سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1991ع

باب: --

صفحو :2

ٻارو مون لکڻ ته 13 سالن جي عمر ۾ شروع ڪيو هو، ۽ پنهنجي پاڙيسري شاعر جناب احمد خان مدهوش سان گڏجي مشاعرن تي ويندو هوس، انجمن آفتاب ادب دادو پاران ٿيندڙ مشاعري ۾ شريڪ ٿيندو هوس، ان وقت سنڌ جي ادبي جماعتن پاران يادگار مشاعرا ٿيندا هئا. اڪثر مشاعرن ۾ مصرع طرح ڏني ويندي هئي. ٻارو مون پنهنجي شروعات واري شاعري جي اصلاح سنڌ جي هڪ ڪنهن مشق شاعر استاد الشعراءَ ۽ انجمن آفتاب ادب دادو جي جنرل سيڪريٽري، جناب حافظ محمد احسن چنا کان ورتي، جيڪو منهنجو ويجهو عزيز پڻ هو. ٻارو حافظ محمد احسن چنا هڪ وڏو شاعر، عالم، صحافي، اديب هو ۽ دادو مان هفتيوار ”آواز سنڌ“ اخبار ڪڍندو هو، جيڪا ڪيترائي ورهيه جاري رهي-ٻارو مون کي ڄامشوري ۾ نوڪري منهنجي ننڍپڻ جي دوست، ۽ ڪلاس فيلو ڊاڪٽر عبيدالله عباسي وٺي ڏني، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ڪيميسٽري ۾ پروفيسر آهي.

ٻارو ڄامشوري ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ مستقل رهائش دوران منهنجي سنگت سنڌي زبان جي برک شاعرن اديبن سان ٿي-جنهن ۾ استاد بخاري، ظفر حسن، عبدالقادر جوڻيجو، امداد حسيني، طارق عالم ابڙو، محمود مغل، بلبل کورواهي ۽ ٻين ڪيترن ئي ناميارن ليکڪن جو سٿ هو. اهڙن وڏن شاعرن اديبن سان اٿڻ ويهڻ ڪري مون وڌيڪ لکيو. ڄامشوري ۾ رهندي ڊاڪٽر بلبل کورواهي، عابد مظهر، نياز پنهور سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو. بلبل کورواهي پهريون باني سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جو عابد مظهر، نياز پنهور، روشن جسڪاڻي، طارق عالم ابڙو، ظفر حسن ۽ مان سيڪريٽري رهياسين. هن وقت به سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني برانچ ڄامشورو جو سائين ظفر حسن سيڪريٽري ۽ مان ڪائونسلر آهيان.

ٻارو مان شروع کان سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيو آهيان، ٻارو مان سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري هڪ ڀيرو خزانچي، هر سال ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهيان، سال 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران مون کي بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو جيڪو ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ سنگت جي ساليانه چونڊن دوران ڀٽ شاهه تي مليو هو.

مون هميشه اجا ئي ڏيک ويک ۽ نمائش کان پاسو ڪيو آهي ۽ صرف لکڻ واري عظيم مقصد کي اڻٿڪ محنت، ايمانداري ۽ سچائي سان ڪيل هر چڱو ڪم هڪ ڏينهن ضرور سڦل ٿيندو آهي ۽ ان سچائي جي بنياد تي ماڻهو کي پنهنجو ماڳ ملي ويندو آهي. ٻارو مان اڄ ڪلهه جو ڪجهه به آهيان. ان ۾ منهنجي ننڍپڻ جي دوست ڪلاس فيلو ڊاڪٽر عبيدالله عباسيءَ صاحب جو وڏو هٿ آهي. جنهن مون کي جهالت جي جهان مان ڪڍي روشني ۽ سچائي واري راهه ڏيکاري. اسان کي اڄ به هڪ ٻئي لاءِ احترام آهي. اسان اڄ به ساڳي خلوص ۽ قرب وچان هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهيون. ڊاڪٽر عبيدالله عباسي صاحب منهنجو همدرد دوست ۽ محسن آهي. توهين به محنت ڪريو، ته ڪا به ڳالهه ڏکي نه آهي.

مون اوهان ٻارن لاءِ ايڏو گهڻو نه لکيو آهي پوءِ به اڪثر اوهان لاءِ گيت ۽ نظم لکندو رهيو آهيان جيڪي اوهان جي پسنديده رسالي گل ڦل ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.

ان کانسواءِ منهنجي بي شمار شاعري سنڌي جي مشهور رسالن اخبارن ۾ ڇپي آهي.

ان کانسواءِ منهنجي شاعري ريڊيو، ٽي.وي تي پڻ کوڙ سارن تمام سٺن فنڪارن پڻ ڳائي آهي.

جنهن ۾ منظور سخيراڻي، شازيه  خشڪ. محمد يوسف چنا، ڦوٽو زرداري، ڊاڪٽر ستار، تهمينه سردار، غلام عباس، مٺل شيخ ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن.

ترجمو: ناز عائشه کوسو

عيسوي مهينن تي نالا ڪيئن پيا؟

1- جنوري:- هن مهيني تي اهو نالو رومين جي هڪ ديوتا ”جينس“ (Jauns) جي نالي تي رکيو ويو آهي. هي جنگ جو ديوتا هو جيڪو هڪ ئي وقت اڳيان ۽ پويان ڏسي سگهندو هو. رومن جو خيال هو ته هن ديوتا وانگر هو به پنهنجي ماضي ۽ حال جو جائزو وٺي سگهن ٿا. جنهنڪري هن مهيني جو نالو ”جنوري“ رکيو.

2- فيبروري:- هن مهيني جو نالو به هڪ رومي ديوتا ”فيبرا“ (Febrav) جي نالي تي رکيو آهي. هي ديوتا مذهبي خوشي جو علامت هو. گهڻو عرصو اڳ رائج رومن ڪئلينڊر ڏهن مهينن جو هو. پر پوءِ جوليس سيزر ان ڪئيلنڊر ۾ فيبروري جي مهيني جو اضافو ڪيو.

3- مارچ:- هن مهيني تي اهو نالو ”مارس“ (MARS) ديوتا جي نالي تي پيو. اهل روم مارس ديوتا کي جنگ جو ديوتا چوندا هئا. هي تمام خطرناڪ ديوتا هو. ۽ هن جي شڪل تمام خوفناڪ هئي. روم وارن جو عقيدو هو ته ڪڪر، برسات، بجلي سڀ مارس ديوتا جي هٿ ۾ آهن.

4- اپريل:- هن مهيني يعني اپريل جي معنيٰ آهي ”کولڻ وارو“ هن مهيني ۾ جيئن ته بهار جي موسم ايندي آهي. ان ڪري هن جو نالو هن ديوتا يا ديوي تي نه بلڪ بهار تي رکيو ويو آهي.

5- مئي:- هن مهيني جو نالو ”ميا“ (Maia) ديوي جي نالي تي رکيو ويو. هن مهيني ۾ اتر اڌ گول ۾ گرمي جو آغاز ٿي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اتر اڌ گول خط استوا جي ويجهو پهچي ويندو آهي. ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ سياري جي شروعات ٿي ويندي آهي. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن.

6- جون:- هن مهيني جو نالو جونو (Jono) نالي هڪ ديوي جي نالي تي رکيو ويو. هن مهيني ۾ اتر اڌ گول ۾ انتهائي گرمي هوندي آهي. 21 جون تي سج خط استوا تي چمڪندو آهي، 21 جون تي اتر اڌ گول ۾ وڏي ۾ وڏو ڏينهن ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ وڏي ۾ وڏي رات ٿيندي آهي. هن مهيني ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا.

7- جولاءِ:- هن مهيني تي اهو نالو مشهور حڪمران جوليس سيرز جي نالي پويان رکيو ويو آهي، ڪنهن زماني ۾ هي مهينو پنجين نمبر تي هو. ”ڪئانٽليس“ (Quantilis) جنهن جي معنيٰ آهي ”پنجون“ هن مهيني دوران اتر اڌ گول ۾ موسم گرم رهندي  آهي. ۽ ڏينهن ننڍا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ۽ سردي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. اتر اڌ گول ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ هن مهيني ۾ مينهن پوندا آهن. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا.

8- آگسٽ:- هن مهيني تي اهو نالو مشهور حڪمران آگسٽس (Augustus) جي نالي تي پيو. آگسٽس جي لفظي معنيٰ آهي داناءَ. هن مهيني دوران اتر اڌ گول ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا رهندا آهن. ان جي برعڪس ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن وڏا ٿيندا رهندا آهن. هن مهيني ۾ مينهن وسن ٿا هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا.

9- سيپٽمبر:- سيپٽمبر لاطيني ٻولي جي لفظ ”سيپٽم“ (Septem) مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي. ستون. پراڻي رومن ڪئلينڊر ۾ هي مهينو ستون هو. پر يورپي ڪئلينڊر ۾ هن جو مهينو نمبر نائون آهي. هي مهينو موسمن جي مٽا سٽا جي لحاظ کان نهايت اهم آهي. 21 سيپٽمبر تي سج بلڪل خط استوا تي چمڪڻ لڳندو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڏينهن رات برابر ٿيڻ لڳندا آهن. اتر اڌ گول ۾ خزان جي موسم ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ بهار جي موسم ٿئي ٿي هن مهيني ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا.

10-        آڪٽوبر:- آڪٽوبر لاطيني ٻولي جو لفظ آهي. جيڪو لفظ آڪتو (Octo) مان ورتل آهي. هن مهيني ۾ سج جي چو طرف پنهنجي مدار تي ٽئين چوٿائي کان وڌيڪ سفر ڪري چڪي هوندي آهي. اتر اڌ گول سج کان پري ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. اتر اڌ گول ۾ ڏينهن رات ننڍو، ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينهن رات کان وڏو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. اتر اڌ گول ۾ سياري ۾ ڏکڻ اڌ گول ۾ اونهاري جي موسم جي شروعات ٿيندي آهي. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا.

11-        نومبر: نومبر مهينو لاطيني ٻولي جي لفظ ”نووم“ (Novem) مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي نائون. رومي ڪئيلنڊر ۾ هي مهينو نائون هو. جڏهن ته يورپي ڪئيلنڊر ۾ هن جو نمبر يارهن آهي. هن مهيني ۾ 30 ڏينهن ٿيندا آهن.

12-        ڊسمبر: ڊسمبر لاطيني ٻولي جي لفظ ”ڊيڪم“ (Decm) مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ڏهون، رومي ڪئيلنڊر ۾ هي مهينو ڏهون هو. جڏهن ته يورپي ڪئلنڊر ۾ هي مهينو ٻارهين نمبر تي آهي. هن مهيني ۾ زمين سطح مدار تي پنهنجو چڪر پورو ڪرڻ واري هوندي آهي. ڏڪڻ اڌ گول ۾ 22 ڊسمبر سڀ کان وڏو ڏينهن هوندو آهي. اتر اڌ گول ۾ بهار جي موسم ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ گرمين جي موسم ٿئي ٿي. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن.

ربنواز ناريجو

لولي

ٻاتي ٻاتي تنهنجي ٻولي

ٻالڪ ٻاتي تنهنجي ٻولي

ڌرتيءَ جو تون گلڙو آهين،

تولاءِ پينگهو ماءُ جي جهولي

ننڍڙي مان تون وڏو ٿيندين

ماءُ ڏيئي ٿي تو کي اهڙي لولي

کير پياري تو کي ماءُ سمهاري

جهوليءَ ۾ ماءُ ڏي توکي مٺڙي لولي.

عاصم عباسي

جيجل سنڌ

جيجل سنڌڙي منهنجي ماءُ،

هر هڪ سنڌي منهنجو ڀاءُ.

سنڌ سموري سهڻي سون؛

جنت جهڙو جوت جڙاءُ.

سنڌڙي تنهنجا وڻندڙ واهه؛

ڪين ڏسين شل ڪو سو واءُ.

سنڌ جو ڏاڍو مٺڙو نانءُ؛

مور نه وسري سونهن سٽاءُ.

سنڌ جي ترقي خاطر سوچ!

آه ضروري محنت سڀاءُ...

سردي گرمي ڏسجي نه مور؛

ڇا جو سج جو تڪڙو تاءُ.

علم پڙهي سڀ ورڇئون جوت؛

جڳمڳ جرڪي شمع شعاءُ.

”عاصم“ اٿ ڪا همت ڌار!

پوءِ چڱو ناهي پڇتاءُ

سنڌيڪار: گُل احمد مڱريو

هاٿي

پيارا ٻارو توهان هاٿيءَ، کي راڻي باغ، سرڪس فلم يا ٽي وي تي ضرور ڏٺو هوندو. ايتري وڏي جانور کي ڪم سيکارڻ، ڪرتب سيکارڻ ۽ پنهنجي مرضي موجب ڪم وٺڻ آسان ڪم ڪونهي. پوءِ به حضرت انسان الله سائين جي مهربانيءَ سان پنهنجي عقل کان ڪم وٺي هاٿيءَ جهڙي طاقتور، وزني ۽ خطرناڪ جانور کي به پنهنجي اشارن تي هلڻ تي مجبور ڪري ورتو.

چون ٿا ته ڪئي سئو سال اڳ سنڌ ۾ به هاٿي هوندا هئا پر پوءِ آهسته آهسته انهن جو نسل سنڌ مان ختم ٿي ويو. اچو ته اڄ مان توهان کي هاٿي بابت ڄاڻ ڏيان. غور سان پڙهجو ۽ ڏسو ته هاٿي ڪيتري سمجهه رکندڙ جانور آهي. هاٿي زمين تي هلڻ وارن جانورن مان سڀ کان عجيب جانور آهي. جنهن کي انسان پنهنجي ڪم ڪار لاءِ استعمال ڪندو آهي. ڪتي کان پوءِ عقل ۽ وفاداري ۾ هاٿيءَ جو نالو اچي ٿو.

ڪو زمانو هو، جڏهن هاٿي بادشاهن، راجائن ۽ نوابن جي سواريءَ جي ڪم ايندا هئا ۽ انهن جي شان و شوڪت جو نشان هو. جنگ ۾ به ان کان ڪم ورتو ويندو هو. زمانو بدلجي ويو ۽ هاٿيءَ جي اها اهميت ڪانه رهي، جيڪا پهرين هئي. پر پوءِ به هاٿي اڄ به گهڻي ڪم جو جانور سمجهيو وڃي ٿو. هي وزني بار کڻڻ ۽ ڪاٺ جا وڏا ٿُڙ هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تائين گهلي کڻي وڃڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙن علائقن ۾ جتي ٻي سواري نٿي هلي سگهي. اُتي هاٿي سواري جي ڪم ايندو آهي. سرڪس ۾ به هاٿي وڏا دلچسپ ڪرتب ڏيکاري، ٻارن، جوانن ۽ پوڙهن کي خوشي ڪندو آهي.

موجوده زماني ۾ هاٿيءَ جا ٻه قسم ڏسڻ ۾ آيا آهن: هڪ آفريقي هاٿي ۽ ٻيو ايشيائي يا هندستاني هاٿي. آفريقي هاٿي هندستاني هاٿيءَ کان قد ۾ ڊگهو ۽ جسم ۾ وڏو هوندو آهي. ان جو قد 11 فوٽ ۽ وزن اندازن 6 کان 8 ٽن ٿيندو آهي. ان جا ڪَن ساڍا ٽي فوٽ ڊگها ۽ گولائي ۾ 42 انچ ويڪر ۽ ڏند (کائر وارا نه ڏيکارڻ وارا) 10 فوٽ يعني 3 ميٽر ڊگها ۽ وزن ۾ 90 ڪلو گرام ٿيندا آهن. ان جي سونڊ 5 کان 7 مادي کي 18 کان 20 مهينن جي وقفي ۾ ٻچو ڄمندو آهي ۽ پنجن سالن تائين ٻچو ئي رهندو آهي ۽ 15 کان 25 سالن تائين جوان ٿيندو آهي.

هندستاني يعني ايشيائي هاٿي، آفريقي هاٿيءَ کان ننڍو ٿيندو آهي، قد ۾ 10 فوٽ کان وڌيڪ ڪونه هوندو آهي، اڪثر ڪري 9 فوٽن تائين هوندو آهي. مادي هاٿڻ جو قد نر هاٿي کان هڪ فوٽ گهٽ هوندو آهي. آفريقي هاٿيءَ جي سُڃاڻ اُن جي سونڊ جي منهن تي ٻه ننڍيون نوڪون هونديون آهن جڏهن ته ايشيائي هاٿي جي سونڊ جي منهن تي هڪ نوڪ هوندي اهي.

عام طرح سان ڏند نر هاٿين کي ئي هوندا آهن ۽ جن نر هاٿين کي ڏند ڪونه هوندا آهن. اُهي مکنا، يا مڪنا هاٿي چورائبا آهن. هاٿيءَ جو رنگ ڀورو، ڪارو ۽ ميٽوڻو هوندو آهي. سيني، نرڙ ۽ ڪنن تي ڀورا چٽ هوندا اٿس. آفريقي هاٿيءَ جو نرڙ ٻاهرئين پاسي اُڀريل هوندو آهي ۽ ايشيائي هاٿي جو نرڙ اندرئين پاسي ويٺل هوندو آهي. عام طرح هاٿي ٻن ڏندن جائي هوندا آهن. پرڪي هاٿي 4 ڏند وارا به ڏٺا ويا آهن. اهڙن هاٿين کي بادشاهه هاٿي چيو ويندو آهي. هاٿيءَ جي جسم جي سڀ کان خوبصورت ۽ قيمتي شيءِ ان جا ٻاهرئين طرف نڪتل ڏند هوندا آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان ان غريب کي شڪار ڪري ماريندا آهن. اهي ڏند ڏيکاءَ جا هوندا اٿس. کاڌي کائڻ جا نه، جيڪي گهڻو قيمتي هوندا آهن، انهن کي عاج سڏيندا آهن ۽ وڏي مُلهه وڪامندا آهن، جن مان قيمتي شيون ٺاهيون وينديون آهن. جيئن چوڻي آهي ته: ”هاٿي جيئرو ته لک جو، مري ته سوا لک جو“. خاص ڳالهه ته شڪارين جو به اهو ئي خيال آهي ته هاٿي به ان ڳالهه کان با خبر آهي ته اُن جو دشمن انسان ان جي ڏندن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ان جو شڪار ڪري ٿو.

هاٿيءَ کي کاڌي جا ڏند تمام گهٽ هوندا آهن. ان جو سبب هي آهي ته ٻاهرئين پاسي وارا نڪتل وڏا ڏند ايتري گهڻي جاءِ والاري وٺندا آهن، جنهن ڪري هاٿيءَ جي منهن ۾ وڌيڪ ڏندن جي گنجائش باقي نه رهندي آهي. پر پوءِ به کاڌي کائڻ ۽ چٻاڙڻ لاءِ ڏندن جي ضرورت پوندي اٿس. سڄي عمر ۾ هاٿيءَ کي ڇهه ڏند يا ڏاٺون مٿين ۽ هيٺين حصي ۾ ڄمنديون آهن (پر هڪ وقت ۾ صرف ٻه) جڏهن اهي ختم ٿي وينديون آهن ته انهن جي جاءِ تي ٻيون ڄمنديون آهن.

هاٿي مٿي کان پيرن تائين ڏسڻ ۾ هڪ عجيب قسم جو جانور آهي پر اُن جي جسم ۾ سڀ کان عجيب حصو ان جي طاقت ور سونڊ آهي، ۽ سونڊ ئي هاٿيءَ جو سڀ کان وڏو هٿيار آهي، مضبوط کان مظبوط وڻ کي به پاڙان پٽي ڇڏيندو آهي، وڏي مان وڏي شيءِ مثلا سُئي جهڙي سنهي شيءِ کي به آساني سان کڻي وٺندو آهي، هاٿيءَ جي سونڊ ۾ هڏو ڪونه ٿيندو آهي، پر کل ۽ گوشت ايترو مضبوط هوندو اٿس جو تيز کان تيز چاقو به اُنهي کي مشڪل سان ئي ڪپي سگهندو آهي. هاٿيءَ جون مڇون ۽ منهن جا وار ايترا ته سخت هوندا آهن جو سرڪس وارا اُن جي شيو بلوليمپ سان ڪندا آهن! هاٿيءَ جي نظر پري جي شين کي گهٽ ڏسندي آهي. هو 100 وال جي مفاصلي واري شيءِ کي آسانيءَ سان نٿو ڏسي سگهي. الله تعاليٰ اُن جي ڏسڻ جي طاقت گهٽ رکي آهي، پر اُن جي ان ڪمزوري کي پورو ڪرڻ لاءِ اُن جي سنگهڻ جي حس کي گهڻو وڌايو اٿئين، جنهن سان هو پري کان ئي سنگهي پنهنجي دشمن جو پتو لڳائي ويندو آهي ۽ پنهنجي بچاءَ جو ڪندو آهي.

هونئن ته هاٿي آرام سان هلڻ جو عادي آهي، پر خطري جي وقت هو 20 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊڪي به سگهندو آهي. هاٿي هڪ سٺو تارو به آهي، هو پنهنجي وزني جسم جي ڪري ٻڏي به ڪون سگهندو آهي هڪ هاٿي روزانو 6 سئو پائونڊ کان 7 سئون پائونڊ تائين سائون گاهه کائي سگهندو آهي ۽ 190 ليٽر يعني 50 گيلن پاڻي پي سگهي ٿو ڪڏهن برسات نه پوڻ ۽ ميدانن ۽ برپٽن ۾ پاڻي ختم ٿي وڃڻ جي ڪري، هاٿيءَ اُنهي پاڻي واري جاءِ جي ويجهو واري زمين کي پنهنجي ڏندن ۽ پيرن سان کوٽي پاڻي کي تلاش ڪري پنهنجي اُڃ اجهائيندو آهي.

هاٿيءَ جي عمر انسان جي عمر جي برابر هوندي آهي هو اندازن 60 کان 100 سال تائين جيئرو رهندو آهي.

هاٿي جابلو، ٿڌي ۽ گهاٽي وڻن واري علائقي کي پسند ڪندو آهي بانس جو وڻ اُن جي پسنديده خوراڪ آهي، جهنگ جي اُن حصي تي جتي گهڻي ڀاڱي بانس جا وڻ هوندا آهن. اُتي هاٿين جو تعداد گهڻو هوندو آهي. هاٿيءَ کان گرمي برداشت ڪانه ٿيندي آهي، ۽ اُس کي به ناپسند ڪندو آهي، ان لاءِ ڏينهن جي وقت ڇانءِ واري وڻن جي هيٺان يا واهه، ندي، يا چشمي جي ويجهو آرام ڪندو آهي ۽ شام جي وقت يا صبح جي وقت ئي پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي.

هاٿي ولرن جي صورت ۾ رهندا آهن. عام طرح سان 10 کان 50 تائين جي گروهن ۾ ڏٺا ويندا آهن قبيلي يا گروهه جي رهنمائي سڀ کان وڏي عمر وارا هاٿي ڪندا آهن ان قبيلي يا گروپ ۾ چوڪيدار هاٿي به هوندا آهن، جيڪ خطري جي وقت رڙيون يا خاص آواز ڪري سڀني هاٿين کي خبردار رکندا آهن ۽ ڪمزور ۽ پوڙهن هاٿين کي محفوظ يا گهاٽي جهنگ ۾ وٺي وڃي لڪائيندا آهن ته جيئن حملي آور شڪاري اُنهن کي ڪو نقصان نه پهچائين ۽ اوچتو ڪنهن شڪاري! جي حملي سان ڪو هاٿي زخمي ٿي پوندو آهي ته ته ٻيا هاٿي پنهنجي زخمي ساٿي کي سهارو ڏيئي محفوظ جڳهه تائين پهچائڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آهن.

ڪنهن وقت هاٿي چريو به ٿي پوندو آهي، ان جي چريي ٿيڻ جا گهڻائي سبب بيان ڪيا ويا آهن. جهنگلي هاٿي هميشه زخمي حالت جي ڪري چريو ٿيندو آهي. مثال طور شڪار ڪندڙ جي ٻي احتياتي ڌڪ، گولي يا تير لڳڻ ڪري هاٿي بروقت نه ڪريو ۽ هو زخمي ٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن ڪري اُن جا زخم اُن کي ڏاڍي تڪليف پهچائيندا آهن ۽ ايترو جو پچي به پوندا آهن. اهڙي حالت ۾ سخت سور ٿيڻ جي ڪري هاٿي پنهنجو حوصلو وڃائي ويهندو آهي ۽ رڙيون ڪري ڪري چريو ٿي پوندو آهي ۽ آس پاس جي آبادين ۾ ڪاهجي پوندو آهي ۽ اُتي جي ماڻهن کي چيڀاٽي ماري پنهنجي ڪاوڙ لاهيندو آهي، ان طرح ناتجربيڪار ۽ اڻڄاڻ شڪاريءَ جي غلطيءَ سبب گهڻائي بي گناهه انسان ان جي حملي هيٺ اچي ويندا آهن. هاٿين جو شڪار ڪرڻ وقت شڪارين کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويندو آهي ته هاٿيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندا هر حالت ۾ اُنکي پڪڙيندا يا ماري ڇڏيندا.

گهڻو ڪري شڪاري ايڏي وڏي جانور کي مٿي ڪنن ۽ اکين جي وچ واري حصي کي نشانو بنائي ڌڪ هڻندا آهن، ڇو جو هاٿيءَ جي جسم جي ٻيئ ڪنهن حصي تي ڌڪ يا گولي وغيره ايترو اثر نه ڪندي آهي جيترو منهن واري حصي تي اثر ڪندي آهي، جنهنڪري هاٿي بروقت زمين تي ڪري پوندو آهي.

هاٿيءَ کي جيئرو پڪڙڻ لاءِ پاليل هاٿين جي مدد سان پڪڙيو ويندوآهي ان ڪم لاءِ کاهي کوٽبي آهي ۽ اُن جي مٿان گاهه پن رکي ڇڏبا آهن ته جيئن هاٿي اُن ۾ ڪري پئي ۽ نڪري ڀڄي نه سگهي، نئين پڪڙيل هاٿيءَ کي ڪجهه ڏينهن بکيو ۽ اُڃيو رکيو ويندو آهي. جنهن ڪري هوريان هوريان قابو ۾ اچي ويندو آهي ۽ ٻين پاليل هاٿين وانگر ڪم ڪندو آهي ۽ ماڻهو جو حڪم مڃيندو آهي.

مشتاق بخاري

ماءُ

ڇا ماءُ جيان ڪو چاهيندو؟

ڪو هن جي جاءِ ولاريندو؟

 

مٺڙي مٺڙي ماءُ جي جهولي.

ننڊ ڪرائي هن جي لولي.

ڪو اهڙي ٻولي ٻوليندو؟

 

جي مان روئان، هيءَ پرچائي،

چميون ڏي ۽ سيني لائي.

ڪو هن کان بهتر ڀائيندو؟

 

راتيون جاڳي کير پيئاري.

اندر ٺاري، جيءُ جيئاري،

ٻيو ڪير ائين ڏس پاليندو؟

 

چاههَ منجهان هيءَ چاههُ ڏئي ٿي،

پنهنجي سڪ ۽ ساههُ ڏئي ٿي.

ٻيو جانِ ائين ڪو واريندو؟

 

ميرو ٿيان جي، پوءِ وهنجاري،

”مشتاق“ وري ٿي سينگاري،

ڪو اهڙو ڌيان ڌاريندو؟

سيف مگسي

نظم

ماکيءَ کان وڌ مٺڙو ٻار،

مستقبل جو آ معمار.

نازڪ، نازڪ هن جا ناتا،

پيار وارن لئه آهن آتا.

درس پريت جو تن کان سکجي،

غير، ڪُپت کي پاڙان پٽجي.

پيارا ٻاتا ٻول ٻڌائن،

ويران دل ۾ رنگ رچائن.

توکي مونکي سڀ کي چاهن،

محبت جا هو بکيا آهن.

سڀ جا ”سيف“ سهارا آهن،

گهر ۾ روشن تارا آهن.

امام راشدي

ڪُڪڙ جي موٽ

استاد ڪلاس ۾ گهڙيو، ته لُڙ بند ٿي ويو. پاڻ ڪرسيءَ تي ويهندي، ٻارن کي اُٿ ويهه ڪرايائين. پوءِ حاضريءَ جو رجسٽر کڻي ٻارن جي حاضري ڀريائين. اتان واندو ٿي سڀني ٻارن کي چيائين ته، ”اُٿي بيهو“ سڀئي ٻار اٿي بيٺا. هو ٻارن جو جائزو وٺڻ لڳو ۽ پوءِ حڪم جاري ڪندي چيائين،  ”اڙي ڇورا!.... امتحان ٿيڻ وارا آهن. باقي ڏهه ڏينهن کن آهن. تنهنڪري توهان پنهنجي تياري مڪمل ڪري ڇڏيو.اڄ کانپوءِ سڀني ٻارن جي موڪل به بند آهي ۽ جيڪو به ٻار گُسائيندو، اهو وري اسڪول ۾ پير نه پائي. ۽ ها، امتحان ۾ اهي ڇوڪرا پاس ٿيندا، جيڪي ڪُڪڙ ڏيندا، سمجهوَ !! هاڻي ويهي رهو“.

استاد جو حڪم ٻڌي سڀ ٻار هڪٻئي کي حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا. ڪلاس مان ڪنهن حرڪتي ڇوڪري رڙِ ڪندي چيو، سائين ايترا ڇا ڪندوء، فارم کوليندوء ڇا؟ سڄي ڪلاس ۾ ٽهڪڙو مڇي ويو. اهو ٻڌي استاد به مُرڪي پيو. ٻارن جو وري گڏيل آواز آيو، سائين، جيڪو ڪڪڙ نه ڏيندو اهو....؟  ” اهو ناپاس ٿيندو....“ استاد وراڻيو.

استاد واري ڪڪڙ جي اها فرمائش ٻين ٻارن کي ته وڻي هئي الائي نه! پر، اَخوءَ کي اصل ڪانه وڻي هئي. مڙئي ئي کڻي ها ڪئي هئائين. اَخوءَ لاءِ ڪڪڙ هٿ ڪرڻ، آسمان مان تارا لاهڻ جي برابر هو. هن کان امتحان وسري ويو، پر ذهن کي ڊوڙايو، ڪڪڙ هٿ ڪرڻ جا ڪيترائي اُبتا سُبتا خيال آيس پر، هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.

پنهنجي گهر ۾ ڪا ڪڪڙ ڪونه هيس، نه ته ماءُ پيءُ کي ايلاز منٿون ڪري به کڻي اچي ها. هن جي سوچ جڏَهن ڪڪڙ هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ته، هن اٽڪل ڪري استاد کان پڇيو ته،” سائين! ڪڪڙ نرَ هجي يا مادي؟“ استاد جيڪو ٽنگون ميز تي رکيون، ڪو ڪلام جهونگاري رهيو هو، تنهن کيس سڏ ڪري گهر وڙي بُجو ڏيندي چيو، ”اڙي، جٺ جا پُٽ! ڪڪڙ نَر هجي يا مادي. ٿيو ته ڪڪڙ نه! سمجھئي، لوسي!!“ سڄي ڪلاس ۾ ٻيهر ٽهڪڙو مچي ويو. آخر ويچارو ڏاڍو لَڄي ٿيو. ۽ ماٺ ڪري وڃي بئنچ تي ويهي رهيو، ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ڪڪڙ جي ڳولا ڪرڻ لڳو.

جڏهن موڪل ملي ۽ اخو گھر آيو، ته سندس ذهن ۾ رڳو ڪڪڙ ٻانگون ڏيڻ لڳو. هو اداس اداس ويٺو رهيو. هن اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪئي. روز ڪڪڙ هٿ ڪرڻ جا خيال پچائيندو رهيو. ائين ڏينهن گذرندا ويا. استاد به روزانو ڪلاس ۾ ڪڪڙ ڏيڻ جو اعلان ڪندو رهيو.  ڪيترن ئي ٻارن ته امتحان کان اڳ ۾ استاد کي ڪڪڙ ڏنا هئا. نيٺ امتحان جو ڏينهن به اچي ويو. امتحان خير سان ٿي ويا. رزلٽ جي خبر نه پئجي سگھي. توڙي جو ٻار گھر وڃڻ وقت استاد کان ۽ صاحب کان پُڇندا رهيا ته، سائين، مان پاس ٿيس؟ استاد ته کين ڪَرڙيون اکيون ڪندو ڏسندو رهيو، پر صاحب مڙئي ”ها ها“ _ _ _ _ _ _ ڪندو رهيو. ٻار دل ۾ خوش ٿيندا گھر ويا. اخو به اهو ٻڌي گھر آيو هو  ۽ کائنس ڪڪڙ به وسري ويو هو. اهو ڏينهن ته هن ڏاڍو سڪون سان گذاريو. ان خوشيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به اسڪول نه آيو. ٽئين ڏينهن اخو اسڪول آيو. جئين ئي ڪلاس ۾ گھڙيو ته، نظر استاد جي ميز هيٺيان ٻڌل ڪڪڙ تي پئي. هن جا خيال ٽٽي پيا. سندس ذهن ۾ وري ڪڪڙ ٻانگون ڏيڻ لڳو. استاد کيس رڳو ايترو چيو ته، ”اخو! هٿين خالي آيو آهين، پاس ٿيڻو ڪونهي ڇا؟“ اخو سڄو ڏڪي ويو. ۽ سڀاڻي آڻيندس.“ ” چڱو، . . . سڀاڻو به پري ناهي، جيڪڏهن سڀاڻي ڪڪڙ نه آندءِ، ته پوءِ ٻچا، پاڻ کي ناپاس سمجھ!“ استاد کيس ڇنڀيندي چيو.

اخو پريشان ٿي ويو. هن کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو. سندس دل ۾ خيال آيو ته ’ڇو نه، ماسي مُرادان جو هڪ ڪڪڙ چورائي سائين کي ڏيان. هونئن به ماسي مُرادان وٽ ڪڪڙ گھڻا آهن. ۽ رات جو ماسيءَ جا سڀ ڪڪڙ ڀت تي ويهندا آهن. پوءِ. . . پوءِ ته بس، اتان هڪڙي ڪڪڙ کي سَٽ ڏبي. واه واه. اصل ڏاڍو ڀلو ٿي پيو.‘ هو هاڻي خوش ٿيڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو ته، ’اها اٽڪل مونکي اڳ ۾ ڇو نه آئي. خير، هاڻي ته ڏاڍو ڀلو ٿيندو‘ اهو پَهه ڪري هو ويهي رهيو. ۽ ماسي مُرادان جي ڪڪڙ ڦاسائڻ جون اٽڪلون سوچڻ لڳو. هن سوچيو ته، ’ماسي مُرادان جي ڪڪڙ چورائڻ ڪا سولي ڳالهه ته ڪونهي. جيڪڏهن ماسي کي انهي جي خبر پئجي وئي ته، پوءِ قيامت اچي ويندي. مونکي ته ماسي بُج بُج ڪري ڇڏيندي.‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com