راڪاس جو ڏٺو ته برڙ باڪاس جي مڇ جو وار ايڏو وڏو
۽ ٿلهو آهي، سو هو وري به برڙ باڪاس کان خوف کائي
واپس هليو ويو.
رات جي ٽئين پهر ۾ هو وري آيو ۽ اچڻ سان ئي زور
سان دروازو کٽڪائڻ لڳو!
راڪاس: تون ڪير آهين؟
راڪاس: مان راڪاس آهيان، تون ڪير آهين؟
منڊڙو: مان برڙ باڪاس آهيان.
راڪاس جيڪڏهن تون برڙ باڪاس آهين ته پوءِ اڇل ڪا
نشاني.
منڊڙي ڇا ڪيو جو ڌونري واري چاڏي کڻي سڌو راڪاس جي
منهن ۾ وهائي ڪڍيائين. جنهن ڪري راڪاس جو سڄو منهن
ڌونري سان ڀرجي خراب ٿي پيو.
اهو وري ڇا آهي راڪاس چيو.
اها ته منهنجي هڪڙي ٿڪ اٿئي. منڊڙي چيو.
راڪاس جو ڏٺو ته برڙ باڪاس جي هڪڙي ئي ٿُڪَ سان
سندس سڄو چهرو ئي لپجي ويو آهي. ان ڪري هو هوندو
به ته اهڙو ئي ديو قامت! ان ڪري ڊپ کان هو وري به
واپس موٽي ويو!
رات جو پوئين حصي ۾ راڪاس وري آيو ۽ عام تيزيءَ
سان عمارت جو دروازو کٽڪائڻ لڳو، اندران منڊڙي وري
به کانئس پڇيو ته تون ڪير آهين؟
آئون راڪاس آهيان. هن وراڻيو، تون ڪير آهين؟ راڪاس
منڊڙي کان پڇيو.
منڊڙو آئون برڙ باڪاس آهيان.
راڪاس: ته پوءِ اڇل ڪا نشاني.
منڊڙي ڇا ڪيو جو لوهه جو گهوٻو کڻي چتائي راڪاس جي
ٽڪڻ (مٿي ) ۾ زور سان وهائي ڪڍيائين، جيڪو راڪاس
جو ٺوڙهه ۾ کپي ويو. اهو ڇا اٿئي؟ راڪاس چيو.
اهو منهنجو هڪڙو ڏند اٿئي منڊڙي کيس چيو. ايڏي وڏي
ڏند جي ڪري راڪاس هڪ دفعو وري به ڊڄي ويو ۽ واپس
موٽي ويو، ائين ڪندي صبح به اچي ٿيو منڊڙي مسافر،
انڌڙي مسافر کي چيو ته ٻيلي اچ ته ڀڄون، ٻچا ٻي
صورت ۾ راڪاس ته اسان کي گرهه ئي هڪ ڪندو.
پوءِ وري به انڌڙي مسافر، منڊڙي کي پنهنجي ڪلهن تي
کنيو ۽ هو پنهنجو سفر ڪرڻ لڳا ۽ جلد ئي ٻيئي ڄڻا
گلستان شهر ۾ پنهنجي منزل مقصود تي پهچي ويا.
ديارام مڪواڻو
سُفارش جو نتيجو
اسان جي امتحان ۾ هاڻ ٿورائي ڏينهن وڃي بچيا هئا،
ان ڪري آءٌ سخت محنت ڪرڻ ۾ مشغول هئس. پنهنجي ڪمري
کان ٻاهر ئي ڪونه نڪرندو هئس ۽ هر وقت پڙهائي ۾
مشغول هوندو هوس. هميشه وانگر مون کي هن دفعي به
پڪ هئي ته آءٌ پهريون نمبر ايندس. منهنجو پيءُ مون
کي سڄو ڏينهن پڙهندو ڏسي، چوندو هو ته ”پٽ شاهد،
سڄو ڏينهن ڪمري ۾ به ته نه ويهندو ڪر، ان سان
تنهنجي صحت تي اثر ٿي سگهي ٿو ۽ خدانخواسته توکي
ڪجهه ٿي وڃي ته پوءِ امتحان ڪيئن ڏيندين.“ ان تي
آءُ کلي چوندو هوس ته:
”بابا، توهان ڪو فڪر نه ڪريو. انسان کي ڪاميابي،
تڏهن وڃي ملندي آهي، جڏهن هو سخت محنت کان ڪم
وٺندو آهي. بهرحال توهان جي چوڻ تي آءٌ ڪلاڪ، ڏيڍ
ڪلاڪ لاءِ تازي هوا خوري لاءِ ٻاهر نڪرندو رهندس.“
”شاباس پٽ، منهنجون دعائون توسان آهن.“ شل خدا
توکي زندگي جي هر موڙ ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.“
امتحان خير سان گذري ويا. منهنجا سڀ پيپر سٺا ٿيا
هئا. هاڻ مون کي بيچيني سان رزلٽ جو انتظار هو.
آخر اهي امتحآن جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ نتيجي ٻڌائڻ
جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو. ان ڏينهن آءٌ ڏاڍو خوش
هئس، ڇو ته مون کي يقين هو ته آءٌ ڪلاس ۾ پهريون
نمبر کڻندس. جنهن ڏينهن رزلٽ ٻڌائڻي هئي، ان ڏينهن
آءٌ پنهنجي پاڙي جي هڪ دوست جميل سان گڏ اسڪول
روانو ٿيس. جميل هڪ امير پيءُ جو پٽ هو، هو ٽيوشن
وٺندي به پڙهائي ۾ ڪافي ڪمزور هو، مان هن کي پڙهڻ
لاءِ گهڻو چوندو هوس، پر هو منهنجي ڳالهين کي نه
مڃيندو هو. اسان ٻئي ڳالهيون ڪندي اسڪول ڏانهن وڃي
رهيا هئاسين ته اوچتو هو چوڻ لڳو ته، ”شاهد تون
ڏسجان، هن دفعي آءٌ پهريون نمبر ايندس.“
تون پهريون نمبر ايندين ڪيئن ڀلا؟ مون مسڪرائيندي
پڇيو ”بس“ مون امتحان ۾ ڪافي محنت ڪئي هئي. جميل
چيو. پر مون کي خبر هئي ته هو ڪوڙ پيو ڳالهائي ڇو
ته امتحان کان ٻه ٽي ڏينهن پهرين مان هن کي ڳلي ۾
هر روز ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسندو هوس. ان ڪري هن جي
ڳالهين تي گهڻو ڌيان ڪونه ڏنو.
جڏهن اسان اسڪول پهچي، مقرر ٿيل هال ۾ وڃي ويٺاسين
ته ٿوري دير کان پوءِ هيڊ ماستر صاحب ڪجهه ٻين
استادن سان گڏ هال ۾ داخل ٿيو. اسان سڀ احترام سان
اٿي بيٺاسين. هن اسان کي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پوءِ
مختصر تقرير ڪئي. جيڪا هن ريت هئي:
پيارا ٻارو جيئن ته توهان کي خبر آهي ته اڄ ڇهين
ستين ۽ اٺين درجي جي سالياني امتحان جي نتيجي جو
اعلان ڪيو ويندو مون کي اهو چوندي تمام گهڻي خوشي
پئي ٿئي، ته اسان جي اسڪول جي ڪيترن ئي شاگردن،
ڏينهن رات محنت ڪري، امتحان ۾ سٺي ڪاميابي حاصل
ڪئي آهي. آءٌ اميد ٿو ڪريان ته اهي ڇوڪرا آئنده به
محنت ڪري ڪاميابي جي منزل ماڻيندا رهندا. باقي جن
ڇوڪرن صفا محنت ڪونه ڪئي آهي ۽ فيل ٿيا آهن، سي به
همت نه هارين، پر آئنده لاءِ سخت محنت ڪن ته جيئن
هي اڳيان وڃي سٺي ڪاميابي حاصل ڪري سگهن، هاڻ آءٌ
سائين حسين کي عرض ڪندس ته هو اچي ٻارن کي امتحان
جو نتيجو ٻڌائي. ائين چئي هيڊ ماستر صاحب ڪرسي تي
ويهي رهيو، سائين حسين امتحان جو نتيجو ٻڌائڻ شروع
ڪيو. جڏهن اسان جي ڪلاس ستين جو نمبر آيو ته سائين
چيو ته: ڪلاس ستين ۾ پهريون نمبر آيو آهي جميل
احمد.
ان تي تاڙيون وڄڻ لڳيون، پر منهنجي دماغ ۾ اونداهي
جي چادر ڇانئجي ويئي.
جميل پهريون نمبر کنيو آهي بنا محنت ڪرڻ جي.
منهنجو دماغ تيزي سان سوچڻ لڳو. مون کي ڪو هوش
ڪونه رهيو. اوچتو جڏهن سائين حسين منهنجو نالو
ورتو ته مان مس وڃي هوش جي دنيا ۾ واپس آيس. مون
ٽيون نمبر کنيو هو.
اهو ڪيئن ٿي ويو؟ جميل ته صفا محنت ڪونه ڪئي هئي.
ايتري ۾ منهنجي اندر مان آواز اچڻ لڳو سفارش،
رشوت.
جڏهن سڀني کي رزلٽ ٻڌائي وئي ته هيڊ ماستر اسان کي
گهر وڃڻ جي اجازت ڏني، گهر ۾ داخل ٿيڻ تي بابا
جڏهن مون کي غمگين ڏٺو ته ان جو سبب پڇيو. مون
بابا کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ان تي بابا چيو ته:
پٽ واقعي توسان نا انصافي ٿي آهي.
وڪيو پيرزادو
نظم
علم جي اوهان کي، گهڻي آهي پارت،
سوچڻ سمجهڻ جي، رکو ڪا صلاحيت،
قلم ۽ ڪتاب کي، سمجهو پنهنجا ساٿي،
ڄاڻ جي خزاني جي ڪن ٿا عنايت،
جهالت سان جهيڙو، علم جو اصل کان،
رهن ڪين گڏجي، اٿن جا عداوت،
تعليم ساڻ تعلق، رکو ٻارو هردم،
اٿوَ سڀ اوهان لاءِ، سموري سعادت،
استاد ئي آهي، ماءُ پيءُ مثل،
رکي جو ٻچن جيئن، اوهان ساڻ محبت،
هلو هڪ جيڏن سان، هَٿَ هَٿَ ۾ ڏيئي،
ڪندا ڪريو ننڍڙن، ٻارن تي شفقت،
آسون اوهان ۾، مائٽن مٽن جون،
وڏا بڻجو ماڻهو، ملي کين مُسرت،
اخلاق ادب جو، دامن جهليو ڀَلِ،
اهڙيءَ ادا سان، ملندي آهي عزت،
سدائين بُلند آ، مڪان رهيو علم جو،
رکي آ خدا خود، علم منجهه عظمت.
چوي پيو ٿو هر دم، ڪريو علم حاصل،
نصيحت ڪرڻ بس! ”وڪيل“ جي آ عادت.
اشرف زمان پير چنڊامي
نانءُ منهنجو بي
نفرتن جا ڳوٺ ساڙيندا هلو،
مرڪ جا محلات ٺاهيندا هلو.
علم آهي روشني ئي روشني،
روشنيءَ ڏي ڊوڙ پائيندا هلو.
سانت سڪ ۽ صلح جا پوکيا سلا،
امن جا ٻوٽا لڳائيندا هلو.
جهار جهرڪي جوءِ مان هڪلي ڪڍو،
پيار جون پوکون پچائيندا هلو.
ڇو ڀلا خاموش آهيو دوستو،
گيت اشرف جو ٻڌائيندا هلو.
عبدالرافع شيخ
هڪ ڏينهن جي ڳالهه 1
هڪ ڏينهن سياري جي موسم ۾ آئون لاڙڪاڻي مان موٽي
رهيو هوس. شهداد ڪوٽ جي بس تي ويٺس، ٿوري دير کان
پوءِ بس هلي، اڃا ٿوري بس هلي، ته مون کي محسوس
ٿيو ته، سگريٽ جو دونهون منهنجي رڳن ۾ داخل ٿي
رهيو آهي. مون نظر گهمائي ڏٺو ته تقريباً بس ۾
ويٺل اڌ ماڻهو سگريٽ پي رهيا هئا. ڪنهن جي هٿ ۾
سگريٽ هيو ته ڪنهن جي هٿ ۾ ٻيڙي هئي. ماڻهو آرام
سان سگريٽ جا سوٽا هڻي رهيا هئا ۽ پاڻ تي فخر ڪري
رهيا هئا ته اسان سگريٽ پي رهيا آهيون.
منهنجي سيٽ تي ويٺل هڪ نوجوان مون کي چيو ته:
”ڀاءُ هي سگريٽ جو پيڪٽ ته اڇلاءِ.“ هن مون کي
سگريٽ جو خالي پيڪٽ ڏنو. مان دري کولي سگريٽ جو
پيڪٽ اڃا اڇلايان ئي پيو ته منهنجي نظر پيڪٽ جي
پاسي وارن اکرن تي پئي، جنهن تي لکيل هو.
”خبردار تماڪ نوشي صحت لاءِ مضر (نقصانڪار) آهي.“
مون اهي اکر پڙهيا ته مون کي حيرت ٿي ته ڇا هاڻي
ماڻهو بيوقوف ۽ بي سمجهه ٿي ويا آهن جو هنن کي خبر
به آهي ته سگريٽ هڪ موذي مرض آهي، جنهن مان ڪينسر،
ڦڦڙن جي بيماري ۽ دل جي بيماري وغيره ٿئي ٿي، تڏهن
به هو سگريٽ پيئن ٿا. هاڻي ته سائنسدانن ٻڌايو آهي
ته سگريٽ مان ڏيڍ درجن يعني 18 بيماريون ٿين ٿيون،
جنهن ۾ رت جي خرابي، نزلو، زڪام ڪمزوري، آواز جو
ويهي رهڻ، نظر گهٽجي وڃڻ ۽ دماغي بيماريون وغيره
شامل آهن.سگريٽ پيئڻ سان هر سال ٽن لکن کان وڌيڪ
ماڻهو مرن ٿا. سگريٽ سان مرڻ وارن جو تعداد
ايڪسيڊنٽ ۾ مرڻ وارن جي تعداد کان پنج دفعا وڌيڪ
آهي.
سگريٽ پيئڻ وارا ئي هنن بيمارين ۾ نٿا وڪوڙجن پر
انهن جي ڀرسان ويهندڙ هر شخص متاثر ٿئي ٿو، ڇو جو
سگريٽ جي دوهين ۾ هئڊروجن سانائيڊ ۽ نائٽروجن ڊائي
آڪسائيڊ هوندي آهي.
اسان کي گهرجي ته سگريٽ پيئندڙ هر شخص کي جهليون
ته سگريٽ جي عادت ڇڏي ڏي،ائين ڪرڻ سان نه رڳو ان
ماڻهوءَ جو ڀلو ٿيندو پر ان سان گڏ اسان جو ۽ اسان
جي ڪيترن ئي ڀائرن جو ڀلو ٿيندو جيڪي سگريٽ نٿا
پيئن پر ان جي دوهين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا، ان سان گڏ
ثواب پڻ حاصل ٿيندو.
حبيب الله سومرو
هڪ ڏينهن جي ڳالهه 2
اڄ به مان ڪنهن ڇوڪري کي گاهه کڻندي ڏسندو آهيان
ته مون کي اهو دردناڪ واقعو ياد اچي ويندو آهي،
جيڪو وئڪيشن جي موڪلن ۾ مونسان پيش آيو هئو، ٿيو
هئين جو اسان وئڪيشن جي موڪلن ۾ ڳوٺ گهڻ لاءِ
پنهنجي مائٽن وٽ ويا هئاسين. ڳوٺ ۾ ٽڪندي اسان کي
چار ڏينهن ٿي ويا، مان ۽ منهنجو ماروٽ ڳوٺ جي ٻنين
۽ ساوڪ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ گهمڻ ويا هياسين،
ڳوٺ ۾ تازو ئي روڊ ٺهيو هئو. روڊ جي ٻنهي ڪنارن تي
ساوڪ ئي ساوڪ ۽ وڻ هئا. هر طرف بهاريون ئي بهاريون
هيون، اتي هڪ ڇوڪرو گاهه ڪري رهيو هو. ٿوري دير
کانپوءِ هو گاهه ڪري گاهه کي ڪپڙن سان ٻڌي پنهنجي
مٿي تي رکي روڊ جي ڪنارن سان هلندو رهيو، ايتري ۾
هڪ ٽرڪ ڀريل ٻوريون کڻي ٿي آئي. اوچتو وڻ سان
جهڪيل ٿلهي ٽاري سان ٽڪرائجي وئي ايتري ۾ ٽرڪ ان
ڇوڪري تائين پهچي چڪي هئي ۽ اها ٻوري ٿلهي ٽاريءَ
سان ٽڪرائجي هوا ۾ گونجڻ لڳي ٽرڪ ڊرائيور ان خوف ۾
ٽرڪ کي تيز رفتار هلائي ڀڄي ويو، اهو ڇوڪرو هي
ظالم دنيا ڇڏي چڪو هو. ان جي چوگرد ماڻهن جو هجوم
ٿي ويو. سڀ ماڻهو تماشو ڏسڻ لڳا، ٿوري دير کان
پوءِ ان هجوم کي چيريندي هڪ پوڙهي مائي اڳتي وڌي.
اها مائي ان ڇوڪري جي ماءُ هئي. هوءَ پنهنجي معصوم
پٽ جي لاش تي ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. هوءَ زارو زار
روئي رهي هئي. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ان ڇوڪري جو
پيءُ هيروئن پيئندو هو، نيٺ هيروئن پي پي مري ويو.
ان ڇوڪري ۽ ان جي ماءُ کي سنڀالڻ وارو ڪير به ڪونه
هو. تنهن ڪري سڄي گهر جو بار ان تي پيو. اهو ڇوڪرو
پنهنجو ۽ پنهنجي پوڙهي ماءُ جي پيٽ پالڻ لاءِ
ماڻهن جي لاءِ گاهه ڪندو هو ۽ انهن جي گهر
پهچائيندو هو. پنهنجي آخري سهاري جي موت جي ڏک ۾
مائي چري ٿي وئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هر ماڻهون کي
چوندي آهي ته تون منهنجي پٽ جو قاتل ڏٺو آهي.
تو منهنجي پٽ جو قاتل ڏٺو آهي. هو ڪٿي آهي مونکي
ٻڌاءِ. ائين چئي هوءَ زور سان رڙ ڪري بيهوش ٿي
ويندي آهي.
گل ڦل قلمي دوستي
• نالو: آفتاب احمد: ڪلاس اٺون: وندر: ڪرڪيٽ راند
کيڏڻ: عمر: 14 سال ائڊريس: هاءِ اسڪول مرزا پور
ضلع شڪارپور.
• نالو: غلام حسين سومرو: ڪلاس: ڏهون بي: وندر:
رسالا پڙهڻ: عمر: 17 سال: ائڊريس: ڏاهپ ڪتاب گهر
قمبر.
• نالو: زين العابدين ميمڻ : ڪلاس: ستون سي: وندر:
علم سان محبت: عمر: 12 سال ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ٺٽو.
• نالو: عبدالحميد شيخ: ڪلاس: نائون بي: وندر: سنڌ
سان پيار: عمر: 15 سال ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول
پنو عاقل.
• نالو: اسدالله قاضي: ڪلاس: ڏهون : وندر: سنڌي
ادب پڙهڻ : عمر: 17 سال : ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول عبدو ضلع شڪارپور.
• نالو: امام بخش ٽالپر: ڪلاس: پنجون: وندر: ادب
سان چاهه: عمر: 17 سال: ائڊريس: ظهير نيوز پيپر
ايجنسي لنواري شريف.
• نالو: شبير احمد بروهي: ڪلاس: ڏهون بي: وندر:گل
ڦل پڙهڻ : عمر: 16 سال: ائڊريس: ميونسپل هاءِ
اسڪول لاڙڪاڻو.
• نالو: اجيت ڪمار: ڪلاس: اٺون بي: وندر: بيٽمنٽن
راند ڪرڻ: عمر: 15 سال: ائڊريس: پرڪاش ڪلينڪ
ڏهرڪي.
• نالو: نعمت الله خشڪ: ڪلاس: اٺون بي: وندر: گل
ڦل پڙهڻ: عمر: 15 سال: ائڊريس: طالب الموليٰ هاءِ
اسڪول دادو.
• نالو: احسان علي خشڪ: ڪلاس: اٺون بي: وندر: ڪورس
جا ڪتاب پڙهڻ: عمر: 15 سال: ائڊريس: طالب الموليٰ
هاءِ اسڪول دادو.
• نالو: قربان علي خشڪ: ڪلاس: اٺون بي: وندر:
معلوماتي ڪتاب پڙهڻ: عمر: 10 سال: ائڊريس: طالب
الموليٰ هاءِ اسڪول دادو.
• نالو: حضور بخش: ڪلاس: اٺون بي: وندر: علم سان
چاهه: عمر: 14 سال: ائڊريس: طالب الموليٰ هاءِ
اسڪول دادو.
• نالو: ابراهيم خشڪ: ڪلاس: اٺون بي: وندر: خط لکڻ
عمر: 14 سال: ائڊريس: طالب الموليٰ هاءِ اسڪول
دادو.
• نالو: مشتاق احمد چانڊيو: ڪلاس: اٺون بي: وندر:
ڪرڪيٽ راند ڪرڻ: عمر: 14 سال ائڊريس: پائليٽ اسڪول
لاڙڪاڻو.
• نالو: راجيش ڪمار: ڪلاس: اٺون بي: وندر: سنڌ سان
پيار: عمر: 13 سال: ائڊريس: هاءِ اسڪول حيات پتافي
تعلقو ميرپور ماٿيلو..
• نالو: مهتاب علي شيخ: ڪلاس: ڏهون سي: وندر:
ڪرڪيٽ راند ڪرڻ: عمر: 15 سال: ائڊريس: پائليٽ
اسڪول لاڙڪاڻو.
• نالو: ثناالله ڀٽي: ڪلاس: ستون بي: وندر:ڪرڪيٽ
راند ڪرڻ: عمر: 12 سال: ائڊريس: محلو موتڻ پور
تعلقو رتو ديرو.
• نالو: عبدالستار جوکيو: ڪلاس: نائون اي: وندر:
ادب سان چاهه: عمر: 13 سال: ائڊريس: پوسٽ رڪ شريف
شڪارپور.
• نالو: عبدالقيوم اوڍو: ڪلاس: ڏهون اي:
وندر:بيٽمنٽن راند ڪرڻ: عمر: 15 سال: ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتو ديرو.
• نالو: ديپڪ ڪمار: ڪلاس: ڏهون اي: وندر: بيٽمنٽن
راند ڪرڻ: عمر 15 سال: ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول رتوديرو.
• نالو: عاصم زمان بجاراڻي: ڪلاس: پنجون: وندر:
پڙهڻ سان پيار: عمر: 10 سال: ائڊريس: پرائمري
اسڪول شڪارپور.
• نالو: راجا سعيد ميمڻ: ڪلاس: نائون سي: وندر:
سنڌ سان پيار: عمر: 14 سال: ائڊريس: قاضي حبيب
الله هاءِ اسڪول شڪارپور.
·
نالو: شفيق احمد ميمڻ: ڪلاس: نائون سي: وندر: علم
سان صحبت. عمر: 14 سال. ائڊريس: قاضي حيب الله
هاءِ اسڪول شڪارپور.
·
نالو: عبدالحميد سومرو: ڪلاس: اٺون بي: وندر: گل
ڦل سان چاهه: عمر: 14 سال: ائڊريس: هاءِ اسڪول
خانپور مهر ميرپور ماٿيلو.
·
نالو: جڳديش ڪمار: ڪلاس: ستون بي: وندر: سنڌ سان
پيار: عمر: 13 سال: ائڊريس: معرفت: نانڪ رام
منيهون مل شاهي بازار پنو عاقل.
·
نالو: نور محمد لاشاري: ڪلاس: اٺون اي: وندر: ادب
پڙهڻ: عمر: 14 سال: ائڊريس: هاءِ اسڪول کورواهه.
·
نالو: اجيت ڪمار: ڪلاس: اٺون بي: وندر: بيٽ منٽن
راند ڪرڻ: عمر: 15 سال: ائڊريس: پرڪاش ڪلينڪ
ڏهرڪي.
·
نالو: راجڪمار: ڪلاس: اٺون بي: وندر: ڊرائنگ ڪرڻ:
عمر: 14 سال: ائڊريس: هاءِ اسڪول خانپور مهر
ميرپور ماٿيلو.
کل ته سهي
* هڪ ڪنجوس جو پٽ پاڻي ۾ ٻڏي مري ويو. ٻن ڏينهن
کان پوءِ لاش لڌو، ڪنجوس ڏاڍو روئي رهيو هو. هڪ
همراهه دلاسو ڏيندي چيس. ادا صبر ڪر خدا کي اهوئي
منظور هو. ڪنجوس چيو: ادا صبر ڇا جو ڪيان. هو پاڻ
ته ويو، واچ ٻڌل هئس ۽ ڳچي ۾ سوني زنجير پيل هوس
اها به ڪانه ملي گهٽ مان گهٽ اهي شيون ته ملن ها.
گل حسن سومرو، نصير آباد
* هڪ همراهه مڇرداني کٽ ۾ لڳائي ستو پيو هو. گهر ۾
چور آيو گهر ڌڻي چيو. خبردار ڪير آهي. چور چيو.
خاموش گولي هڻندو سانءِ. گهر ڌڻي چيو: مڇرداني
مان، مڇر ئي ڪونه ٿا اچن. تنهنجي گولي ڪيئن ايندي.
مشتاق علي زرداري، سڪرنڊ
* هڪ ماڻهو جو گڏهه گم ٿي ويو. هن ڏاڍي ڳولا ڪئي.
پر ڪابه خبر نه پيس. آخر هڪ ڏينهن هو نااميد ٿي
ويو. ڪنهن ماڻهو پڇيس. ادا تنهنجو گڏهه ڪونه مليو
نه؟
ان چيو: ادا خدا جو شڪر آ. گڏهه تي مان سوار نه
هوس نه ته مان گم ٿي وڃان ها.
محمد موسيٰ خان پٺاڻ، جوهي
* استاد: سليم، تنهنجا سڀ جواب درست آهن. پر
تنهنجا اکر خراب آهن.
سليم: سائين بابا کي چوندس ته اکر سٺا ڪري لکي ڏي.
غلام مصطفيٰ عبدالله سومرو، دڙو
* هڪ همراهه ڪتو کپائي رهيو هو. پر ان جي قيمت
تمام گهڻي ٻڌائي رهيو هو. گراهڪ چيس: ادا قيمت ته
تمام گهڻي آهي. پر ايترو ته ٻڌاءِ ڪتو وفادار به
آهي يا نه؟ مالڪ چيو: ادا هن جي وفاداري جي ڪهڙي
تعريف ڪريان. ويهه ڀيرا وڪاڻو آهي. پر اهڙو وفادار
آهي جو هر ڀيري واپس موٽي آيو آهي.
شيخ شازيا سنڌو، ڊرٻ مهر شاهه
* هڪ وڪيل، ڪاسائي کان گوشت وٺي رهيو هو ته هڪ ڪتو
هڪ گوشت ران کڻي وٺي ڀڳو، ڪاسائي وڪيل کي چيو ته
سائين سؤ رپئي جي ران هئي. هاڻ ڇا ڪجي، وڪيل چيو
ته مالڪ کان پئسا ڀرائجن جي نه ڏئي ته ڪنهن وڪيل
سان مشورو ڪري ڪيس داخل ڪجي. ڪاسائي چيو ته: سائين
ڪتو ته اوهان جو هو، وڪيل چيو ٺيڪ آهي، منهنجي في
پنج سؤ رپيا آهي، سؤ رپيا ڪٽ باقي مشوري لاءِ چار
سؤ رپيا ڏي ته توکي مشورو ڏيان.
اعجاز علي سومرو، نصير آباد
* هڪ ماڻهو (کير واري کي) تون ٻن ٽن ڏينهن کان
روزانو دير سان کير ٿو آڻين (کير وارو) ادا ڇا
ڪريان اڄڪلهه نلڪي ۾ پاڻي دير سان ٿو اچي.
عبدالستار جوکيو، رُڪ شريف
* استاد (شاگرد کي) زمين ۽ چنڊ ۾ ڪهڙو فرق آهي.
شاگرد: سائين هو ڀاءُ آهي هوءَ ڀيڻ. استاد اهو
ڪيئن. شاگرد: سائين اسين چنڊ کي مامو چوندا آهيون
۽ زمين کي ماءُ.
نريت ڪمار راٺي
* هڪ ڇوڪرو، امتحان ۾ فيل ٿي پيو ۽ پيءُ کان پڇڻ
لڳو، بابا جڏهن اوهان فيل ٿيا هئا ته ڏاڏا سائين
اوهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو. پيءُ: پٽ ان مون کي
ڏاڍي مار ڏني هئي. منهنجي ٻانهن به ڀڄي پئي هئي.
پٽ: بابا سائين توهان مون سان تعاون ڪريو ته جيئن
اڄ کان پوءِ اها غنڊه گردي هن گهر ۾ نه ٿئي. پيءُ:
ڇو پٽ؟ پٽ: بابا مان به فيل ٿي پيو آهيان.
علي اڪبر ميمڻ، لاڙڪاڻو
اڌ ملاقات
اياز احمد ميمڻ هالائي: چاچا مان توهان جو رسالو
شوق سان پڙهندو آهيان. اڌ ملاقات ۾ مون کي شامل
ڪندا.
سڪندر علي مهر سکر: ادا مون اڳ ۾ به ڪهاڻيون
موڪليون آهن. هاڻ عقلمند ماڻهو شايع ڪندا. (ادا
اها ڪهاڻي ته هرڪنهن جي ٻڌل ۽ پڙهيل آهي)
عطا حسين دانش راڄپر ڪنب: ادا اسان جو رسالو ته
سٺو آهي پر صفحا گهٽ آهن. گهٽ ۾ گهٽ سئو صفحا
ڪريو. (ادا گل ڦل رسالي کي 72 صفحن مان وڌائي 80
صفحا ڪريو. پوءِ کڻي قيمت وڌايو. ڪاپي کان ڪيئن
بچجي ان تي مضمون لکو.
(ادا قيمت وڌندي ته ڪي غريب ٻار نه پهچي سگهندا
ڪاپي روڪڻ لاءِ اهو آهي ته اوهان خوب محنت ڪري
پڙهو.)
خادم حسين گل گهنجورجا: ادا گل ڦل پڙهيوسين. سٺو
رسالو آهي. پر هڪ ڳالهه آهي. توهان وڏن ليکڪن کي
ڇپيندا آهيو، پر اسان ننڍن کي لفٽ نه ڪرائيندا
آهيو. ڇا توهان ۽ توهان جو عملو ٽوٽي ٿي ويو آهي
جو رسالو دير سان اچي ٿو. (ادا رسالي جو دير سان
ڇپجڻ جو سبب ڪجهه فني مجبوريون آهن)
امتياز علي جوڻيجو ڳوٺ محبوب خان وڳڻ: ادا، مان
ڪهاڻي سامري جادوگر موڪلي رهيا آهيان. (ادا اها ته
ڪهاڻي هرهڪ ٻار جي ٻڌل ۽ پڙهيل آهي)
دلاور ٻٻر نصير آباد: ادا، مون کي خبر نه هئي ته
ڪو سنڌي رسالو به ايترو خوبصورت نڪري سگهي ٿو. هاڻ
مان ٻين ٻولين جا رسالا ڪونه پڙهندو آهيان. جيڪي
سلسلا آهن انهن جا صفحا وڌايو ۽ هڪ صفحو سهڻا سخن،
جي نالي سان ڏيو، جنهن ۾ مشهور شخصيتن جا قول هجن.
(ادا مواد ۽ رسالي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني: ڏاهپ جا
نڪتا، ڪالم ۾ مواد ايندو آهي.)
عبدالله سومرو وارهه: ادا رسالو دير سان اچي ٿو،
ٻيو ته قيمت به گهڻي اٿس ۽ معلومات گهٽ اٿس. (ادا
دير لاءِ معذرت گهرون ٿا)
غلام اڪبر ٺيڙهي: ادا، اسان توهان جي رسالي جا
مستقل پڙهندڙ آهيون. هڪ ڳالهه ته رسالي ۾ لفظن جون
غلطيون هونديون آهن. ٻيو ته فوٽو موڪليا هئا، اهي
شايع نه ٿا ٿين (ادا توهان جي صلاحن تي عمل ڪبو،
فوٽو واري سان شايع ڪبا.)
ننڍڙا اديب
رحمت الله سولنگي
نااميدي گناهه آهي
ڪنهن ڳوٺ ۾ زبير نالي هڪ ڇوڪرو رهندو هو. جيڪو
اسڪول ۾ تمام گهڻو ذهين ۽ هوشيار هو، ۽ هر سال
پهريون نمبر ايندڙ شاگرد هو. هن جا والدين هن سان
تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، ڇو ته هنن جو ڇوڪرو يعني
زبير هر سال فرسٽ پوزيشن کڻندو هو. پر بدقسمتيءَ
سان زبير جي دوستي اهڙن ڇوڪرن سان ٿي، جيڪي لوفر
هئا، رُلڻ، گهمڻ ۽ آواره گردي ڪرڻ سندن روز جو
معمول هو، ڇو ته هو سڀ ئي اميرن ۽ زميندارن جا
ڇوڪرا هئا. پر زبير هڪ هاريءَ جو پٽ هو، انهيءَ
هاريءَ جو پٽ جنهن جي من اندر سوين سڌون سمايل
هيون، ته اسان جو پٽ پڙهي وڏو ڊاڪٽر يا انجنيئر
ٿيندو. بس انهن ئي اميدن جي سهاري هڪ مالهي وانگر
هڪ گل کي پاڻي ڏيندا رهيا ته اهو گل هڪ ڏينهن
خوشبوءَ ڏيندو. پر انهي کان اڳي جو هوءَ گل خوشبو
ڏيئي هڪ وڏي حادثي جو شڪار ٿي ويو.
زبير پنهنجن سنگتين سان گڏ ڀر واري هوٽل تي وڃي
ويهندو هو، جتي ڪنيون فلمون هلنديون هيون. هي
اسڪول ۾ وڃڻ بجاءِ هوٽل تي ويهي پنهنجو وقت برباد
ڪندو هو. جڏهن امتحان ويجهو آيا ته هي امتحانن جي
تياري ڪرڻ بجاءِ هوٽل تي دوستن سان گڏ وي. سي. آر
وڃي ڏسندو هو. جڏهن امتحان ٿيو ۽ نتيجو نڪتو ته
زبير فيل ٿي پيو، ۽ سندن دوست ته اميرن ۽ زميندارن
جا ٻار هئا، اهي پئسا ڏيئي به پاس ٿي ويا پر هي
ناپاس ٿي پيو. سندس ماءُ پيءُ ڏاڍا ناراض ٿيا ۽
زبير کي گهٽ وڌ ڳالهايائون ڇاڪاڻ جو هن، هنن جي
سمورين اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو.
بهرحال هي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ سڄو ڏينهن سوچ ۽
ويچار ۾ رهيو ته هينئر اهي سنگتي ۽ ساٿي ڪيڏانهن
ويا، جيڪي مون کي اسڪول وڃڻ کان روڪيندا هئا ۽
چانهه ۽ فلم ڏيکارڻ لاءِ هوٽل تي وٺي ويندا هئا،
پر هينئر ته ڪو به دلداري ڏيئڻ لاءِ به تيار نه
آهي. پر آخر مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي!! ”پر مون ڏوهه
ڪيو آهي“ پنهنجي مائٽن جو، جن جي اميدن ۽ خواهشن
کي مٽيءَ ۾ زنده دفن ڪيو اٿم.
زبير سوچيندو ۽ روئيندو به رهيو ته اوچتو سندس
همدرد ۽ مانوارو استاد سائين پير بخش آيو، جيڪو
سندن ڪلاس ۾ سنڌيءَ جو استاد هو. ۽ زبير سان تمام
گهڻو پيار ڪندو هو. تنهن کان روئڻ جو سبب پڇيو
تنهن تي زبير روئي ڏنو ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. پر
سائين پير بخش کي ته سڀ خبر هئي انهي جي باوجود به
هن سبب پڇيو ۽ زبير کي چيائين ته پٽ زبير تون
هينئر ئي مايوس ۽ نااميد ٿي ويو آهين ۽ توکي ته
اڃا زندگيءَ ۾ ڪئين ڪشالا ڪرڻا آهن. ڇا توکي خبر
نه آهي ته ”نااميدي گناهه آهي“ ۽ چيائينس ته اٿ
همت ڪر ۽ پنهنجي مايوس زندگيءَ کي هڪ نئون روپ ڏي.
اهي شفقت ڀريا پيارا ۽ همدردانه لفظ ٻڌي زبير جي
دل ۾ وري هڪ نئين لهر هڪ نئون جوش ۽ جذبو بيدار
ٿيو. هن وري پنهنجن دوستن کي چيلينج ڪيو ۽ رات
ڏينهن محنت ڪيائين ۽ وري هر سال جيان پهريون نمبر
آيو هن جا والدين ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سندس اسڪول جا
استاد به ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سندس تعريفون ۽ مثال ڏيڻ
لڳا.
عبدالله سومرو ”مرزاپور“
عقلمند ڳوٺاڻو
هڪ دفعي شهنشاهه جهانگير شڪار جي دوران هڪ ڳوٺ جي
ويجهو اچي خيما کوڙيا. هڪ خدمت گار ڳوٺ مان آنا
خريد ڪرڻ ويو جڏهن ڳوٺاڻي کي ان ڳالهه جي خبر پئي
ته هن آنا بادشاهه جي لاءِ خريد ڪيا پيا وڃن ته هن
پنج اشرفي، في آنو قيمت جي گهُر ڪئي تنهن تي خدمت
گار ان کي پڪڙي بادشاهه وٽ وٺي آيو ۽ چوڻ لڳو
”عالم پناهه“ هن شخص کي خبر به آهي ته هي آنا
بادشاهه جي لاءِ خريد ڪيا ٿا وڃن، ان جي باوجود به
هي آنن جي تمام گهڻي قيمت طلب ڪري رهيو آهي،
بادشاهه پنهنجي خدمتگار جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ان
ڳوٺاڻي کان نهايت اخلاق سان پڇيو ته: ڇا هن ڳوٺ ۾
آنا گهٽ ٿا ملن، ڳوٺاڻي نهايت عقلمندي سان بادشاهه
جي سوال جو جواب ڏيندي چيو.
”حضور! اسانجي ڳوٺ ۾ آنا ته گهڻي تعداد ۾ ملندا
آهن مگر توهان جهڙا شهنشاهه قسمت سان ملندا آهن“،
بادشاهه هن جي عقلمندي تي حيران ٿي ويو ۽ ان کي
طلب ڪيل رقم کان سواءِ ڪافي انعام اڪرام سان نوازي
ڇڏيو ڳوٺاڻو بادشاهه کي تمام گهڻيون دعائون ڏيندو
پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو.
عبدالوحيد عاصي
محنت ڪر تون محنت ٻار
انسان کي الله تعاليٰ بيشمار نعمتن سان نوازيو
آهي. انهن مان زندگي به هڪ انتهائي بي بها نعمت
آهي. زندگي انسان کي خدا جي طرفان مليل امانت آهي.
۽ اسان کي خبر آهي ته امانت ۾ خيانت ڪرڻ سٺو فعل
نه آهي. زندگي جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ مان مراد اها
آهي ته اسان پنهنجي زندگي انهن اصولن موجب گذاريون
جيئن اسان جي قول ۽ فعل مان ڪنهن به جاندار کي
تڪليف نه اچي.
جهڙي طرح سان ڪنهن به عمارت جي تعمير وقت، ان جي
بنيادي اڏاوت ان عمارت جي حياتي جي ذميوار هوندي
آهي. بلڪل اهڙي طرح، جيڪڏهن اسان جي زندگيءَ جو
شروعاتي دؤر اخلاق، ڀائيچاري، محنت ۽ محبت تي ٻڌل
هوندو ته بيشڪ اسان مثالي انسان بنجي سگهون ٿا. پر
ان جي برعڪس جيڪڏهن اسان ننڍي هوندي کان ئي بڇڙاين
۽ فضول ڪمن ۾ وقت ضايع ڪيو ته پوءِ بربادي اسان جو
مقدر بنبي.
سائنس ڪيڏي نه ترقي ڪئي آهي. هن دؤر جون ايجادون
ڏسي انسان جو عقل ئي دنگ رهجيو وڃي. هن دنيا جي
سموري ترقيءَ جو دارومدار انسان جي دماغي صلاحيتن
جي صحيح استعمال سبب ئي ٿيو آهي. انسان جيڪڏهن
ڪنهن به مقصد کي سامهون رکي مسلسل جدوجهد ڪندو رهي
ته هو ضرور پنهنجي مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ويندو.
ڪنهن مقصد کانسواءِ زندگيءَ جو مثال ان ٻيڙيءَ
جيان آهي، جنهن کي ڪو ونجهه نه هجي ۽ اها دريائي
لهرن جي رحم ڪرم تي ڪڏهن اوڀر ته ڪڏهن اتر، ڪڏهن
ڏکڻ ته ڪڏهن اولهه هلندي رهي. مطلب ته پنهنجي منزل
تي نه پهچي سگهي. ان ڪري انسان جي سامهون پنهنجي
زندگيءَ جو مقصد هئڻ گهرجي.
زندگيءَ جو مقصد سچائي، ايمانداري، نيڪ نيتي ۽
خدمت خلق جي اصولن موجب هجي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ
لاءِ اسان وٽ ڪجهه اصول هئڻ گهرجن. جن تي مسلسل
عمل ڪجي. هڪ ڏاهي جو قول آهي ته وقت کي برباد ڪندڙ
ائين نه سمجهي ته ڪو مون وقت برباد ڪيو بلڪه ائين
سمجهي ته مون پاڻ کي برباد ڪيو. واقعي وقت املهه
وٿ آهي. وقت جي پيرن ۾ ڪنهن به زنجير نه وڌا آهن.
پنهنجي اصلي رفتار سان روان دوان آهي.
اسان کي گهرجي ته وقت جو قدر ڪيون. جيڪڏهن اسان
وقت سان گڏوگڏ هلڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته وقت اسان کان
ڪوهين دور هليو ويندو ۽ اسان پوئتي وقت جي دز ۾
لٽجي وينداسون.
عبدالله ”شجاع“ سنڌي
محنت
شاهن ويچارو هڪ مزدور هو، هن کي ڪڏهن مزدوري لڳندي
هئي ته ڪڏهن مڙئي پيو گذر سفر ٿيندو هيس. الله
تعاليٰ ۾ هي وڏو آسرو رکندو هو، پاڙي مان هن کي ٻه
چار مانيون ملنديون هيون، پر گهڻي اولاد سبب هن جو
گذر تمام تنگ ٿيندو هو، انهن ڳالهين اصل شاهن کي
ڳاري ڇڏي.
هن کي ڪل ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون جن مان ٽي پٽ
جيڪي اسڪول ۾ تعليم پرائيندا هئا ۽ انهن جي
پڙهائيءَ جي خرچ به شاهن کي ويتر ڪمزور ڪري ڇڏيو.
وڏي پٽ احمد کي شاهن مسواڙ تي روزانه ٽن روپين
واري ريڙهي وٺي ڏني، جيتوڻيڪ احمد کي پڙهڻ جو تمام
گهڻو شوق هو، پر پيءُ جي حالت نازڪ ڏسي پڙهڻ کان
صاف انڪار ڪري ڇڏيائين ۽ هن پنهنجن ننڍن ڀائرن کي
پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پيءُ شاهن کي ڀائرن جي
سامهون چيو ته مان هنن کي پڙهائي پالي وڏو ڪندس ۽
انشاءَ الله هي پڙهي وڏين نوڪرين کي رسي ويندا.
اتفاق اهڙو ٿيو جو وڏو احمد ٿيو ۽ پنهنجي گهر جي
ڀاتين کي دلجاءِ ڏيندي چيائين ته، توهان اهو ڪڏهن
به نه محسوس ڪندو ته اسان جو پيءُ وفات ڪري ويو
آهي! مان اوهان جي سار سنڀال ۽ پڙهائي برقرار
رکندس“.
احمد جي مٿان گهر جا سڀ بار اچي ڪريان ۽ احمد به
مڙسيءَ سان ان بار کي منهن ڏيندو رهيو. جيڪڏهن جو
تغاريءَ جو ڪم هوندو هو ته اهو ڪندو هو ۽ وري
جيڪڏهن شام جو ڪم ملندو هيس ته اهو به خوشيءَ سان
ڪندو هو. مطلب ته هي محنت کان ڪڏهن به نه
ڪيٻائيندو هو ڇو جو هر ڳالهه محنت سان ئي وجود ۾
ايندي آهي.
اهڙي نموني هو هڪ ايماندار ۽ محنتي هجڻ ڪري جلدي
جلدي ترقي جي منزل ڏانهن وڌندو ٿي ويو.
وقت جي گذرڻ سان هن جا ٻه ڀائر جيڪي پڙهي چڱي
نوڪريءَ جي تلاش ۾ لڳي ويا. احمد هن وقت تمام گهڻو
خوش هو ۽ هو به پنهنجن ڀائرن لاءِ پاڙِي جي چڱن
ماڻهن جي پنهنجي ڀائرن لاءِ سفارش ڪئي.
ٿورن ڏينهن بعد احمد جي ننڍن ڀائرن کي سٺيون
نوڪريون ملي ويون پوءِ هنن احمد کي صفا بلڪل ڪم
ڪرڻ کان روڪي ڇڏي ۽ هنن ننڍن ڀائرن کي زور شور سان
پڙهائڻ شروع ڪيو.
هن وقت احمد جا ٻه ڀائر سٺين سرڪاري نوڪرين ۾ آهي
۽ ٻيا هنن جي ننڍا ڀائر نائين ڏهين جماعت پڙهي
رهيا آهن. ۽ هنن جو وقت نهايت سٺو گذري رهيو آهي.
پيارا ٻارو! اوهان ڏٺو ته احمد پنهنجي ننڍن ڀائرن
کي ڪيڏي نه وڏي عهدي تي پهچايو ها سڀ ان جي محنت ۽
جذبو چئبو جو هڪ ننڍي عهدي واري پنهنجا ٻار سڌاريا
۽ هميشه لاءِ انهن جي زندگي آسان ڪري ڇڏي. اهڙي
طريقي سان ٿوري عرصي ۾ جيڪو هن سخت سان سرانجام
ڏنو ته الله پاڪ کيس ٻيڻو اجورو ڏنو ان الاءِ ٻارو
اوهان کي به جڳائي ته محنت کان ڪڏهن به عار نه
ڪريو.
نتيجو هڪ ڏينهن جي ڳالهه
هڪ ڏينهن جي ڳالهه تحت هيٺين ٻارن جا مضمون پهتا
ٻن نمبر وارن ٻارن کي انعامي ڪتاب موڪلبا.
1.
عبدالرافع شيخ ڪلاس ڏهون بي سيڪنڊري هاءِ اسڪول
شهداد ڪوٽ.
2.
حبيب الله سومرو ڪلاس ڇهون بي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
نواب شاهه.
3.
جميل احمد لوهار ميرپور بٺور 4. عبدالستار جوکيو
رڪ شريف 5. نير حسين مير جت خيرپور ميرس 6. ممتاز
علي سومرو دڙو 7. عبدالله سومرو مرزا پور 8. آمنه
بيزا نظاماڻي ٽنڊو سومرو 9. محمد ميمڻ چوهڙجمالي
10. محمد نور گاڏهي ميهڙ 11. بشير احمد ميمڻ
شهدادڪوٽ 12. سجاد علي ميراڻي ڏوڪري 13. نعيم اختر
ميمڻ بدين 14. نويد عبدالفتاح سيال لاڙڪاڻو 15.
خالد حسين ميمڻ ٻيلو شهر 16. سڪندر علي ڇٽو وارهه
17. فهميده ميمڻ پير جو ڳوٺ 18. شيخ سمير سنڌي
لاڙڪاڻو 19. محمد رمضان لاکو عظيم ڪالوني نواب
شاهه 20. نويد احمد ٽالپر شڪارپور 21. دليپ ڪمار
دوداڻي هاءِ اسڪول وارهه 22. شبير احمد ڏيرو ڪنڊو
ڏيرو 23. صبغت الله 24. دانش ڪمار ڊي آنساني کاهي
25. ذوالفقار علي شاهه راڌڻ اسٽيشن 26. محمد اسحاق
چاچڙ ڪنڌ ڪوٽ 27. دليپ ڪمار عادلپور 29. صبغت الله
زاهد سومرو ميرپور ٻرڙو 30. منير احمد مير جت
خيرپورميرس 31 عبدالجليل محراب پور 32. نديم شيخ
وحدت ڪالوني حيدرآباد 33. غلام محمد ڀٽي باڊهه 34.
عبدالرافع شيخ شهداد ڪوٽ 35. فياض حسين سنديلو ڪنڌ
ڪوٽ 36. لياقت علي قاضي لوهي 37 نصرالله سولنگي
وارهه 38. لجپت راءِ متلاڻي عمر ڪوٽ 39. ممتاز علي
ميمڻ ٻيلو شهر 40. قطب علي جمالي سڪرنڊ 41 خير
محمد مير جت ڳوٺ بهار خان مير جت 42. اياز علي
ميتلو احمد پور 43. امتياز حسين لاکو نئون ڳوٺ 44.
عبدالجليل ميمڻ محرابپور جنڪشن 45. صاحب خان
ميراڻي ڏوڪري 46. گل حسين سومرو نصير آباد 48.
سرفراز احمد لاڙڪاڻو 49. منور علي مڱڻهار نئون
ديرو 50 طالب علي ڀيو ڳوٺ عيسيٰ ڀيو 51. خالد
محمود لغاري داد لغاري.
راجا مسرور قاضي
ٻالڪ
ڌرتيءَ جا هي چنڊ لڳن ٿا.
هي سڀ ٻالڪ خوب وڻن ٿا.
پوپٽ جي پرڙن جهڙا،
کلندي ڪڏندي راند ڪن ٿا.
ڳاڙهي گل جي مکڙي وانگي،
گودي گودي ۾ ٽڙي پون ٿا.
پوپٽ کان به پيارا آهن
جيڪ گلن تي ڳاٽ ڏين ٿا.
هي جي ٻالڪ پيارا پيارا،
قلم ڪتاب سان ٺهي پون ٿا.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه-18
مضمون موڪلڻ لاءِ جئين رسالو اوهان. وٽ پهچي، ٻن
ڏينهن اندر مضمون لکي موڪليو.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه جي عنوان تحت، اوهان جيڪي ڪجهه
محسوس ڪريو ٿا يا ڏسو، ان کي پنهنجن لفظن ۾ لکيل
موڪليو. ٻه واقعا شايع ڪبا. باقي نالا شايع ڪبا.
مضمون موڪلڻ جو پتو: ايڊيٽر گل ڦل سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو پوسٽ ڪوڊ 76070
ڪهاڻي
منير احمد سومرو
”ٻيڻي سزا“
هڪڙو بادشاهه هو ان جو نالو امير هو. هن جي زماني
۾ خميسي نالي ڪنهن شخص ڪو ڏوهه ڪيو. ان کي قاضيءَ
وٽ پيش ڪيو ويو. قاضي هن کي چيو ته تو وڏو ڏوهه
ڪيو آهي ان جي سزا توکي هڪ سئو ڪوڙا هنيا ويندا،
توکي هڪڙي رعايت ڏني ٿي وڃي ته سئو ڪوڙا کائڻ لاءِ
تيار ٿي يا هڪ سئو بصر کائڻا پوند.
ڏوهي اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ قاضيءَ جو ٿورو
مڃيندي چيائين ته مان سئو بصر کائڻ لاءِ تيار
آهيان. جلد بصرن جي ٽوڪري هن لاءِ آندي وئي. خميسي
هڪڙو بصر کنيو ۽ کائڻ شروع ڪيو ۽ ائين هن ٽي چار
بصر کاڌا ۽ ڪجهه بصر کائڻ کانپوءِ هن جي منهن سڙڻ
لڳو ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
بس بس، خميسي رڙ ڪئي، مان وڌيڪ بصر کائي نٿو
سگهان. ڪوڙا کڻي اچو مون کي ڪوڙا پسند آهن. فورا
هڪڙو ٿلهو ماڻهو ڪوڙو کنيو ۽ خميسي ڏانهن وڌيو ۽
خميسي کي هڪڙي ڪرسي سان ٻڌو ويو ۽ هن جي قميص لاٿي
وئي ۽ چهبڪ واري ٿلهي ماڻهو خميسي کي ڪوڙا هڻڻ
شروع ڪيا. هڪ ٻه ٽي ڪوڙا هڻڻ شروع ٿي ويا. ايتري ۾
خميسي رڙ ڪئي. رحم رحم، مان وڌيڪ ڪوڙا برداشت نٿو
ڪري سگهان. مان بصر کائيندس، بصر کڻي اچو.
بصر آندا ويا وري ٻه ٽي بصر مس کاڌائين ته رڙ ڪندي
چيائين ته مان بصر نٿو کائي سگهان مونکي ڪوڙا هنيا
وڃن ۽ وري خميسي کي ڪرسيءَ سان ٻڌو ويو ۽ اڃان ٻه
ڪوڙا مس لڳا ته خميسي پنهنجو ارادو بدلايو ۽ بصر
کائڻ لاءِ چيو اهڙيءَ طرح ڪڏهن بصرن جي آس ڪندو
رهيو ته ڪڏهن ڪوڙن جي. اهريءَ طرح هڪ سئو ڪوڙا به
کائي ويو ۽ سئو بصر به کائي ويو.
هن پنهنجي بيوقوفي جي ڪري ٻئي سزائون کاڌيون ۽
قاضيءَ جي رعايت مان هي فائدو نه وٺي سگهيو.
جڏهن بادشاهه، امير اها ڳالهه ٻڌي ته چيائين اها
وڏي بدقسمتي چئبي. جڏهن ڪنهن ٻن شين يا ڳالهين کي
منتخب ڪرڻو هجي ته پهرين چڱي طرح سان سوچڻ گهرجي ۽
پوءِ هڪڙي چونڊڻ کپي ۽ ها جڏهن ڪو فيصلو ڪجي ته ان
تي مظبوطيءَ سان بيهڻ کپي.
جيڪڏهن خميسو به ائين ڪري ها ته ٻيڻي سزا کان بچي
وڃي ها.
گل ڦل حساب پرولي -1 جو جواب
هيٺين ٻارن جا جواب درست آيا آهن ۽ انهن جا نالا
شايع ڪجن ٿا.
جواب: ٻڙِي.
1-
محمد زاهد تنيو ڳوٺ ٻير، قمبر 2- محمد الياس
واهوچو وارهه 3- عبدالرافع شيخ شهداد ڪوٽ 4-
عبدالجليل بليدي کوسڪي 5- امر لعل مينگهواڙ ڏهرڪي
6- غلام مصطفيٰ قريشي ٺٽو 7- اعجاز تنيو وارهه 8-
مهاديو ڪي-بي ڌيراڻي کاهي 9- آصف علي نئون ديرو
10- الهه بخش ڀٽي وارهه 11- غلام اصغر چانڊيو
لاڙڪاڻو 12- علي اڪبر سنڌي لاڙڪاڻو 13- جان محمد
ملاح ڪڍڻ 14- علي اصغر مڱڻيجو وارهه 15- سيف
الملوڪ عباسي 16- سعيد احمد محمدي هنڱورو 17- غلام
اڪبر ميمڻ ٺيڙهي 18- غلام مصطفيٰ ڀٽي بڪيرا شريف
19 احمد خان لاشاري ڄام شورو 20- عبدالحفيظ کٽياڻ
ميرپورخاص 21- سلطان احمد سولنگي وارهه 22- آغا
فاروق احمد پٺاڻ ڪنڌ ڪوٽ 23- ذوالفقار شيخ 24-
محمد نامديو ڪمار بيکاڻي داد لغاري 25- بشير حسين
سمون بوزدار وڏا 26- محمد حنيف کٽي صاحب خان سجاول
27- ثناءَ الله ڀٽي 28- حاجي خان سيال ڄام شورو
ڪالوني 29- صاحب خان ميراڻي موهن جو دڙو 30- شبير
احمد ميمڻ مڪلي 31- آصف احمد ڪٽپر نئون ديرو 32-
عبدالمجيد عقيلي پبلڪ اسڪول حيدرآباد 33- مشتاق
احمد چانڊيو لاڙڪاڻو 34- شازيا سنڌو ڊرب مهر شاهه
35- راجا شفيق احمد رند جوهي 36- عبدالمجيد ڪنڀر
تلهار 37- جاويد احمد شيخ هنڱورجا 38- نويد
عبدالفتاح سيال لاڙڪاڻو 39- ضمير احمد شيخ
نصيرآباد 40- ذيشان مصطفيٰ ميمڻ ٺٽو 41- ذوالفقار
علي شيخ 42. نثار احمد جنڊاڻ نواب شاهه 43. امام
بخش ٽالپرڪڍڻ 44- احمد علي پٺاڻ ڪنڌ ڪوٽ 45- محمد
يونس شيخ بدين 46- حبيب الله سومرو نواب شاهه 47-
خالد شمس پنهور يارو ديرو 48 پريم چند سٺ ميل 49-
محفوظ علي مير جت بهار خان مير جت 50- سيد غلام
رضا شاهه بخاري نئون ديرو 51- اسد علي تنيو اڳڙا
52- محمد حسن اگهيم ڳوٺ بگهاڙ موري 53- سيد امداد
علي شاهه عظيم ڪالوني نواب شاهه 54- محمد عارف
نظاماڻي ٽنڊو سومرو 55- فراز احمد قريشي ٺٽو 56-
خادم حسين گل گهنڃو هنڱورجا 57- اعجاز لطيف
چانڊيو رتو ديرو 58- عبدالغفار شيخ ٽنڊو محمد خان
59- محمد عتيق سومرو لاڙڪاڻو 60- نسيم الغني قريشي
وحدت ڪالوني 61- وفا سريش ڪمار پنوعاقل 62- نعيم
اختر ميمڻ بدين 63- نائب علي ڳوٺ محمد يونس پتافي
64- نسيم احمد گهنڃو هنڱورو 65- مهتاب علي شيخ
لاڙڪاڻو 66- شيخ سمير سنڌي لاڙڪاڻو 67- جميل احمد
کٽي بدين 68- سلطان علي لانگاهه 69- شير محمد ڇٽو
ڳوٺ پنهل خان لنڊ 70- عبدالرحمن لاڙڪاڻو 71- عظمي
سيد نواب شاهه 72- فهد احمد عباسي لاڙڪاڻو 73-
عبدالغني کتري ميرپور بٺورو 74- عبدالنبي سوهو
ميرپور بٺورو 75- نديم احمد پتافي حيدرآباد 76-
عبدالحفيظ سومرو چڪ 77- خالد لطيف ميمڻ ٺٽو 78-
نائب علي پتافي ڳوٺ محمد يونس پتافي 81- ممتاز علي
شر بوزدار وڏا 82- اشفاق حمف قريشي دادو 83- سيد
عرفان احمد، وڳڻ 84- راشده بنت مختيار علي نظاماڻي
ٽنڊو سومرو 85- محمد صالح ناريجو نئون ديرو 86-
صبغت الله زاهد سومرو ميرپور ٻرڙو 87- وجئه ڪمار
پنوعاقل 88- احمد خان ٻلهڙو ڳوٺ ولي محمد ڳورڙ 89-
عبدالروف ميمڻ سجاول 90- محمد نعيم مهيسر ميهڙ 91-
ب-ايس هيمناڻي مٺي 92- سهيل حمزو ميمڻ سجاول 93-
عبدالجليل ميمڻ محرابپور 94- اسد الله پهوڙ نئون
ديرو 95- خادم سنڌي ڇاندڻ شريف 96- فيصل ميمڻ
بڪيرا شريف 97- هريش ڪمار سجاول 98- جواهر لعل
نهرو 99- حميده قادرتنيو اڳڙا 100- مسرت حنا تنيو
اڳڙا 101- نويد احمد ناپر شڪارپور 102- اياز حسين
لاکو نئون ڳوٺ 103- وسيم سرور ڪٽپر نئون ديرو 104-
منير احمد ميرجت خيرپور 105- ڪاشف حسين سومرو
شڪاپور 106- ڪاشف علي سندراڻي دڙي 107- سليم رضا
جعفري بوزدا وڏا 108- اسلم تنيو اڳڙا 109- غلام
اصغر تنيو اڳڙا 110- سدورو ٽالپر آراضي 111- الطاف
حسين ڀٽي بوزدار وڏا 112- بابو غلام مجتبيٰ کٽي
سجاول 113- سجاد علي ميراڻي ٻلهڙيجي 114- پريم چند
شرما سلطان آباد 115- اياز علي ناريجو رتو ديرو
116- محمد اسلم مڱڻيجو وارهه 117- مظفر چانڊيو
وارهه 118- اشفاق علي سومرو نئون ديرو 119- محمد
اظهر احمد ڏوڪري 120- خالد حسين هليو ڳوٺ آريجا
121- عبدالله سومرو مرزاپور 122- بوبي سومرو نسيم
ننگر حيدرآباد
گل ڦل حساب پرولي 3
هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين ٻار حصو وٺي سگهن ٿا. جن
ٻارن جا جواب صحيح ايندا، انهن جا نالا شايع ڪبا.
جواب جلد لکي موڪلڻ گهرجن.
حساب:
اهڙو انگ ڏسيو، جنهن کي ڪهڙي به انگ سان ونڊ ڪجي ۽
ونڊ ڪيل جواب کي ٽن سان ضرب ڪجي ته ٻڙي اچي.
|