سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1990ع

باب: --

صفحو :4

ٻارنهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ، جيڪ ٿڪجي پيو، هن کي ننڊ اچڻ لڳي. جيڪ سمهي پيو. 14 ڪلاڪن جو سفر طئه ٿي چڪو هو. هو، هڪٻئي نظام شمسي ۾ سفر ڪري رهيا هئا. جنهن کان پوءِ زمين وارو نظام شمسي اچڻو هو. جيڪ ننڊ مان اٿيو. هن سپنو ڏٺو هو ته هو جهاز مان ڪري پيو آهي ۽ ڪرندي ڪرندي جبلن وچ ۾ وهندڙ آبشار ۾ لڙهندي وڃي هڪ نديءَ ۾ پئي ٿو. نديءُ ۾ ترندي هڪ ڪاٺ جي بنڊي ڏسي ٿو ۽ اُن ۾ هٿ وجهي ٿو. جيڪ بنڊيءَ تي سوار ٿئي ٿو. بنڊي وڃي هڪ ڪناري سان لڳي ٿو. ڪناري تي پهچي کيس زوردار بک لڳي ٿي.         (هلندڙ)

طارق قريشي

ڌوٻيءَ مان ڊاڪٽر

ڊاڪٽر حاڪم علي ايم-بي-بي-ايس فزيشن اينڊ سرجن، هي نالي جي تختي شهر جي مشهور علائقي ۾ هڪڙي عمارت جي ٻاهران لڳل هئي. نالو منهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ تي اڀري آيو ۽ مونکي ياد آيو ته هن نالي سان ڪجهه يادوان وابسته آهن.

مون ڪار کي لاڪ ڪيو ۽ اندر ڪلينڪ ۾ ويس، شاندار فرنيچر سان سجايل اسپتال ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيل هئي، مان سڌو ڊاڪٽر جي آفيس ۾ هليو آيس، جتي هڪ ڊاڪٽر هڪ ايڪسري کي غور سان ڏسي رهيو هو. مون سلام ورايو، جنهن تي ڊاڪٽر مون ڏي نهاريو ۽ ڪجهه ساعتون نهاريندو رهيو ۽ پوءِ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيائين ”اڙي جهانگير، تون... ! ائين چئي اُٿي هڪدم زوردار ڀاڪر پاتائين، مون به کيس سڃاتو هي ساڳيون حاڪم علي هو، جيڪو ڪاليج جي هاسٽل ۾ منهنجو پاڙيسري هئو. ان عرصي ۾ ڪافي بدلجي ويو هو سندس چهري تي هڪ عدد چشمي جو اضافو هو، سندس مُک تي سنجيدگي ۽ ڳنڀيرتا هئي. حاڪم مون ڏي چتائي ڏسندي چيو ”پاڻ يارهن سالن بعد ملي رهيا آهيون جاني!“ مونکي اڪثر ڪاليج ۾ ويجها دوست جاني چوندا هئا) مون ٽاءِ کي ڍرو ڪري چيو ”ها يار حاڪم! پاڻ لڳ ڀڳ يارنهن سالن بعد مليا آهيون.

ايتري ۾ هڪ نرس اچي حاڪم کي ٻڌايو ته سيرئيس پيشنٽ (نازڪ مريض) آيو آهي، ان کي توهان جي ضرورت آهي. حڪم علي مونکي ويهڻ جو چئي مريض ڏي هليو ويو، مون چوڌاري جائزو ورتو پئي منهنجي نگاهه ڀت تي لڳ هڪ تصوير تي پئي جنهن ۾ هڪ ٻار جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. مان تصوير کي ڏسي رهيو هئس ۽ ماضيءَ ۾ گم ٿي ويس.

ڪاليج جي هاسٽل ۾ روم نمبر ڇهه ۾ مان رهندو هئس، روم نمبر ست ۾ حاڪم علي رهند هو، روم نمبر اٺ ۾ هڪ بدمزاج شاگرد مسعود رهندو هو. مان پري-انجنيئرنگ ۾ پڙهندو هئس مسعود ۾ حاڪم پري-ميڊيڪل پڙهندا هئا.

حاڪم علي جو نالو رڳو حاڪم هئو، پر سندس مقدر ۾ محڪوم ٿي رهڻ لکيل هو، حاڪم علي جو پيءُ پرائمري ماستر هو، جنهن جو وڏو ڪٽنب هو، ان ڪري حاڪم کي پنهنجي پڙهائي جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ کيس پاڻ کي محنت ڪرڻي پوندي هئي. حاڪم علي کي هڪ اسڪالرشپ ملندي هئي. هڪ دفعي پرنسپال صاحب کيس آفيس ۾ گهرايو ۽ چيو ”پٽ توکي خبر آهي ته سيٺ دولت رام غريب ۽ مسڪين شاگردن جي مدد لاءِ ڪاليج کي فنڊ ڏيڻ لاءِ چيو آهي تون ايپليڪيشن ڏي ته توکي ان مان اسڪالرشپ منظور ڪري ڏياريون تون هوشيار به آهين ۽ غريب پڻ، تنهنجو حق آهي.

حاڪم علي چيو سائين مون کي ڪاليج طرفان اسڪالرشپ منهنجي (ميرٽ) ذهانت ۽ هوشيارپ جي ڪري ملندي آهي. باقي مان سيٺ دولت رام جي ڏنل فنڊ واري اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪونه ڪندس. اُهو ان ڪري جو آءُ پنهنجي خودداري مجروح نه ڪندس. مان محنت ڪري پڙهائي جاري رکڻ ٿو چاهيان. مونکي توهان اجازت ڏيو ته مان ڪاليج ٽائيم کان پوءِ شاگردن جي ڪپڙا ڌوئان ۽ مان هڪ استري خريد ڪندس، جو ڪپڙا استري ڪري پئسا ڪمائي پڙهائي جاري رکان. ان لاءِ توهان جي موڪل جي ضرورت آهي پرنسپال صاحب چيو ”پٽ ته ٺيڪ آهي پر ڇا تون اهو ڪم ڪندي بُرو محسوس نه ڪندين؟ ڇا تون ايترو وقت بچائي سگهندين ته پڙهائي به ڪري سگهين! حاڪم علي چيو، سر! مان اِهو ڪم ڪندي، فخر محسوس ڪندس ڇو جو مان پنهنجن انهن عظيم بزرگن جي پيروي سمجهندس جن ۾ علامه دائود پوٽه صاحب به هئا، جن پنهنجي پڙهائي واري دور ۾ جلد سازي ڪئي. کٽون واڻيون پان پنهنجو به خرچ ڪڍيائون ۽ ڳوٺ پنهنجي والد صاحب کي به پئسا موڪليندا هئا. ۽ پڙهائي لاءِ وقت به ڪڍندا هئا.

پرنسپال صاحب چيو: آفرين آ توکي، شاباس! توکي منهنجي طرفان اجازت آهي تون ڀلي محنت ڪر.

حاڪم علي اسڪالرشپ مان استري خريد ڪئي ۽ هاسٽل تي رهندو ٻين شاگردن جا ڪپڙا ڌوئيندو هو ۽ استري ڪندوهو. جنهن مان کيس پئسا ٿيندا هئا خرچ هلائيندو هو. رات جو ٿڪجي پوندو هو. تنهن هوندي به پڙهندو رهندو هو.

مسعود جو پيءُ هڪ بينڪ آفيسر هو، جنهن کي مٿين آمدني گهڻي هئي، ان ڪري، مسعود جي ڪمري ۾ هر قيمتي شيءَ موجود هوندي هئي.  مسعود جي هڪ خاص عادت هوندي هئي ته هو ليڪچرارن جي چمچاگيري ڪندوهو، هو هڪ سياسي پارٽي سان لاڳاپيل هو جنهن جوهُو ڪاليج ۾ اڳواڻ هو جن جو ڪم ڇوڪرن سان ڌونس ڌمڪي ڌانڌلي ڪرڻ هو. داداگيري ۽ غنڊاگردي ڪرڻ شاگردن جي ذاتي معاملن ۾ هروڀرو دخل اندازي ڪرڻ هو. مسعود پنهنجي سياست جي راند مان اهو فائدو ورتو جو هاسٽل جي وارڊن ۾ چوڪيدار کي دٻاءُ ۽ رشوت ڏني پنهنجو ڪري ڇڏيو، ان ڪري هُو هڪ نه ٻئي ڏينهن هاسٽل جي اندر وي. سي. آر جو پروگرام ڪندو هو جنهن ڪري آس پاس جي ڪمرن جي شاگردن جي سڪون برباد هئو.

هڪ ڏينهن حاڪم علي ڪمري ۾ پڙهي رهيو هو ته مسعود جي روم مان ڊيڪ تي فُل آواز سان مائيڪل جيڪسن جي پرشور آواز واري رڪارد سان هاسٽل گونجڻ لڳي. حاڪم جي پڙهائي ۾ رُخنو پئي ٿيو، ان ڪري حاڪم علي اٿيو مسعود جي روم جي دروازي وٽ آيو ۽ کيس سڏ ڪري چيائين: ”دوست! سڀاڻي پرچو آهي، ان ڪري توهان ڊيڪ بند ڪريو يا آواز کڻي گهٽايوس ۽ بهتر آهي ته توهان به ويهي پڙهو ڇو جو توهان کي به پيپر ڏيڻو آهي“ حاڪم جو ايترو چوڻ مسعود جو مڇرجڻ ان يڪدم، ٽنگ سان ٻڌل ريوالور ڪڍيو ٻه هوائي فائر ڪري چيو ڪَن کولي ٻڌ ڌوٻي! هن هاسٽل جو بادشاهه آهيان، مان جيئن چاهيان تيئن ٿيندو پڙهڻ جو شوق ايترو ئي اٿئي ته ٻاهر اليڪٽرڪ پل جي روشنيءَ ۾ وڃي پڙهه ۽ بنجي ڏيکار وڏو ماڻهو... حاڪم علي آخر ڪتاب کڻي هيٺ ٻاهر پڙهڻ ويو، اهڙي طرح مسعود جون زيادتون وڌنديون ويون. هڪ دفعي مسعود حاڪم جي ڪمري مان هڪ ٻئي شاگرد جا ڪپڙا چورائي گهر گم ڪري ڇڏيا. جنهن جي ڪر حاڪم کي مار به ملي ۽ ڏنڊ به ڏيڻو پيو، مسعود کي اهو خيال هو ته پڙهڻ جي بدران پنهنجي پيءُ جي سفارش سان مارڪون وٺڻ ۽ بورڊ ۾ سفارش ڪرائڻ ڪو مسئلو نه آهي ان ڪري پڙهن بدران مسعود حاڪم سان زيادتين جي باري ۾ سوچيندو هو. ۽ مسعود پنهنجي دوستن ۽ چمچن کي چئي ڪري حاڪم کي ڌوٻي ڌوٻي چوندو هئو. ڪاليج جا سڀ لوفر ۽ واندا حاڪم کي ڌوٻي ڌوٻيڪري ڪوٺيندا هئا.

مسعود جيترا به ظلم ڪيا يا غرور ڪيو ان جو بدلو کيس ان وقت مليو، جڏهن مسعود جي پيءُ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، پنهنجي ٺڪاڻي تي وٺي وڃي ان کي گولي هڻي ماري ڇڏيائون، مسعود جي گهر مان چور چوري ڪري ويا، گهر جو خرچ ته ڪجهه وقت رکيل آمدني مان هلندو رهيو، پر مسعود جون عادتون نه بدليون آخر مسعود جي گهر جون گاڏو بيهي ويو، امتحان به ويا، اسان هاسٽل خالي ڪري وياسين حاڪم علي ميڊيڪل ۾ آرام سان چونڊجي ويو، جڏهن ته مون انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ورتي ۽ اهڙي طرح اڄ گهڻي وقت کان پوءِ حاڪم مون سان مليو هو. دروازو کليو حاڪم اندر آيو، مون کي خيالن  جي دنيا مان واپس اچڻو پيو حاڪم هٿ ڌوئي ٽوال سان اگهيا ۽ چائين: ”جهانگير! پاڻ گهر ٿاهلون اتي هلي چانهن ٿا پيون ۽ ڪچهري ٿا ڪيون، پر نه ماني جو وقت ٿي ويو آهي پهرين ماني کائينداسين. حاڪم گهڙيال ڏانهن نهاريو، جنهن ۾ ڏيڍ ٿي رهيو هو. ڪيئن ٺيڪ آهي نه اتي هلي حال احوال ٿا ڪيون ڇو جو هڪ ته تون منهنجو دوست ۽ سڄڻ هوندو هئين.

مون چيو ”ها يار اڄ توکي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي اٿم، تو جدوجهد ڪئي ان جو فل توکي تمام سٺو مليو ۽ مسعود جنهن توسان ڏاڍيون زيادتيون ڪيون. ان جو الائي ڇا ٿيو؟ حاڪم ٿڌو ساهه کڻي چيو توکي به ته جاني! محنت جو سٺو اجورو مليو آهي. تون به ته هينئر انجنيئر آهين. مسعود ويچاري سان تقدير ڏاڍو خراب حشر ڪيو: تون ان سان ملندين؟ مون چيو ها يار ملاءِ حاڪم علي ڪال بيل وڄائي. هڪ وارڊ بواءِ آيو، حاڪم کيس چيو ته بابا انعام! مسعود کي سڏ ڪر، ٿوري دير بعد ڪمري ۾ هڪ نوجوان سادن ڪپڙن ۾ داخل ٿيو. سندس منهن تي پريشانين ۽ پشيمانين جو ريکائون (ليڪون) ظاهر هيون. منهن ۾ ڏاڍو ڪمزور ۽ لٿل هو، اکين ۾ اُداسين جا بادل هئس، مون کيس سڃاتو هي مسعود هو مون مسعود کي حيراني مان ڏسندي چيو هت هتي ڪيئن؟

مسعودي جي نظر مونتي پئي مونکي سڃاتائين هن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا ۽ چيائين جهانگير! مان هن عظيم انسان جو بيحد احسانمند آهيان هن محسن ماڻهو پنهنجا ڏک وساري مونکي پناهه ڏني آهي مان انٽر ۾ فيل ٿي پيو هئس، گهر به نيلام ٿي ويو منهنجي ماءُ منهنجي چاچي سان ٻي شادي ڪئي مان لاوارث ٿي پيس، ڪو روزگار ڪو اجهو ڪونه هئو، ست اٺ سال لاڳيتا مزدوري ڪيم، ڪڏهن ڪٿي، رهندو هئس ته ڪڏهن ڪٿي هڪ ڏينهن مزدوري ڪئي سخت گرمي ۾ بي هوش ٿي ويس. مزدور مونکي اتي کڻي آيا، هن منهنجو علاج ڪيو ۽ مونکي پناهه ڏنائين.

مون کي ڪمائونڊري (ڊسپنسر جو ) ڪورس ڪرايائين ۽ پوءِ پنهنجي هن ڪلينڪ ۾ روزگار سان لڳايو آهي ۽ مون کي پاڻ سان گڏ رهائيندو آهي.

انٽريو وٺندڙ: محمد علي

جميل احمد جتوئي

 

سنڌ سونهاري ڪيترن ئي ذهين ۽ باصلاحيت انسانن کي جنم ڏنو آهي. انهن ئي انسانن مان منهنجو هڪ پيارو دوست جملي احمد جتوئي به آهي جنهن مئٽرڪ جو امتحان ۾ 696 مارڪون کڻي اي ون گريڊ حاصل ڪيو ۽ سڄي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. سندس ورتل هڪ ننڍڙو انٽرويو توهان ٻارڙن لاءِ حاضر آهي.

سوال:- سڀ کان پهرين ته توهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا؟

جواب:- منهنجو اصل نالو جميل احمد ولد نور محمد جتوئي آهي ويٺل ضلعو ٿرپارڪر تعلقو ميرپور خاص آهي.

سوال:- توهان ننڍپڻ جي تعليم ڪٿي حاصل ڪئي؟

جواب:- مون ابتدائي تعليم گورنمينٽ شاهه عبداللطيف پرائمري اسڪول ميرپورخاص مان پنج درجا پاس ڪيا ۽ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان پاس ڪيم.

سوال:- توهان مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي اسڪول ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪرڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟

جواب:- مئٽرڪ جي امتحان ۾ مون اي ون گريڊ حاصل ڪري سڄي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. انهيءَ جو بنيادي سبب اهو آهي ته مون کي فرسٽ پوزيشن حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو. انهي ڪري مان ڏينهن رات محنت ڪندو هئس. عام ڏينهن ۾ مان چار ڪلاڪ روزانو پڙهندو هئس. پر جڏهن امتحان ويجها ٿيا ته مان 8 ڪلاڪ روزانو پڙهندو هئس. والدين جي دعائن، استادن جي ڪوششن ۽ پنهنجي محنت سان آخر اها ڪاميابي حاصل ٿي. جنهن لاءِ آئون الله تعاليٰ جو تمام گهڻو شڪر گذار آهيان.

سوال:- توهان ڪهڙن استادن کان متاثر ٿيا آهيو؟

جواب:- آئون خاص ڪري خدابخش لاشاري، انور الدين جمالي ۽ محمد ادريس کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. جن منهنجي هر قدم تي تمام گهڻي مدد ڪئي.

سوال:- موجوده ٻاراڻي ادب مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

جواب:- منهنجي خيال ۾ هاڻوڪو ٻاراڻو ادب اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي. وڏا اديب ٻارڙن لاءِ ڪجهه به ڪونه ٿا لکن ۽ جي لکن ٿا ته انهن ڪتابن جي قيمت ايتري ته گهڻي هوندي آهي جو ڪو غريب جو ٻار انهي ڪتاب کي خريد ڪرڻ ته پري رهيو، پر ڪتاب جو تصّور به ڪونه ٿا ڪري سگهن.

سوال:- توهان جا پسنديده اديب ڪهڙا آهن؟

جواب:- شاعرن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، ۽ شيخ اياز کي پسند ڪندو آهيان ۽ عبدالقادر جوڻيجو ۽ علي بابا منهنجا پسنديده ڪهاڻيڪار آهن.

سوال:- توهان جون پڙهڻ کان سواءِ ٻيون ڪهڙيون سرگرميون آهن؟

جواب:- پڙهڻ کان سواءِ مان بيٽ منٽن راند کيڏندو آهيان ۽ باقي وقت وقتن ۾ ڪهاڻين ۽ شعرن جا ڪتاب پڙهندو آهيان.

سوال:- توهان جي نظر ۾ شاگرد کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي؟

جواب:- منهنجي خيال ۾ شاگرد کي صرف پنهنجي پڙهائي جي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. سياست کي پڙهائي جو حصو نه بڻائجي. اڳ ۾ پڙهائي ڪجي ۽ پوءِ سياست ۾ پڙهائي ٻئي ڪڏهن به گڏ ڪونه ٿا هلي سگهن. انهي ڪري مان اهو چوندس ته شاگرد پنهنجي تعليم کي دل سان لڳائي، ڇو ته علم کان سواءِ اکيون بي نور آهن.

سوال:- ڪو اهڙو ڏينهن جنهن ڏينهن توهان تمام گهڻا خوش ٿيا هجو؟

جواب:- سڄي هاءِ اسڪول ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيم انهي کان وڌيڪ ڪهڙي خوشي ٿيندي.

سوال:- مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ جو ارادو آهي؟

جواب:- مستقبل ۾ انجنيئر ٿيڻ چاهيان ٿو.

سوال:- آخر ۾ ٻارڙن لاءِ ڪو پيغام؟

جواب:- منهنجو ٻارڙن لاءِ اهو پيغام آهي هت هو دل لڳائي پڙهن. ڏينهن ۽ رات محنت ڪن ۽ محنت جو ڦل ضرور ملي ٿو. ائين نه سمجهجي ته اسين غريب آهيون، سو اڳتي ڪونه وڌي سگهون. تعليم جي ميدان ۾ ڪو امير يا ڪو غريب توهان کي پنهنجو حق ضرور ملندو.

رنگ ڀريو

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار وڌيڪ سٺو رنگ ڏنو هوندو، ان کي گل ڦل رسالو ٽن مهينن تائين مفت ۾ موڪلبو. (ايڊيٽر)


 

عبدالجبار عبد

راڪاس – برڙ باڪاس

اڳي اڳي جي ڳالهه آهي ته هڪڙو هو ماڻهو، جيڪو هڪ ٽنگ کان معذور هو، سو سفر تي نڪتو، رستي ۾ واٽ وٺيو پئي ويو، ته هن کي هڪ ٻيو مسافر به گڏيو، جيڪو اکين کان نابين هو. منڊڙي مسافر انڌڙي مسافر کي چيو ته ”ادا توکي به ساڳي ئي شهر ۾ وڃڻو آهي، جيڏانهن آئون وڃي رهيو آهيان“.

انڌڙو: مونکي ته گلستان نالي شهر ۾ وڃڻو آهي.

منڍڙو: ته پوءِ مون کي به ته ان ئي شهر ۾ ڪم آهي، پر ٻيلي پنڌ ته اڃان گهڻو آهي، اسين ٻئي آهيون به معذور، ان ڪري پنڌ ته نبري ئي ڪونه ٿو، پر ها جيڪڏهن تون چيو مڃين ۽ منهنجي چوڻ تي هلين ته پوءِ اسين ٻن ڏينهن جي بدران هڪ ئي ڏينهن ۾ پنڌ پورو ڪري سگهون ٿا!

انڌڙو: سو وري ڪيئن؟

منڊڙو: ٻيلي مان آهيان، هڪ ڄنگهه کان معذور ان ڪري هلي ڪونه ٿو سگهان ۽ ٻيو ٿو منڊڪ منڊڪ ڪريان ۽ تون وري آهين اکين کان معذور، جنهن ڪري توکي به هلڻ ۾ دشواري آهي. ڇاڪاڻ ته تون رستي ۾ کڏون ۽ کوٻا ڏسي ڪونه ٿو سگهين. ڪرڻ جي ڊپ کان، تون به صفا جونءَ جان ٿيو پيو هلين. ان ڪري هاڻ هيئن ڪر جو مون کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي هل ته آئون وري توکي رستي ڏسيندو هلان. انڌڙي کي اها صلاح دل سان لڳي، سو منڊڙي مسافر کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلڻ لڳو، منڊڙو مسافر وري کيس رستو ڏسيندو رهيو. جڏهن هنن ڪجهه پنڌ ڪيو ته منڊڙي مسافر ڏٺو ته رستي ۾ هڪ دهل پيو آهي. سو پنهنجي ساٿيءَ کي رڙ ڪري چيائين ته: ”ادا انڌا رستي ۾ هڪ دهل پيو آهي. انڌڙي مسافر چيس ته، جيڪڏهن دهل پيو آهي ته پوءِ اهو کڻ ڻ بار تون. هونءَ به بار منهنجي ڪلهن تي آهي. منڊري مسافر اهو دهل کنيو ۽ وري هو سفر ڪرڻ لڳا ته ڳچ پنڌ کان پوءِ منڊڙي مسافر کي هڪ واڊ (نوڙي) نظر آئي. هو پنهنجي ساٿيءَ کي چوڻ لڳو ته: ”ادا انڌا هتي رستي ۾ هڪ واڊ (نوڙي) پيئي آهي“ انڌڙي چيس ته ادا بار ته منهنجي ڪلهن تي آهي سو تون اها واڊ (نوڙي) به کڻ. پوءِ هن اها نوڙي به کنئي ۽ وري پنهنجو سفر ڪرڻ لڳا ته ڪجهه پنڌ کان پوءِ منڊڙي وري پنهنجي ساٿيءَ کي رڙ ڪري چيس:

منڊڙي کي، انڌڙي چيو ته: ادا بار ته منهنجي ڪلهن تي آهي، سو تون اهو گهوٻو به کڻ. پوءِ هن اهو گهوٻو به کنيو ۽ وري پنهنجو سفر جاري رکيائين، جڏهن هن وري به چڱو پنڌ ڪيو ته منڊڙي پنهنجي دوست کي رڙ ڪري چيو:

”ادا انڌڙا هتي هڪ ڌونري (ڏهي) سان ڀريل چاڏي پيئي آهي“. انڌڙي چيس، ته ڀائو منڊڙا بار ته منهنجي ڪلهن تي آهي، سو تون اها چاڏي به کڻ- پوءِ هن اها چاڏي به کنئي، ڪجهه پنڌ اڃان مس ڪيائين ته رستي ۾ ئي رات پئجي وين، انڌڙي منڍڙي کي چيو ته ادا انڌڙا مان هاڻي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، سو هاڻ رات ڪٿي گذاريون ۽ وري صبح جو سفر شروع ڪريون. منڊڙي چيس ته سامهون هڪ عاليشان جاءِ ٺهيل آهي، هل ته اتي ٿا هلون، متان ڪا وسندي هجي ته پوءِ اتي ئي رات گذاريون، جڏهن هو، ان عمارت وٽ پهتا، ته هنن کي ڪو به ماڻهو نظر ڪونه آيو، منڊڙي ڇا ڪيو جو انڌڙي کي چيائين ته هن جاءِ ۾ ڪير به ڪونه آهي سو پاڻ هتي ٿا رات گذاريون ۽ وري صبح جو پنڌ پونداسين. پوءِ جاءِ جو وڏو دروازو اندران بند ڪري سمهي پيا، اڃان هن کي پوري ننڊ به ڪانه آئي هئي ته هنن ڌرتي لڏندي محسوس ڪئي، اڃان جو منڊڙي دروازي جي چير مان نهاريو ته ڏسي ته هڪ ديو نما راڪاس عمارت ڏانهن پيو اچي، ان کي ڏسي منڊڙي کي ته ڏڪڻي وٺي ويئي، پر پوءِ همت ڪيائين ۽ چيائين ته ڪا اٽڪل ڪجي نه ته هي راڪاس ته اسان کي گرهه ئي هڪ ڪندو! ائين ڪندو راڪاس به جاءِ تائين پهچي ويو، هن دروازو جو بند ڏٺو ته در کڙڪائڻ لڳو، منڊڙي به همت ڪري تمام وڏي آواز ۾ چيس ته: تون ڪير آهين؟ راڪاس: مان راڪاس آهيان، پر تون ڪير آهين؟

منڊڙو: مان برڙ باڪاس آهيان؟

راڪاس: جيڪڏهن تون برڙ باڪاس آهين ته پوءِ اڇل ڪا نشاني.

منڊڙي ڇا ڪيو جو زور سان دهل جي مٿان ڌڪ وهائي ڪڍيائين.

راڪاس: اهو وري ڇا آهي؟

منڊڙو: اهو منهنجو هڪ ٽٽ اٿئي!

راڪاس جو ڏٺو ته برڙ باڪاس جو ٽٽ ڪيڏو وڏو آواز ٿو ڪري، جهڙوڪ آسماني گجگوڙ، سو برڙ باڪاس ته الائجي ڪهڙي شامت هوندي اهو سوچي راڪاس موٽي ويو.

جڏهن رات جو پهريون پهر پورو ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيو ته راڪاس وري آيو ۽ دروازو کٽڪائڻ لڳو منڊڙي چيس ته ”تون ڪير آهين“؟

راڪاس: مان راڪاس آهيان، پر تون ڪير آهين؟

منڊڙو: مان برڙ باڪاس آهيان.

راڪاس: تو پوءِ اڇل ڪا نشاني.

منڊڙي ڇا ڪيو جو، انڌڙي جي ڪلهي تي چڙهي، جاءِ جي مٿئين روشن دان مان واڊ (نوڙي کڻي راڪاس جي منهن ۾ زور سان اڇلائي.

راڪاس: اهو وري ڇا آهي؟

منڊڙو اهو منهنجي مُڇ جو هڪڙو وار اٿئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com