ٽانگو
ٻاهر در
تي
اچي بيٺو
هو،
مان ۽
ڏاڏي
ٽانگي تي
چڙهي
اسٽيشن روانا
ٿياسين،
اسان
جيئن ئي
ريلوي اسٽيشن
تي
پهتاسين ته
ريل
به اچي
اسٽيشن تي
بيٺي
هئي.
ڏاڏي
مون کي
ٽڪيٽ وٺڻ
لاءِ
چيو، مان
ٽڪيٽ
وٺي،
ٻارن
لاءِ ورتل
ڪجهه شين
جي
هڙ ۽
ڪتابن جو
ٿيلهو
پٺارڪ تي
رکي
ڏاڏي
سان گڏ
ريل
۾
چڙهيس ريل
سيٽي
وڄائي ۽ هلڻ
لڳي.
ٻن-
اڍائي
ڪلاڪن
جي
سفر
کان، پوءِ
اسان
شهر واري
اسٽيشن تي
پهتاسين ۽ وري
ٽانگي
۾
سوار
ٿي
ڳوٺ
جي حد
۾
داخل
ٿياسون
ڳوٺ
جي
ٻارن مون
کي
ايندو
ڏسي،
ڊوڙي اچي
مون
سان مليا
۽
ڪجهه
ٻارن
پوئتي
ڊوڙي، پڦي
کي
اسان
جي اچڻ
جو
اطلاع
ڏنو، سا
به
پري کان تکيون
ٻرانگهون
ڀريندي
آئي
۽
ويجهي اچڻ
سان
جهڪي
ڏاڏيءَ جي
پيرن
تيهٿ رکيائين.
ڏاڏي
کيس
وڏي
ڄمار جي
دعا
ڪئي
۽
پوءِ پڦي
مون
کي
مٿي تي
هٿ
گهمائي، مون
کان
ڪتابن
جو
ٿيلهو
۽
هڙ ورتي
۽
سڌو
گهر آياسين.
ڏاڏي جي
اچڻ
جو
ٻڌي، سڄي
ڳوٺ
جون
مايون اٿلي
پيون
هيون،
ڪجهه
ڏينهن ته
راتين جون
راتيون
ڪچهريون
ٿينديون رهيون
پر
جنهن
ڳالهه جي
تجسس
مون کي ڳوٺ اچڻ
تي
مجبور ڪيو هو،
سا
ڳالهه
مون کي نظر
نه
آئي،
ڇاڪاڻ ته
ان
وچ ۾ ڪا به
چوريءَ جي
واردت نه
ٿي
هئي.
دراصل
چور،
هڪ نه
ٻئي
ڏينهن
پيا
لامارا هڻندا
هئا،
پر هاڻ
ماڻهو گهرن
۾
واري
تي جاڳندا
هئا.
هڪ
رات
جيئن
ڏاڏيءَ سان
گڏ
ڳوٺ
جون مايون
ڪچهري
ڪري
رهيون هيون
۽
مان
ڪتاب
جو مطالعو
ڪري
رهيو
هوس، ته
اوچتو چور
چور
جو آواز
ڪنن
تي
پيم.
ماين
جو
چوٻول به
بند
ٿي
ويو هو،
شايد
انهن به
چور
چور جو
آواز
ٻڌو
هو.
ان
وچ
۾
مون پڦي
کي
کٽ
تان
اٿندي ڏٺو هو.
مون
ڪتاب
تان نظرون
هٽائي
ڇڏيون هيون
۽
ڪنهن
اڻ
ڄاتل
واقعي جو
انتظار ڪرڻ لڳس.
دل
جي
ڌڙڪن تيز
ٿي
وئي
هئي.
خوف
۾
پنهنجي کٽ
ڇڏي،
ڏاڏيءَ جي
کٽ
تي
اچي ويٺس.
ڪجهه
وقت
کان
پوءِ پڦي
به
موٽي آئي
۽
اچي
منهنجي ڀر ۾ ويٺي.
اڃان
ويرم ئي
ڪا
نه
گذري هئي
ته
هڪ ٻي مائي
اچي
منهنجي کٽ جي
هيٺان لڪي.
سندس
مٿي تي
بجاءِ پوتيءَ
جي
معمولي قسم
جو
ٽوال
رکيل هو.
مون
کيس
ٽيڏيءَ
اک سان
چتائي ڏٺو.
منهنجي
مٿان
سڪتو طاري
ٿي
ويو
۽
مان آهستي
آهستي کٽ تان
اٿڻ
لڳس.
مون
کيس
سڃاڻي ورتو
هو.
هو
چور هو.
سندس
هڪ پاسي
واري
مڇ،
ٽوال سان
لڪائڻ جي
باوجود به
لڪي
نه سگهي
هئي.
مون
ڊوڙي
وڃي
پڦڙ کي اٿاريو،
جيڪو
پڻ سجاڳ
هو
۽
پوءِ ڳوٺ وارن
جي
مدد سان
کٽن
هيٺان لڪل
چور
پڪڙجي چڪو
هو
۽
ائين پوءِ
ان
پڪڙيل چور
پنهنجي باقي
ساٿين جي
نشاندهي ڪئي ۽ پوءِ
پوليس انهن
کي
به
گرفتار ڪيو.
ڳوٺ تان
چورن
جو ڏچو لهي
پيو
هو، پڦڙ
منهنجي سڄي
حقيقت
ٿاڻي جي
انچار کي
ٻڌائي ۽ انچار
مون
کي
رشڪ
ڀرين اکين
سان
ڏسندي،
مون کي پنهنجي
ڀر
۾
ويهاري شاباس
ڏني
۽
انعام ۾ سؤ
رپيا
به
ڏنائين.
اظهر
هيسباڻي
هنئين جا
هارڙا
گلن ڦلن جهڙا ٻارڙا،
منهنجي اکين جا تارڙا.
ڪري هلن سينگارڙا،
سر ۽ ساهه کان پيارڙا.
اکين جا سي آسرا،
جڏڙي جيءَ جا جيارڙا.
سندن ٻوليون ٻاتڙيون،
ٻولِن ٻول ٻاجهارڙا.
ويهي پنهنجو پاڻ ۾،
حال ونڊن ويچارڙا.
امڙ ابي جا آسرا،
امڙ ابي جا آسرا،
ڪوجها هجن توڙا ڪارڙا.
اکيون جنين جي آسري،
ڏسن ويٺيون چارڙا.
”اظهر“ دل کي وڻن پيا،
منهنجي هنئين جا هارڙا.
سنڌيڪار:
سليم
الطاف صديقي
ٽي
بيوقوف چور
ٽن احمق
ماڻهن، هڪ
منصوبو
ٺاهيو، ته
رات
جو خاموشي
سان
دڪان ۾ اندر
گهڙي
دڪان جي
مالڪ
کي
بيهوش ڪري سامان
کڻجي.
اهو
سوچي هو
دڪان
۾
اندر گهڙيا
۽
گهڙڻ
شرط انهن
مان
هڪ ڄڻي ڌڪ هڻي
دڪاندار کي بيهوش
ڪري
ڇڏيو.
انهن
جلدي ۾ هر
ڪا
شئي
کنئي
۽
هڪ وڏي
بيگ
۾
بند ڪري
ٻاهر بيٺل
پنهنجن گهوڙن
تي
چڙهي شهر
کان
ٻاهر
وڃڻ
لڳا.
هڪ
گراهڪ
دڪان ۾ اندر
آيو
ڏٺائين
ته دڪاندار
زخمي
ٿيو
پٽ تي
ڪري
پيو
آهي.
سو
جلدي
۾
ان کي اٿاريائين.
دڪاندار اٿڻ
سان
رڙيون ڪرڻ لڳو.
چور
مون کي ڦري ويا
آهن
منهنجي مدد
ڪريو.
اهو
آواز ٻڌي
ڪيترائي ماڻهو
گڏ
ٿي
ويا ۽ ڪي گهوڙن
تي
چڙهي ان
طرف
روانا ٿيا.
جيڏانهن
گهوڙن جا
پيرا
ويا ٿي ۽ چور
وري
جيترو گهوڙن
کي
ڊوڙائي
سگهيا ٿي اوترو
انهن
کي
ڊوڙائيس
رهياهئا ته
جيئن
جلد ۾ هو
جهنگ
۾
پهچي وڃن.
هڪ
چور جنهن
جي
گهوڙي تي
سامان جي
بيگ
هئي، ان
ڏٺو
ته
گهوڙو
ڊوڙي نه
ٿو
سگهي.
سو
جلدي
۾
اها بيگ
کڻي
رستي
جي پاسي
۾
اڇلايائين ۽ ٻين چورن
سان
جهنگ ۾ لڪي
ويو.
جيڪي
ماڻهو انهن
جي
پٺيان آيا
ٿي،
تن
رستي تي
بيگ
ڏسي
ڏاڍو
خوش ٿيا ۽ هڪ
ماڻهو بيگ
آڻي
دڪاندار کي ڏني جيڪو
ڏاڍو
خوش
ٿيو،
ڇو
ته هن
کي
سمورو سامان
واپس
مليو هو.
باقي
آيل
ماڻهو چورن
کي
ڳولهڻ
لڳا
چور جهنگ
۾
هڪ
گهاٽي وڻ
تي
چڙهي لڪي
ويا،
هڪ ماڻهو
جي
هڪ چور
تي
نظر پئجي
وئي
۽
رڙ
ڪيائين، ڀڄي اچو
چور
سوگهو آهي،
پوءِ
ان کي اچي
ٻڌائون،
وڻ
گهاٽا هئا
۽
ٻيا
چور
ڳولهي
نه سگهيا،
اونده به
ٿي
چڪي
هئي، سو
فيصلو
ڪيائون ته
واپس
هلجي.
اوچتو
هڪ
ماڻهو ڏٺو ته
چور
جا سمورا
ڪپڙا
ڳاڙها
لڳا
پيا آهن،
سو
ٻين
کي
چيائين، ڏسو ته
جيئرو به
آهي
يا نه؟
ڇو
ته
سڄي قميص
ڳاڙهي
لڳي
پئي اٿس.“
وڻ
تي لڪل
چورن
مان هڪ
رڙ
ڪئي
ته هن
کي
رس
ڀري
جي رس
(هڪ
فروٽ)
لڳي
آهي.
اهو
ٻڌي
انهن
ٻئي
چور کي به
پڪڙيو، شهرين
چيو
ته ماڻهو
ڳالهائي
ته
سٺو
ڳالهائي نه
ته
اصل نه
ڳالهائي،
اهو
ٻڌي
ٽئين
چور رڙ
ڪئي
مون
ڪون
ڳالهايو
تڏهن ته
ڪو
نه
پڪڙيو آهيان.“
اهو آواز
ٻڌي
هنن
ان کي به
پڪڙيو ۽ پوءِ
ٽنهي
بيوقوف چورن
کي
وٺي
شهر آيا
۽
اچي
جيل ۾ بند
ڪيائون،
ايئن
ٽئي
بيوقوف چور
پڪڙجي پيا.“
ترجمو:
منير
ڇڄڙو
هڪ
طوفاني رات
رات
اونداهي ۽ سردي
هئي
-صبح
سوير مينهن
وسڻ
شروع ٿي ويو
هو
۽
مسلسل
2
بجي
تائين وسندو
رهيو.
شهر
جي
هيٺياهين وارن
هنڌن
تي تمام
گھڻو
پاڻي جمع
ٿي
ويو
هو.
ان
ڪري ماڻهن
کي
اچڻ
وڃڻ ۾
ڏاڍي تڪليف
ٿي
رهي
هئي.
مينهن
سان
گڏوگڏ تيز
هوا
جا جھوٽا
به
لڳي رهيا
هئا،
ان ڪري تقريبن
اڌ
شهر جي
بجلي
بند ٿي ويئي
هئي
۽
گھرن ۾ ميڻ
بتيون ۽ لالٽين
ٻري
رهيا
هئا.
جن
جي
هلڪي ۽ دنڌلي
روشني ۾ گهر
وارا
پنهنجا ننڍا
ننڍا
ڪم
ڪري
رهيا هئا.
ان
رات پاسي
جي
هڪ ننڍي
گھر
جي اندر
راشد
دروازي وٽ
ڪرسي
وجھي
ويٺو هو
۽
هڪ
لالٽين سندس
ڀت
سان
لڙڪي رهي
هئي،
جنهنجي گھٽ
روشني
ڪمري جي
ڪجهه
حصي
تي پئجي
رهي
هئي.
راشد
هن
وقت نائين
جماعت جو
شاگرد هيو
۽
پنهنجي پوڙهي
ماءُ
سان گڏ
رهندو هو.
هن
جي ماءُ
محلي
جي ماڻهن
جا
ڪپڙا
سبي گهر
جو
خرچ پورو
ڪندو
هئي.
راشد
جو پي
گهڻو
اڳ فوت
ٿي
چڪو
هيو.
ان
وقت
راشد صرف
ستن
سالن جو
هيو
۽
ٻيو
درجو پڙهي
رهيو
هو.
هن
وقت
نوَ ٿي ويا
هئا،
ان جي
ماءُ
عام طرح
ڏهين
بجه
کان
پوءِ سمهندي
هئي.
مگر
اڄ
رات طبيعت
گھڻي
خراب هئڻ
ڪري
ساڍي
اٺين بجه
ئي
سمهي پيئي
هئي.
اگر
گهر
۾
بجلي جي
روشني هجي
ها،
ته راشد
پنهنجي عادت
مطابق ڪو نه
ڪو
ڪتاب
پڙهي
ها ۽ پڙهندي
پڙهندي ننڊ
پئجي
وڃي ها،
ليڪن
صحيح روشني
نه
هئڻ ڪري
ڪنهن
ڪتاب جو
مطالعو ڪرڻ مشڪل
هيو
۽
هن کي ننڊ
به
ڪو
نه پئي
اچي.
جنهن
ڪري
هو
ڪرسي
تي
ڪتابن ۽ دوستن
جي
باري ۾ سوچي
رهيو
هو.
هو
اهي
ئي
ڳالهيون سوچي
رهيو
هو، ته
هن
کي
هڪ واقعو
ياد
اچي ويو،
اهو
واقعو
ڪجهه سال
اڳ
پنهنجي ماءُ
هن
کي
ٻڌايو
هو.
ان
جي
ماءُ هن
کي
ٻڌايو
هو،
ته:
”هڪ
ٿڌي طوفاني
رات
جو بجلي
بند
ٿي
وئي، گهر
۾
ڪا
به
لالٽين وغيره
نه
هئي، جو
ان
کي
ٻاري
ماني وغيره
تيار
ڪري
وٺان ها،
اونداهي تمام
گهڻي
هئي، تون
پنهنجي ماسي
جي
گهر ويل
هئين
۽
گهر ۾
کائڻ جي
لاءِ
ماني جو
هڪ
سڪو ٽڪر به
ڪو
نه
هيو، مون
کي
کائن
کان
وڌيڪ
تنهنجي
ڳڻتي ستائي
رهي
هئي، متان
تون
مون کي پاڻ
وٽ
نه ڏسي روئي
رهيو
هجين، هڪ
دفعو
مان گهر
کان
ٻاهر
نڪرڻ
جي
ڪوشش ڪئي ۽ سوچيو
ته
تنهنجي ماسي
ڏي
وڃان، تو
کي
ڏسي
اچان
يا پاڻ
سان
گڏ وٺي
اچان.
جيئن
مون
پير دروازي
کان
ٻاهر
رکيو
ته منهنجو
سڄو
پير پنيءَ
تائين پاڻي
۾
اندر
هليو ويو،
ان
حالت ۾
ٻاهر وڃڻ
منهنجي لاءِ
ممڪن
نه هو
مان
ڏاڍو
پريشان ويٺي
هوس
ته دروازي
تي
کڙڪو
ٿيو،
مان جڏهن
اتي
ويس تي
ٻاهران
آواز
آيو ته:
”ڀيڻ
!منهنجي
هن وقت
تو
کي
ڪا
تڪليف ته
ناهي، ڪو ڪم ڪار هجي
ته
مان حاضر
آهيان.
مان
سخت
پريشان هيس
۽
ان
کي
چيم ته
”ادا
منهنجو پٽ
پنهنجي ماسيءَ
وٽ
نه ڄاڻ
ڪهڙي حال
۾
هوندو.
ان
جي
مون کي
ڏاڍي
ڳڻتي آهي.
ان
ماڻهو، مون
کان
منهنجي ڀيڻ جو
گهر
پڇيو ۽ هليو
ويو.
مان
ان
ماڻهوءَ جي
شل
به نه
ڏسي
سگهيس، لالٽين
ته
ان جي
هٿ
۾
ضرور هئي
مگر
ان جي
روشني زمين
تي
پئجي رهي
هئي.
اهو
اجنبي ماڻهو
هليو
ويو.
اڌ
ڪلاڪ کان پوءِ
ٻيهر
دروازي تي
کڙڪو
ٿيو،
مان
دروازي تي
ويس،
اهو ساڳيو
آواز
ٻڌڻ
۾
آيو، ان
ماڻهوءَ چيو
ته
”ڀيڻ!
تنهنجو
پٽ
پنهنجي ڀيڻ جي
گهر
گهري ننڊ
ستو
پيو آهي،
ان
جو ڪو به
فڪر
نه ڪر، لڳي
ٿو
ته
تون پنهنجي
کائڻ،
پيڻ
لاءِ ڪو انتظام
نه
ڪري
سگهين آهين،
ان
ڪري
مان
ڪجهه پاڻ
سان
آندو آهي،
۽
هي
لالٽين به
پاڻ
وٽ رکُ.
مان
پاڻ ئي
آسانيءَ سان
هليو
ويندس.
ايئن
چئي
ان اجنبي
اها
لالٽين به
دروازي تي
رکي
۽
ان سان
گڏ
رومان ۾ ٻڌل ڪا شيءِ
به
رکي
ڇڏي، پوءِ
به
مان ان
جي
شڪل نه
ڏٺم
۽
نه
وري اهو
پڇيم
ته:
”اي
منهنجا
پيارا
ڀاءُ تون
ڪير
آهين، ڪٿي رهندو
آهين
۽
توهان جي
لالٽين مان
توهان کي ڪٿي واپس
ڪريان؟“
اهو
واقعو هو
جيڪو
راشد کي ان
جي
ماءُ
ٻڌايو هو
۽
ان
رات جو
واقعو.
سمورو
هن
کي
ياد اچي
ويو.
دروازي
جي
ڀرسان
هن وقت
به
لالٽين ري
رهي
هئي ۽ ڪڪر تمام
زور
شور سان
گجي
رهيا هئا.
کنوڻ
جي
چمڪ سان
ڪمري
جي
سامهون واري
ڀت
هڪ
لمحي لاءِ
روشن
ٿي
پئي، راشد
سوچيو ته
”اُها
رات به
هڪ
اهڙي طوفاني
رات
هوندي ۽ جهڙي
طرح
مان جاڳي
رهيو
آهيان، ان
رات
امڙ به
ائين
ئي جاڳي
رهي
هوندي.
وري
هي
پنهنجو پاڻ
کي
چوي
ٿو
ته”
نه
هاڻ
ايئن نه
ٿيندو،
ڇاڪاڻ
جو
نه امڙ
بکي
سمهي پئي
آهي
۽
نه مان
ئي
بکيو ويهي
جاڳي
رهيو آهيان
۽
نه
وري ڪو فڪر
ئي
مون کي آهي.
ان
وقت هن
جي
نظر مٿي
کڄي
وئي
۽
هڪ ٻيو سوال
هن
جي ذهن
۾
اچي
ويو.
ڇا
هي اها
ئي
لالٽين آهي،
جيڪا
ان اجنبيءَ
منهنجي ماءُ
کي
ڏني
هئي؟
ٿي
سگهي ٿو، اها
ئي
هجي،
ڇاڪاڻ جو
منهنجي ماءُ
ان
جي
ڏاڍي حفاظت
ڪندي
آهي.
بجلي
جيڪڏهن هلي
ويندي آهي
ته
هوءَ ميڻ
بتي
ٻاري
ڪم
ڪار
ڪندي
آهي.
امڙ
اها
لالٽين عام
طرح
نه
ٻاريندي آهي،
ته
پوءِ اڄ
اها
لالٽين ڇو
ٻاريو اٿئين؟
راشد
پنهنجو پاڻ
کان
سوال
ڪي؟ |