڃن ٿا. آمريڪا جي زرعي محڪمي جي
هڪ انجنيئر ”وليم فليڪس“ جو چوڻ آهي ته پيغام
رسائڻ جي هن طريقي وسيلي آمريڪي حڪومت کي هر ڊالر
جي عيوض عمدين جنسن جي پئداوار مان چار ڊالر چئوڻو
نفعو حاصل ٿئي ٿو.
اڄڪلهه ننڍڙن کڙندڙ تارن جي ڪرڻ سبب زمين جي مٿئين
ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ برقي ميدان مان وڌ ۾ وڌ ڪم وٺڻ
لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تجربا هلي رهيا آهن ۽
اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هي تارا وڏي پئماني تي
سڄي دنيا ۾ پيغام رسائڻ جو سڀ کان بهترين ۽ سستو
طريقو ثابت ٿيندا.
محمد. اڪرم ملڪ
هاڻ، نه ته ڪڏهن به نه
اڪرم ۽ منصور پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا، ۽ ٻئي هڪ ئي
ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. منصور هڪ امير پيءُ جو پٽ هو.
جڏهن ته اڪرم هڪ غريب پيءُ جي نيڻن جو ٺار هو.
اڪرم تعليم جو مشتاق، سچائيءَ جو مجسمو ۽ براين جي
خلاف هئو. پر منصور ان جي بلڪل ابتڙ هو، ۽ هميشه
تعليم کان بيزار رهندو هو، جيتوڻيڪ اڪرم منصور کي
هميشه اها هدايت ڪندو رهندو هو، ته هي وقت اسان
لاءِ سون جهڙو املهه آهي، ۽ اسان کي ان وقت مان
ڀرپور فائدو وٺي، تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي.“ پر منصور
هميشه ڪنٽار ڪندو رهندو هو.
هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ سندس استاد وقت جي اهميت بابت
ٻڌائي رهيو هو، ته ”پُٽَ توهان کي جيڪو ڪجهه به
ڪرڻو آهي، اڄ ڪريو، بلڪ هاڻ ڪريو. ڇو ته جيڪڏهن
توهان هن وقت ڪجهه به حاصل ڪونه ڪري سگهيا، ته بعد
۾ سواءِ پڇتاءَ جي ڪجهه به حاصل ڪونه ڪري سگهندو.
جيئن ته ان بابت ڪنهن انگريز ڪيڏي نه سٺي انداز ۾
بيان ڪيو آهي، ته ”نائو اينڊ نيور“ يعني ”هاڻ نه
ته ڪڏهن به نه“ تنهنڪري پُٽ دل لڳائي تعليم حاصل
ڪريو.“ استاد جي انهن ڳالهين اڪرم کي تمام گهڻو
متاثر ڪري ڇڏيو، ۽ هو اڳي کان به وڌيڪ محنت ڪرڻ
لڳو. جڏهن ته منصور پنهنجي تعليم کان روايتي
بيزاري جاري رکي.
هڪ سال گذري ويو. اڪرم پنهنجي پوئين ڪارڪردگيءَ
کان تمام گهڻو مطمئن هئو. پر جڏهن به هو منصور
بابت سوچيندو هو، ته هن جي نيڻن مان لڙڪ وهي پوندا
هئا. هو منصور وٽ آيو، ۽ ان کي تاڪيد ڪرڻ لڳو، ته
”دوست اڃان به وقت ڪونه ويو اٿئي، پنهنجي ٻڏندڙ
ڪشتيءَ کي تاري ڇڏ، خدارا! تعليم حاصل ڪر. پر
منصور اڳي وانگر، اهو سڀ ڪجهه هڪ ڪن مان ٻُڌي ٻِئي
ڪن مان ڪڍي ڇڏيو.
آخر وقت ويو گذري، ۽ اڪرم هڪ ڪامياب ڊاڪٽر ٿي ويو.
هو ان عهدي تي پهچڻ جي باوجود به رحمدليءَ جو
مجسمو هو. جڏهن به هن وٽ ڪو غريب مريض ايندو هو،
ته هو ان کان فيس ته ڪونه وٺندو هو، پر اڃان ٻه ٽي
رپيا پنهنجا ڏئي ڇڏيندو هو. هوڏانهن منصور پنهنجي
پيءُ جي دولت عياشيءَ ۾ لُٽائي ڇڏي ۽ هو ڪوڙي ڪوڙي
جو محتاج ٿي ويو. ايتريقدر جو هو پنڻ لڳو. هڪ
ڏينهن هو رستي تي پني رهيو هو، ته خدا جي قدرت
اتان اڪرم جي گاڏي گذري. هو ان کان خيرات گهرڻ
لڳو. اڪرم ڊرائيور کي چيو، ته ”گاڏي روڪ ته فقير
کي خيرات ڏيان.“ جڏهن اڪرم فقير ڏانهن نهاريو، ته
هن جي اکين مان پاڻي نڪري آيو، ۽ وڃي ڀاڪر
پاتائينس. منصور سوچڻ لڳو، ته هي ڪو رحمدل انسان
آهي، ۽ تعجب منجهان پڇيائينس، ته ”تون ڪير آهين.،
اڪرم چوڻ لڳس ته ”تنهنجو اهو دوست جيڪو توکي هميشه
وقت جي اهميت ٻڌائيندو هو. هاڻ ته توکي وقت جي
اهميت جي خبر هئڻ گهرجي.“ منصور روئندي چيس ته
”ها! دوست، جيڪو وقت جو قدر ڪونه ٿو ڪري، وقت ان
کي ڪُچلي ڇڏي ٿو.“ هن وقت منصور وٽ هميشه پڇتاءُ
کانسواءِ ڪجهه به ڪونه رهيو هو. پر اڪرم جيئن ته
رحمدل هو، تنهنڪري هو منصور کي پاڻ وٽ رهائڻ لڳو.
ٻارو! توهان ڏٺو، ته وقت ڪيتري نه اهميت جو حامل
آهي. تنهنڪري توهان به دل لڳائي تعليم حاصل ڪريو،
۽ اڪرم وانگر وقت جو قدر ڪريو.
رپورٽ: شمس الدين سومرو
سنڌ ڪراٽي چئمپين شپ 1995ع
سنڌ ڪراٽي ايسوسي ايشن ۽ حيدرآباد ڊويزنل ڪراٽي
ايسوسي ايشن پاران ”سنڌ ڪراٽي چئمپين شپ 1995ع“
حيدرآباد ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ پوري سنڌ جي يارهن
ٽيمن (ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۽ اوورسيز جي تيرهن مختلف
يونٽن ۾ مقابلو ٿيو ۽ لاهور جي ٽيم خاص طور تي
شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب جو مهمان خاص حيدرآباد
ڪينٽومينٽ بورڊ جو وائيس چيئرمن جناب زاهد ڀرڳڙي ۽
اعزازي مهمان جناب حماد قاضي ۽ ظهير گهمڻ هئا ۽
اختتامي تقريب جي مهمان خاص مشهور سماجي ورڪر آپا
منظر راول هئي. شرڪت ڪندڙ ضلعن جو تفصيل هن ريت
آهي:- (1) حيدرآباد (2) ٺٽو (3) دادو (4) لاڙڪاڻو
(5) بدين (6) ميرپورخاص (7) سانگهڙ (8) سکر (9)
مورو (10) ڪراچي ۽ (11) لاهور. ميڊل حاصل ڪندڙ
ٻارن جو تفصيل:-
گرلز ڪاتا: پهريون: جويريه، ورها ۽ نشا
(ميرپورخاص) ٻيو: نصرت افضل، فرح ديبا ۽ رفيعه
عباسي (ڪراچي) ٽيون: صاعمه گلاڻي، نجمه گلاڻي ۽
شائسته ناز (سانگهڙ). گرلز فائٽ سينئرزل پهريون:
نصرت افضل (ڪراچي) ٻيو: نجمه گلاڻي (سانگهڙ) ٽيون:
فرح ديبا (ڪراچي) ۽ رفيعه عباس (ڪراچي). گرلز فائٽ
جونيئر: پهريون: شائسته ناز (ميرپورخاص ٻيو: ثنا
گل (ميرپورخاص) ٽيون: شبانه (سکر) ۽ عنبرين (سکر).
بوائيز ڪاتا: پهريون: امداد لغاري، ارشاد ڀٽو ۽
سرفراز (دادو) ٻيو: محمد فياض فيصل، صفدر حسين ۽
محمد طاهر (حيدرآباد) ٽيون: جانسن الفريڊ، حسين ۽
محمد اڪبر (ڪراچي). سينئرز ٽيم ڪاتا: پهريون: جسٽن
الفريڊ، محمد فاروق خان ۽ دلاور حسين راجا (ڪراچي)
ٻيو: اظهار حسين، شاهنواز ۽ عدنان (دادو) ٽيون:
رحيم علي، عمران علي ۽ احمد نواز (ٺٽو). جونيئر
فائٽ: 14 سالن کان گهٽ عمر وارا: پهريون: ريحان
(سانگهڙ) ٻيو: عمران (ٺٽو) ٽيون: وقار احمد
(ميرپورخاص) ۽ جانسن الفريڊ (ڪراچي)، سورهن سالن
کان گهٽ عمر وارا: پهريون: فريد (دادو) ٻيو: سعيد
(نوشهرو فيروز) ٽيون: مڪيش (سانگهڙ) ۽ نذير (سکر).
ارڙهن سالن کان گهٽ عمر وارا: پهريون: اظهار حسين
(دادو) ٻيو: عمران لوڌي (ڪراچي) ٽيون: عارف (سکر)
۽ خالد سعيد (نوشهروفيروز). سينئر فائٽ: سٺ ڪلو
کان گهٽ وزن وارا: پهريون: امجد حسين (ميرپورخاص)
ٻيو: ارشد (دادو) ٽيون: ڪالو (سانگهڙ) ۽ جسٽن
الفريد (ڪراچي). پنجهٺ ڪلو وزن وارا: پهريون:
شاهنواز (دادو) ٻيو: شريف (سکر) ٽيون: رفيق
(لاهور) ۽ جنسار (نوشهروفيروز). ستر ڪلو وزن وارا:
پهريون: رحيم علي (ٺٽو) ٻيو: غلام قادر خان
(سانگهڙ) ٽيون: امير حمزه (سکر) ۽ جاويد احمد
(حيدرآباد). پنجهتر ڪلو وارا: پهريون: محبوب
(دادو) ٻيو: نعيم (بدين) ٽيون: احمد نواز (ٺٽو) ۽
محمد قاسم (سکر). پنجهتر ڪلو کان وڌيڪ وزن وارا:
پهريون: راشد احمد (حيدرآباد) ٻيو: عرفان علي
(ٺٽو) ٽيون: محمد شاهد (ميرپورخاص) ۽ مظهر علي
(سانگهڙ). ٽيم پوزيشنن ۾: مجموعي طور تي ڇهه گولڊ
ميڊل ۽ 74 پوزيشن حاصل ڪري دادو ضلعي پهرين پوزيشن
حاصل ڪئي. ڪراچي ضلعي ٻه گولڊ ميڊل ۽ 54 پائنٽون
کڻي ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ميرپورخاص ٽي گولڊ ميڊل ۽
52 پائنٽون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ريفريءَ جا
فرائض: سيد سخاوت علي، پير مبارڪ شاهه، ناصر حبيب،
نويد فيروز، سيد مشرف حسين شاهه شهراز، عباس
پهلواني ۽ ڊاڪٽر نور احمد سرانجام ڏنا.
انائونسمينٽ لياقت علي صديقي ڪئي. شرڪت: هن
پروگرام ۾ شهر جا ڪيترائي معزز ماڻهو شريڪ ٿيا، جن
ٻارن کي داد ڏنو.
الهه بچايو رند
پڙهڻ جي آس
آءُ پڙهندس ها ضرور پڙهندس، سڀاڻي ڪهڙي صورت ۾
يارهين ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڪاليج ويندس.
ڪهڙي خبر مونکي داخلا ملندي الائي نه....ها.... ها
ڇو نه،، داخلا ملندم، آخر مون پنهنجي محنت سان اي
گريڊ ماڻيو آهي..... مونکي ضرور داخلا ملندي.....
پر.... داخلا لاءِ پئسا بابا مونکي ڪٿان
ڏيندو.....“ رحمان پنهنجي ڀڳل ٽٽل کٽ تي پاسا
بدلائيندي، سوچن ئي سوچن ۾ اڌ رات اچي ٿي. آخر ننڊ
هن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي دنيا کان بي خبر ڪري ڇڏيو
هو.
صبح ٿي چڪو هو ۽ سج به پنهنجو سفر پورو ڪرڻ لاءِ
مٿي چڙهي آيو هو. پر شايد هو رات جو دير سان سمهڻ
ڪري اڃا تائين ننڊ ۾ هئو. سج جا تيز ڪرڻا هن جي
ڪکائين گهر مان جتان ڪٿان هن تي پئجي رهيا هئا، اس
جي تپش هئڻ ڪري هي به اٿيو.
اڄوڪو ڏينهن به هن جو سوچن ۾ گذريو. سوچي به ڇو
نه. هن کي پنهنجو مستقبل ٻاٽ اونداهي جيان ٿي لڳو.
جنهن مان سنئون سڌو پيچرو ڳولڻ مشڪل هو.
سج لهڻ وقت رحمان به گهر آيو. رحمان جو پيءُ به ان
مهل سڄو ڏينهن جانور جيان بار ڍوئي ٿڪي ٽٽي اچي
ويٺو هو.
رحمان کي پريشان ڏسي پڻس پڇيس... ”پٽ ڇا ڳالهه آهي
اڄ تون اٻاڻڪو اٻاڻڪو پيو ڏسجين.“ رحمان التجائي
نظرن سان پنهنجي پيءُ ڏانهن نهارڻ لڳو... ۽ چوڻ
لڳو: ”بابا آءُ اڳتي پڙهندس مونکي داخلا لاءِ في
جا پئسا گهرجن.“ ”پٽ گهڻا في جا پئسا وٺندا،“ پڻس
هن کي ويجهو ٿيندي چيو. رحمان جواب ۾ چيس: ”بابا
في الحال پنج سو روپيا وٺندا.“
”پنج سو روپيا!“ رحمان جي پيءُ کان ڄڻ ته ڇرڪ نڪري
ويو. ۽ چوڻ لڳو: ”پٽ رحمان توکي ته خبر آهي. پنج
سو روپيا ڪمائيندي مونکي سڄا سارا ٽي هفتا لڳندا
آهن.“
”هاڻي تون ئي ٻڌاءِ آءُ ايترا سارا پئسا ڪٿان
آڻيان.“ سندس پيءُ هن کي وڌيڪ چوڻ لڳو ته ”پٽ تو
ڪڏهن ڏٺو آهي، يا ٻڏو آهي ته ڪو غريب جو ٻار وڌ
کان وڌ تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيو هجي.
پٽ هن وقت جي تعليم انهن وڏن ماڻهن لاءِ هوندي
آهي. جنهن وٽ تعليم جو قدر ئي ڪونه هوندو آهي.
نوڪريون انهن لاءِ هونديون آهن جنهن کي حقيقت ۾
نوڪري ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هوندي آهي.
اسان غريبن جي اولاد لاءِ صرف ڌڪا ٿاٻا هوندا آهن،
جنهن کي هو پنهنجو مقدر سمجهي گلي سان لائيندا
آهن.
رحمان پنهنجي پيءُ جون سموريون جيءَ کي جهوريندڙ
ڳالهيون ٻڌي سوچڻ لڳو...“ خبر ناهي هن انا پرست
معاشري ۾ مون وانگر ڪيترا غريب والدين جا ٻار اڳتي
پڙهڻ لاءِ واجهائيندا هوندا ۽ ڪيترن ئي ٻارن جون
آسون اميدون کين مٽي ۾ ملندي محسوس ٿينديون
هونديون. اسان غريبن جا دشمن اهي آفيسر ته آهن جن
تعليم کي پنهنجو ڪاروبار سمجهيو آهي شايد.... شايد
اهي ڪڏهن به ڪنهن غريب ٻار جي سپني کي ساڀيا ڪرڻ
ڪونه ڏيندا.“
هو سوچيندو رهيو، پر ڪا به راهه نظر نه آيس. پوءِ
هو مايوس ٿيڻ بجاءِ وڃي هڪ ڪارخاني تي مزدوري ڪرڻ
لڳو. سيٺ کي جڏهن هن جي تعليم جي خبر پئي ته هن کي
ڪارخاني ۾ منشي ڪري رکيائين.
ظهور احمد سولنگي
سج گرهڻ
24 آڪٽومبر 1995 تي صبح جو سج گرهڻ ڏسڻ ۾ آئي جيڪا
مشرق وسطى کان مشرق بعيد تائين ڏٺي ويئي، ايشيا جي
وڏن وڏن ملڪن ۾ به ڏسڻ ۾ آئي، پاڪستان ۾ ان کان
پهريان 1954 ۾ نظر آئي هئي، درجه حرارت (ٽيمپريچر)
ڪري پيو، سردي پوڻ لڳي ۽ ڌنڌلاڻ ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا
پوري پاڪستان ۾ ڏٺي ويئي ڪوئيٽا ۽ بهاولپور ۾ 6
بجي کان ئي شروع ٿي ويئي، ڀارت ۾ ان کي منحوس ڪري
سمجهيو ويندو آهي، بمبئي ۽ دهليءَ ۾ جتي عام طرح
گاڏين جي رش هوندي آهي، رستا بلڪل خالي رهيا، هندن
صبح جو پڪل ماني ڦٽي ڪري ڇڏي ۽ اهي گهرن ۾ ئي رهيا
حامله عورتن ڌاتو مان ٺهيل ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه
لاتو چيو وڃي ٿو اگر ڪا عورت ان ڏينهن ڌاتوءَ مان
بڻيل شيءِ کي هٿ لائيندي ته ان کي جيڪو ٻار ٿيندو
اهو معذور هوندو تعليمي ادارا بند رهيا، اهو به
چيو وڃي ٿو ته جڏهن سج گرهڻ ٿيندي آهي ته اهو
تباهيءَ وارو سال ٿيندو آهي، حڪومتون برباد ٿي
وينديون آهن. هندن ان ڏينهن تي گنگا ۾ غسل ڪيو ته
جيئن گرهڻ جي نحوست کان بچي سگهن. ڪيترائي
سائنسدان گرهڻ جي مشاهدي لاءِ ڪٺا ٿيا. ان ڏينهن
تي مذهبي عبادات ادا ڪيون ويون، مسلمانن مسجدن ۾
نماز ڪسوف ادا ڪئي.
اچو ته هاڻي سائنسي نقطه نظر کان ڏسون ته سج گرهڻ
ڇو ٿيندي آهي.
جڏهن چنڊ سج ۽ زمين جي وچ ۾ ائين اچي ويندو جو
زمين جي ڪجهه حصي تي رهندڙ ماڻهن کي سج نظر ڪونه
ايندو آهي. اتي چنڊ جو پاڇو زمين تي پوندو آهي
جنهن ڪري سج جي روشني مڪمل طرح سان روڪجي ويندي
آهي. اسين ائين چئي سگهون ٿا ته سج گرهڻ مڪمل طرح
ٿي آهي، چنڊ جي سائيز ننڍي هئڻ ڪري ان جو مڪمل
گرهڻ زمين جي ننڍي حصي تي نظر ايندو آهي.
روشن ڪنڀر
دغا جو انجام
پيارا ٻارو! هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته هڪ جهنگ ۾ هڪ
گدڙ رهندو هو. جيڪو تمام لالچي ۽ دغا باز هوندو
هو. هڪ ڏينهن هو جهنگ مان وڃي رهيو هو ته هن ڪجهه
جانورن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو. هن جانورن کان وڙهڻ
جو سبب پڇيو،جانورن وراڻيوته: ”اسين سڀ شڪار ڪرڻ
ويا هئاسين ۽ اسان کي اتي هڪ هرڻي نظر آئي اسان
سڀني ان تي گهيرو ڪيو ۽ ان کي شڪار ڪيوسين ۽ هاڻي
اسان ورهائڻ جي مسئلي ڪري وڙهي رهيا آهيون.“
هاڻي تون اسان کي ڪو اهڙو رستو ٻڌاءِ جنهن سان
اسان کي هڪ جيترو حصو ملي.
اهو ٻڌي گدڙ انڪار ڪيو مگر سڀني جانورن جي زور ڀرڻ
تي گدڙ مجبور ٿي چيو، ”ٺيڪ آهي دوستو “ آءُ ڪجهه
سوچان ٿو. گدڙ ڪجهه دير کان پوءِ سڀني جانورن کي
چيو توهان سڀئي هڪ قطار ڪري بيهو مان ٽن تائين انگ
ڳڻيان ٿو، پوءِ توهان مان جيڪو اڳ ۾ وڃي جهنگ جي
ٻاهران نديءَ مان پاڻي کڻي ايندوته هي هرڻي ان جي
حوالي ڪئي ويندي.
اهو ٻڌي سڀ جانور خوش ٿيا ۽ گوءِ ڀڄڻ لاءِ تيار
ٿيا.
جڏهن گدڙ ٽن تائين انگ ڳڻيا ۽ جانور گوءِ لاءِ
روانا ٿيا ۽ گدڙ جي دل ۾ دغا جاڳي پئي هن سوچيو ته
ڇو نه هيءَ هرڻي کڻي وڃي پنهنجي غر ۾ رکان ۽ پيو
ڪجهه ڏينهن تائين ڪرٽان ڪريان.
۽ جانورن کي به وڙهڻ جي سزا ملي.
اهو سوچي گدڙ پنهنجي غار ڏانهن روانو ٿيو.
پيارا ٻارو! جڏهن گدڙپنهنجي غار وٽ پهتو ته هن جي
دل ڏڪي وئي. هن جو ساهه ئي سڪي ويو، هن ڏٺو ته هن
جي غار جي در تي شينهن ويٺو آهي.
جيئن ئي هن جي گدڙ تي نظر پئي ته هن گدڙ تي حملو
ڪيو ۽ هن کي زخمي ڪري وڌو ۽ هرڻي کڻي غار ۾ هليو
ويو، گدڙ ڏسندو رهيو، مگر هو بي وس هو شينهن کي ڇا
ڪري ٿي سگهيو.
اهڙي طرح گدڙ پاڻ کي زخمي ڪرائي منڊڪائيندو جهنگ
مان هليو ويو.
ٻارو! اوهان ڏٺو ته هن کي ڪهڙي نه دغا جي سزا ملي
هونءَ به برائيءَ جو انجام برو آهي. توهان دوستن،
عزيزن ۽ مائٽن سان سٺو سلوڪ رکندا ڪريو. ته اهي به
توهان جي عزت ڪندا ۽ چڱي نگاهه سان ڏسندا.
غلام مصطفيٰ کهاوڙ
اخلاق
انسان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. انهن مان اخلاق
انسان جي بهترين خصلت آهي. جيڪڏهن! انسان ۾ اخلاق
نه آهي، اهو انسان نه آهي، بلڪ اهو حيوان جي مثل
آهي. جنهن انسان ۾ اخلاق نه هوندو آهي ته ان کان
اخلاقي انسان نفرت ڪندا آهن ۽ ان کي هميشه
ڌڪاريندا آهن. اخلاق انسانيت جي نشاني آهي. جنهن ۾
اخلاق نه آهي. ان ۾ انسانيت نه آهي. اسان جو دين
اسلام آهي، اهو به اسان کي اخلاق جو درس ڏئي ٿو.
اسلام جي بنيادي رڪنن مان اخلاق به هڪ آهي هي دنيا
جنهن ۾ انسان زندگي گذارين ٿا، هر ڳالهه ۾ اڳتي
آهي.
مشينري ۾ ڪمپيوٽر جو دور اچي ويو آهي، هزارين ميل
جا پنڌ ڪلاڪ ۾ ٿين ٿا. هڪ شيشي ۾ سڄي دنيا جون
خبرون پيون اچن، سڀ سهولتون موجود آهن، پر انسان
کي آرام نه آهي، انسان اخلاق جي ڳولا ۾ آهي، اخلاق
جي ڪري آرام ۽ ڪردار جي بلندي اچي ٿي وڃي، اها
شيءِ آهي اخلاق.
اخلاق جنهن ۾ نه آهي، ان ۾ ايمان نه آهي. اخلاق
ايمان جو حصو آهي. خدا جنهن اسلام جي تبليغ لاءِ
هڪ لک چوويهه هزار نبي موڪليا انهن سڀني تبليغ ڪئي
ته اخلاق سان ڪئي. انهن سڀني جو اخلاق بلند هئو.
جيڪو نفس کي قابو ڪري ٿو اهوئي اخلاق جو مالڪ آهي.
هڪ روايت آهي ته ”وڏي ۾ وڏو دشمن تنهنجو نفس آهي
جيڪو تنهنجي جان ۾ آهي.“ مطلب ته اخلاق جو دشمن
صرف نفس آهي، پر اڪثر نفس انسانن جي دلين تي راڄ
ڪندو آهي. هڪ حديث ۾ آهي ته
”بيشڪ بهترين جهاد اهو آهي، جيڪو پنهنجي نفس سان
ڪيو وڃي.“
اڄڪلهه انسان شيطان جي هٿ ۾ رانديڪو ٿي ويو آهي.
انسان جيڪو ڪائنات ۾ اشرف المخلوقات هو. اڄ براين
۽ بڇڙاين ڪري بدترين مخلوق ٿي پيو آهي، ڇو جو ان
مان اخلاق موڪلائي چڪو آ، آيا هي به ڪا زندگي آهي؟
هي به انسانيت آهي؟ جو انسان جي عزت، اولاد ۽ مال
محفوظ نه آهي. مطلب ته جنهن انسان جو اخلاق اعليٰ
آهي ته اهو دنيا ۽ آخر ۾ ڪامياب آهي.
پيارو ٻارو! ماءُ، پيءُ جي عزت ڪريو وڏن سان ادب
سان پيش اچو ۽ پڻ استادن سان اخلاق سان پيش اچو.
ڪنهن به انسان سان بد اخلاقي سان پيش نه اچو ته
پوءِ توهان هميشه زندگي ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندؤ.
عبدالحسين مرزا
عقلمند استاد
هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته هڪ بادشاهه کي ٽي پٽ هئا،
جن کي پڙهڻ لکڻ جو بلڪل شوق نه هو. بادشاهه انهن
جي رويي تي ڏاڍو پريشان هو. هڪ ڏينهن انهي پريشاني
۾ ويٺو هو ته ايتري ۾ وزير آيو ۽ پڇڻ لڳو:
”بادشاهه سلامت توهان ڇو ايترا اداس ۽ پريشان
آهيو.“ بادشاهه چيو ”منهنجا ٽي پٽ آهن. انهن کي
لکڻ پڙهڻ ۾ ڪا دلچسپي نه آهي ۽ آءُ سوچان ٿو ته
اها حالت رهي ته منهنجي بادشاهي ڪير سنڀاليندو.“
وزير بادشاهه کي صلاح ڏني ته سڄي ملڪ ۾ اعلان
ڪرائي ڇڏيو ته هڪڙو استاد کپي. جو بادشاهه جي ٻارن
کي تعليم ڏيئي سگهي. ملڪ ۾ اعلان کان پوءِ گهڻائي
استاد آيا ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هليا ويا. آخر ۾ هڪ
استاد محل ۾ آيو. بادشاهه ان کي چيو ته توهان اسان
جي لاءِ آخري اميد ٿي آيا آهيو. اگر جي توهان
پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿيو ته توهان کي آءُ
پنهنجي قيد خاني ۾ قيد ڪري ڇڏيندس. استاد اهو شرط
منظور ڪيو. ڪجهه ڏينهن ته ٻارن استاد جي ڪابه
ڳالهه نه ٻڌي ۽ سڄو وقت راند روند ۾ مصروف رهيا.
پر استاد اهو سوچي ورتو ته جيڪڏهن هنن ٻارن کي
آکاڻين جي ذريعي پڙهايو وڃي ته ڪاميابي جي ڪا صورت
نڪري سگهي ٿي. استاد ائين ئي ڪيو. ان طرح نه صرف
ٻارن سبق پڙهيو بلڪ استاد به ڪيترائي انعام حاصل
ڪيا.
ٻارو توهان ڏٺو ته پڙهڻ لکڻ جو شوق ڪيئن ٿو پيدا
ٿئي. توهان به پنهنجي ننڍڙن ڀينرن ۽ ڀائرن کي قصن
۽ آکاڻين جي ذريعي سبق پڙهائيندا ڪريو ۽ پاڻ به
سبق آموز ڪتاب پڙهندا ڪريو، ڇو ته نبي ڪري ﷺ جن جو
ارشاد آهي ته علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي.
سنڌيڪار: ”دلگير“ سولنگي
قابل توجه
شڪ هڪ اهڙي ٻج وانگر آهي جو اگر ڪنهن جي دل ۾ ويهي
وڃي ته بجاءِ ختم ٿيڻ جي هو پرورش وٺي پنهنجي قد
کان به وڏي وڻ جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي. ۽ ان
وڻ جون پاڙون ايڏي مضبوطيءَ سان دل ۽ دماغ تي قبضو
ڪري وٺنديون آهن جو ڪڏهن به ختم نه ٿينديون آهن.
اهڙي ماڻهن تي صد افسوس جيڪي ڪنهن شخصيت تي محض شڪ
جي بنياد تي غلط قسم جي راءِ ڏيندي گهٽيا قسم جا
الزام عائد ڪري موضوع گفتگو تيار ڪندا آهن. ڪنهن
جي ڪردار تي محض شڪ جي بنياد تي گندگي اُڏائڻ وارا
ڪڏهن ڪڏهن قابل احترام رشتن ۽ ناتن کي به شڪ جي
گندي نظر سان ڏسندا آهن، اهڙن ماڻهن کي ان شريف
انسان جي اذيت جو اندازو ئي نه هوندو آهي. جنهن جي
پاڪيزگيءَ کي شڪ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي.
طارق پنهور
ايمانداري
ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه دڪاندار هوندا هئا. جن مان هڪ
دڪاندار جو نالو اسلم ۽ ٻئي دڪاندار جو نالو سڪندر
هو. اسلم ايماندار هو، ايمانداريءَ سان دڪان
هلائيندو هو ۽ سڪندر وري ٺڳي ۽ تور ۾ بي ايماني
ڪندو هو. هڪ ڏينهن اسلم، سڪندر کي چيو ته: ”ادا
ٺڳي جو نتيجو تمام خراب نڪرندو آهي. ان ڪري
ايمانداريءَ سان دڪان هلاءِ، پر سڪندر ان جي ڳالهه
تي ڪوبه غور نه ڪيو. ۽ سڪندر شين ۾ ملاوٽ به جام
ڪندو هو.
هڪ ڏينهن هڪ پاڙي واري اچي سڪندر دڪاندار کان
پنهنجي ننڍي پٽ لاءِ ڪجهه شيءِ ورتي. جنهن شيءِ ۾
ملاوٽ هئي.
هن جي پٽ جيئن اها شيءِ کاڌي ان ڏينهن کان سخت
بيمار ٿي پيو. هن کي پنهنجي پيءُ گهڻن ئي ڊاڪٽرن
کي ڏيکاريو، پر ڪوبه فرق نه پيو. ۽ هن جي صحت
ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ
ظالم بيماريءَ جو تاب نه سهي سگهيو ۽ وفات ڪري
ويو. ۽ هن جي پيءُ سڀني پاڙي واري کي ٻڌايو ۽ سڀني
پاڙي وارن ٻڌي ڪري سڪندر دڪاندار کان دڪان
پٽرايائون ۽ پوءِ اسلم ايماندار دڪاندار کان سامان
وٺندا رهيا.
پيارا ٻارو، توهان ڏٺو ته ٺڳي ۽ ملاوٽ جو ڪيڏو نه
خراب نتيجو نڪتو توهان به ڪا شيءِ وٺو ته ايماندار
دڪاندار کان وٺو.
منير احمد پنهور
سچ
دنيا ۾ انسان ذات لاءِ جيڪي خوبيون بيان آهن، تنهن
۾ سچائيءَ کي گهڻي اهميت حاصل آهي. اها خوبي ماڻهن
۾ ان وقت پيدا ٿئي ٿي، جڏهن هو سچائي اختيار ڪندو
آهي سچ جي باري ۾ سياڻن چيو آهي ته:
”سچ ته بيٺو نچ“
ڪوڙ جيڪي ڪم ڪري ٿو، انهي تي ماڻهوءَ اعتبار نٿا
ڪن ۽ ڪٿي به هن کي عزت نه ٿي ملي، ڪوڙ لاءِ هڪ عام
چوڻي آهي ته ”ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ“ سچ ڳالهائيندڙ تي
هرڪو اعتبار ڪري ٿو. پر ڪوڙو اگر قسم کڻي ڪابه
ڳالهه ڪندو ته به هرڪو ان کي ڪوڙ سمجهندو. سچ
ڳالهائڻ وارو هميشه ڪامياب ۽ ڪامران رهي ٿو. هرڪو
هن جي عزت ڪري ٿو. سچ هميشه سچ هوندو آهي. ڪنهن به
ڳالهه ۾ ڪنهن به جاءِ تي جيت هميشه سچ جي ٿيندي
آهي. اسان جي مذهب ۾ به سچ کي گهڻي اهميت ڏني وئي
آهي. پاڻ سڳورا صه هميشه سچ ڳالهائيندا هئا ۽ سچ
ڳالهائڻ لاءِ تاڪيد ڪندا هئا.
سچو ماڻهو ڪڏهن به ائين نه سوچي ته متان ڪوڙي جي
فتح ٿئي. فتح هميشه سچ جي ٿيندِي آهي ڪوڙو ماڻهو
بزدل هوندو آهي.
پر سچ ڳالهائڻ وارو ماڻهو باهمت ۽ باوقار هوندو
آهي.
سچ ۽ حق بابت سنڌ جي عظيم شاعر ”استاد بخاري“ هڪ
بيت ۾ چيو آهي ته:
”سچ ڊَهڻو ناهي آخر ڇو ڊَهي،
حق مرڻو ناهي آخر ڇو مَري.
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: نثار احمد لغاري
ڪلاس: فرسٽ ايئر
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: معرفت عبدالرحمان لغاري هاءِ اسڪول مخدوم
بلال دادو.
·
نالو: حميد ”ماجد“
ڪلاس: نائون (بي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: گورنمينٽ 1 ميهڙ
·
نالو: شاهنواز علي پنهور
ڪلاس: پنجون (اي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: گهر نمبر 42 سي هائوسنگ سوسائيٽي دادو.
·
نالو: سيد عامر شاهه
ڪلاس: نائون (سي)
وندر: علم سان چاهه
عمر: 16 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس هنڱورو تعلقو پنو عاقل
·
نالو: عبدالغفار مهر
ڪلاس: يارهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس رڪ شريف وايه لکي غلام شاهه
شاڪارپور.
·
نالو: واجد علي ٽانوري
ڪلاس: ڇهون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميان جو ڳوٺ شڪارپور.
·
نالو: شاهد حسين چنه
ڪلاس: ڇهون (سي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد.
·
نالو: شفيع محمد ميمڻ
ڪلاس: ستون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ترائي ضلعو بدين.
·
نالو: گل حسن سومرو
ڪلاس: نائون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: ڳوٺ عبدالله سومرو تعلقو ٽنڊو باگو.
·
نالو: سرفراز حيدر شيخ
ڪلاس: نائون (بي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: الياس جوئلرس شاهي بازار قمبر علي خان.
·
نالو: مظهر حُسين مهيسر
ڪلاس: نائون (بي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاکو لنجار.
·
نالو: نور احمد
ڪلاس: ستون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 9 سل
ائڊريس: عبدالرحمان ڪريانه مرچنٽ مين روڊ ڪنڌ ڪوٽ.
·
نالو: غلام قادر ٿيٻو
ڪلاس: يارهون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 18 ساک
ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول بهار
خان مسو.
·
نالو: طارق محمود ٿهيم
ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کنڀڙا تعلقو اوٻاوڙو
گهوٽڪي.
·
نالو: ظفر علي درس
ڪلاس: ڏهون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ بس اسٽينڊ لوڻ کاڻ کپرو.
·
نالو: سنتوش ڪمار ”هريجن“
ڪلاس: اٺو (اي)
وندر: ٽيڪنيڪل ڪم سکڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ قاضي سلطان هائر سيڪنڊري اسڪول
ڪنري پاڪ.
·
نالو: گنگارام
ڪلاس: اٺون
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: ڊاڪٽر خان محمد خاصخيلي پوسٽ آفيس مکڻ
سمون.
·
نالو: سيد شاهه زمان
ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: معرفت منير احمد ميمڻ شاپ ڪيپر ڀنگوار
ڪالوني نواب شاهه.
·
نالو: عبدالحفيظ سومرو
ڪلاس: اٺون (سي)
وندر: علم سان پيار
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.
·
نالو: واشديو. ايڇ والاسائي
ڪلاس: يارهون (بي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 18 سال
ائڊريس: رول نمبر 46 بي گورنمينٽ ڪاليج آف قاسم
آباد حيدرآباد.
·
نالو: عبدالوحيد سميجو
ڪلاس: ٽيون
وندر: قرآن شريف پڙهڻ
عمر: 8 سال
ائڊريس: عبدالعزيز جلد ساز مدرسه محله ڪنڌ ڪوٽ.
·
نالو: محمد جمن سومرو
ڪلاس: نائون (اي)
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لنواري شريف
·
نالو: مولچند. ڪي.ڪي
ڪلاس: نائون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: رتن ڪمار ڪريانه مرچنٽ ڪولهي دڙو عمرڪوٽ.
·
نالو: گوم چندر مالهي
ڪلاس: نائون (بي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: جيوارام مالهي ڪريانه مرچنٽ گرهوڙي بس
اسٽينڊ ڍورو نارو.
·
نالو: الهه بچايو رند
ڪلاس: يارهون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: لالا خدا بخش ڊراءِ ڪلينر شاهي بازار بلڙي
شاهه ڪريم.
·
نالو: گرڌاري لال
ڪلاس: اٺون (بي)
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول قاضي سلطان
ڪنري پاڪ.
·
نالو: نور نبي ٽانوري
ڪلاس: ڏهون (بي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميان جو ڳوٺ.
·
نالو: ارجن ڪمار ”ڪولهي“
ڪلاس: انٽر سائنس
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 20 سال
ائڊريس: رامچند ڪلاٿ اسٽور هاءِ اسڪول روڊ ڪوٽ
غلام محمد.
·
نالو: غلام نبي شيخ
ڪلاس: ستون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: شهباز هائوس ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو.
·
نالو: عبدالباسط سميجو
ڪلاس: ستون (سي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: حافظ عبدالوهاب دڪاندار، موچي مارڪيٽ ڪنڌ
ڪوٽ.
·
نالو: صفي الله
ڪلاس: نائون (بي)
وندر: رسالا پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس واهي پانڌي تعلقو جوهي.
·
نالو: پرنس مڪيش
ڪلاس: ڏهون (سي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 17 سال
ائڊريس: گڊلڪ ميڊيڪل اسٽور ڪنري ميرپورخاص.
·
نالو: طالب حسين ريٽي
ڪلاس: نائون
وندر: پڙهڻ لکڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: عبدالواحد ريٽي موٽر سائيڪل ورڪس جناح روڊ
اوستا محمد بلوچستان.
·
نالو: آفتاب علي ابڙو
ڪلاس: ستون (اي)
وندر: لکڻ پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد.
·
نالو: علي عباس براهوئي
ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: مدرسه عربيه محمديه فريد آباد ميهڙ
·
نالو: علي حسن چانڊيو
ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: جوڊو ڪراٽي کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول مٺياڻي نوشهرو فيروز.
کل ته سهي
هڪ فلاسافر هڪ ڳوٺ ۾ گهمڻ لاءِ ويو، ان گهاڻي ۾
ڍڳي کي ڏسي، چاڪيءَ کان پڇيو ته ڍڳي جي ڳچيءَ ۾
چڙو ڇو ٻڌل آهي، چاڪيءَ چيو ته، جيئن خبر پئي ته
ڍڳو هلي ٿو يا بيٺو آهي، فلاسافر چيو، جي ڍڳو بيٺو
هجي ۽ ڪنڌ پيو لوڏي پوءِ توکي ڪيئن خبر پوندي.
چاڪي چيو: فسلفو تو پڙهيو آهي، منهنجي ڍڳي ڪونه
پڙهيو جو تو وانگر غلط حرڪتون ڪري.
غلام اڪبر شاهاڻي، ڄام شورو.
*
هڪ لائبررين جي گهر رات جو هڪ بجي ٽيلي فون جي
گهنٽي وڄڻ لڳي، لائبررين اٿي فون کنئي، ٻئي طرف
کان آواز آيو، ”صبح جو لائبرري ڪهڙي وقت کلندي.“
لائبررين ڪاوڙ مان چيو: ”ڇا توهان کي صبح جو ڪو
ڪتاب ڏسڻو آهي“ موٽ ۾ ان چيس، مان لائبرري مان
ڳالهائي رهيو آهيان. توهان لائبرري بند ڪري هليا
ويا آهيو، پر مان ريڊنگ روم ۾ ڪتاب پڙهي جو اٿان
ته لائبرري بند هئي!
غلام حيدر شاهاڻي. ڄام شورو
*
هڪ ڊاڪٽر (پنهنجي ڊاڪٽر دوست کي) توهان جو مريض ته
صحتياب ٿي ويو آهي، توهين ڇو پريشان آهيو.
ڊاڪٽر: يار خبر نه آهي، هو ڪهڙي دوا مان صحتياب
ٿيو آهي.
عمران علي ٺٽو.
*
هڪ ماڻهو کان، ڪنهن پڇيو ته توهين روز ڪيترا شيو
ڪندا آهيو ان ماڻهو جواب ڏنو، روزانو، مان 40،50
شيو ٺاهيندو آهيان،
پهريون ماڻهو: يار تون بيوقوف ته نه آهين.
ٻيو ماڻهو: نه مان حجم آهيان؟
عبدالقادر کٽي ٻنو.
*
استاد، هڪ شاگرد جا وکريل وار ڏسي چيو: ”تون اڄ
ڦڻي ڇو نه ڏئي آيو آهين، شاگرد: ”سائين گم ٿي
ويئي.
استاد: پٽ گهر ۾ والد صاحب وٽ ته هوندي.
شاگرد: سائين بابا گنجو آهي.
عبدالرحيم جتوئي مورو
*
زال (مڙس کي) اڄ توهين دير ڪري آفيس مان ڇو آيا
آهيو؟
مڙس: صاحب، ميٽنگ ۾ ويل هو، سو مان ٽيلي فون تي
ويٺو هوس.
زال: ڇا توهان جي آفيس ۾ ڪرسيون ڪونهن.
اياز حسين کوسو، ملير ڪراچي.
*
استاد (شاگردن کي) مون ڪالهه توهان کي دوست جي
نالي خط لکڻ لاءِ چيو هو، لکي آيا آهيو؟
شاگرد: سائين اسان ته اهو پوسٽ ڪري ڇڏيو.
لقمان علي مگسي، ميهڙ.
*
شاگرد گھرو ڪم ڪري ڪونه آيا، سو استاد چين، پوءِ
اٿي بيهو ۽ مار کائڻ لاءِ تيار ٿيو.
هڪ شاگرد: ”سائين هٿ ڌوئي اچان.“
استاد: ڇو؟
شاگرد: سائين امان چوندي آهي ته هر شيءِ کائڻ کان
اڳ هٿ ڌوئيندا ڪريو.
هالار پٺاڻ. حسين آباد.
*
مالڪ (نوڪر کي) هي تو چانهه ڪهڙي ٺاهي آهي.
نوڪر. سائين توهين چوندا آهيو ته کير نه هجي ته
ملڪ پائوڊر مان ٺاهيندو ڪر، پر ملڪ پائوڊر به ڪونه
هو، سو مون ٽالڪم پائوڊر مان چانهه ٺاهي آهي.
محمد جمن رستماڻي. واهي پانڌي.
*
مريض (ڊاڪٽر کي) سائين مون کي هڏڪي تمام گھڻي ٿي
پئي آهي.
ڊاڪٽر: ”ڪير ياد ڪندو هوندو.“
مريض: ”سائين ياد ڪرڻ وارا سڀ مري ويا“
ڊاڪٽر: پر مان ته جيئرو آهيان.
لطف الله عباسي. باڊهه.
*
زراعت ۾ پڙهندڙ شاگرد کان، ڪنهن پڇيوته ”انب ڪهڙي
وقت پٽڻ گهرجن.“
شاگرد جواب ڏنو: ”جنهن وقت باغ ۾ مالهي نه هجي.“
الهه بچايو رند. ڏوڪري.
*
هڪ ڇوڪرو، ڪتي جو پڇ ڇڪي رهيو هو، ماڻس کيس چيو:
پٽ ڪتي جو پڇ ڇو ڇڪي رهيو آهين.“
پٽ: امان، مان ٿوروئي ڇڪي رهيو آهيان، مون ته صرف
هٿ ۾ پڪڙيو آهي، ڇڪي ته ڪتو پيو؟“
ڪِبرال قاضي نسيم ننگر حيدرآباد.
*
هڪ صوبيدار کان. ڊي آءِ. جي پڇيو ”تنهنجو پيٽ ڇو
نڪري آيو آهي.“ صوبيدار ڊپ مان چيو ”سائين، ڌاڙيلن
جي مقابلي ۾ گوليون کائيندي پيٽ نڪري آيو آهي.
عبدالتسار لاشاري. ڪوٽ لاشاري.
خط
ادا نومبر 1995ع وارو گل ڦل هٿ ۾ آهي. خوشيءَ سان
گڏ ڏکن به آهي ته مون جيڪو خط لکيو اهو شايع نه
ٿيل هو ۽ نه وري مواد به شامل هو. مان هي ٻيو خط
لکي رهيو آهيان ۽ ڪجهه مواد به موڪلي رهيو آهيان.
اميد ته هن دفعي مايوس نه ڪندا. سڄو مهينو انتظار
ڪرڻ کان پوءِ خوشيءَ سان گڏ ڏک ڪجهه سٺو نه ٿو
لڳي. اميد ته هن دفعي مايوس نه ڪندا. مهرباني.
فقط توهان جو ڀاءُ آصف علي عباسي، هالاڻي.
ادا، نومبر جي سوکڙي گل ڦل جي شڪل ۾ منهنجي هٿن ۾
آهي. مطالعو ڪرڻ کان بعد لکڻ تي مجبور ٿي پيس.
اميد ته ٿڌي دل سان جواب ڏيندا. ڪهاڻين ۾ آفيسر،
سچو دوست، محنت ۾ عظمت، صحبت جو اثر تمام پسند
آيون ۽ ٻيا سلسلا خط، قلمي دوستي، يوگلينا به
سلسلو تمام پسند آيو.
اوهان جو: امداد علي سومراهه، ڳوٺ سهراب خان
سومراهه، لڳ محراب پور.
ادا نومبر، مهيني وارو گل ڦل خريد ڪيم ۽ پڙهي دل
ڏاڍي خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳي ڇو ته نومبر مهيني
وارو گل ڦل مٺو هو. جو ماکيءَ ته پنهنجي جاءِ تي
رهي. پر خط ۾ به ذڪر نٿو ڪري سگهان. ۽ مون ڪافي خط
لکيا آهن. اوهان منهنجو هڪ خط به شامل نه ڪيو آهي
۽ هي خط ردي جي ٽوڪري کان بچائيندا. نومبر واري
رسالي ۾ يوگلينا، موئن جي دڙي جو سير، وفادار
دوست، خوبصورت جي ڳولا، هيرو پٽ، چون چون چاچو قسط
ڇهين، ريڊاريا اليڪٽرانڪ اک، محنت ۽ عظمت تمام
گهڻو پسند آيا ۽ اميد ٿو ڪريان ته منهنجو هي خط
ضرور شامل ڪندا.
اوهانجو سڄڻ خان ٿهيم ڪلاس نائون هاءِ اسڪول، ملڪ
تعلقه مورو
جيئن ته نومبر وارو رسالو پڙهي دل ٽپال ڏيڻ لڳي ۽
ٽپال ڏيندي ڏيندي کڏ ۾ ڪري پيس ۽ ڏٺم ته منهنجو خط
شامل نه هو ته اداس ٿي پيس ۽ پوءِ نومبر جو رسالو
پڙهڻ شروع ڪيم. ان ۾ سٺيون سٺيون ڪهاڻيون ڏسي وري
ساڳئي دل ٽپا ڏيڻ لڳي ۽ ان ۾ بي گناهه شاگرد جو
موت، دل جي آس، محنت ۾ عظمت، چون چون چاچو،
يوگلينا، وفادار دوست، خوبصورت جي ڳولا، هيرو پٽ،
موئن جي دڙي جو سير ۽ سچو دوست تمام گهڻي ۾ گهڻا
پسند آيا. اميد آهي ته هيءَ منهنجو خط ضرور شامل
ڪندا.
اوهان جو ڀاءُ ڪاشف علي راٺوڙ، ڳوٺ ملڪ تعلقو مورو
ضلعو نوشهرو فيروز.
محترم سائين،
ادا نومبر وارو گل ڦل هٿن ۾ آهي. جنهن ۾ لطيفي
لات، حال حوال، بي مثال، مقصود گل، خوبصورتي جي
ڳولا، هيرو پٽ، دل جي آس، نڀاڳو نوڪر، نصيحت،
آفيسر، مطلب ته سڀئي ڪهاڻيون پسند آيون. مون کي
شوق به ٿيو ۽ پهريون خط گل ڦل ۾ لکي رهيو آهيان.
ادا اميد ته هي خط ۽ قلمي دوستي ضرور شايع ڪندا.
گنگارام مکڻ سمون.
ادا، مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، هن دفعي جو
گل ڦل هٿن ۾ آهي. هن دفعي ڪهاڻيون زبردست هيون خاص
ڪري سچو دوست، خوبصورتي جي ڳولا، شاگرد جو موت
وغيره. هاڻي خط موڪلي رهيو آهيان، جلد شايع ڪندا.
عبدالڪريم بروهي نادر مريد آباد.
ادا، مون توهان جو رسالو گل ڦل پڙهيو، زبردست لڳو.
سلسلو خال ڀريو تمام گهڻو مشڪل آهي، براءِ مهرباني
ان کي ڪجهه آسان ڪندا. جيڪڏهن هي خط شامل نه ڪيو
ته هي منهنجو پهريون ۽ آخري خط هوندو. ڇو ته اهو
منهنجو پهريون خط آهي. هاڻي ٻئي خط تائين اجازت!
فقط اوهان جو، واشديو ”ولاسائي“ ميگهوار ڪالوني
ڪلوئي ٿر.
ادل گل ڦل باقاعدگيءَ سان پڙهندو آهيان. اوهان
جنهن جستجو محبت ۽ محنت سان ”گل ڦل“ کي سينگاريندا
آهيو ان جو اسان وٽ قدر آهي. ادل مان هي پهريون خط
لکي رهيو آهيان ۽ سڪ ۽ چاهت مان هڪ ننڍڙي ڪوشش
ٽيڙو موڪلي رهيو آهيان. اميد ته ڪنهن ڪنڊ ۾ جاءِ
ڏيندا. اوهان جو ننڍو ڀاءُ
محبوب علي بوزدار، ڳوٺ ڪنڊو خان بوزدار.
ادا، جيئن ته گل ڦل نومبر 1995ع وارو رسالو مليو.
رسالو هن مهيني وقت تي مارڪيٽ ۾ پهچي ويو هو. ان
ڪري منهنجي پاران اوهان کي مبارڪون هجن. ادا سائين
رسالي جي فهرست پڙهي دل وري به چڪنا چور ٿي ويئي،
ڇو ته هي ڇهون گل ڦل جو پرچو آهي ته منهنجو مواد
اوهان شايع نه ٿا ڪريو، بس مون کي هاڻي پڪ ٿي وئي
آهي ته اوهان صرف وڏن سرمائيدارن جا خط ۽ مضمون
شايع ڪريو ٿا.
هن دفعي رسالي ۾ جيڪي ڪهاڻيون پسند آيون اُهي هي
آهن، پير صاحب، نڀاڳو نوڪر، نصيحت، بي گناهه،
شاعريءَ ۾ پارس راجڪپور، اياز پاٽولي ۽ نثار
بزميءِ جي شاعري پسند آئي، مهرباني ڪري منهنجو
مواد ۽ هي خط شايع ڪندا.
اوهان جو: محمد آچر گڏاڻي، گهوٽڪي.
ادا، نومبر 1995ع جو گل ڦل منهنجي هٿن ۾ آهي. آئون
گل ڦل جو پڙهندڙ آهيان. ادا مواد مون موڪليو هو،
اوهان شامل ڪونه ڪيو آهي. مهرباني ڪري ايندڙ رسالي
۾ شامل ڪندا ۽ وري به مواد موڪلي رهيو آهيان.
مهرباني ڪري رسالي ۾ شامل ڪندا ته مهرباني ٿيندي.
رسالو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. رسالي ۾ ڄامڙي جا
ڪارناما، پير صاحب، بي گناهه شاگرد جو موت، نڀاڳي
نوڪر ۽ وڏيري ۾ شرط، فرض جي جيت ۽ دل جي آس ڏاڍيون
پسند آيون. ادا خط موڪلي رهيو آهيان. گلڙن جهڙي
رسالي ۾ شامل ڪندا ته وڏي مهرباني ٿيندي.
توهان جو: محمد اياز ڪيريو، ڳوٺ تلي ”سڪرنڊر“
ادا، نومبر 1995ع وارو رسالو تمام سٺو لڳو خاص طور
تي ڪهاڻين ۾ پير صاحب، هيرو پُٽ، فرض جي جيت ۽
نصيحت وڻندڙ هيون ۽ شاعري ۾ سڀني جي شاعري بهترين
هئي پر غلام محمد غازي ۽ اياز پاٽولي جي شاعري وڻي
۽ ڀاءُ هڪ ضروري عرض هي آهي ته رسالو اسان واري
شهر ميرپورخاص جلد اُماڻيندا ڪريو ۽ هڪ ٻيو عرض هي
آهي ته رسالي جي شروع ۾ حمد ۽ نعت ڏئي شاهه جو شعر
ڇپائيندا ته سٺو لڳندو آخر ۾ عرض ٿو ڪريان ته هي
منهنجو اوهان ڏي سلسلي ”خط“ ۾ هي ٽيون خط آهي.
پهرين ٻن خطن مان هڪ به نه شايع ٿيو اميد ته هي
ضرور شايع ڪندا.
مير محمد جعفر خان ٽالپر (ميرپورخاص)
ادا، نومبر مهيني جو گل ڦل تمام دير سان مليو ۽
پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي جنهن ۾ جراسڪ پارڪ فلم، امڙ
جي دُعا، ريڊار يا اليڪٽرانڪ اک، پير صاحب، جو چون
چون چاچو، بي گناهه شاگرد جو موت، ٻرندڙ زمين،
خوبصورتي جي ڳولا، هيرو پٽ، يوگلينا، نڀاڳي نوڪر ۽
وڏيري ۾ شرط، محنت ۾ عظمت تمام گهڻا پسند آيا ۽
اميد آهي ته هي مان پهريون خط لکي رهيو آهيان ۽ گل
ڦل پڙهندي هڪ سال ٿيو آهي ۽ خط پهريون ڀيرو لکي
رهيو آهيان. اميد ته خط ضرور شامل ڪندا.
فقط توهان جو دعاڳو: جلال الدين راٺوڙ، ڳوٺ ملڪ
تعلقه مورو
ادا، نومبر وارو رسالو ورتم پڙهي دل خوش ٿي. پر هڪ
ڳالهه جو ڏک به ٿيو ته منهنجو خط شايع ٿيل نه هو.
مان اڳ ۾ خط لکيا آهن، پر انهن مان ڪوبه شامل نه
ٿيو. رسالو نومبر وارو تمام بهترين هو. جنهن ۾،
دعا، جراسڪ پارڪ فلم، امڙ جي دعا، ريڊار يا
اليڪٽرانڪ اک، چون چون چاچو قسط 6، بي گناهه شاگرد
جو موت، خوبصورتي جي ڳولا، هيرو پٽ، يوگلينا، موئن
جي دڙي جو سير، نڀاڳي نوڪر ۽ وڏيري ۾ شرط ۽ دل جي
آس، محنت ۾ عظمت، سچو دوست ۽ وفادار دوست بيحد
پسند آيا. اميد آهي ته منهنجو هي خط شامل ڪندا نه
ته آءُ ننڍڙي ٻار وانگر روئي پوندس.
اوهان جو ڀاءُ: منير احمد ٿهيم، علم و ادب، دادو
ادا جيئن ته ”گل ڦل“ پنهنجي مقرر وقت تي پهتو. سچ
پڇو ته ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي جڏهن گل ڦل وقت تي
ملندو آهي. ٻيا ڪيترائي رسالا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن
ته مارڪيٽ ۾ ايندا ئي ڪونهن. ليڪن ”گل ڦل“ هر حالت
۾ پهچندو آهي. ادا مان اوهان کي جس ٿو ڏيان جو
اوهان پابنديءَ سان ”گل ڦل“ ڪڍو ٿا. ادا مان هن
واري ”گل ڦل“ پڙهيم جنهن ۾ لطيفي لات، بي مثال،
پير صاحب، بي گناهه شاگرد جو موت، خوبصورتي جي
ڳولا، هيرو پٽ، نڀاڳي نوڪر ۽ وڏيري ۾ شرط، فرض جي
جيت، دل جي آس، آفيسر، وفادار دوست، سٺو ڳالهائڻ
تمام سٺيون لڳيون، شاعري سڀني جي سپر هٽ هئي. باقي
هن رسالي ۾ جيڪي مون کي گهڻو وڻيو ان ۾ ڀاءُ سميع
ساجد جوڻيجو جيڪي ”مقصود گل“ تي لکيو سو تمام گهڻو
پسند آيو. ٻيا سلسلا کل ته سهي، قلمي دوستي، خط
تمام سٺا لڳا.
فقط اوهان جو ڀاءُ: محمود علي ”شاد“ ڀٽو، ڳوٺ حسين
ڀٽو.
نتيجو رنگ ڀريو-26
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا، پهريون
نمبر آيو منير احمد چنا، ڪلاس ڇهون هاءِ اسڪول
ميان جو ڳوٺ وايا شڪارپور. (هن ڀاءُ کي گل ڦل جي
هڪ اعزازي ڪاپي موڪلبي.)
نتيجو خال ڀريو-26
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا. جن مان
صرف هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا. کين رسالي جي
اعزازي ڪاپي موڪلبي.
جواب: (1) جنيوا (2) جان ولڪس بوٿ (3) عبدالله (4)
1945ع (5) 1976ع.
نالا: (1) سعود جروار پوسٽ صاحب خان ٽنڊوالهيار.
(2) عبدالغفار جروار پوسٽ صاحب خان جروار
ٽنڊوالهيار.
(3) مير رسول بخش ٿيٻو پوسٽ رسول آباد ڳوٺ رحيم
ٿيٻو وايا گمبٽ.
(4) رشيد احمد ڪليري پوسٽ قادر بخش ڪلوڙ وايا
گهوٽڪي.
رنگ ڀريو-28
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ
صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي
اعزازي موڪلبي.
موڪليندڙ جو نالو ۽
ائڊريس.................................
خال ڀريو-28
هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح خال ڀري موڪليو. جن ٻارن جا
پنج ئي خال صحيح ڀريل هوندا، انهن کي ”گل ڦل“
رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي.
1.
امن جو نوبل انعام ناروي جي ........... شهر ۾ ڏنو
ويندو آهي.
2.
ڪافرستان..................وادي ۾ واقع آهي.
3.
ڪراچي....... سن تائين پاڪستان جي گادي جو هنڌ
هئي.
4.
پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع ۾ وجود ۾ آيو، ان وقت
اسلامي مهينو.... هو ۽ تاريخ... هئي.
5.
پاڪستان اقوام متحده جو ميمبر..... سال ۽ مهيني
.... ۾ بنيو. |