سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1991ع

باب: --

صفحو :4

طلحه ”تون، اقبال نومي ۽ معاذ کي لائبريريءَ ۾ اڄوڪي ترت سڏايل ميٽنگ جي خبر ڏئي اچ.“ شعيب پنهنجي هٿ ۾ جهليل پني تي نظر ڊوڙائيندي چيو ”مان پاڻ رضوان، فاروق، عادل، حماد ۽ بلال وٽ وڃان ٿو-۽ ها! ٻڌ! ميٽنگ سج لهڻ کانپوءِ فوراً شروع ٿيندي!“

”سٺا ساٿيو! شعيب، ٻالڪن جي ٻاريءَ جي فعال ۽ پُرجوش ٻارن سان مخاطب هو. ”جيئن ته توهان ڏٺو هوندو، وڏي بازار ۾ ڪنهن صاحب وڊيي گيم جو دڪان کوليو آهي. وري توهان اهو به ڏٺو هوندو ته اسان جي آس پاس جي محلي جي ٻارن کان سواءِ اسان جي محلي جا ٻار به اُتي ويندا آهن. اها ڪا سٺي ڳالهه ناهي. توهان دوستن جو ڇا خيال آهي ان باري ۾؟“

”شعيب ڀاءُ! بلڪل ٺيڪ چيو آهي توهان! گذريل ٽن ڏينهن کان سندم ننڍو ڀاءُ امان کان ضد ڪري پئسا وٺي اُتي ويندو آهي.“ نوميءَ پنهنجي گهر جي پريشاني بيان ڪئي.

”منهنجي بابا ٻڌايو ته سوچي سمجهي اسڪيم تحت وطن دشمنن هن وڊيو گيم کي پاڪستان ۾ درآمد ڪيو آهي. هيءَ ڪنهن وڏي سازش جي هڪ ڪڙي آهي.“ اقبال پنهنجو رايو ڏنو.

”آءٌ پاڻ هن دڪان تي ويو هئس. رنگين اسڪرين وٽ بلڪل ڀرسان بيهي اها گيم کيڏڻي ٿي پوي. ان سببان نظر کي سخت ڇيهو رسي سگهي ٿو.“ معاذ پنهنجي اکئين ڏٺي رپورٽ بيان ڪئي.

”نظر کي ته ڇيهو يقيناً رسندو ئي رسندو، پر فوريءَ طور تعليم جو ته ٻيڙو غرق ٿي رهيو آهي نه!“ عادل ڏاڍو ڪاوڙيل پئي لڳو!

”دوستو!“ بلال چيو: ”اڄ چوٿون ڏينهن آهي، منهنجو نڍڙو ڀاءُ ”هوم ورڪ“ ڏانهن ذور به ڌيان نٿو ڏئي؛ حالانڪ ان کان اڳ هو ڪڏهن به اهڙو هيو ئي ڪونه! سندس ماستر صاحب بابي کي فون تي ان بابت شڪايت به ڪئي آهي.“

شعيب ڏاڍي ڌيان سان سنگتين جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. وقفي وقفي سان ڪاغذ تي ڪجهه ”رپورٽنگ“ به پئي ڪيائين.

”ڀاءُ فاروق ۽ حماد ڀاءُ! توهان به ته ڪجهه ڳالهايو نه!“ شعيب کين همٿايو!

”هن ڪم بخت وڊو گيم ۾ جيڪي منظر ۽ نظارا پيش ڪيا ٿا وڃن، ڊپ اٿم ته سي ڪٿي اسان جي گهٽين ۾ عام جام نه ٿي پون! جيهڙا جهڳڙا، چاقو، خنجر سان پيٽ ڦاڙڻ ۽ ٺونشا هڻي هڻي اکيون ڦوڙڻ جا سين ته عام ڏيکاريا ٿا وڃن ان ۾ انڪري گيم جي رانديگر ٻارن ۾ غلط جوشيلا جذبا به پيدا ٿين ٿا!“

فاروق پنهنجي جاچنا دوستن آڏو رکندي چيو

”خير سان اسان جي محلي ۾ هيلتائين ته امن ۽ شانتي آهي مگر سڀاڻڪو ڏينهن متان ڪو دنگو فساد کڻي اُڀري!“ حماد پنهنجو اندريون خوف ظاهر ڪيو!

”ته پوءِ ان جو تدارڪ ڪهڙيءَ ريت ممڪن آهي؟“ شعيب دوستن جو ڌيان هن برائيءَ جي علاج ڏينهن ڇڪايو.

”دڪان يڪدم بند ٿيڻ کپي!“ سڀني رايو ڏنو.

”پر ڪيئن؟“

”دڪاندار کي مجبور ڪيو وڃي ته هو اتان هليو وڃي.“

”ڇو هليو وڃي هو اتان؟ هن ته پنهنجي روزيءَ واسطي اهو ڌنڌو شروع ڪيو آهي!“

”اسين پنهنجي پنهنجي گهر کي سنڀاريون.“

”هيءَ هڪ سٺي پوائنٽ آهي.“ شعيب حامي ڀريندي چيو.

”جي منهنجي مڃو ته دڪاندار کي پهرين نرميءَ سان سمجهايو وڃي ۽ جي نه مڃي ته پوءِ ڊاهه ڊوهه ڪري دوڪان کي صاف ڊاهي ڇڏجي!“

”بس! بس! منهنجا دوستو. اسان سڀنيءَ جو غم ۽ غصو پنهنجيءَ جاءِ تي بلڪل ٺيڪ-مگر اها ڀڃ ڊاه واري ڳالهه صفا غلط آهي، ڊاهه جي نه ٺاهه جي ڳالهه سوچيو.“ شعيب گاڏيءَ کي لائين تان لهندو ڏسي ان کي ترت بچائيندي، جذبن کي صحيح رخ ڏي موڙيندي چيو.

”دوستو! اڄوڪي ميٽنگ ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪجي ٿي. الله پاڪ چاهيندو ته پرينهن هن روم بدران پنچايت هال ۾ اسين سڀئي ٻيهر ڪٺا ٿيندا سون پنهنجي آخري فيصلي جي ڪارروائي ڪرڻ واسطي-خدا اسان جو حامي ۽ ناصرهجي!“

اڄ پنچايت هال ٻارن سان ايتري حد تائين ته ڀريل هو جو تر ڇٽڻ جي جاءِ نه هئي! شيبي ۽ سندس جيان بي قرار دوستن گذريل ٻن ڏينهن ۾ سڀني محلن ۾ گهر گهر وڃي اڄوڪي ميٽنگ ۾ ٻارن کي پابندي ۾ وقت سان لازمي موڪلڻ جي التجا ڪئي هئي!

”منهنجا پيارا ۽ سٺا دوستو! شعيب جو پُر عزم آواز هال ۾ گونجڻ لڳو: ”گليءَ ۾ گند ۽ ڪچري جو ڍڳ لڳل هجي ته محلي وارا جيڪڏهن نادان ۽ ڪوتاهه نظر ڪونهن ته خاموش تماشائي بنجي ويهي نٿا رهي سگهن. آءُ پڇان ته گند جي بدبوءِ، مکين ۽ مڇرن جي يلغارن کي ڄاريءَ لڳل دريون ۽ دروازا اندر وڃڻ کان روڪي سگهندا؟“

”نه روڪي سگهندا!“ هال ۾ ڪيترائي آواز گڏجي بلند ٿيا!

”اڃا هڪ ٻي ڳالهه! سُٺا ساٿيو! ڪنهن گهر کي اگر باهه لڳي وڃي ته هن جي هوش مند پاڙيسرين کي ڇا پنهنجا هٿ ٻڌي يا هٿ کڻي ويهي رهڻ گهرجي؟“

اوچتوچُپ ٿي وئي شيبي سڄي هال مٿان سرسري نظر وجهندي سوال جي انداز ۾ هٿ لوڏو ڏئي ٿورو مٿي کنيو!

”نه _هر گز نه! سندس گهر تائين پهچندڙ باهه کي اجهائڻ واسطي هن کي اڪيلي سر نه، بلڪ سڀني پاِڙيسرين کي امدادي ڪوششن لاءِ هٿ پير هڻڻ گهرجن!“

هال جي هڪ پاسي کان اوچي آواز ۾ ڪنهن جواب ڏنو!

”مهرباني _ بلڪل سچ چئيو ! نه ته ظاهر آهي ته باهه سڀني گهرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي!“ شعيب پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو : ”ته پوءِ مان توهان سڀنيءَ کي اڄ خبردار  ٿو ڪريان ته اسان جي گهرن کي باهه ڏني پئي وڃي ۽ تنهن سان گڏکاٽ پڻ هنيا پيا وڃن _  اسان ٻارن کي منصوبه بنديءَ  سان اغوا ڪرڻ لاءِ!“

” ها ! اغوا ! ٻارن جو اغوا؟“ يڪدم ڄڻ شور مچي ويو! مختلف جڳهن تان ڪيترن ئي ٻارن اُٿي تقرير ۾ رنڊڪ وجهندي حيرت ڀريا سوال ڪيا!“ اهي ڪير غنڊا بدماش آهن جي اسان کي اغوا ڪرڻ چاهين ٿا؟“

”دوستو ! اجهو ٿو ڏسيانوَ اسان جي پياري وطن _ پاڪستان جي ويرين ۽ دشمنن جي اها ناپاڪ سازش آهي! دشمن جداجدا حوالن سان، سڀنيءَ پاسن کان اسان جي ديس مٿان ڪاهڻ چاهين ٿا! جيڪڏهن توهان سڀئي پڪو واعدو ڪريو ته بند مُٺ وانگرايڪو ڪري پاڪستان جي ويرين جي چال بازين کي ناڪام بنائيندو ته پوءَ مان هينئر ئي ٻڌائڻ لاءِ تيار آهيان!“

”اسين واعدو ڪريون ٿا، پڪو ۽ سچو واعدو!“ سڄو هال اُٿي بيٺو!

” منهنجا هم عمر پُرجوش دوستو! ته پوءِٻڌو! اسان کي پنهنجن والدين جو نافرمان بنائڻ واسطي، اسان کي پنهنجيءَ تعليم کان محروم رکڻ واسطي، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ چوري سيکارڻ واسطي _ ۽ اسان جي وچ ۾ دشمني ۽ لڙائي جهگڙا ڪرائڻ واسطي سازش جي شروعات ته ٿي چڪي آهي!“ شعيب ساهه پٽڻ جي بهاني سان هال جو جائزو وٺڻ گهريو ٿي!

هن چٽيءَ طور هتان کان هتي تائين هڪ بي، چيني ۽ بي قراريءَ جي لهر ڊوڙندي محسوس ڪئي!

”توهان کي خبر آهي ته اسان جي علائقي ۾ وڊيو گيم جو هڪ دڪان کُلي چڪو آهي!

بس اهوئي سازشي چڪر آهي! هن دڪان کي فوراً بند ٿيڻ کپي!“

”بند ڪريو-وڊيو گيم جي دڪان بند ڪريو!“ سڄي هال ۾ نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا! شعيب پنهنجو ساڄو هٿ مٿي ڪري کين چپ رهڻ جو اشارو ڪندي چوڻ لڳو؛ ”ائين نه-منهنجا دوستو! ان طرح دڪان ڪڏهن به بند نه ٿيندو-اسين سڀئي ٻار الله سائينءَ کي حاضر ناظر ڄاڻي اڄ واعدو ڪريون ته سڀاڻي کان هن دڪان جو رُخ نه ڪنداسين.“

”منظور آهي! اسان کي منظور آهي اسين قسم کڻي واعدو ڪريون ٿا!“ سڄو هال ٻيهر اُٿي بيٺو!

شيبي هٿ لوڏيندي ٻارن کي ويهڻ جو اشارو ڪندي پنهنجي ڳالهه اڳتي چوري. ”جيڪو ٻار هن واعدي جي برخلافي ڪري ان جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ سندس مائٽن کي ان جو فوري اطلاع ڏنو وڃي.“

”بلڪل ٺيڪ آهي. اهو به منظور آهي.“ سڄي هال ۾ مٿي کنيل هٿ پنهنجي حمايت جو پختو اعلان ڪري رهيا هئا!

اسڪول کان موٽڻ بعد، جٿا ۽ ٽوليون ٺاهي سڀني محلن ۽ بازارن ۾ گهمي ڦري اهو نعرو هنيو وڃي:

”وڊيو گيم ڙي وڊيو گيم!

”شيم شيم شيم!“ ڪورس جي لئه ۾ ”شيم شيم“ جو ترنم هال جي سٺي فضا ۾ ڇانئجي ويو! شعيب جي تقرير جا آخري جملا گونججي رهيا هئا: ”منهنجا باهمت ساٿيو! وڊيو گيم جي دڪان جي سامهون واريءَ فٽ پاٿ تي بيهي، هٿ ۾ هٿ ڏئي اسين سڀئي ٻار، هن نعري سان گڏوگڏ هم آواز ٿي، پوري زور سان اها پڪار به ڪنداسين. ”اسين وڊيو گيم جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا.“ – ”وڊيو گيم جو دڪان بند ڪريو!“ سڄو هال زوردار تاڙين جي آوازن سان دير تائين گونجندو رهيو-۽ پوءِ ٺيڪ ٽئين ڏينهن مين بازار وارو وڊيو گيم جو دڪان بلڪل خالي ۽ ويران نظر اچي رهيو هو!

الهڏنو سهتو

شهزاديءَ گلنار جي منڊي

گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته ملڪ يمن تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. بادشاهه کي فقط هڪ نياڻي هئي، جنهن جو نالو شهزادي گلنار هو. شهزادي تمام گهڻي خوبصورت هئي. ان جي حُسن جو چوٻول ملڪان ملڪ پکڙيل جو، ان شهزاديءَ وٽ هڪ حيرت انگيز قيمتي منڊي هئي. جنهن جي نگيني ۾ هوءَ سڄي دنيا کي ڏسي سگهندي هئي. هيءَ منڊي شهزادي کي هڪ فقير ڏني هئي، جيڪا شهزادي کي تمام گهڻو وڻندي هئي. جنهن ڪري شهزادي منڊيءَ کي هر وقت آڱر ۾ پائي رکندي هئي.

هڪ ڏينهن شهزادي جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿي ته، ڇا ڏسي ته منڊي آڱر ۾ آهي ڪونه، پهرئين ته ان سمجهيو ته اتي ئي ڪٿي ڪري پئي هوندي جنهن لاءِ ان سڄي ڪمري ۾ منڊي کي ڳوليو، پر منڊي ڪانه ملي. ان پنهنجي ڪنيزن کان به پڇيو. پر سڀني اهو چيو ته ”شهزادي حضور رات جو ته منڊي توهان کي پاتل هئي هاڻي خبر ناهي.“

ٿوري دير ۾ بادشاهه کي به شهزاديءَ جي منڊي جي وڃائجي وڃڻ جو اعلان ڏنو ويو ڇو ته بادشاهه کي به منڊي تمام گهڻو پسند هئي، ان منڊي جي نگيني ۾ هو به ٻين ملڪن جي اندروني حالتن جي خبر وٺندو هو.

بادشاهه پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته محل جي تلاشي ورتي وڃي. سپاهين محل جي هڪ هڪ ڪمري، غلامن، خادمن ۽ ڪنيزن جي به تلاشي ورتي پر منڊيءَ جو ڪو به پتو نه پيو. هاڻ ته بادشاهه ڏاڍو پريشان ٿيو. ان تي سمجهيو هو ته محل مان ئي ڪنهن منڊي چورائي هوندي لڀي پوندي.

هوڏانهن منڊيءَ جي ڏک ۾ شهزاديءَ کائڻ پيئڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ به ڇڏي ڏنو ۽ سڄو ڏينهن ڪمري ۾ ئي پئي هوندي هئي جنهن ڪري شهزادي جي حالت ڏاڍي خراب رهڻ لڳي.

پنهنجين سپاهين کي مندڊي جي تلاشيءَ ۾ ناڪامي کانپوءِ بادشاهه سلامت سڄي ملڪ ۾ اعلان ڪرائي ڇڏيو ”ڪير به شهزادي گلنار جي منڊي ڳولي کڻي ايندو ان جي شادي شهزاديءَ سان ڪئي ويندي.“

بادشاهه جو اعلان ٻڌي گهڻا ماڻهو منڊي جي ڳولا ۾ لڳي ويا. وڏن وڏن جاسوسن ڪوشش ڪئي ۽ نجومين فال ڪڍيا ۽ ٻين ملڪن جا شهزادا به قسمت آزمائڻ لاءِ آيا. ڇو ته هر ڪو حسين و جميل شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو. پر سڀ ناڪام رهيا. ان ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ کان ٿورو پري هڪ غريب هاري رهندو هو. ان کي ڪمال نالي هڪ پٽ هئو. ڪمال هڪ خوبصورت ۽ دلير نوجوان هو. ان به جڏهن شهزاديءَ گلنار جي منڊيءَ بابت ۽ بادشاهه جو اعلان ٻڌو ته ان به سوچيو ته ڇو نه قسمت آزمائجي؟

پهريائين ته ان پنهنجي ماءُ پيءُ کان اجازت ورتي. جنهن لاءِ انهن سمجهايس ته اجايو وقت وڃائيندي پاڻ ايترا خوشنصيب ڪٿي آهيون.

پر ڪمال جي اسرار تي راضي ٿي پيا ۽ ڪمال کي اجازت ملي وئي. چئن ڏينهن جي سفر کانپوءِ، آخر ڪمال دارالحڪومت پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ماڻهن کان بادشاهه جي درٻار جي واٽ پڇائيندو درٻار ۾ پهچي ويو. دربان ان کي بادشاهه وٽ وٺي ويا.

”چو نوجوان، تون ڪهڙي مقصد سان اسانجي درٻار ۾ آيو آهين؟“

بادشاهه ادب سان بيٺل ڪمال، کان پڇيو.

”بادشاهه سلامت“ ڪمال ادب سان جواب ڏنو مان شهزادي گلنار جي منڊي ڳولڻ لاءِ توهان کان اجازت وٺڻ آيو آهيان“

ان لاءِ تون آيو آهين، اسانجي طرفان ”توکي اجازت آهي.“ بادشاهه چيو ۽ پڇيائينس ڪيترن ڏينهن جي مهلت کپئي، ”جهان پناهه پندرهن ڏينهن جي، ڪمال هڪ عزم سان چيو ”انشاءَ الله مان ڪامياب ويندس.“

”ٺيڪ آهي، پر ياد رکجانءِ ته ناڪام موٽئين ته اسان وٽ نه اچجانءِ.“ بادشاهه ڪاوڙ مان چيو ”هاڻي وڃ.“

ڪمال بادشاهه جي درٻار مان نڪتو ۽ هلڻ لڳو. ان جو رخ سراءِ جي طرف هيو. رستي تي ان ڪافي ٻار گڏ ٿيل ڏٺا، جيڪي زخمي طوطي کي ستائي رهيا هئا. رحمدل ڪمال کان اهو ڏٺو ڪونه ٿيو. ان ٻارن کي هٽائي طوطي کي کڻي پاڻ سان گڏ سراءِ ۾ اچي ويو. اُتي طوطي کي دوا وغيره پياري ۽ چوري به کارائي. ان طوطي ۾ هڪ خاصيت هئي جو هو بلڪل انسانن وانگر ڳالهائيندو هو.

ٽن چئن ڏينهن کانپوءِ طوطو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. طوطو ڪمال جي شهر اچڻ جو مقصد سمجهندو هو. هفتي کن کانپوءِ ان چيو ڪمال تون ڏاڍو سٺو ڇوڪر آهين، مونکي خبر آهي ته تون شهر ڇو آيو آهين.تون شهزادي گلنار جي منڊي ڳولڻ لاءِ آيو آهين.“ ”ها“ ڪمال چيو ۽ پڇيائين ”توکي خبر آهي ته منڊي ڪنهن وٽ آهي.“

”اها منڊي شوشي نالي هڪ جادوگرياڻي وٽ آهي. هو شهر کان ٻاهر هڪ جھوپڙي ۾ رهندي آهي.“ طوطي ٻڌايس.

”هاڻ مان انکي ڪونه ڇڏيندس ماري ڇڏيندوسانس ۽ منڊي حاصل ڪري رهندس.“ ڪمال جلديءَ ۾ اٿندي چيو.

”پيارا ڪمال تون جذباتي نه ٿي تون جادوگرياڻي کي ماري نٿو سگھين. ان تي ڪا به تلوار اثر نه ٿي ڪري سگھي.“ طوطي ٻڌايس. انکي مارڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته تون اهو موتين وارو هار حاصل ڪري وٺ جنهن ۾ اُن جو ساهه آهي. تون اهو هار حاصل ڪري ڀڃي ڇڏيندي ته هوءَ مري ويندي ۽ تون منڊي حاصل ڪري وٺندين.“

”پر مان اهو هار ڪٿان حاصل ڪندس ۽ اهو مونکي ڪٿان ملندو.“

ڪمال چيو. . . .

”اهو هار جادوگرياڻي کي هر وقت ڳچيءَ ۾ پاتل هوندو آهي صرف رات جو سمهڻ وقت هار لاهي وهاڻي جي هيٺيان رکندي آهي بس تون رات جو هار حاصل ڪري سگھين ٿو.“

طوطي ڪمال کي ٻڌايو.

ڪمال طوطي جي ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ جڏهن رات ٿي ته هو جادوگرياڻيءَ جي جھوپڙي طرف هلڻ لڳو، ڪجهه دير کانپوءِ هو جھوپڙيءَ سامهون پهچي ويو. چئني پاسي اونداهي لڳي پئي هئي ۽ دروازو به بند هو. در جي وٿين مان هلڪي هلڪي روشني ڏسڻ ۾ پئي آئي. هاڻ مسئلو هو ته اندر ڪيئن وڃجي هڪ منٽ لاءِان سوچيو ڇا ڪيان؟ پر يڪدم ان جي نظر دريءَ جي تاڪ تي پئي. ان تاڪ کي هٿ سان پويان ڌڪو ڏنو ۽ اندر ٽپي پيو. سامهون ميز تي ڏيئو ٻري رهيو هو ۽ سامهون جادوگرياڻي وڏي پلنگ تي گھري ننڊ ۾ سُتي پئي هئي، ها ان جي ڳچيءَ ۾ ڪونه هو، ڪمال کي خبر هئي ته هار ان جي وهاڻي جي هيٺيان هوندو ڪمال آهستي آهستي اڳيان وڌيو ۽ اٽڪل سان وهاڻي جي هيٺيان هٿ وجھي هار ڪڍي ورتائين، جيئن هار ڪمال جي هٿ ۾ آيو ته جادوگرياڻي جي اک کلي پيئي ۽ ان تي ڪاهه ڪئي، پر ڪمال جلدي ۾ هار ڀڃي ڇڏيو ۽ جادوگرياڻي زمين تي ڦٿڪي ڦٿڪي ڪري مري ويئي.

ڪمال جلديءَ ۾ جادوگرياڻي جي جھوپڙي جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي. آخر شهزاديءَ جي منڊي لڀي پئي، جيڪا هڪ صندوق ۾ بند هئي، ڪمال منڊي کڻي سراءِ ۾ اچي ويو. ٻئي ڏينهن صبح ٿيندي ئي بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو، ۽ ان جي خدمت ۾ شهزاديءَ جي منڊي پيش ڪيائين. بادشاهه منڊي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منڊي شهزاديءَ کي محل ۾ ڏياري موڪليائين. شهزادي به ڏاڍي خوش ٿي ۽ منڊيءَ آڱر ۾ پائي ورتائين پوءِ بادشاهه واعدي موجب شهزادي گلنار جي شادي ڪمال سان ڪري ڇڏي ۽ حڪومت جو انتظام به ڪمال جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ۽ پاڻ بادشاهه الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ لڳو.

سنڌيڪار: گل محمد مڱريو

دل

انساني دل گوشت جو هڪ لوٿڙو آهي. جيڪا پاسراٽين جي مضبوط، پڃري ۾ انتهائي احتياط سان کاٻي هٿ جي پاسي تي واقع هوندي آهي، انجي مٿان هڪ غلاف وانگر هڪ شفاف ۽ سنهڙو ڇيڇڙو چڙهيل هوندو آهي. جيڪو پيري ڪارڊيم (PERICARDIUM) چورائبو آهي. ان ڇيڇڙي ۽ دل جي وچ ۾ هڪ خاص قسم جو فلوڊ (FLUID) هوندو آهي. جنهن کي پيري ڪارڊيل فلوڊ (PERICARDIAL FLUID) چئبو آهي ان جي ڪري دل کي ڌڙڪڻ ۾ مدد ملندي آهي. دل هڪ پمپنگ اسٽيشن جيان ڪم ڪندي آهي. هي چار حصن تي مشتمل هوندي آهي. ٻه ٻاهريان حصا آٽريا (ATRIA) ۽ ٻه هيٺيان حصا وينٽريڪل (VENTRICLE) سڏبا آهن. خراب رت جي نالين وينز (VEINS) جي وسيلي جسم جو خراب رت گڏجي آرٽري (ARTRIA) ۾ ايندو آهي. پوءِ (VENTRICLES) ۾ رت جي صفائي ٿيندي آهي. ان کان پوءِ صاف رت جي نالين آرٽريز (ARTRIES) جي وسيلي صاف رت جسم جي سڀني حصن ۾ پکڙجي ويندو آهي. ان پوري عمل جي لاءِ دل کي ڌڙڪڻ جي ضرورت پوندي آهي ۽ دل جي ڌڙڪڻ ئي زندگي جي علامت آهي. هڪ نوجوان مرد جي دل هڪ منٽ ۾ 80-72 دفعا ڌڙڪندي آهي ۽ عورتن جي دل جي ڌڙڪڻ مردن کان وڌيڪ تيز هوندي آهي.

دل جي بيماريون:

دل جون بيماريون اسانجي ملڪ ۾ عام آهن. جيڪي ٻارن کان وٺي وڏي عمر وارن ماڻهن تائين پکڙيل آهن. دل جي بيمارين جو سبب کاڌن ۾ احتياط نه ڪرڻ، فضائي آلودگي (POLLUTION) ۽ ورزش نه ڪرڻ آهي.

کاڌي ۾ احتياط وارو شرط ته ڪافي مشڪل آهي. پر جي فرمان رسول ﷺ موجب معدي جو هڪ حصو خالي رکيو وڃي ته اعتدال پنهنجو پاڻ پيدا ٿي ويندو.

گيهه جو وڌيڪ استعمال ۽ روغني ۽ سڻڀا کاڌا دل جي بيمارين جو عام سبب آهن. جنهن سان نه صرف دل جي ٻاهرين حصي تي چرٻي گڏ ٿي ويندي آهي بلڪ رت جي نالين ۾ به رنڊڪ پيدا ٿيندي آهي. جيڪا High يا Low بلڊ پريشر جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ گهڻو ڪري دل جي دوري (HEARTATTACK) جو سبب بڻبو آهي. فضائي آدلودگي ننڍن شهرن کان علاوه وڏن شهرن جو به اهم مسئلو آهي رستن تي هلڻ وارين گاڏين، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهون، استعمال شده پاڻي ۽ گند ڪچري جي ڍير وغيره ۾ باهه لڳائڻ سان نڪرندڙ غلظ دونهون هوا کي خراب ڪرڻ جا اهم ذريعا آهن. جڏهن ان خراب هوا ۾ ساهه کڻبو آهي ته دونهين ۽ ٻين شين جا ننڍا ننڍا ذرا اسانجي جسم ۾ داخل ٿي ڪري ٻين ٻيمارين کي جنم ڏيندا آهن. ته ان سان گڏ دل جي بيمارين جو به  سبب بڻبا آهن. جنهن لاءِ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته صبح جو فجر جي نماز کانپوءِ جڏهن رستن تي ٽريفڪ گهٽ هوندي آهي. پنڌ (WALK) ڪن ۽ وڏا وڏا ساهه کڻن. يا ته ڪنهن کليل ميدان يا باغ ۾ وڃي ورزش ڪن ۽ وڏا ساهه کڻن جيڪي دل و دماغ جي تسڪين جو سبب آهن.

اڄ کان گهڻا سال اڳ دل جي بيمارين جو علاج ڏاڍو مشڪل هو ۽ ماڻهو دوائن جي ذريعي ئي علاج ڪرائڻ پسند ڪندا هئا، پر هاڻ آپريشن جي ذريعي دل جي وڏين وڏين بيمارين جو علاج آسانيءَ سان ٿي ويندو آهي. دل جو هڪ وڏو آپريشن جنهن کي باءِ پاس سرجري(BY PASS SURGERY) چئبو آهي. ان آپريشن سان سيني جي هڏي کي وچ مان ڪٽي پاسراٽين جي پڃري کي کوليو ويندو آهي. پوءِ اوزارن ۽ مشين جي ذريعي دل جي خراب حصن کي ڪڍي ان جهڙا ٻيا حصا لڳايا ويندا آهن. ان آپريشن سان گهڻو ڪري ماڻهو صحت ياب ٿي ويندا آهن.

ان کان علاوه دل جي بيماري جو هڪ ٻيو جديد ۾ ڪامياب علاج پيس ميڪر (PEACE MAKER) جو استعمال آهي هي اصل ۾ هڪ ننڍي بيٽري هوندي آهي. جيڪا دل جي ويجهو جسم جي مٿان لڳائي ويندي آهي. انجو تعلق دل سان هوندو آهي ۽ دل کي هلائيندي آهي. يعني دل جي طبعي هلڻ ختم ٿي ويندو آهي ته بيٽري جي ذريعي دل هلندي آهي. انجي ميعاد عموماً 2 کان 5 سال تائين هوندي آهي ان ميعاد کانپوءِ نئين بيٽري لڳائي ويندي آهي. هي علاج عام، غريب ماڻهن جي پهچ کان مٿي آهي. اسان جي ملڪ ۾ دل جي بيمارين جي سڀ کان وڏي اسپتال (NATIONAL IN STITUTE OF CARDIOVAS CULAR DISEASES) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيز جيڪا ڪراچيءَ ۾ واقع آهي ۽ حيدرآباد شهر ۾ به دل جي بيمارين جو شعبو لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ديوان مشتاق (DEWAN MUSHTAQ) نالي سان واقع آهي.

وڏن ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي چوڻ  مطابق ته ڪوبه ماڻهو روزانو هڪ صوف کائي ته انکي دل جي بيماريءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽرن وٽ وڃڻ جي ضرورت ڪانه پوندي، ان کانسواءِ ماکي جو استعمال به دل جي بيمارين کان بچائيندو آهي. پر اسان کي يقين آهي ته موت ۽ زندگي ڊاڪٽرن جي بجاءَ الله سائين جي وس ۾ آهي ۽ انجي ئي حڪم تحت سڀ ڪم ٿيندا آهن. ڊاڪٽر ته بس پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندا آهن ۽ دوا ڏيندا آهن. شفا ڏيڻ ته الله سائين جي ئي هٿ ۾ آهي بقول سنڌ جي عظيم صوفي شاعر سائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب رحه جي.

تون حبيب، تون طبيب تون درد جي دوا

جانب منهنجي جيءَ ۾. آزار جا انوار

صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي.

(شاهه)

ترجمو: اڪبر علي ”مارو“ ڪنڀار

عقلمند ڇوڪري

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو رهندو هو. ان کي هڪ ڌيءَ هئي، جيڪا ڏاڍي سياڻي ۽ عقلمند هئي. هن جي هر ڳالهه ۾ ڪونه ڪو واضع مقصد هوندو هو هڪ ڏينهن پوڙهو شهر ڏانهن وڃڻ لڳو ته هن جي ڌيءَ هن کي چيو: ”بابا ڪنهن سان به ضد نه ڪجو جيڪڏهن ڪو صحيح ڳالهه چوي ته ان کي دل سان مڃو ۽ پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. پوڙهو پنهنجي ڌيءَ جي ڳالهه ذهن ۾ رکي شهر ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن شهر کان واپس وريو ته هن کي رستي ۾ هڪ نوجوان مليو، جيڪو ساڳئي طرف وڃي رهيو هو. اهڙي طرح هي ٻئي گڏجي هلڻ لڳا. ڪجهه وقت کانپوءِ رستي ۾ نوجوان پوڙهي کي چيو ”تون مون کي کڻي هل يا ته آءُ توکي کڻان ٿو. اهڙي طرح آساني سان پنهنجي منزل تي پهچي وينداسون.“ پوڙهي دل ۾ سوچيو هي عجيب ماڻهو آهي مون ۾ ايتري طاقت نه آهي جو هن کي کڻان ۽ نه ئي هن ۾ ايتري طاقت آهي جو مون کي کڻي هلي پر پنهنجي ڌيءَ جي هدايت کي دل ۾ رکيائين ته ڪنهن سان به ضد نه ڪجان. اهو سوچي خاموش ٿي ويو. هن نوجوان وري پڇيو ته: ”چاچا اوهان پنهنجي ٻني کاڌي آهي يا هاڻ لڻندا. پوڙهي وري سوچيو ته هي ڪو بيوقوف ماڻهو آهي جو پڇي ٿو ته ٻني کاڌي يا هاڻي لڻندين جڏهن ٻني لڻندا تڏهن کائينداسين يا لڻڻ کان به اڳ ۾ پر هو وري به چپ رهيو، جڏهن پوڙهي جو گهر آيو، تڏهن پوڙهي چيو ”هاڻي منهنجو گهر اچي ويو ۽ تنهنجو ڳوٺ اڳتي آهي. آءُ پنهنجي گهر وڃان ٿو ٺيڪ خدا حافظ“

نوجوان هن کي چيو ”چاچا توهان منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب ڪونه ڏنو، ٺيڪ آ ڪا ڳالهه ڪونهي پر آخر ڳالهه ضرور مڃ ته گهر ۾ بنا موڪل جي داخل نه ٿجانءِ.“ پوڙهي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته گهر منهنجو ۽ آءُ وري موڪل گهران اهو مناسب نه آهي. جڏهن دروازي تي پهتو ته هن وري سوچيو ۽ ڌيءَ جي هدايت کي ياد ڪيائين ته ڪنهن سان به ضد نه ڪجان. ان ڪري اندر داخل ٿيڻ جي اجازت گهريائين ته فوراً اندريان اواز آيو ته: ”بابا اندر نه اچجان آءُ غسل ڪري رهي آهيان غلطي ٿي وئي. جو ڪنڊو ڪونه لڳايو آهي. توهين ٿوري دير انتظار ڪندا.“ ان کان پوءِ ڪجهه وقت بعد ڇوڪري پڇيو ته ”بابا توهان اڄ موڪل ڪيئن گهري.“ تڏهن پوڙهي چيو رستي ۾ مون کي هڪ بي وقوف ماڻهو مليو هو. ان کانپوءِ ان جو سمورو قصو ڌيءَ کي ٻڌايائين، تڏهن ڌيءَ چيو: ”بابا اهو بي وقوف نه بلڪ هڪ وڏو عقلمند انسان هو. پوڙهي چيو ”اهو وري ڪيئن“ هن چيو پهرين ڳالهه جو مطلب ته اوهين ڪا ڪهاڻي ٻڌايا يا آءُ توهان کي ڪهاڻي ٻڌايان ته جيئن رستي جو پنڌ آسان ٿئي ۽ پاڻ ٻئي جلد پهچي ويون. ٻي ڳالهه جو مطلب آهي ته اوهان پنهنجي ٻني کائي ڇڏي آهي ته اوهان پنهنجي ٻني تي ڪو قرض ڪونه ورتو آهي. جيڪڏهن قرض نه ورتو آهي ته ٻني اڃان بچت آهي. پوڙهي چيو ڌيءَ واقعي سمجهيو. ڌيءَ چيو اوهين ان کي واپس وٺي اچو. آءُ هن جو امتحان وٺنديس. هو ايترو پري ڪونه ويو هوندو. پوڙهي نوڪر کي چيو هن نوجوان کي واپس وٺي اچ، جڏهن واپس وٺي آيو ته پنهنجي اوطاق ۾ ويهاريائين؟ ڪجهه دير کانپوءِ هن کي ماني موڪليائين. ڇوڪري امتحان وٺڻ خاطر نوڪر کي چيو. مهمان کي چئجان چوڏهين جو چنڊ آهي. درياءَ موج ۾ آهي ۽ تارا بي شمار آهن. نوڪر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ نوڪر سمجهيو ته هن جو امتحان وٺي رهي آهي. نوڪر ڪجهه مانيون ڪڍي ورتيون ۽ ٻوڙ به گهٽ ڪيائين ۽ ٻوٽيون به ڪڍي کائي ويو پر مهمان کي سموري ڳالهه ٻڌايائين. مهمان پهرين مسڪرايو ۽ ان کانپوءِ چيائين مالڪڻ کي چئجانءِ. چوڏهين جو چنڊ ڦري ستين جو ٿي ويو آهي ۽ تارا ٻه، ٽي رهجي ويا آهن. نوڪر اهو جو پنهنجي مالڪڻ کي ٻڌايو ته هو سمجهي وئي ته نوڪر خيانت ڪئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com