سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1990ع

باب: --

صفحو :3

هڪ ڏينهن ڪجهه قيدي جن جي خلاف سخت الزام هئا. پر طلسمي شيشي جي ذريعي بادشاه کي اهي چور نه لڳي رهيا هئا ۽ هڪدم انهن کي آزاد ڪري ڇڏيائين. جنهن ڪري سلطنت جو سڄو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ بادشاهه کي ڪنهن به قسم جو فڪر نه هو، هڪ ڏينهن وزير تنگ ٿي شيشن ٺاهڻ واري کي چيو ته توکي اهڙو شيشو آڻڻو پوندو، جنهن سان هر شئي جي حقيقت نظر اچي ورنه توکي ۽ تنهنجي ٻارن کي موت جي سزا ڏني ويندي. شيشن ٺاهڻ وارو هڪ دفعو وري به بزرگ وٽ پهتو، بزرگ هن کي ٻيو به شيشو ڏنو.

شيشن ٺاهڻ وارو وزير ڏانهن اهو شيشو کڻي آيو. وزير بادشاهه کي ٻڌايو ته شيشن ٺاهڻ وارو اوهان جي لاءِ ٻيو نئون تحفو کڻي آيو آهي. جڏهن بادشاهه شيشو اکين تي رکيو ۽ دربار جي طرف ڏٺو نيڪ نيت وزير کان سواءِ بادشاهه کي سڀ خونخوار ڏسڻ ۾ آيا. اهي پاڻ ۾ بادشاهه کي قتل ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا هئا. بادشاهه هڪدم حڪم ڏنو ته انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. بادشاهه جي ڳالهه ٻڌي سڀني گڏجي چيو ته: اسان ۾ ته بادشاه سلامت ڪا به برائي نه آهي. اهوقصور ان شيشي جو آهي. بادشاهه وراڻيو واقعي اوهان سچ چئي رهيا آهيو. ڪاش مان اهو شيشو پنهنجن اکين تي نه رکان ها. بادشاهه چيو ته اهو قصور رهن شيشي جي آڻڻ واري جو آهي، جنهن ۾ وزير ۽ شيشن ٺاهڻ وارو شامل آهن. اڄ مان انهن کي موت جي سزا ڏيندس. بادشاهه جي حڪم تي سپاهي شيشن ٺاهڻ وار ۽ وزير کي زنجيرن ۾ ٻڌي هڪ کليل ميدان ۾ وٺي ويا. جڏهن وزير ۽ شيشن ٺاهڻ واري جا سر سوريءَ تي چڙهڻ وارا هئا. تڏهن هڪ ڪارن ڪپڙن سان اجنبي ظاهر ٿيو ۽ بادشاهه کي چوڻ لڳو ته هي بي گناهه آهي، هي اهو بزرگ هو ۽ بادشاهه کي مخاطب ٿي چيائين ”اي نادان بادشاهه انهن ڏانهن ڏس ڇا انهن جي شڪل مجرمن جهڙي آهي؟ بادشاهه وراڻيو ته نه بزرگ وراڻيو ته شيشن ٺاهڻ وارو اهو ٻئي شيشا مون کان وٺي ويو هو. هڪ سان هر شئي خوبصورت ۽ ٻئي سان حقيقت، پر هاڻي مون کي خبر پئي ته دنيا حسن جي طلبگار آهي ۽ سچائي انهن انهن کي خطرناڪ نظر اچي ٿي، اهو ٻيو شيشو مون کي واپس ڪر ۽ انهن بيگناهن کي آزاد ڪري ڇڏ.

بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ان بزرگ کي ٻئي شيشا واپس ڪيا. اهڙيءَ طرح بادشاهه ۽ سندس رعيت خوش ٿي وئي.

 


سنڌيڪار عبدالواحد سومرو

جسم ۾ گرمي ڪيئن پيدا ٿيندي آهي؟

جهڙي ريت تيل ٻارڻ سان ماڻهو، حرارت حاصل ڪندو آهي، اهڙي طرح سان غذا به جسم ۾ حرارت پيدا ڪندي آهي. جيتوڻيڪ جسم ۾ غذا جي ٻرڻ جو عمل چڱو خاصو سست هوندو آهي، تنهن هوندي به ايتري حرارت ضرور پيد ٿيندي آهي، جي انساني جسم هر وقت گرم رهندو آهي.

دماغ جي رڳ ڇو ڦاٽي ٿي؟

دماغ جي رڳ ڦاٽڻ جا ڪافي سبب آهن، مثلا، هيءَ ان وقت ڦاٽندي اُهي، جڏهن بلڊ پريشر تمام گهڻو هجي يا وري دماغ ۾ اندر ڪو خلل پيدا ٿي پوي.

بيڪٽريا ڇا آهي؟

بيڪٽريا انتهائي ننڍن جراثيمن کي چيو ويندو آهي، اهي انسان ۽ ٻين جاندارن جا بدترين دشمن آهن ۽ ان مان طرح طرح جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، بيڪٽريا جسامت ۾ هڪ ملي ميٽر جي اڍائي هزارين حصي جي برابر هوندا آهن.

پوپٽن جي غذا ڪهڙي آهي؟

پوپٽ گلن جي پتين مان خوراڪ حاصل ڪندا آهن، اهي پنهنجا پر ضايع ڪرڻ بنا، گلن جي پتن ۾ گهڙي ويندا آهن ۽ گلن جي مٺاڻ ۽ رس حاصل ڪندا آهن، ان جي لاءِ هڪ ڊگهي نلي استعمال ڪندا آهن.

صحرا ڇا آهي؟

صحرا ان کي چئبو آهي جنهن ۾ آبادي نه هئڻ جي برابر هوندي آهي، پاڻي جي کوٽ ۽ سخت سردي پوندي آهي، جاگرافي جي ماهرن جي راءِ ۾ صحرا اها جڳهه آهي جت سال ۾ ڏهن انچن کان به گهٽ برسات پوندي، آفريڪا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ وڏا وڏا صحرا آهن، سرد صحرا ايمٿيا، اتر هندي سمنڊ ۽ انٽنارڪٽيڪا ۾ ڏٺا وڃن ٿا.

بجلي جو فيوز ڇو اڏامي ويندو آهي؟

جڏهن فيوز جي تار ۾ ان جي وزن کان گهڻي برقي لهر گذرندي آهي ته اها برقي لهر جي گهڻائي جي سبب گرم ٿي ويندي آهي پر جيڪڏهن برقي رو جي گهڻائي ڪجهه سيڪنڊ تائين رهي ته پوءِ فيوز ته نه اڏامندو، بلڪ فيوز جي تار تمام گهڻي گرم ٿي ويندي آهي ۽ باهه وانگر ڳاڙهي ٿي ويندي آهي.

صحت کي قائم رکڻ لاءِ ڪڙو عنصر اهم آهي؟

صحت کي قائم رکڻ جي لاءِ آڪسجين هڪ نهايت ئي مکيه عنصر آهي. آڪيسجن حاصل ڪرڻ لاءِ ساهه کڻڻ جو طريقو سڀ کان گهڻو مفيد آهي.

لطيف سنائي  (قسط 1)                  ]سائنس فڪشن[

جيڪل وون - رسڪي جي ڪهاڻي

پنڌرهن سالن جو جيڪل وون. رسڪي، گول ڪمري ۾ گول بيڊ تي ليٽي هڪ ڪتاب پڙهي رهيو هو. سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ هر هر اوٻاسيون پئي ڏنائين. ڪتاب ڪو ڏاڍو دلچسپ هو، جيڪو جيڪ کان ڇڏيو نه ٿي ٿيو. نيٺ رات جو ڳپل حصي گذرڻ بعد ٺڪاءُ ٿيو ڇا جو ٺڪاءُ ٿيو هوندو؟ ڪتاب جيڪ جي هٿن مان ڇڏائجي شيشي جي پٺ تي ڪريو هو.

صبح جو سويرو، ساجهر مهل، ٺڪائن تي جيڪ کي سجاڳي ٿي. ٺڪائن کي ٻڌي هو ڇرڪي، ننڊ مان اٿيو. ٺڪائن جو سلسلو جاري هو. وڏا وڏا ڪن ڦاڙيندڙ ٺڪاءُ لاڳيتو گونجي رهيا هئا. ڇا جا ٺڪاءُ هئا؟

جيڪ سخت حيران هو. اهڙا ٺڪاءُ زندگيءَ ڀر نه ٻُڌا هُئا. هو ڊوڙي ماءُ وٽ ويو.

”ماءُ هي ڇا جا ٺڪاءُ آهن؟ ڄڻ ته ڪي وڏا وڏا بم ڦاٽا آهن؟“ ”پٽ! مون کي ڪا خبر ڪونهي. هُو مٿيون اسان کي امان ۾ رکي. هي عظيم ٺڪاءُ ڪيترا نه ڊيڄاريندڙ آهن؟“

جيڪ منجهي پيو. سندس پيءُ به گهر ۾ ڪونه هو. ”ماءُ پٽ ڪنهن کان پڇجي؟

هينئر ٻاهر ته ڪونه هلنداسين. توهان فون کڻي ڪريو؟“

”پر ڪنهن کي؟“ ”ماءُ! توهان کي اُن جي ڄاڻ هئڻ گهرجي“. جيڪ! ته پوءِ حڪومت جي پرڏيهي معاملن واري آفيس ۾ فون ڪئي. ”هيلو! هيلو ٽيليفون جي بوٿ ۾ لڳل هڪ بٽڻ کي دٻائي ٿي ۽ بوٿ جي وچتي لڳل پردي تي مخاطب جي تصوير اڀري ٿي.

”هيلو! ڪير ٿو ڳالهائي؟.....ترجمان: جي مان حڪومت ڊيموڪريٽڪ ريبلڪ آف يوٽوپي ساندون جي هڪ معزز شهري جي حيثيت ۾، پنهنجي حڪومت کان پڇڻ ٿي چاهيان ته هي هراس ۾ وجهندڙ تباهه ڪاريءَ جو مرڪز ڪٿي آهي؟ پليز! اسان کي مطلع ڪيو وڃي.“ ”مهربان... اسان به ان سلسلي ۾ پريشان آهيون. (ڪمپيوٽر جو آواز اچي رهيو هو) ڪجهه اندازو... آهي ته.... اُهي ٺڪاءَ.... ڀر واري.... نظام شمسي جي هڪ سَياري.. تان اچي... رهيا.. آهن. لڳي ٿو... اُت رهندڙ... اشرف المخلوقات.. تباهه ٿي... چڪي آهي“. ”اوهه! ڇا سَيارو تباهه ٿي ويو؟“ ”ميڊم ... پوري ڄاڻ.. ڪانهي.“ ”سياري جو نالو ڇا آهي؟“ ”ميڊيم ... زمين... ٿا چون.“ ”تباهي ڪيئن آئي؟“ ”ميڊيم.. ڪا خبر.... ناهي.... خبر پوندي ته.. توهان کي... مطلع ڪنداسين.“ ٽُون ٽُون. آفيس جي نمائندي، جيڪو روبوٽ هو، فون بند ڪري ڇڏي ۽ سندس تصوير بوٿ تان غائب ٿي وئي. ”ماءُ! ڇا ٿيو؟“ ”پٽ! هڪ سيارو تباهه ٿي ويو!“ ”سيارو.. ماءُ سَيارو ڇا آهي؟“ ”پٽ! ڪائنات ۾ ڪجهه چمڪندڙ جسم هوندا آهن. گول، جن جي چوڌاري ٻيا ڪجهه جسم گولائيءَ ۾ ڦرندا رهندا آهن، اُن رستي کي محور چئبو آهي. محور تي ڦرندڙ جسمن کي سَياره (Planets) ۽ چمڪندڙ جسم کي تارا (stars) چئبو آهي. ان جوڙجڪ کي نظام شمسي چئبو آهي.“

”ماءُ! اسان به نظام شمسي (Solar system) ۾ پيا رهون؟“ ”ها! پر زمين وارو نظام شمسي، اسان واري نظام شمسي کان ڪروڙها نوري سال پري آهي.“ ”ماءُ! نوري سال...؟ اُنهن سالن ۾ رڳو روشني ٿيندي آهي ڇا؟“ ”هو هو! ها ها!..... اڙِ جيڪ ڄٽ، نه! نوري سال خلا ۾ مفاصلي جو ايڪو آهي. هڪ سال ۾ روشني سندس رفتار سان جيترو مفاصلو طئه ڪندي ان کي نوري سال چئبو آهي. اهو تقربا 60 ارب ميل (6000000000000 ميل) يا 6 ملين ميل هوندو آهي.“ ”ماءُ! روشنيءَ جي رفتار خلا ۾ ڪيتري آهي؟“

”پٽ! روشني جي رفتار هر جڳهه هڪ جهڙي يا مستقل آهي، جيڪا اٽڪل 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي.“ ماءُ! زمين جي باري ۾ ٻي ڪا ڳالهه ٻڌاءِ؟“ ”ها پٽ! سَيارن جي چوڌاري وري ٻيا ننڍڙا جسم ڦرندا آهن، جن کي اُپگهرهه يا چنڊ (satellite) چئبو آهي. زمين جي چوڌاري صرف هڪڙو چنڊ ڦرندو هو.“ ”ماءُ! ڇا اُهو به تباهه ٿي ويو هوندو؟“ ها شايد. ٽون ٽون. فون جي گهنٽي وڳي. ”هيلو هيلو! ميڊم! ... اسان جي... جاسوسي اداري.. اطلاع ڏنو آهي ته... زمين جي .....سَياري...جي تباهي.. اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ... ٿي آهي.. انساني حڪومتن... ته ....هڪٻئي... سان ٺاهه..... ڪيو هو، پر سندن نيوڪلائي.....اسلحي... جن ۾ راڪيٽ.... لانچر ڪيميائي.. مهلڪ .... هٿيار... بايولاجيڪل هٿيار....تابڪارهٿيار... مهلڪ.. موت جا سامان... شامل آهن......تن جي... آپريٽر کان.... هڪ هلڪي... پر تباهي مچائيندڙ.... غلطي ٿي....

ڪهڙي غلطي ميڊم اُتساهه مان پڇيو.

”ميڊم! هنن کي...ڪمپيوٽر..... غلط.... اطلاع ڏنو.... ته.... سندن......ملڪ تي..... نيوڪلائي.. حملو..... ٿي چڪو... آهي. آپريٽر.... اُن جي حقيقت..... معلوم.... ڪرڻ ۾ لڳي ويو... کيس خبر....پئي ته اِها رپورٽ... غلط آهي... هن چيخون ڪري سائنسدان ۽ ٻئي علمي کي.... ڄاڻ ڏني ته... حملو نه ٿيو آهي. ليڪن.... کيس چند سيڪنڊ... دير... ٿي.. وئي... هئي. فقط چند سيڪنڊ.. چند سيڪنڊ اڳ... سندس ملڪ.. ٿيل نيوڪلائي حملي.. جو جواب... ڏيڻ شروع ڪري ڏنو... هو ۽ پوءِ ٻنهي طرف... جنگ لڳي. تباهي مچي ۽... زمين جو سيارو.... دونهين.. بارود.... ۽ مٽيءَ جي طوفان... سان ڀرجي.. ويو.. اندازو آهي... ته ٻن ڏينهن کان پوءِ زمين تي ڪو به ساهوارو... نه بچندو...“ ٽون ٽون. جيڪ ۽ سندس ماءُ فون رکي ٻڏل دل سان خوشبودار ڪاٺ جي ڪرسين تي ڦان ٿي ڪريا. سندس منهن لٿل هئا ۽ سندن دليون ڌڙڪي رهيون هيون.

هڪ خلائي جهاز سان وون-ڪنگ 71 زبردست سان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف يوٽوپي ساندون جي حدن مان نڪري چڪو هو. جهاز اُنجي نظام شمسيءَ مان نڪري، زمين جي نظام شمسيءَ ڏي ڊوڙڻ لڳو هو جهاز ۾ هڪ ڪپئٽن، هڪ ڊاڪٽر، هڪ زمين جو ماهر، هڪ نوڪر (Steward) ۽ جيڪ هو. ٻيا گهڻا ئي روبوٽ هئا. جن مان، ڪي ٽيڪنيشنس هئا ته ڪي پائليٽ وغيره. اهو جهاز ڌرتيءَ تي آيل تباهه ڪاريءَ جو معائنو ڪرڻ وڃي رهيو هو جيڪ کي جهاز ۾ اُن ڪري کنيو ويو هو جو هن ڌرتي ڏسڻ لاءِ شديد اسرار ڪيو هو. ۽ سندس پيءُ به خلائي اداري جو ملازم هو.

تنهنڪري جيڪ جي درخواست منظور ڪئي وئي ۽ جيڪ جهاز ۾ ٻين سان گڏ ڌرتي تي وڃي رهيو هو. ڪپئٽن چيو ته جهاز 62 ڪلاڪن ۾ ڌرتيءَ تي پهچي ويندو. ڪپئٽن، جيڪ ۽ ٻين جي جسمن تي اهڙو لباس پيل هو، جيڪو کين بارود ۽ ائٽم بمن مان نڪتل تابڪاري شعاعن جي تباهي ۽ نقصان کان بچائيندو. اهو لباس هڪ اهڙي مادي مان ٺهيل هو، جنهن مان تابڪار ڪرڻا (Radio active Rays) نه ٿي گذري سگهيا. الاهي ڪرڻا چمڙيءَ تي قسمين قسمين بيمارين ۽ ڪئنسر وغيره جو ڪارڻ ٿين ٿا.) جهاز ۾ کاڌو خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي ذخيره کان سواءِ آڪسيجن جو ذخيرو به هو. جيڪو ساهه کڻڻ لاءِ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com