هو
ويتر
گھٻرائجي ويو.
شايد
هو مون
ٽڪ
ٻڌي،
ان
ڪري
ڏسي
رهيو هو،
ته
جھڙو مون
کي
پڪ
وٺندو هجي
ته
آئون جيڪي
ڪجھ
چئي
رهي آهيان،
اهو
سچ آهي.
هن
مون کي پنهنجي
گهر
جو رستو
ٻڌايو
۽
آئون
پراڻي
ڊاڪا جي
سوڙهين گھتين
مان
گذرڻ لڳس.
ڪجهه
پنڌ
ڪرڻ
بعد، ٻار هڪ
جھپڙيءَ جي
ويجهو گاڏي
بيهارائي ۽ گاڏيءَ
مان
لهي، امان-
امان-
چوندو
جھوپڙي ۾ اندر
هليو
ويو.
جھوپڙي
۾
عجيب
قسم جي
بدبوءِ پکڙيل
هئي
۽
زمين تي
ڦاٽل
۽
ڇنل
رلين
۾
هڪ عورت
ليٽي
پئي هئي.
آئون
انهي عورت
جو
منهن ڏسڻ لاءِ
جھڪيس پر
ان
جي منهن
تي
زماني جي
گردشن جون
اونداهيون لڪيرون
ايتريون ته
اڀريل هيون،
جو
مون کي سندس
ماضي
جو ڪو به
نقشو
چٽو نظر
نه
آيو-
ٻار
جي آواز
تي
ماءُ جي
دل
تڙپي اٿي.
انهيءَ عورت
ٻار
کي
اکين
سان ڏسڻ گهريو،
پر
شايد غمن
۽
ڏکن
جا
پاڇا ايترا
ته
وري ويا
هئا،
جو هوءَ
پنهنجي پٽ
کي
نظرون کڻي به
نه
ڏسي
سگهي.
البته
پنهنجي
ڏٻرن ۽ سنهڙن
هٿن
کي
وڌائڻ جي
ڪوشش
ڪرڻ
لڳي.
هاڻ
هوءَ
انهيءَ لائق
به
نه هئي
ته
هٿ وڌائي
سگهي.
آئون
جھوپڙي جي
در
وٽ بيٺي
هيس.
منظر
ڏاڍو
ڏکوئيندڙ
هو.
منهنجو
ذهن
عجيب
ڇڪتاڻ ۾ هو.
احساس جھنجھوڙي
رهيا
هئا ۽ جذبات
جو
طوفان مون
کي
هڪ
انساني زندگيءَ
بچائڻ تي
مجبور ڪري رهيو
هو.
هڪ
عورت،
عورت کي اهڙي
حالت
۾
نٿي ڏسي سگهي.
اتان
هليو اچڻ
منهنجي وس
کان
ٻاهر
هو.
ٻار
کي
آٿت
ڏيئي.
آئون
سڌو
هڪ
ڊاڪٽر وٽ
آيس.
اتي
کنگھ
۽
زڪام
جا
ڪيترائي مريض
ويٺا
هئا.
مريضن
جي
انهيءَ هجوم
مان
لنگي، آئون
ڊاڪٽر
وٽ
هلي ويس
۽
ٻار
جي
ماءُ متعلق
سموريون
ڳالهيون
ڊاڪٽر کي
ٻڌائي، چيم:
”اوهان مون
سان
گڏ هلو.“
پر
ڊاڪٽر
چيو:
”آئون
هيترن سارن
مريضن کي ڇڏي هلي
نٿو
سگھان.
اوهان
مريضه کي هتي
وٺي
اچو.“
مون
کيس
گھڻو
ئي چيو،
مريضه اچڻ
جھڙي
ناهي، پر
هن
چيو:
”ته
آئون
ڇا
ٿو
ڪري
سگهان-
آئون
مجبور آهيان.“
آئون
اتان
مايوس ٿي موٽيس-
اوچتو منهنجي
نظر
سامهون هڪ
ٻئي
ڊاڪٽر
جي
بورڊ تي
وڃي
پئي.
”ڊاڪٽر
جاويد اسپيشلسٽ“
آئون گاڏيءَ
مان
لٿس ۽ سڌو
ڊاڪٽر
جاويد سان
وڃي
مليس.
جڏهن
کيس
هلڻ
لاءِ چيم،
ته
هو به
راضي
نه
ٿيو، پر
مون
کيس
چيو ته
”مان
اوهان کي جيتري
في
چوندا، ادا
ڪنديس.“
انهيءَ
تي
هو هلڻ
لاءِ
مس راضي
ٿيو
۽
مون
سان هليو
جهوپڙيءَ ۾ گھڙندي
ئي
ڊاڪٽر
جاويد نڪ
تي
رومال کڻي رکيو.
مون
ڏٺو
ننڍڙو خبر
ناهي
ڪيترن
ڏينهن
جو پاروٿو
ڀت
کائي
رهيو
هو.
مون
کائنس
ڀت
کسي
ورتو، ڇو ته
اها
خبر نه
هي
ڪيترن
ڏينهن
جو پاروٿو
هو،
۽
انسانن جي
کائڻ
جو
نه هو.
مون
ڏٺو-
ڊاڪٽر
جاويد مريضه
ڏانهن
جھڪيو ۽ فوراً
سندس
منهن تي
مايوسي جا
آثار
نظر آيا،
مون
پڇيومانس:
”ڊاڪٽر
صاحب!
مريضه
ڪيئن
آهي؟“
مون
ڊاڪٽر
جي
لهجي ۾ ڏک ۽ تڪليف
کي
محسوس
ڪيو، هن
چيو،
”مريضه
مري
ويئي آهي.“
ڏک
کان
منهنجي دل
ٻڏڻ
لڳي.
آئون
کيس
بچائي نه
سگهيس.
ٻار
چرين وانگر
ماءُ
جي بي
جان
جسم کي چنبڙي،
اوڇنگارون
ڏيئي روئڻ
لڳو.
ڊاڪٽر
جاويد
ڪجهه وقت
ماءُ
۽
پٽ کي
ڏسندو رهيو.
آئون
سندس
چهري تي
عجيب
ڏک
محسوس ڪرڻ لڳس.
کيس
انهيءَ عورت
جي
موت جو
دلي
صدمو هو.
ٻار
عجيب
ڪيهه
ڪئي.
هو
اوچتو
اٿيو ۽ ڀڳل پيتيءَ
مان
هڪ لاڪيٽ
ڪڍي
پهرين ان
کي
چتائي
ڏٺائين، پوءِ
ڊاڪٽر
کي
چيائين:
”اسان
وٽ
پئسو
ڪونهي، هيءَ
اوهان
کڻو، منهنجي
ماءُ
جو آهي.“
لاڪيٽ
ڊاڪٽر
کائنس
ورتو
۽
آئون حيرت
سان
ڊاڪٽر
کي
ڏسڻ
لڳس، پوءِ
مون
ڪاوڙ
مان جھٽ
ڏيئي
اهو
لاڪيٽ
ڊاڪٽر جي
هٿن
مان کسي ورتو،
۽
چيو
ته
ڊاڪٽر آئون
اوهان کي نقد
في
ادا
ڪنديس.“
مون
پرس
کولي،
چند نوٽ
ڪڍيا،
پر
ڊاڪٽر
جاويد جھوپڙيءَ
کان
ٻاهر
وڃي
رهيو هو.
مون
اڳتي وڌي
کيس
روڪيو ۽ چيو
”پنهنجي في
وٺو.“
هن
منهنجي
هٿن ۾
ڏڪندڙ نوٽن
ڏانهن
ڏٺو،
۽
پوءِ
مون
ڏانهن ڏٺو آئون
حيران ٿي ويس،
جڏهن
مون
ڏٺو، ته
ڊاڪٽر
جاويد جي
اکين
مان به
لڙڪ
وهي رهيا
هئا.
هن
چيو:
”آئون
في
نه وٺندس.
مون کي افسوس
آهي
ته آئون
مريضه لاءِ
ڪجهه
نه
ڪري
سگهيس.
مون
لاڪيٽ کي پهريون
ڀيرو
غور
سان ڏٺو ان
۾
هڪ
تصوير لڳل
هئي
هڪ
ڀيرو نه
پر
ڪيترا
ڀيرا،
ايتري تائين
جو
ان جو
هر
نقش چٽو
ٿي
منهنجي اڏو
آيو،
مون بي
ساخته چيو:
”ڊاڪٽر
جاويد، اها
تصوير
ڊاڪٽر جاويد
جي
هئي.“
آئون
انهي
ڳجھارت
کي
سمجھي نه
سگھيس، بهرحال
مون
مرحومه جي
ڪفن
دفن
جو بندوبست
ڪري
ڇڏيو
۽
ٻار
کي
پنهنجي گهر
وٺي
آيس.
مون
پنهنجي مڙس
کي
سمورو قصو
ٻڌايو،
ته
هن به
ٻار
جي
مٿي تي
هٿ
رکيو پر
لاڪيت ۽ ان
۾
ڊاڪٽر
جاويد جي
تصوير مون
لاءِ
ڳجھارت
بنيل هئي.
آخر
ٽئين
ڏينهن،
آئون
ڊاڪٽر
جاويد جي
گھر
وڃي نڪتس،
سندس
دڪان بند
هو
پر گهر
جو
پتو ملي
ويو
هو.
گھر
جي
ٻاهران
فقط چوڪيدار
بيٺل
هو، هن
مون
کان
منهنجو نالو
پڇيو، جيڪو
مون
کيس
ٻڌايو،
ته هڪ
لفافو پنهنجي
خاڪي
ڪوٽ
مان ڪڍي مون
کي
ڏنو،
۽
چيو
هئائين ته
جڏهن
اوهان جي
ناليواري ڪا عورت
اچي
ته هيءَ
ان
کي
ڏجان.“
مون
کانئس
پڇيو
ته
”ڊاڪٽر
صاحب پاڻ
ڪٿي
آهي؟“
ته
هن
چيو:
”ڊاڪٽر
صاحب خبر
ناهي
وري
ڪيڏانهن هليو
ويو
آهي.“
مون
هڪدم
لفافو
کوليو
ڊاڪٽر لکيو
هو:
”مون
کي
پڪ
آهي ته
توهان هڪ
ڏينهن
ضرور
اينديون پر
هاڻي
آئون اوهان
کي
نه
ملي سگهندس.
مون محسوس
ڪيو
آهي،
ته اوهان
هڪ
حساس ۽ بيحد
جذباتي آهيو
پر
بعض وقت
اهي
جذباتي لهرون
کلندڙ
انسان کي روئاڙي
ڇڏينديون
آهن
۽
اڄ اوهان
جي
ڪيفيت
به
ڪجهه اهڙي
آهي.
اوهان
جي
احساس جو
مون
کي
قدر آهي
۽
شايد
انهي ڪري اڄ
مان
اوهان کي اهي
اهم
ڳالهيون
به
ٻڌائي ٿو
ڇڏيان.
جيڪي
مون
ڪنهن
کي
به
ٻڌائڻ نٿي
گهريون.
اوهان
جيئن
ته لاڪيٽ
۾
منهنجي تصوير
ڏٺي
آهي.
ان
ڪري آئون
اوهان کي پنهنجي
ڀيڻ
سمجهي هڪ
راز
ظاهر ڪري رهيو
آهيان.
”اها عورت،
جيڪا
مري وئي
آهي،
سا منهنجي
زال
هئي، ۽ اهو
ٻار،
جيڪو
اوهان وٽ
ئي
هوندو، ۽ سو
منهنجو پٽ
آهي.
هاڻي
مان
اوهان کي پنهنجي
زندگيءَ جي
مختصر جھلڪ
ڏيکاريان-
جنهن
منهنجي ۽ ٻار جي
وچ
۾
اهو ويڇو
وجھي
ڇڏيو.
آئون
بيحد
محبت
ڪندڙ انسان
هئس
پر آزادي
پسند، مون
ثريا
کي
گهريلو پابندين
کان
آزاد
ڪري،
انهيءَ
ٻوسٽ مان
ٻاهر
ڪڍيو.
مون
کي
جتي زال
تي
ڀروسو
هو اتي
دوست
تي به
ڀروسو
هو،
ٿي
سگهي ٿو.
منهنجي
تحت
الشعور ۾ ڪو گھريلو
سکيا
جو اثر
رهجي
ويو هجي
جيڪا
اسان جي
تهذيب سان
ملندڙ آهي.
آئون
لاپراهه قسم
جو
انسان هر
هڪ
فريب ۽ ڪوڙ کان پري
هئس.
آئون
ايئن
ته نه
چوندس ته
آئون
فرشتو هئس،
پر
آئون ته
هن
جديد دور
جي
زماني جو
آزاد
خيال نوجوان
هئسم
عادت هئي
ٻار
ڪيترن
ئي
ڏينهن
کان
بيمار هو.
منهنجو دوست
انور
۽
ثريا ٻار جي
پرگھور ۾ مصروف
هئا.
ٻار
کي
ڊبل
نمونيا ٿي ويئي
هئي
پر آئون
گهر
جي ذميدارين
کان
غافل
هئس-
پر
منهنجو
ضمير مون
کي
ڪيترا
ڀيرا
سجاڳ
ڪري
رهيو هو.
پوءِ
جڏهن هڪ
ڏينهن
آئون
رات جو
اٽڪل
هڪ بجي
ڌاري
گهر
موٽيس ته
انور
۽
ثريا کي هڪ
ئي
ڪمري
۾
اڪيلو ويٺل
ڏٺم
ته
منهنجي احساس
ڦيرو
کاڌو.
غيرت
جوش ۾ اچي
وئي.
مون
ستل
ٻار
کي
کڻي
ڪيڏانهن
پري نڪري
وڃڻ
جو ارادو
ڪيو،
پر
مون کي پنهنجي
ٻار
جي
چهري تي
انور
جو عڪس
ڏسڻ
۾
آيو
آئون ٻار کان پري
هٽي
ويس.
منهنجي
دل
۾
باهه
ڀڙڪي اٿي.
آئون
گهر مان
ٻاهر
نڪري
آيس ۽ پنهنجي
زال
۽
دوست جي
نظرن
کان
پري نڪري
ويس.
مون
آزاد
فضائن ۾ هڪ
نه
بلڪه هزارين
دوستن جي
دوستيءَ جي
عظمت
کي
داغدار
ٿيندي ڏٺو هو
۽
عورت
کي
هر قدم
تي
فريب
کائيندو ڏٺو هيم.
آئون
اٽڪل اٺن
ڏهن
سالن
کان
پوءِ هن
شهر
۾
هليو آيس،
پر
ڪڏهن
به اها
ڪوشش
نه
ڪيم
ته ثريا
۽
ٻار
ڪٿي
آهن.
پوءِ
آئون
ڊاڪا
۾
اچي رهڻ
لڳس
آخر هڪ
ڏينهن
اوهان جو
مون
وٽ اچڻ
ٿيو
۽
مون
کي
پنهنجي زال
۽
ٻار
وٽ
وٺي ويا،
هوءَ
مري وئي
آهي،
پر مون
کي
پنهنجي پاڪ
دامن
هئڻ جو
يقين
ڏياري
ويئي آهي
جيڪڏهن هوءَ
پاڪ
دامن نه
هجي
ها، ته
هوءَ
جھوپڙي ۾ نه
رهي
ها.
جنهن
۾
منهنجي تصوير
لڳل
آهي.
هوءَ
چاهي
ها، ته
لاڪيٽ کي وڪڻي
ٻه
چار
ڏينهن
ماني
کائي سگهي
ها.
چڱو
ٿيو
جو
منهنجو پٽ
مون
کي
سڃاڻي نه
سگهيو.
آئون
هاڻي
پنهنجي پٽ
کي
منهن
ڏيکاري
نه ٿو سگهان.
آئون هاڻي
پنهنجي
ٻاريل باهه
۾
سڙي
رهيو آهيان
۽
سڙندو ئي
رهندس.
خدا
جي
واسطي مون
کي
احسان
ڪريو ۽ منهنجي
پٽ
کي
پنهنجو پٽ
سمجھي، سندس
سنڀال
ڪريو.
اوهان
سريندي واريون
آهيون ۽ اوهان
جي
سيني ۾ به
ماءُ
جي دل
آهي.
اهو
ٻار
هاڻي
وڏو ٿي ويو
آهي
۽
منهنجي ٻار سان
اهڙو
رلي ملي
ويو
آهي جهڙو
منهنجو ئي
ٻار
هجي،
هو منهنجو
ئي
ٻار
آهي.
عبدالڪريم
کٽي
ڪتابي
واپار
ڪتاب
گهر
(Libraries)
ان وقت
کان وٺي
وجود
۾
آيا، جڏهن
کان
انساني تهذيب
جي
ترقي ٿي ۽ انهيءَ
تهذيبي ترقيءَ
۾
لکڻ
واري هنر
جي
ايجاد عمل
۾
آئي.
انهيءَ
سان
گڏوگڏ لکڻواري
مواد، جهڙو:
مٽيءَ جون
تختيون، چمڙو،
(Parchment)
ويلم،
ڪوڊيڪس
(ميڻ)،
پيپائرس ۽
ڪاڳر جي
ايجاد عمل
۾
آئي.
تاريخ
۾
جن
ڪتاب
گهرن جو
ذڪر
ملي ٿو، اُهي
گهڻو
ڪري
بادشاهن، حاڪم
۽
شاهوڪر ماڻهن
جا
ڪتاب
گهر هوندا
هئا.
اُهي
ڪتاب
گهر
جديد دور
جي
ڪتاب
گهر وانگر،
وڏا
ڪتاب
گهر نه
هوندا هئا.
بهرحال آڳاٽي
وقت
جون مشهور
لائبرريون ساراهه
جوڳيون آهن.
انهن
ڪتاب
گهرن ۾ جيڪو
مواد
رکيل هوندو
هو،
سو گهڻو
ڪري
مقامي وسيلن
مان
پيدا
ڪري، گڏ
۽
محفوظ ڪيو ويندو
هو.
عام
طور
تي بادشاهه
۽
حاڪم
ڪجهه
ماهر ماڻهن
کي
مقرر
ڪندا
هئا، جيڪي
بادشاهن ۽ حاڪمن
لاءِ
ڪتاب
لکندا هئا.
اهي
ڪتاب،
لکڻ واري
مواد
جي سڀني
قسمن
تي لکرايا
ويندا هئا.
ڪتاب گهر
جي
گهڻي ترقي
تڏهن
ٿي،
جڏهن پيپائرس
۽
ڪاڳر
جهڙو
سادو ۽ سَوَلو
مواد
ايجاد ٿيو.
تاريخ
جا
ورق ورائيندي
پتو
پوي ٿو ته،
پيپائرس مصرين
ايجاد ڪيو ۽
ڪاڳر چين
وارن، سنه
105ع
۾
ايجاد ڪيو.
ڪاڳر
جي ايجاد
ٿيڻ
سان،
وڏي پيماني
تي
ڪتابن
۽
ڪتاب
گهرن جي
ترقي
شروع ٿي.
ڇاڪاڻ
ته
ڪاڳر تي
لکڻ
وڌيڪ آسان
سوَلو هو.
انهيءَ کان سواءِ
آڳاٽي لکڻ
واري
مواد
(Writing Material)
جي
مقابلي ۾
ڪاڳر تي
گهٽ
خرچ ايندو
هو.
تنهن
ڪري
ڪتابن
لکڻ
۾
واڌرو آيو
۽
ڪتاب
گهرن
جي ترقي
ٿي.
ڪاڳر
چين
۾
ايجاد ٿيو اتان
کان
اٺين
صدي عيسويءَ
۾
مسلمان دنيا
۾
پکڙيو.
بُخارا،
بغداد، سمرقند
۽
دمشق
مرڪز هوندا
هئا،
جتي
ڪاڳر
ٺهندو هو
۽
مسلم
دنيا جي
ٻين
ملڪن
۾
ورهايو ويندو
هو.
تاريخ
انهن
ڪارخانن
جي شاهدي
ڏي
ٿي،
جيڪي
بغداد ۾
ڪاڳر تيار
ڪندا
هئا.
بغدد
ڪتابن
۽
ڪتاب
گهرن
جي ڪري تمام
گهڻو
مشهور آهي.
لکڻ
واري خوبصورت
هنر،
نقاشيءَ ۽
ڪتابن جي
جلد
سازيءَ، اُتي
گهڻي
ترقي
ڪئي، جنهنجي
نتيجي ۾ ماڻهن
ڳرين
قيمتن تي
ڪتاب
خريد
ڪيا،
ايتريقدر جو
هزارين روپيا
خرچ
ڪري،
ڪتاب
خريد ڪيا ويندا
هئا.
سچ
پچ
ته، اسلام
جي
اچڻ کان
وٺي،
ساري مسلم
دنيا
کي
ڪتاب
جي لکڻ،
گڏ
ڪرڻ
۽
محفوظ ڪرڻ ۾ دلچسپي
پئي
رهي آهي.
تنهن
ڪري
اهو چوڻ
صحيح
آهي ته
(Muslim are the people of the book)
”مسلمان
ڪتاب جا
ماڻهو آهن.“
پنهنجي
اباڻي طريقي
۽
تعليم مطابق
زندگي گذارڻ
لاءِ
اتي جا
ماڻهو هميشه
ڪتابن
جي
ڪاروبار
سان لاڳاپيل
رهيا
آهن.
تنهن
ڪري
ڪتب
جي
محبت، مسلم
دنيا
جي
ڪاغذ، مَسُ
۽
جلد
سازيءَ جي
صنعت
۾
رهنمائي ڪئي.
پرنٽنگ
پريس
ايجاد ٿيڻ سان
ڪتابي
واپار
(Book Trade)
وڏي
پيماني تي
تري
ڪئي،
چين دنيا
جو
پهريون ملڪ
آهي،
جتي
848ع
۾ ڪاٺ جي
بلاڪن سان
ڇپائي
ڪئي
ويندي هئي.
موجوده وقت
واري
ڇپائيءَ
لاءِ اهو
ڄاتو
وڃي
ٿو
ته اها
اولهه يورپ
۾
اٽڪل
1440-1450ع
۾
شروع
ٿي.
فرانس
۾
1470ع
۾،
نڪولس جينس
ڇپائي
کان
متعارف
ڪرايو، ان
کان
پوءِ
1476ع
۾ هڪ
انگريز،
ڪاڪسٽن
ڇپائي ۾
ڪجهه تبديليون
آنديون.
ان
کان پوءِ
ساري
دنيا ۾
ڇپائي جو
رواج
وڌندو رهيو
۽
وڏي
تعداد ۾
ڪتاب جاري
ٿيندا
رهيا.
جنهن
ڪري
ڪتابي
واپار ۾ واڌارو
آيو
۽
ماڻهو
ڪتاب جي
وسيلي پنهنجون
علمي
ضرورتون پوريون
ڪرڻ
لڳا.
پر
معلومات
جي واڌاري
سان
گڏوگڏ پريسن
مان
ڪتاب
وڏي تعداد
۾
تيزيءَ
سان
نڪتا، تنهن
ڪري
هڪ
ماڻهوءَ جون
ڪوششون،
اشاعت
ڇپائيءَ، ورهاست
۽
ڪتابن
جي
وڪري لاءِ
ناڪافي هيون.
سائنس
۽
ٽيڪنالاجيءَ
جي
جديد دور
۾،
ڪتابي
واپار جو
دائرو تمام
وسيع
ٿي
ويو آهي
۽
ان
جون مشغوليون
پڻ
وڌي ويون
آهن.
تنهن
ڪري
اهو
ماڻهن جي
هڪ
وڏي ميڙ
(Big Team)
جو
ڪم
ٿي
پيو آهي
۽
معلومات جي
هر
مخصوص ميدان
۾،
مخصوص ماهر
ڪم
ڪن
ٿا
۽
ڏينهون
ڏينهن
معلومات جي
مخصوص ميدانن
۾
واڌارو ايندو
رهي
ٿو.
تنهنڪري
وڌيڪ
ماهرن جي
ضرورت پوي
ٿي.
بهرحال،
ڪتابي
واپار جا
جيڪي
مکيه عناصر
آهي،
سي هي
آهن.
1-
ليکڪ،
2-
ناشر،
3-
ڇپيندڙ،
4-
وڪڻندڙ
۽
5-
پڙهندڙ.
انهن
عناصر جيڪري
ئي
ڪتابي
واپار ۾ واڌارو
۽
ترقي
ٿيندي
رهي ٿي، تنهن
ڪري
اهي
پنج ئي
عناصر لازم
ملزوم آهن.
انهي
پنجن عناصر
مان
جيڪڏهن
ڪنهن به
هڪ
عنصر کي الڳ
ڪري
ڇڏبو
ته
سارو
ڪتابي واپار
(Book Trade)
متاثر
ٿيندو.
مسلم
دنيا
کان
ڪجهه
عرصو پوءِ
مغربي دنيا
۾
ڪتابي
واپار مقبوليت
۽
مشهوري حاصل
ڪئي.
يونيورسٽين جي
قيام
۽
واڌاري سان
ڪتابي
واپار وڌيڪ
مقبول ٿيو.
12-
صدي
عيسوي ۾ قديم
ترين
يونيورسٽيون، جهڙوڪ
آڪسفورڊ،
ڪيمبرج، گلاسگو
۽
ايڊنبرگ قائم
ٿيون.
اهي
يونيورسٽيون 12-
صدي کان
16
صدي
عيسوي دوران
قائم
ٿيون.
هتي
هُتي
جي انهن
مشغولين
(Activities)
ڪتابي واپار
کي
تيز
ترقي وٺرائي.
مغرب ۽ دنيا
جي
ٻين
ڀاڱن
۾
مذهبي اڳواڻن
جي
دلچسپيءَ سان
ڪتابي
واپار وڌيڪ
مقبوليت حاصل
ڪئي.
اهو
يقين سان
چئي
سگهجي ٿو ته،
ڪتابي
واپار، تعليمي
۽
مذهبي مشغولين
جي
واڌاري سان
وڏي
پيماني تي
ترقي
ڪئي.
شروعات
۾
هڪ
ئي ماڻهو،
پبلشر، پرنٽر
۽
بوڪسيلر جا
ڪم،
هڪ
ئي وقت
تي
سرانجام
ڏيندو هو.
گوٽينبرگ
(جنهن
پهرين
ڌاتوءَ جي
پرنٽنگ پريس
تيار
ڪئي،
جيڪا هٿ
سان
هلائي ويندي
هئي)
۽
ڪاڪسٽن
جا مثال
اسان
جي سامهون
آهن،
اُهي خود
پبلشر، پرنٽر،
ڊسٽريبيوٽر
۽
بوڪ
سيلر هوندا
هئا.
مهراڻ
ملاح
نظم
قوم جا ٿا ابا سڏجو
پڙهي جڏهن وڏا ٿجو
ماروئڙن جي خدمت ڪجو
جڏهن ٿا ڪتاب هٿن ۾ کڻو
ڏاڍا ٿا مون کي مٺڙا وڻو
قوم جي اميد اوهان ۾ آهي
مائٽ مٽ ٿو توهان کي چاهي
قوم پنهنجي قسمت پاڻ ٺاهي
جڏهن ٿا هوشو وارا نعره هڻو
ڏاڍا ٿا مون کي مٺڙا وڻو
دوکي جون ديوارون ڊاهيو
توهين سنڌڙي جا سالار آهيو
مستقبل پنهنجي ملڪ جو ٺاهيو
مهراڻ جو اهو عرض سڻو
ڏاڍا ٿا مون کي مٺڙا وڻو
محمد
عثمان عباسي
صوف
زمين تي
ڇو
ڪريو
آئزڪ،
انگلنڊ جي
هڪ
ڳوٺ
”وولسٿاپ“
۾
هڪ
هاريءَ جي
گهر
۾
سن
1642ع
۾
ڊسمبر جي
ناتال وارن
ڏينهن
۾
ڄائو
هو.
ڄڻ
دنيا وارن
لاءِ
ناتال جي
ڏڻ
جو
تحفو هو.
ان
وقت ته
هو
هڪ تمام
ننڍڙو تحفو
نظر
آيو هندو.
هن
جي والده
چيو
هو ته
هو
ڄمڻ
مهل ايتريقدر
ته
ننڍڙو هو،
جو
کيس
سولائي سان
بوتل
جي ماپ
جيتريءَ دلڙيءَ
۾
رکي
سگهجي ها.
مقرر
وقت
کان
اڳ ۾
ڄاول هيءُ
ٻار،
جنهن
جي ماءُ
اڳ
۾
ئي رن
زال
بڻجي چڪي
هئي
۽
جنهن ٻار جي
جيئري رهڻ
جي
ڪا
اميد ۽ آسرو
ئي
نه ڪو نه
هو،
سو وڏو
ٿي
دنيا
جي عظيم
ترين
سائنسدانن مان
هڪ
ثابت ٿيو.
نيوٽن
رياضيءَ، مشينريءَ،
ڪشش
ثقل،
نور ۽ ٻين سائنسن
۾
ايتريقدر ته
بنيادي
ڪاميابيون حاصل
ڪيون،
جو
جيڪڏهن ڪو سائنسدان
انهن
مان
ڪنهن هڪ
سائنس ۾ به
ايڏي
ڪاميابي
حاصل
ڪري
ها،
۽
ٻئي
ڪنهن
خاص معيار
تي
پهچي ها،
ته
به هو
وڏي
شهرت جو
مالڪ
بڻجي پوي
ها.
جڏهن
نيوٽن جي
ماءُ
ٻي
شادي
ڪئي، ان
وقت
هو ٻن سالن
جو
هو.
تڏهن
هو
پنهنجي
ڏاڏي وٽ
رهڻ
لاءِ ويو.
هو
پنهنجي هٿن
سان
ڪمن
ڪرڻ
۾
ڏاڍي
دلچسپي وٺندو
هو.
هن
هڪ
پن چڪيءَ
جو
نمون
ٺاهيو
(جو
سچ پچ
هلي
رهيو هو)
پاڻيءَ تي
هلندڙ گهڙيال
ٺاهيا
۽
هن
پٿر جي
هڪ
سورج گهڙي
ٺاهي،
(جا
اڄ لنڊن
جي
رايل سوسائٽيءَ
جي
قبضي ۾ آهي)
هن
کي
پڙهڻ، تصويرن
جي
نقل
ڪرڻ، گلن
۽
جڙي
ٻوٽين
جي گڏ
ڪرڻ
جو
شوق هوندو
هو.
جڏهن
آئزڪ
چوڏهن سالن
جو
ٿيو
ته کيس وري
سندس
ماءُ وٽ
رهڻ
۽
ٻني
ٻاري
جي ڪم هلائڻ
لاءِ
موڪليو ويو،
جو
هن جو
ٻيو
مڙس
اڃا تازو
ئي
مئو هو.
نوجوان نيوٽن
ٻنيءَ
جي
ڪم
لاءِ بلڪل
غير
موزون ثابت
ٿيو،
هو
پنهنجي ڪمن تي
ڌيان
ڏيڻ
بدران، پڙهندو
رهندو هو،
يا
وري ڪاٺ مان
”ماڊل“
ٺاهيندو
هو، نيٺ
سندس
ماءُ اها
ڳالهه
منظور ڪئي ته
”آئزڪ
کي
ڪاليج
۾
داخل ڪرڻ لاءِ
تيار
ڪرڻ
گهرجي، پوءِ
ته
ارڙهن سالن
جي
عمر ۾ نيوٽن
ڪئمبرج
يونيورسٽيءَ ويو،
جتي
کيس
مشهور
ٽرنٽي
ڪاليج ۾ داخلا
ڏيڻ
منظور ڪئي ويئي.
نيوٽن
چار
سال يونيورسٽيءَ
۾
گذاريا ۽
1665ع
۾ کيس بي
اي
جي
ڊگري ڏني ويئي.
ڪئمبرج
۾
رهائش واري
وقت
۾
سندس حسابن
واري
استاد آئزڪ
بئرو، سندس
جسماني قابليت
وڌائڻ ۾ هن
جي
همت افزائي
ڪئي.
انهيءَ
زماني ۾ هڪ
قسم
جي وبا
ڦهليل
هئي.
جنهن
آباديءَ جو
ڏهون
حصو
ناس ڪري
ڇڏيو هو،
يونيورسٽي بند
ڪئي
ويئي
۽
شاگرد پنهنجن
گهرن
ڏانهن
راهي ٿيا.
نيوٽن
پنهنجي ڳوٺ ماءُ
وٽ
ويو.
يونيورسٽي
اٽڪل
ڏيڍ
سال بند
رهي.
هن
سڄو
وقت ڳوٺ ۾ گذاريو.
نيوٽن
جيڪي
ڏينهن
ماءُ وٽ
گذاريا، سي
شايد
دنيا جي
سائنس جي
تاريخ ۾ سڀني
کان
وڌيڪ
نتيجه خيز
هئا،
انهي وچ
هن
ڪلن
جا
بنيادي قائدا
مرت
ڪيا
۽
انهن کي آسماني
گرهن
جي چرپر
سان
لاڳو ڪيو.
هن
ڪشش ثقل
جو
بنيادي قائدو
ڳولي
ڪڍيو.
هن
نظرياتي توڙي
عملي
حساب
ڪتاب ڪرڻ جون
واٽون ايجاد
ڪيون
۽
پنهنجين انهن
عظيم
ايجادن جو
بنياد ٻڌو.
جن
جو
واسطو نظر
۽
روشنائي جي
اسرارن سان
هو.
هن
کي پنهنجي
پوئين سائنسي
زندگيءَ انهن
ايجادن کي سمجهائڻ
وڌائڻ ۽ عملي
طور
استعمال ڪرڻ ۾ گذارڻي
پيئي.
پر
انهن
سڀني ايجادن
جي
تخليق انهن
ارڙهن مهينن
جي
اندر ٿي چڪي
هئي،
جيڪي پنهنجي
عمرجي
ٽيوهن سالن
دوران ماءُ
وٽ
گذاريا هئا.
سن1684ع
۾
ان زماني
جو
مشهور هيئتدان
ايڊمنڊ هئلي
هڪ
وڏو ڪم
ڪيو، جو
هن
نيوٽن کي
ڪنهن نه
ڪنهن
طرح
سان سندس
نتيجن ۽ معلومات
کي
شايع
ڪرڻ
تي آماده
ڪري
ورتو.
هن
نيوٽن
جي
ڪتابن جي
ڇپائيءَ
تي
ايندڙ سڄي
خرچ
جي ذميواري
پنهنجي مٿان
کنئي.
ان
جو نتيجو
اهو
نڪتو جو
ٽن
حصن
۾
تقسيم ٿيل هڪ
ڪتاب
جنهن
جو نالو
فلاسافڪ نيچرلز
پرنسيپيا ميٿڊ
هو،
ڇپجي
ظاهر ٿيو.
اهو
ڪتاب
لاطيني
ٻوليءَ ۾ لکيل
هو
جا ان
زماني جي
سائنسي
ٻولي هئي.
هن
ڪتاب جو
انگريزي ۾ ترجمون
ڪجي،
ته
اهو
”سائنس
جا
حسابي اصول“
ٿيندو.
نيوٽن جي
ڪتاب
”پرنسيپيا“
کي
جيڪا سائنسي
علم
۾
مقبوليت حاصل
ٿي،
تنهن
۾
ٻڌايو
ويو هو
ته
هر قسم
جي
حرڪت، خواه
اها
ڌرتيءَ
تي هجي
يا
مٿي آسماني
گرهن
۾،
بلڪل ساڳين
اصول
۽
قائدن جو
عمل
۾
نتيجو آهي.
حرڪت
جي
باري ۾ پهريون
قائدو هي
آهي
ته جيڪا
شيءِ
هڪ هنڌ
بيٺل
آهي، سا
ان
وقت تائين
بيٺل
رهندي، جيسين
ان
کي
بدلائڻ لاءِ
زور
نه استعمال
ڪيو
ويندو، ساڳئي
طرح
جيڪا شيءِ
حرڪت
۾
هوندي، سا
تيستائين ائين
ئي
چرپر
ڪندي رهندي،
جيسين ان
کي
زوريءَ نه
بيهاريو ويندو.
نيوٽن اهو
محسوس ڪيو ته
ڪنهن
به
شيءِ کي چورڻ
پورڻ
لاءِ، خواه
اهو
باغيچي جي
وڻ
مان
ڪرندڙ صوف
هجي،
خواه سمنڊ
۾
اٿندڙ ويرون،
ٻنهي
صورتن ۾ طاقت
جو
موجود هئڻ
ضروري آهي.
حرڪت
جي
ٻئي
قاعدي ثابت
ڪيو
ته
طاقت جي
مقدار کي، حرڪت
۾
ايندڙ
ڦيرڦار جي
رفتار جي
ذريعي ماپي
سگهجي ٿو.
حرڪت
کي
ڦير
ڦار
جي
رفتار چئجي
ٿو
۽
ان
جو واسطو،
رفتار ۾ ايندڙ
تيزيءَ يا
ڍلائي
ساڻ
آهي مثلاً
هڪ
هنڌ بيٺل
موٽر
گاڏيءَ کي پنجن
سيڪنڊن اندر
پنجويهه ميل
في
ڪلاڪ
رفتار ۾ آڻڻ
لاءِ
ساڳي موٽر
کي
بيٺل
حالت کان پنجن
سيڪنڊن اندر
پنڌرهن ميل
ڪلاڪ
جي
رفتار ۾ آڻڻ
لاءِ
وڌيڪ طاقت
جي
ضرورت پوندي.
حرڪت
جو
ٽيون
قاعدو آهي
ته
عمل جي
نتيجي ۾ رد
عمل
پيدا ٿئي ٿو، هي
ٻئي
برابر مخالف
طرفن
۾
ٿين
ٿا،
انهيءَ قاعدي
کي
گهڻن
ئي نمونن
سان
لاڳو ڪيو ويو
آهي.
انهن
حالتن مان
سڀني
کان
وڌيڪ حيرت
انگيز ۽ عجب
۾
وجهندڙ آهي،
راڪيٽ جي
پرواز، راڪيٽ
مان
ٻاهر
نڪرندڙ گرم
گئسون جيئن
تيزيءَ سان
پٺتي
نڪرنديون رهن
ٿيون
تيئن
راڪيٽ اوڏي
تيزي
سان اڳتي
وڌندو وڃي
ٿو.
يا
وري پنهنجي
گاهه
تي
ڇڙڪاءَ
ڪندڙ اوزار
کي
غور
سان جاچي
ڏسو:
جيئن
ئي پاڻي
منهن
واري
ڦوهاري مان
نڪري
ٻاهر
ٿئي
ٿو،
تيئن ئي
ڦوهاري
جو
منهن پٺئين
طرف
گهمي وڃي
ٿو.
ڪشش ثقل
وارو
عالمي قانون
ته
ٻين
سڀني کان وڌيڪ
عبرتناڪ ۽ حيران
ڪندڙ
هو.
انهيءَ
قانون ۾ نيوٽن
اها
دعويٰ ڪئي ۽ ثابت
ڪري
ڏيکاريو
ته،
مادي جو
هرهڪ
ذرو، مادي
جي
هر ٻئي ذري
کي
پاڻ
ڏانهن
ڇڪي
ٿو.
ائين
نه
آهي ته
وڻ
۾
بيٺل صوف
کي
ئي
زمين پاڻ
ڏانهن
ڪشش
ڪري
ٿي،
پر
ساڳئي وقت
تي
صوف پڻ
زمين
کي
پاڻ
ڏانهن ڇڪي ٿو.
اهو
قانون سڀني
گرهن
سان لاڳو
آهي.
سج
ڌرتي کي،
ڌرتي چنڊ
کي
۽
چنڊ
وري
ڌرتيءَ کي پاڻ
ڏانهن
ڇڪي
ڪشش
ڪري
ٿو.
هن
ثابت ڪري
ڏيکاريو ته
مختلف گرهن
جي
درميان جيڪا
ڪشش
۽
قوت
آهي، تنهن
جو
دارومدار هڪ
ته
انهيءَ
ڳالهه تي
آهي
ته انهن
جو
مايو
ڪيڏو آهي
۽
ٻيو
ته
اهي هڪ
ٻي
کي
ڪيتريقدر
قريب
آهن.
هن
جي
ٽئين
ڪتاب
کي
انساني عقل
۽
بصيرت جي
نمايان
ڪاميابي ۽ ان
جو
عروج ۽
ڪمال تسليم
ڪيو
ويو
آهي.
نيوٽن
زمين
جي شين
جي
مشاهدي مان
سندن
حرڪت ۽ ڪشش ثقل
جي
باري ۾ مرتب
ڪيل
اصولن کي،
ڌرتيءَ ۽ سج
جي
چوڌاري گردش
ڪندڙ
ٻين
آسماني گرهن
سان
پڻ لاڳو
ڪيو.
هن
ڌرتيءَ
۽
سج جي
ماين
جو حساب
لڳايو.
هن
اهو
به
ڏيکاريو ته
هن
حقيقت لاءِ
حسابي اصولن
جي
ذريعي
ڪيئن ثابت
ڏيئي
سگهبي، ته
هيءَ
ڌرتي
خط استوا
وٽ
پيٽ نڪتل
۽
قطبن
وٽ
ٿاڦيل
ڪهڙي سبب
ڪري
آهي.
هن
ڌرتيءَ جي
چوڌاري چنڊ
جي
گردش ۾ اهم
حساب
ڪتاب
ڪيو
۽
هن اهو
پوريءَ طرح
ثابت
ڪري
ڏيکاريو
ته اهي
ڪيئن
نه
سج جي
اٿاهه جي
ڪشش
سبب
پيدا ٿين ٿا.
نيوٽن
ڌرتي
واري
پاڻيءَ تي
سج
۽
چنڊ جي
ڪشش
متعلق پوري
سمجهاڻي ڏني ۽ هن
ويرن
چڙهڻ جي
باري
۾
حساب نظريو
ايجاد ڪيو.
نيوٽن
جيتوڻيڪ مختلف
ماين
جي درميان
موجود ڪشش جو
حساب
ڪتاب
لڳايو، پر
ان
هوندي به
هن
ڪشش
ثقل جي
انهيءَ قوت
جي
سبب متعلق
ڪڏهن
به
ڪو
بحث مباحثو
يا
تبادلئه خيال
نه
ڪيو
۽
ان لاءِ
هو
چوندو هو،
ته
اهو
ڪافي آهي
۽
ڪشش
ثقل
جي طاقت
واقعي، حقيقي
طور
موجود آهي
۽
انهن
قاعدن موجب
ڪم
ڪري
رهي
آهي، جن
جي
اسان اجهو
هاڻي
ئي وضاحت
ڪئي
آهي
۽
آسماني گرهن
جي
چرپر ۽ سامونڊي
لهرن
جي اٿڻ
بابت
ڪافي
حد تائين
ثبوت
فراهم ڪيو آهي.“
نيوٽن
کي
هڪ
سائنسدان جي
حيثيت ۾ جيڪا
شهرت
نصيب ٿي، سا
هن
جي تصنيف
”پرنسيپيا“
جي
ڪري ٿي.
هن
ٻيا به
ڪيترائي
مقالا ۽ مضمون
لکيا، جن
مان
اڪثر نظر
جي
شين متعلق
هئا
۽
اعداد و
شمار
جي باري
۾
پنهنجي ايجاد
پڻ
شايع ڪئي.
ڪئمبرج يونيورسٽي
جڏهن
1667ع
۾ وري
کلي
تڏهن
نيوٽن هڪ
هيٺاهين درجي
واري
ماستريءَ جي
عهدي
تي ڪم ڪرڻ آيو.
هن
ڏاڍي
تيزيءَ سان
واڌارو
ڪيو، جڏهن
هي
ڇويهن
سالن جي
ڄمار
جو
هو ته
کيس
استاد ۽ سرپرست،
آئزڪ
بئرو واريءَ
جاءِ
تي، رياضيءَ
جو
پروفيسر مقرر
ڪيو
ويو.
سنه
1699ع
۾
کيس
شاهي ضربخاني
جو
اعليٰ عمدلار
مقرر
ڪيو
ويو ۽ هن
سڪن
جي
ٺاهڻ متعلق
هڪ
سڌاري جي
نگراني
ڪئي، هن
اهڙا
سڪا
ٺهريايا، جن
۾
هٿ
چراند ٿيڻ ممڪن
نه
هئي، هن
کي
1703ع
۾
رايل سوسائٽيءَ
جو
صدر چونڊيو
ويو
۽
هو پنهنجي
انتقال تائين
انهيءَ تي
فائز
رهندو آيو.
1705ع
۾
ملڪ ائن
کيس
”سر“
جي
خطاب
سان نوازيو.
سر
آئزڪ
نيوٽن
1727ع
۾
85
سالن
جي
ڄمار
۾
وفات ڪئي.
وحيد
انصاري
نظم
نئين دور جا سج تارا اوهين
منهنجي ديس جا ٻار سارا اوهين
آ قومن جي منزل ترقي جتي
انهيءَ جاءِ جا دڳ ۽ چارا اوهين
پڙهو ٿا ڪلاسن ۾ ويهي جڏهن
لڳو ڪيڏا سڀ کي ٿا پيارا اوهين
ڪڍو اڄ ڪلهوڪي جهالت هتان
هڻو علم ۽ فن جا نعرا اوهين
ڪري علم حاصل عمل ڀي ڪريو
ته بڻجي وڃو جڳ کان نيارا اوهين.
صاحب
خان
سورهيه ميراڻي
اسان
جا اديب
امام
راشدي
امام
راشديءَ جو
پورو
نالو
”امام
المتقين راشدي“
آهي.
پاڻ 3
ڊسمبر
1960ع
تي
سنڌ جي
مشهور علمي
شهر
”پير
جو
ڳوٺ“
لڳ)
نئون
ديرو)
۾
ڄائو،
اتي ئي
وڌي
ويجهي جوان
ٿيو
۽
اڄ
به ساڳين
گهٽين ۾ جوانيءَ
جا
گس لتاڙي
رهيو
آهي.
سائين
راشدي صاحب
ادب،
فن، ثقافت،
جي
شعبن سان
گهري
دلچسپي رکندڙ
نوجوان آهي.
جيئن
ته
راشدي صاحب
مون
کي
۽
منهنجي ساٿين
کي ”گل
ڦل“
پڙهڻ
۽
ان
لاءِ لکڻ
واسطي، همٿايو
هو،
ان ڪري سوچيم
ته
ڇو،
نه سائينءَ
کان
انٽرويو وٺان؟
انهيءَ آس
جو
ساڻس اظهار
ڪيم.
هائو
ته
ڪيائين ۽ اها
گفتگو اوهان
گل
ڦل
جي پڙهندڙ
ٻارن
لاءِ
حاضر آهي.
ميراڻي:
اوهان پنهنجي
ننڍپڻ ۽ تعليم
بابت
ڪجهه
ٻڌايو؟
امام
راشدي:
ننڍپڻ
کل
۽
خوشيءَ ۾ گذريو-
پنهنجي پيءَ،
ماءُ
جو
پيار
ڀرپور
مليو-
هر
انگل
به پورا
ڪندا
هئا-
ٻارهن
سالن جو
هيس
ته بابا
گذاري ويو-
ان
کان
پوءِ پاڻکي
اڌورو محسوس
ڪيم-
امڙ
ته
ڪڏهن به
ڏکيو
ڏينهن
ڏسڻ
نه
ڏنو،
بابا جي
وڃڻ
کانپوءِ
مون سڀ
ڪجهه
امڙ
کي
ڄاتو-
امڙ
ته
مون کي بابا
جي
ڪمي
محسوس
ٿيڻ
نه
ڏني، اڄ
جو،
ڪجهه
به آهيان
امڙ
جي دعائن
سان
آهيان، بابا
کان
پوءِ
پڙهڻ ڇڏي ڏنم ۽
ڪيترا سال
آئون
بغير تعليم
جي
رهيس، پر
اڳتي
هلي سوچيم
ته
تعليم لازمي
آهي
ته پوءِ
وري
ٻيهر
پڙهڻ شروع
ڪيم
۽
اڃان
تائين به
تعليم جاري
آهي
۽
نوڪري به
اٿم
۽
بابا جي
خواهش هئي
ته
مون کي اعليٰ
تعليم لاءِ
انگلنڊ موڪليندو،
پر
اها آس
سندس
پوري نه
ٿي،
سوچيندو آهيان
ته جيڪو
وقت
مون ايئن
بيڪار
وڃائيو، پر
جيڪڏهن پڙهڻ
۾
گذاريان هان،
ته
پڪ اڄ
انگلنڊ ۾ هجان
هان،
بهرحال بابي
جي
ان اڌوري
سپني
جي تڪميل
ڪرڻ
جي
خواهش آهي.
انشاءَ الله
ته
پوري
ڪندس، تعليم
مون
پنهنجي ڳوٺ (پير
جو ڳوٺ)
لڳ
نئين
ديري ۾ پوري
ڪئي،
باقي
انگريزي تعليم
نئين
ديري هاءِ
اسڪول ۾
ڪئي، ننڍپڻ
۾
هميشه بابا
مون
کي
پاڻ سان
گڏ
رکندو هو
۽
مون
سان هميشه
ڏاڍو
پيار
ڪندو
هو.
بابا
مون
کي
تعليم وڏين
وڏين
شخصيتن سان
ملايو ننڍپڻ
جا
رنگين پل
ذهن
۾
انڊلٺ جي
رنگن
جيان ڦري رهيا
آهن
۽
انهن کي وسارڻ
ڏاڍو
ڏکيو
آهي. |