سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1995ع

باب: --

صفحو :2

گُل ڦُل اپريل 1995ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

مون ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ لڪندي ۽ ڇپندي بورچيخاني ۾ اچي پهتس، دير ٿي وڃڻ ڪري، بک به ڏاڍي لڳي هئي، تنهن ڪري پيٽ ۾ ڪُوئا ڊوڙي رهيا هئا. سوچيم ته، اڄ ٺاهي ٺاهي نيرن ڪبي، پر بوريچخاني ۾ صفا ڀينگ لڳي پئي هئي، مان اديءَ کان نيرن جو پڇيو ته هن وراڻيو، مان تنهنجي نيرن بورچيخاني ۾ لڪائي رکي هئي، پر ماسيءَ مصيبت جي ماڪڙ اوچتو بورچيخاني تي ڪاهه ڪئي ۽ نه ڇڏيائون ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ.“

مان منهن ڀيلو ڪري بيهي رهيس، نڀاڳي لشڪر منهنجي ق تي به ڌاڙو هنيو هو. وَس پڄي ها ته ان کي ڪچو پٻاڙي ڇڏيا ها، پر زهر جو ڍُڪ ڀري ويهي رهيس.

اوچتو خيال آيو ته پنهنجي دوست اڪرم جي گهر وڃي کانئس نيرن ۽ منجهند ڪڍان. سو تڙ تڪڙ ۾ وهنجي، سهنجي امان کان موڪلائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ آيس، ماصي مصيبت ان مهل پاڙي ۾ ڪنهن ساهيڙيءَ سان ملڻ لاءِ ويل هئي، مان اما کان موڪلائي ڪمري مان ٻاهر پئي آيس ته ايتري ۾ ماسي مصيبت پنهنجي لسڪر سوڌو مارچ پاسٽ ڪندي نظر آئي. مون پاسو وٺي کسڪڻ چاهيو ته ماسي مصيب حڪم ڏنو  ”پُٽ راجوءَ ۽ گڊوءَ کي به ته ٻاهران وائلو ڪرائي اچ.“

مان مُنهن خراب ڪيو، نَڪ چٻو ڪيو ۽ ڏند ڪرٽيا، پر ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو، سو مجبور ٿي، راجوءَ ۽ گڊوءَ کي ساڻ ڪري اڪرم جي گهر هليو آيس، اڪرم وڏي پاٻوهه مان آڌ ڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ ئي ويهاريائين، راجو ۽ گدو ٻاهر نڪري ويا ۽ مان سوچڻ لڳس ته هاڻي دلجاءِ سان ماني کائبي.

ڌڙ...  ڌڙ ... ٺا .. ڍَم...  ٺا .. ٺا.“ اوچتو ڀرواري ڪمري ۾ ڌماڪا ٿي ويا.

اوهو ...! هي ڇا ٿي ويو....!؟

اڪرم جو وات پٽجي ويو ۽ سندس اکين ۾ ڪاوڙ ڀرجي آئي.

توهان کي اهو نه ٻڌائبو ته انهن ٻنهي ڇوڪرن ڪهڙو ڪيس ڪيو هو، مون کي ايڏو ته شرم ٿيو جو اڄ تائين اڪرم کي مُنهن به ڪونه ڏيکاريو اٿم.

عبدالقيوم اوڳاهي

 

شينهن ۽ ٻلي

 

شينهن، ٻلي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي، هڪ دفعي جيئن ئي گهر کان نڪتو ته هن کي پري کان هڪ ٻلي نظر آئي، جيئن ئي ٻلي جي وجهو آيو ته ڏٺائين ته شڪل ته مون جهڙي اٿس، پر قد تمام ننڍو اٿس ۽ شينهن جو ٻچو به نه آهي، هي پريشان ٿي ويو ۽ شينهن وري ٻلي ڏانهن وڌيو ۽ ٻلي به هن جي طرف اچڻ لڳي ۽ شينهن ٻلي کي پڇيو ته تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟ ٻلي هن کي عمر ڏهه سال ٻڌائي ۽ شينهن پريشان ٿي ويو، ۽ رڙ ڪندي پوءِ تنهنجو قد ننڍو آهي، آهين ته منهنجي مهانڊي.“

ٻلي: آءٌ انسانن جي ور چڙهي ويس، انهن منهنجي هي حالت ڪئي آهي.“

شينهن: ته ماسي هل آءُ ٿو تنهنجو پلاند وٺان.“

ٻلي شينهن کي تمام گهڻو سمجهايو ته: انسان ڏاڍا آهن، سو تون ضد تان لهي وڃ.“ شينهن چيو ته: آءٌ جهنگ جو بادشاهه آهيان، مون کان ڪوبه ڏاڍو نه آهي.“ نيٺ گهڻي دير کان پوءِ ٻئي انسانن ڏانهن هلي پيا.

هڪ ڪاٺير ڪاٺيون ڪري گهر وڃن لاءِ تيار ٿيو بيٺو هوته ٻلي هن ڏانهن اشارو ڪندي چيس ته: ”انسان اهو ٿئي.“ شينهن هڪل ڪندي چيو:خبردار! اڄ آءٌ توسان مقابلو ڪندس.“ ماڻهو ٻليءَ کي چيو ته: هن کي سمجهائين نه ٿي ته انسان شينهن کان ڏاڍو آهي.“

ٻلي چيو آءٌ گهڻو سمجهايو اٿمانس، پر مڙي ڪين ٿو.“

ماڻهو چيو ته:آ ءٌڪاٺيون گهر پهچائي اچان پوءِ آءٌ توسان مقابلو ڪريان ٿو، پر يار مون کي خطرو آهي متان تون ڀڄي وڃين.“

شينهن جواب ڏنو: ”آءٌ مقابلي لاءِ آيو آهيان، وري موٽي ڪيئن ويندس.“

ڪاٺير چيس،يار مون کي شڪ پوي ٿو، انهي ڪري آءٌ توکي ٻڌي پوءِ وڃان ٿو.“

شينهن هائو ڪئي، ڪاٺير ڪاٺيون رکي، هن شينهن کي چڱي طرح ٻڌي ڪري پنهنجي ڪاٺين مان ڪجهه ڏنڊا کڻي اچي جي شينهن کي ورتائين ته هوش کان ڪڍي ڇڏيائينس ۽ ڪاٺير ڪاٺيون مٿي رکي، هو، پنهنجي گهر طرف هلڻ کان اڳ ۾ چيو ته آءٌ ڪاٺيون پهچايو وري توکي مار ڪڍان ٿو.“

ٻلي شينهن ڏانهن منهن ڪري ويهي رهي ۽ شينهن مخاطب ٿي ٻلي کي چيو: ماسي جڏهن تو جيترو قد ٿي وڃي پوءِ ڀلا ڇڏيندو.؟ ٻلي هن کي رسي مان ڇوڙيو ۽ شينهن هليو ويو. وري انهي جهنگ ۾ به ڪڏهن شينهن نظر ڪونه آيو ۽ ڪنهن ٻئي طرف منهن ڪري ڀڄي ويو ۽ ٻلي پنهنجي رستي سان گهر هلي وئي.

سومرو عبداللطيف ”اُداسي“

 

قلم جي آتم ڪهاڻي

 

ٻارو! اوهان ڪهاڻيون ته ڪيتريون ئي پڙهيون ۽ ٻڌيون هونديون، بلڪ چڱي نموني ياد به ڪيون هونديون، پر منهنجي ڪهاڻي سڀن کان نياري آهي، منهنجو نالو قلم ئي آهي، مان لکڻ جي ڪم ئي ايندو آهيان، ملڪ جي هڪ ننڍڙي الف ب پڙهندڙ ٻار کان وٺي ويندي ملڪ جي سربراهه مملڪت تائين مون کي استعمال ڪندا آهن.

مان ڪا ذات پات، يا ڪو مت ڀيد وغيره نه رکان.

مون کي هر مذهب وارو استعمال ڪري سگهي ٿو. آءُ هر هڪ ماڻهوءَ کي روشنيءَ جي راهه ڏيکاريندو آهيان، وڏا وڏا قمڪار قانوندان، تاجر، صنعتڪار، اديب، محقق، شاعر، اُستاد، شاگرد بلڪ هر پڙهيل ماڻهوءَ جي قميص، ڪوٽ وغيره جي کيسي ۾ پيو ٺهان.

مون کي شاگرد پنهنج ڪتابن تان، بوڪن تي سبق لکندا آهن، اُستاد وري پنهنجي نوعيت سان استعمال ڪندا آهن. شاعر، اديب، ۽ محقق پنهنجون نيون تخليقون قلمبند ڪندا آهن، ۽ سائنسدان پنهنجون نيون سائنسي ايجادون شڪلن ذريعي ٺاهيندا آهن.

مون کي وڏا وڏا قانوندانن ۽ جج به استعمال ڪندا آهن، اگر منهنجي مدد سان جج صاحب هڪ مجرم لاءِ جيڪو ڪجهه لکندا آهن. اهو هڪ امر ٿي پوندو آهي، مجرم لاءِ سزا لکجي ويندي آهي ته، اُهو ڦاسي تي به چڙهي سگهي ٿو، ۽ منهنجي ذريعي جج صاحبان ڪنهن کي باعزت آزاد ڪرڻ لاءِ لکي ته، اُهو ماڻهو آزاد ٿي وڃي ٿو.

وڏي ڳالهه اها آهي ته اگر ملڪ جا حڪمران منهنجي مدد سان ڪجهه لکن ٿا ته، اها لکت حڪم جي حيثيت رکي ٿي. بلڪ وڏي ڳالهه ته منهنجي مدد سان عالم سڳورا مذهبي ڪتاب ۽ تفسير به لکندا آهن.

مطلب ته هن ملڪ جو ڪاروبار لکت ۾هلي ٿو، اُن کي منهنجي مدد سان محفوظ رکيو وڃي ٿو. آءُ وڏائي ڄاڻان ئي ڪونه.

جيڪو مون سان ناتو رکندو، آءُ ان کي علم جي روشنائي سان وڏي مان ۽ مرتبي تي پهچائيندو آهيان.

ٻارو اوهان منهنجي هن نصيحت کي ڌيان ۾ رکو! اُها نصيحت آهي علم پرائڻ ۽ ٻين کي علم پرائڻ جي راهه ڏسڻ.


 

ظهور احمد سولنگي

 

جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي

 

پيارا ٻارو! ڪنهن وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ سوداگر پنهنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانهين ڏيهه ڏانهن وڃي رهيو هو. هن جو ٻيڙو هر قسم جي سامان، جهڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمتي ڪپڙن وغيره سان ڀريل هو. وڏي ڳالهه ته هن سوداگر وٽ ناياب قسمن جي هيرن جي هڙ هئي، جيڪا هن کي پيٽ سان ٻڌل هئي، جيئن ڪو ڏسي ڦر نه  ڪري وڃي، ٻيڙو ڪيترائي ڏينهن هلندو رهيو، پر هنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور هئي. هو جڏهن ٿڪبا هئا ته، ڪنهن ٻيٽ تي لنگر هڻندا هئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا هئا.

خدا جي قدرت ڏسو، هڪ ڏينهن طوفان آيو ۽ ۽ ٻيرو هاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي هو. اوچتو ٻيڙو سمنڊ ۾ هڪ ٽڪر سان ٽڪرايو. ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، هر ڪو پنهنجي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به هڪ تختو هٿ اچي ويو. سوداگر کي هاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڌائڻ لڳو. آخرڪار ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، تختو اچي ڪناري سان لڳو. سوداگر خدا جو شڪر دا ڪيو، جنهن سندس جان بچائي هئي.

هاڻي سوداگر، هڪ طرف هلڻ لڳو، سندس هيرن جي هڙ ساڻ هئي، سوداگر کي ڏاڍي بک لڳي هئي، هو هڪ ڳوٺ وٽ اچي پهتو، جنهن جا باشندا قبائلي ها، هن هڪ هيرو هڙ مان ڪڍي هڪ شخص کي ڏيندي کاڌو گهريائين، اهو شخص اهڙو هيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ هن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين ۽ چيائين ته: اوهان پرديسي پيا ڏسجو، سو اسان وٽ اڄ رات رهي پؤ.“

رات ٿي سوداگر سمهي پيو، سوداگر کي پنهنجي هيرن جو ڏاڍو فڪر هو.

رات ٿي انهن ماڻهن جي نيت خراب ٿيڻ لڳي ته، ڇو نه سوداگر کي ماري سندس هيرن جي هڙ پنهنجي قبصي ۾ ڪريون. اڌ رات جو ڪجهه همراهه آيا، ۽ اچي هڪ ٻاري کن جي مفاصلي تي هڪ کڏ کوٽڻ شروع ڪيائون ٿوري آواز تي سوداگر جي اک کلي ۽ هن محسوس ڪيو، ته ڪجهه ماڻهو، هن لاءِ قبر کوٽِ رهيا آهن، هن پنهنجو بسترو ڇڏيو ۽ پري هليو ويو. خدا جي قدرت سان انهن ماڻهن جو جيڪي کڏ کوٽي رهيا هئا. هڪ همراهه ڪنهن ڪم سانگي ڀر واري ڳوٺ ڏانهن ويل هو۽ اتفاق سان ان وقت آيو، جنهن وقت همراهه کڏ کوٽي رهيا هئا. همراهه ڏاڍو ٿڪل هو سو اوطاق ۾ خالي بسترو ڏسي ليٽي پيو ۽ هن کي گهري ننڊ اچي ويئي. هوڏانهن هنن همراهن به کڏ کوٽي تيار ڪئي ۽ ڪهاڙيون کڻي اچي ستل همراهه کي (سوداگر سمجهي) اچي ڪهاڙين سان ورتائينس ۽ کيس ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي ڇڏيائون ۽ بستري سميت کڻي اچي کڏ  ڦٽو ڪيائونس.

اڙي هڙ ته کوليو هڪڙي شخص چيو کڻي جو پيٽ کي هٿ هڻن ته ان تي ڪا شيءِ ڪانه هئي، اڙي هڙ ڪيڏانهن ويئي تيلي ٻاري جو ڏسن ته اهو سوداگر نه پر سندن گهر جو ڀاتي هو، همراهن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڇا پيا ڪري سگهن.

ٻارو! سچ چيو اٿن ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.“


 

ڊاڪٽر منير احمد چنا

 

تر جي گٿي

 

اهو سومر جو ڏينهن هو، جڏهن بابا سرڪاري ڪم سان حيدرآباد ويل هو ۽ مان انهيءَ موقعي تي تاڙ ۾ هئس، منهنجي اها ڪوشش هئي ته بابا ڪيڏانهن ٻئي شهر وڃي ته جيئن مان موٽر سائيڪل سکي وٺان، ڇو جو بابا مون کي، اهو چئي، موٽر سائيڪل نه سيکاريندو هو ته: تون اڃا ننڍو آهين، جڏهن ميٽرڪ پاس ڪندين ته، پوءِ توکي سيکاريندس.“

ميٽرڪ پاس ڪرڻ ۾ اڃا پورا ٻه سال پيا هئا. بابا پوري هڪ هفتي لاءِ حيدرآباد ويل هو ۽ مون کي ڄڻ سونهري موقعو ملي ويو هجي. بابا جي وڃڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي صبح جو موٽر سائيڪل ڪڍي، اسٽارٽ ڪيم، جيئن ته مان سائيڪل سکيل هوس، ۽ موٽر سائيڪل جي گيرن ۽ ڪلچ وغيره جي پهريائين ڪجهه ڄاڻ هئي، موٽر سائيڪل ته ڪڪ سان چالو ٿي وئي. منهنجي دل به وڌي وئي ۽ خوشي ٿي، سنهين گهٽين ۽ رستن مان نڪرندو مين روڊ تي پهتس، موٽر سائيڪل ڄڻ هوائن سان ڳالهيون پئي ڪري، مون کي به ڏاڍو مزو پئي آيو. ويتر مان اسپيڊ ڏيندو رهيس ۽ منهنجي دل خوشيءَ ۾ جهومندي ۽ نچندي پئي رهي. مان پاڻ کي ان وقت انگريزي فلم جو هيرو مهسوس ڪري رهيو هوس، مان پنهنجي مستيءَ ۾ مگن، هوائن ۾ اڏرندو رهيس، ليڪن منهنجا حواس ان وقت خطا ٿي ويا، جڏهن مان تيزيءَ سان هڪ وڏي ٽريلر کي ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن اڃا، اڌ ٽريلر کي مس ڪراس ڪيو ته سامهون ايندڙ ڪوچ تي نظر پئي، جيڪا پري کان ئي بتيون ٻاريندي ۽ هارون وڄائيندي تيزيءَ سان اچي رهي هئي.

هاڻي مان ڇا ڪريان، يڪدم بنا سوچڻ سمجهڻ جي رفتار گاڏيءَ کي بريڪ هنيم ۽ پوءِ ته بس بريڪ لڳڻ سان ئي موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي ۽ ٽريلر جو پويون ڊبل ويل، منهنجي موٽرسائيڪل کي ڪچيندو اڳتي وڏي ويو ۽ نظرن جي اڳيان يڪدم غائب ٿي ويو، مون کي تمام گهڻا ڌڪا لڳا ۽ موٽر سائيڪل چڪنا چور ٿي ويئي.

منهنجي کاٻي ٽنگ ڀڄي پئي، رت وهندو رهيو، پنهنجي غلطي ۽ چوري موٽر سائيڪل کڻن تي پڇتائيندو رهيس ۽ روئيندو رهيس، ڀلا ان وقت ڪوئي اوهي واهي به ته ڪونه هو، ٻيو ته سواريون، بسون، ڪوچون ويگنون، ٽرڪ ۽ سوزوڪيون وينديون رهيون، ليڪن سڀ صرف منهنجو تماشو ڏسندا رهيا. ان وقت احساس ٿيو ته واقعي دنيا ته تماشائي آهي، جتي ڪير به ڪنهن جو ڪونهي، انهيءَ سوچ ۾ هئس ته پريان ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ هارياڻي جي مون تي نظر پئجي وئي ۽ هوءَ ڊوڙندي آئي ۽ اچڻ شرط ئي پنهنجي مٿي تي پاتل اجرڪ لاهي منهنجي رت کي صاف ڪيائين  ۽ پوءِ اهو اجرم منهنجي ڀڳل ٽنگ کي ويڙهي مضبوط ٻڌي ڇڏيو، ايتري ۾ ڪجهه ڳوٺاڻا به اچي پهتا ۽ پوءِ مون کي اسپتال ڏانهن کڻي ويا.

جتي هنن ڳوٺاڻن ڏاڍي جدوجهد ۽ جاکوڙ کان پوءِ منهنجو مڪمل علاج ڪرايو، رات ٿي وئي ۽ مان اسپتال ۾ ئي داخل رهيس ۽ پوءِ منهنجي گهر وارا به ڳوليندا اچي اسپتال پهتا. ڪنهن به مون کي ڪجهه به نه چيو ۽ دلداريون ۽ پيار ڪندا رهيا، ڳوٺاڻا اپس هليا ويا؛ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بابا آيو ۽ مان اڃا اسپتال ۾ هئس، جڏهن بابا اسپتال ۾ ملڻ آيو، تڏهن شرم ۽ پڇتاءُ جي ڪري، بابا سان اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي نه سگهيس، ان وقت احساس ٿيو ته، اسان جا وڏا، اسان جو هميشه ڀلو ئي سوچيندا آهن. انهن جي چوڻ ۽ حڪم ۾ اسان جي ڀلائي هوندي آهي، منهنجي ٻن زخمن کي ته روز ملم پٽي ٿيندي هئي، ليڪن ٽنگ تي ٽن مهينن لاءِ پلاسٽر چاڙهيو ويو هو. اهي ٽي مهينا گذرڻ کان پوءِ مان پهريون ڪم اهو ڪيو جو، بابا سان گڏجي بازار مان هالا جو مشهور اجرڪ خريد ڪيوسين. پوءِ ڳوٺ ۾ آياسي، ۽ ڳوٺاڻن اسان کي وڏو مان ڏنو، ۽ اها عورت به آئي، جنهن کي مون اجرڪ پارايو ۽ ۽ هوءَ مون کي دعائون ڏيڻ لڳي ته ابا شڪر ٿيو، تنهنجي حياتي بچي.“ اتان موڪلائي ڳوٺ آياسين، بابا خيرات ڪئي.

ان ڏينهن کان وٺي مون فيصلو ڪري ڇڏيو ته اڳتي ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندس، جنهن ۾ والدين جي مرضي شامل نه هوندي.

شفقت ”رانا“ کتري

 

ڪاش اهڙو قدم نه کڻان ها!!

 

اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ صابر نالي مالهي رهندو هو جيڪو غريب هوندو هو. هن جي شادي کي اٽڪل ويهه سال ٿيا هئا، ويهن سالن کان پوءِ هن کي هڪ پٽ ڄائو، ماءُ جو هي اڪيلو پٽ ڏاڍو دادلو هوندو هو. اها ڳالهه هن جي پيءُ کي ناپسند هئي، سوچيندو هو ته هن کي وڌيڪ پيار، وڌيڪ لاڏ هن کي کاري ڇڏيندو، پر ڪڇي به ڪونه ٿي سگهيو.

صابر چاهيندو هو تهآءٌ مالهي آهيان، پر منهنجو پٽ ڪو وڏو آفيسر ٿئي.“ اها آس دل ۾ رکي هن کي اسڪول موڪليندو هو. هي اسڪول نه ويندو هو، پر ڪڏهن هن جو پيءُ ڪم ڪرڻ ويندو هو،  تڏهن اچي گهر ۾ ويهي رهندو هو، يا وڃي ڪنهن راند روند ۾ لڳي ويندو هو.

هن جو پيءُ جڏهن ڪم کان ايندو هو، تڏهن هن کان پڇندو هو ته پٽ تون اسڪول ويو هئين.“  ته چوندو هو، ”ها، بابا ويو هوس.“

هن جو پيءُ پڙهيل ته ڪونه هو، تنهن ڪري هن کي پڙهائي به ڪونه ٿي سگهيو، يا هن جي پڙهڻ مان به ڪونه سمجهندو هو، ته هي صحيح پڙهي پيو يا غلط هن جو پٽ خرچ جام ڪندو هو. هن جي ماءُ وٽ جيڪي پئسا بچندا هئا،  سي هن کي خرچڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندي هئي، هن جو پيءُ محنت ڪري ڪمائيندو هو ۽ هي بي فڪر ٿي خرچ ڪندو هو .هڪ ڏينهن هن جي پٽ جو استاد هن سان مليو ۽ چيائين ته ڇا توهان پنهنجي ڇوڪري کي پڙهائڻ نٿا چاهيو! توهان جو ڇوڪرو گهڻن مهينن کان ڪونه ٿو اچي.“ صابر پنهنجي دل ۾ سوچي ورتو ۽ انهيءَ ڏينهن ڪم تي ڪونه ويو ۽ وري سڌو گهر آيو ۽ پنهنجي گهر واري کي چيائين: تو وارو ڇورو ڪڏانهن ويو آهي؟ هن جي زال جواب ڏنو ته: اسڪول ويو آهي، ٻيو ڪيڏانهن ويو هوندو؟ هن مالهي جي زال، پٽ کي کٽ هيٺ لڪائي ڇڏيو ۽  مالهي کي چيائين: ڪاوڙ گهٽ ڪر، الائجي ڪيئن، پني هڪ پٽ مليو آهي، تنهن کي به ماري ڇڏيندين ڇا؟!!“

مالهي چيو ته: هي اسڪول گهڻن مهينن کان ڪونه ويندو آهي.“ ائين چئي هيٺ کٽ تي جو نظر پيس ته کٽ هيٺ ويٺو آهي، صابر مالهي ڪاوڙ ۾ پٽ کي چيو: ڇورا نڪر ٻاهر هن جو پٽ ڊپ مان ٻاهر نڪتو ۽ هن پنهنجي پٽ کي چيو،ڇو اسڪول ڪونه ٿو وڃين.“ ڪاوڙ مان، صابر پنهنجي پٽ کي هڪ چماٽ هنئين ئي مس ته، ماءُ وچ ۾ اچي وئي ۽ چيائين، چريو ٿيو آهين ڇا! منهنجي هوندي تون منهنجي پٽ جو ساهه ڪڍي رهيو آهين، اگر اهو ڪم ڪندين ته آءُ پنهنجو پٽ وٺي هتان هلي وينديس.“

اهو ٻڌي صابر ڍرو ٿي ويو ۽ چيائين: ٻيهر اسڪول ويندو ڪر نه ته ماري ڇڏيندوسانءِ.“

پٽ ٻه ٽي ڏينهن اسڪول ويندو هو، پر پوءِ وڃڻ ڇڏي ڏنائين، پيءُ ويچارو پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ پٽ به جوان ٿي چڪو هو، مگر تعليم ته ڪونه حاصل ڪري سگهيو، جڏهن هن جي پٽ کي پئسن جي ضرورت پوندي هئي، تڏهن ماءُ کي چوندو هو ته پئسا ڏي، تڏهن هن جي ماءُ هن کي جيترا پئسا گڏ ٿيل هوندا هئا، سي ڏئي ڇڏيندي هئي. جنهن سان هو سگريٽ پيئڻ لڳو، جيڪا پئسن جي گهرج  هوندي ئي، سا اءُ هن جي ڪنهن به حالت ۾ پوري ڪري ڇڏيندي هئي. هن جو پيءُ اهو ڏک برداست ڪري نه سگهيو ۽ راحلت ڪري ويو.

هن جي پٽ کي ڪوبه هنر ڪونه ايندو هو، نه ٻيو ڪجهه، سواءِ نشي ڪرڻ جي پوءَ نشي پوري ڪرڻ لاءِ هن کي پنهنجي گهر وڪڻڻ جو خيال من ۾ آيو ۽ ماءُ کي چيائين: پاڻ هي گهر وڪڻي هلي ٻئي ڳوٺ رهون ٿا.“

جڏهن گهر وڪڻي ڇڏيائين، تڏهن اهي سڀ پئسا جوا ۽ ٻين نشن ۾ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ آخر ۾ هي رلندو وتندو هو ۽ هن جي ماءُ ٻين جي در تي ڌڪا کائيندي وتندي هئي ۽ چوندي وتندي هئيڪاش اهڙو قدم نه کڻان ها...“


 

قلب سومرو

 

ٻالڪ سکيا

 

ٻالڪ سکيا مان منهنجي مراد آهي، ته، ٻارن جي تربيت، هڪ تربيت آهي، جيڪا سندن گهر جي وڏڙن جهڙوڪ: پيءُ، ماءُ، چاچا، ماما، وڏا ڀيڻ ڀائر ۽ بزرگ وغيره ۽ اسڪول جا استاد ۽ پڻ پاڙي جا ماڻهو، پنهنجي سٺي ظرف جي وسيلي ڪندا آهن.

هي تربيت ۽ سکيا جون چند ٻيون ڳالهيون آهن، جيڪي ٻالڪن کي خود پڙهڻ ۽ سکڻ جون آهن ۽ پڻ عمل ڪرڻ جون به آهن، اهي وصفون، جيڪي هڪ ٻار کي سلڇڻو ٿيڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، سندس لاءِ ٻين جي دل ۾ سِڪَ ۽ محبت پيدا ڪن ٿيون ۽ ٻار کي وڏي ٿيڻ تي هڪ باوقار انسان بنائن ٿيون.

انهن مان پهرين وصف آهي ادب ڇو جو چوندا آهن تهباادب با نصيب ۽ بي ادب بي نصيب مطلب ته جنهن به ادب اخلاق جو رستو ورتو ۽ پنهنجن بزرگن کي مانُ ڏنو، تنهن کي منزل مقصود نصيب ٿي ۽ جن بي ادبي ڪئي ۽ پنهنجن ۽ پروان آڏو خراب روَيو رکيائون تن جا نصي کوٽا ٿيا، جيئن کوٽو سڪو ڪونه هلندو آهي، تيئن اهي به زندگيءَ جي سفر ۾ هلي نه سگهندا ۽ پٺتي رهجي ويندا، مطلب ته اهي منزل مقصود تي پهچڻ بجاءِ ڪنهن کاهيءَ ۾ وڃي ڪرندا.

ٻي وصف آهي محنت سياڻا چئي ويا آهن، ته محنت ۽ عظمت آهي واقعي ائين ئي آهي ته جو به محنت نٿو ڪري ۽ سُستي ۽ ڪاهلي کي دوست بڻائي ٿو ته ان جا هٿ هميشه خالي رهن ٿا، ۽ جيڪي محنت سان دوستي رکن ٿا، ڀرپور محنت ڪندا رهن ٿا، محنت کي مانُ ڏين ٿا، تن کي الله تعالى اُن جو اُجورو ڏئي ٿو ۽ اهي ائين خالي نٿا رهن ۽ انهن وٽ عزت، مانُ سِڪَ ۽ رزق رهي ٿو.

سو پيارا ٻارو! توهان کي گهرجي ته پنهنجن توڙي پراون جي بزرگن، وڏن، جي عزت ۽ احترام ڪريو، انهن سان اخلاق سان پيش اچو، اُٿي بيهي سندن استقبال ڪريو ۽ سندن چيو مڃيو، پاڻ جيترن سان سڪ محبت سان رهو ۽ ننڍن کي شفقت ڏيو.

هي ٽي ٻيون ڳالهيون آهن، جن جو توهان کي خاص خيال رکڻو آهي:

هڪ ته توهان ڪاوڙ نه ڪريو ڇو جو ڪاوڙ انسان لاءِ زهر مثل آهن، اها بيماري آهي، جيڪا اندر ئي انسان کي ڪوري ٿي، سو ٻارو اڪوڙ کي ضابطي ۾ رکو، ڇو جو ان مان صرف ۽ صرف پريشاني حاصل ٿئي ٿي.

ٻيو ته توهان پنهنجن خواهشن ۽ ضرورتن تي ڪنٽرول رکو ۽ انهن کي محدود دائري اندر رکو، ڇو جو اگر ڪا خواهش پوري نه ٿيندي ته ڏک ملندي آهي ۽ گهڻيون خواهشون گهڻا مسئلا پيدا ڪن ٿيون، ته توهان خوف تي ڪنٽرول ڪريو، بهادر ۽ صابر ٿيو، ڊڄو هرگز نه، هر جڳهه تي همت ۽ حوصلي کي ساڻ رکو ۽ ڀَوَ کي ويجهو اچڻ نه ڏيو، صرف ۽ صرف خدا پاڪ کان ڊڄڻ گهرجي. ڇو جو پوري ڪائنات جو خالق، مالڪ، رازق اُهوئي هڪ الله آهي، ۽ سندس عبادت ۽ هردم شڪرانا ادا ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي.

ريڊيا، ٽيليويزن، فلمون، کيل تماشا ۽ راند روند کي توهان تمام ٿورو وقت ڏيو ۽ گهڻو تڻو وقت توهان پنهنجي پڙهائي کي ڏيو ۽ خوب دل لڳائي محنت سان علم پرايو ۽ اڻٿڪ محنت جاري رکو، ڇو جو چوندا آهن ته محنت ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي سو متان اها ڪُنجي هٿا وڃائي اٿوَ، جيستائين ڪُنجي نه هوندي ته ڪُلف ڪيئن کلندو ۽ ڪاميابيءَ جو ڪُلف ته صرف محنت سان ٿو کلي.

پيارا ٻارؤ، محنت جي باري ۾ اسان جي مانَ واري نامياري سنڌ جي هڪ سدا حيات شاعر مرحوم استاد بخاريءَ جو هڪ شعر آهي ته

خلقت سُڏڪي گهرندي آهي

دولت، شهرت، عزت، عظمت

قدرت مُرڪي چوندي آهي

محنت، محنت، محنت محنت.“


 

تيجو رام سُوٽَهِڙَ

 

واڍو

 

ٻارو! اها چوڻي ضرور بڌي هوندي ته هنر بادشاهه آهي.“

يعني هنرمند ڪڏهن ۽ ڪٿي به بک ناهي مرندو. ڪاٺ جو ڪم ڪندڙ هنرمند ماڻهو ته اوهان ضرور ڏٺا هوندا، جن جي ڪري ئي اوهان جي گهرن ۾ ڪاٺ مان ٺهيل مختلف شيون گهر جي زينت بڻجن ٿيون، در، دريون، ڪٻٽ، ڪرسي، ميز، کٽ، پلنگ، سينگار دانيون، منجڻ، هر، پاڃاري، ۽ ٻيون بيشمار شيون انهيءَ هنرمند جي محنت جو نتيجو آهي، جنهن جي ڪري اسان جي زندگي سٺي ۽ فائديمند گذري پئي ۽ جيڪر اهو هنرمند نه هجي ها ته اسان لاءِ جيئڻ جنجال ٿي پوي ها.

انهيءَ هنرمند ک سولي سنڌيءَ ۾واڍو يا ڊکڻ پڻ سڏيندا آهن. واڍو ڪاٺ جي ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي اوزار استعمال ۾ آڻيندو آهي، تن ۾ رندو، ڪارائي، واهلو، ٿوڙي، رمبي، مرلائي، گرمٽ، پڪڙ، ۽ ٻيا ننڍا وڏا اوزار شامل هوندا آهن، انهن اوزارن وسيلي ڪاٺ چيري، وري جوڙي محنت سان تربيت ڏئي رنگ روغن ڏيئي بيشمار شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون، کيس پنهنجن اوزارن سان وڌيڪ پيار هوندو آهي، واڍو ڪم ڪرڻ کان پهريائين پنهنجن اوزارن کي روهي (پٿر) تي تيز ڪندو آهي ته جيئن اوزار ڪم ڪرڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهن. واڍي جو چئني پاسي وڏو مانُ مرتبو هوندو آهي، امير توڙي غريب، هاري، ناري هرهڪ سندس محتاج آهي، اڄ ڪلهه بجليءَ جي اوزارن اچڻ کان پوءِ واڍي جو ڪم تمام آسان ٿي پيو آهي. اڳ ۾ ڪاريگر ڪا شيءِ مهيني م تيار ڪندو هو، هاڻ ساڳئي شيءِ، هفتي اندر واڍو جديد اوزارن جي مدد سان تيار ڪريو ڇڏي!

سنڌ جا هندو واڍا جن کي سُوٽهڙ پڻ سڏيو ويندو آهي، سي واڍڪي ڪم ڪرڻ جا سنڌ ۾ پارکو سڏبا آهن. سُوٽهڙ سنڌ جي ٻن حصن ٿر ۽ ٿر کان ٻاهر پکڙيل آهن، سي ٿري ”سُوٽهڙ“ ۽ ”سنڌي سُوٽهڙ“ سڏبا وڃن ٿا. جيڪي ڪاٺ جو تمام بهترين ڪم ڪندا آهن ۽ هرهڪ سندن سلامي ڀريندو آهي.

واڍڪي ڪم ڪرڻ وارو هميشه چُست ۽ همت ڀريو لڳندو، جنهن جو ڪارڻ سندس پورهيو ۽ ورزش ڀريو ڌنڌو آهي.

واڍيءَ جو مانُ ۽ شانُ جو واحد سبب سندس هٿ جي محنت ۽ پورهيو آهي، پورهيت ۽ هنرمندن جو قدر ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، اسان کي پڻ اهڙو عظيم هنر سکڻ کپي ته جيئن اسان لا جيون گذارڻ سنهنجو ٿي پوي.

پيارا ساٿيو! جهڙي طرح واڍي جي معاشري ۾ وڏي عزت آهي، جيڪر، اسان به محنت سان ڪم ڪار ڪريون ۽ واندي ويهڻ کان ڪو هنر سکون ته هوند، اسين پڻ معاشري جا محنتي فرد ليکجنداسين ۽ هر هنڌ مان ملندو.


 

آزاد مير محمد ڪليري

 

پکين جو بادشاهه

عُقاب

 

پيارا ٻارو! جيئن ته هن سُهڻي مَن مُهڻي سنسار ڏانهن نظر ڪبي ته رب تعالى انسان جي راحت، وندر ۽ زندگي کي پُرسڪون بنائڻ لاءِ ڪيتريون ئي اَنيڪ شَيون خَلقيون آهن، ڪيترائي پکي آهن، جيڪي پنهنجي شڪل ۽ صورت  قدر و قيمت کان بلڪل مختلف آهن. ڪن کي ڪو اک کڻي به ٿو نهاري ته ڪن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو اوجهائيندا آهن، ۽ انهن کي پاڻ وٽ پالي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندا آهن، ۽ هر وقت انهن جو اونو رهندو اٿن ته ڪا تڪليف ته ڪانه پُهتن. اهڙن ئي قيمتن پکين مان عُقاب پڻ هڪ آهي. جنهن کيپکين جو بادشاهه پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ هي بهادري ۽ دليري جي نشاني سمجهيا وڃن ٿا. هن جي پَنجي ۾ چار آڱريون هونديون آهن، جن ۾ ٽي آڱريون اڳتي وڌيل هونديون آهن، ۽ هڪ آڱر پوئتي هوندي اٿس.

هن جا پنجا تمام مضبوط ۽ طاقتور ٿيندا آهن، انهن جي وسيلي عُقاب پنهنجي شڪار کي زخمي ڪري وجهندو آهي. ”عُقاب جي نظر تمام تيزي ٿيندي آهي. قُدرت واري جي هن تي خاص عنايت آهي ته هن جي نظر ايتري قدر تيز  آهي جو تقريباً 150 ڪلو ميٽر جي بلندي تان زمين تي ريڙهيون پائيندڙ نانگ يا ٻيا جانور آساني سان ڏسي سگهندو آهي، ۽ چند گهڙين ۾ ان کي پنهنجو شڪار ڪري وٺندو آهي. هن جي اڏامڻ جو انداز تمام شاندار ٿيندو آهي. عُقاب کي اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته هي پنهنجو ئي ڪيل شڪار کائيندو آهي.  ۽ مُردار اصل ڪين کائيندو آهي. ناهموار علائقن ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي، هي اڪثر ڪري اڪيلا يا جوڙيءَ ۾ الڳ گهر ٺاهي رهندا آهن ۽ ٻين کي اُتي اچڻ جي اجازت نه ڏيندا آهن.

عُقاب پنهنجو آکيرو پوري کان پري جبلن جي چوٽين يا پراڻن گُنبذن تي ٺاهيندو آهي، ۽ هر سال آنا به انهي ۾ لاهيندو آهي، ڪافي شوقين شڪاري هن کي سَهن ۽ هرڻن جي شڪار لاءِ استعمال ڪندا آهن.

آمريڪا” 20 جولاءِ1782ع ۾ هن جي نسل گنجي کي پنهنجو قومي نشان قرار ڏنو. انهي طريقي سان جرمني جي هٽلر هن کي پنهنجو قومي نشان قرار ڏنو، انهي طريقي سان جرمني جي هٽلر هن کي پنهنجو قومي نشان قرار ڏنو. هي دنيا جي تقريباً هر خطي ۾ ملن ٿا، هن وقت دنيا ۾ هنن جا تقريباً  40”چاليهه قسم موجود اهن، هن جو سونهري نسل تقريباً هر جڳهه تي موجود آهن. عُقاب آزادي پسند پکي آهي، ۽ ماڻهن کان پري ڀڄندو آهي. اگر ڪو هن سان پيار ڪري ٿو ته هي هن جو دوست بنجي سگهي ٿو.

هن جي شڪار بنجندڙن ۾ رڍ- ٻڪري سيهڙ-  هرڻ - ۽ ٻيا جانورن ۽ پکي اچي وڃن ٿا. هي ان وقت شڪار ڪندو آهي. جڏهن هي بُک محسوس ڪندو آهي، هن کي روزانو گهٽ ۾ گهٽ” 250 گرام گوشت جي ضرورت پوندي آهي. هن جي گهڻو وقت اُڏرندي گذرندو آهي، جنهن سبب هن جا پَر ۽ ٽنگون ٻين پکين کان وڌيڪ مضبوط هوندا آهن. هي عموماً ”30 کان 65 سال“ تائين زندهه رهي سگهندو آهي. خاص ڪريعرب هنن کي پالي شڪار ڪرائڻ سيکاريندا آهن ۽ هي تمام مهانگو وڪرو ٿيندو آهي.


 

محمد عارف ڪلادي

 

عجيب اتفاق

 

اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته آمريڪا جي صدر ابراهام لنڪن ۽ جان ڪينيڊي جي زندگي ۾ ڪيتري نه هڪجهڙائي هئي، اچو ته مان وهان کي ٻڌايان.

1- ابراهام لڪن 1840ع ۾ آمريڪا جو صدر بڻيو ۽ جان ڪينيڊي 1940ع ۾ آمريڪا جو صدر بڻيو.

2- لنڪن ڏاکڻين علائقي جو رهندڙ هو ۽ جان ڪينيڊي به ڏاکڻئي علائقي جو رهندڙ هو.

3- لنڪن ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ ڪينيڊي به ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان لاڳاپيل هو.

4- لنڪن سينيٽ جو رڪن رهي چڪو هو ۽ ڪينيڊي به سينيٽ جو رڪن رهي چڪو هو.

5- لنڪن جو قاتل ڏاکڻين علائقي جو رهندڙ هو ۽ ڪينيڊي جو قاتل به ڏاکڻين علائقي جي رهندڙ هو.

6- لنڪن حبشين جي شرهي حقن جو حامي هو ۽ جان ڪينيڊي به جبشين جي شهري حقن جو حامي هو.

7- لنڪن جو هڪ ٻار وائيٽ هائوس ۾ فوت ٿي ويو ۽ ڪينيڊي جو به هڪ ٻار وائيٽ هائوس ۾ فوت ٿي ويو هو.

8- لنڪن جو قاتل 1839ع ۾ ڄائو هو ۽ ڪينيڊي جو قاتل 1939ع ۾ ڄائو هو.

9- لنڪن جي قاتل کي ماڻهن فيصلي کان اڳ ماري ڇڏيو هو ۽ ڪينيڊي جي قاتل کي به ماڻهن فيصلو کان اڳ ماري ڇڏيو هو.

10- لنڪن کي جمع ڏينهن قتل ڪيو ويو هو ۽ ڪينيڊي کي به جمع ڏينهن قتل ڪيو ويو هو.

11- لنڪن جي سيڪريٽري جو نالو ڪينيڊي هو ۽ ڪينيڊي جي سيڪريٽري جو نالو لنڪن هو.

12- لنڪن کي پنهنجي سيڪريٽري ڪينيڊي، چيو تهسائين اڄ رات ٿيٽر ڏسڻ نه وڃو.“ (جتي هن کي قتل ڪيو ويو هو) ۽ ڪينيڊي کي پنهنجي سيڪريٽري لنڪن“ چيو تهسائين اڄ رات ٿيٽر ڏسڻ نه وڃو.“ جتي هن کي قتل ڪيو ويو هو.

گل ڦل قلمي دوستي

 

نالو: مهيش ڪمار، ڪلاس: ستون (بي)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: ڀون ڪريانه مرچنٽ گهارو.

نالو: اڪرام الله قريشي، ڪلاس: يارهون

وندر: ٽڪليون جمع ڪرڻ، عمر: 18 سال

ائڊريس: معرفت ابوبڪر لائبريري پوسٽ ٿريچاڻي، تعلقو پنو عاقل.

نالو: محمد عيسى ميمڻ، ڪلاس: پنجون

وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: سنڌ بوڪ اسٽور ڏوڪري.

نالو: ظهور احمد سولنگي، ڪلاس: يارهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت: عطاءَ الله درزي پوسٽ هنڱورجا ضلع خيرپور ميرس.

نالو: محمد سليم ملڪ، ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول گڻگي، ميرپور ماٿيلو.

نالو: نعمت الله ميمڻ، ڪلاس: اٺون

وندر: قرآن پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ (ن) ايس- ايم هاءِ اسڪول، ٽنڊوالهيار

نالو: نياز محمد پريو، ڪلاس: ڏهون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول سيتا روڊ، دادو.

نالو: آصف رضا کهاوڙ، ڪلاس: ٽيون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 10 سال

ائڊريس: سچل سرمست پبلڪ پرائمري ڪي جي اسڪول وارهه.

نالو: بابو ڪمار، ڪلاس: ڇهون (بي)

وندر: علم سان چاهه، عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪلوئي.

نالو: ڪرپال داس ساگر، ڪلاس: ڏهون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: هيمنداس پريمي ڪريانه مرچنٽ، ڊي ايس پي بنگلو شيدواڻي پاڙو عمرڪوٽ.

نالو: محمد سليم ڀٽو، ڪلاس: نائون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو.

نالو: نذير احمد مهڙ، ڪلاس: چوٿون

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ، عمر: 8 سال

ائڊريس: عظيم ڪالوني سڪرنڊ روڊ، نوابشاهه.

نالو: محمداقبال ڪلوئي، ڪلاس: ستون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: معرفت انور بُڪ اسٽور ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽو.

نالو: رفيق احمد ٻٻر، ڪلاس: ڏهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: آر آر آءِ ڪالوني ڏوڪري فارم، ڏوڪري.

نالو: محمد علي ڇٽو، ڪلاس: اٺون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 17 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول وارهه ضلعي لاڙڪاڻو.

نالو: اعجاز مير جتوئي، ڪلاس: اٺون

وندر: اسلام ڪتاب پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول گهمن آباد

پوسٽ ڪاري موري حيدرآباد.

نالو: نثار احمد مڱڻهار، ڪلاس: ڏهون

وندر: ٻاراڻا رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻيپور.

نالو: غلام حسين لغاري، ڪلاس: اٺون

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: معرفت شاهه ڪريم ڪتاب گهر پوسٽ شاهه ڪريم، تعلقو ٽنڊو محمد خان.

نالو: محمد بخش خاصخيلي، ڪلاس: ستون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: پوسٽ حاجي عبدالله شاهه بدين.

نالو: عزيز الرحمان، ڪلاس: اٺون.

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ سينٽ جوزف اسڪول لاڙڪاڻو.

نالو: اقبال امد ميمڻ، ڪلاس: نائون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول لڳ بس اسٽاپ.

نالو: پير محمد ملاح، ڪلاس: نائون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول تلهار

نالو: سرفراز احمد ڦلپوٽو، ڪلاس: نائون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو، ضلع لاڙڪاڻو.


 

 

کل ته سهي

 

* هڪ ماڻهوءَ جي مينهن چوري ٿي ويئي، هو ٿاڻي تي رپورٽ کلرائي آيو. هيڊ منشي کي رپورٽ هيٺين ريت لکرايائين.

رات جا ٻانهن ٿيا هئا، تارا ٽمڪي رهيا هئا، ڪتا ڀونڪي رهيا هئا، چور ڀت ٽپي مينهن ڪاهي ويا.

هيڊ منشي کي چيائين سائين ڇا لکيو؟

هيڊ منشي ٻڌايس: رات جا ٻارنهن وڄن پيا، تارا ڀونڪن پيا، ڪتا ٽمڪن پيا، چور مينهن ٽپي، ڀت ڪاهي ويا؟

فيادي رڙ ڪري چيو: اها به نه ملي.

غلام سرور جمالي، ميان جو ڳوٺ

* مڙس (ڪاوڙ ۾) زال کي چيو: آخر ڪيستائين تون منهنجن بليڊن سان ٻارن جون پينسلون ڇليندي رهندينءَ؟

زال جواب ۾ چيو: جيستائين تون منهنجي لپ اسٽڪ سان ٻارن جون ڪاپيون چيڪ ڪندو رهندين؟

راجا عبدالمجيد بوزدار، هاشم آباد

* هڪ ماڻهو، پنهنجي دوست کي هڪ دعوت نامو، هيٺين ريت موڪليو، منهنجي پٽ ٽماٽو پٽ پٽاٽو جي شادي لاهوري ڌيءَ پتائي گجر سان ڳوٺ گوبي ۾ ٿي رهي آهي، تاريخ ترڪڻي، مهينو گم سم.

آسائتو: پٽاٽوخان، آجيان ڪندڙ: گرم مصالحو خان.

هريش ڪمار راٺوڙ چيلهار.

* ٽي دوست ڪچهري ڪري رهيا هئا، هڪ چيو: يار منهنجي زال ٻه فرشتا ناول پڙهيو ته ان کي به پٽ ڄاوا.“ ٻئي چيو: ها منهنجي زال ناول ٽي فرشتا پڙهيو ته ان کي هڪ ڌيءَ ٻه پٽ ڄاوا.“

ٽئين دوست رڙ ڪري چيو: غضب ٿ ويو، رات منهنجي زال هڪ ناول علي بابا چاليهه چور پئي پڙهيو...!“

علي اصغر کوسو، ميهڙ

* هڪ همراهه ٿاڻي تي ويو. صوبيدار چيس: اوهان اسم گرامي ٻڌايو؟ همراهه وائڙو ٿي صوبيدار کي ڏسڻ لڳو. صوبيدار ڪاوڙ ۾ چيس: جلدي، اسم گرامي ٻڌاءِ، مون کي جاچ ۾ وڃڻو آهي.“

همراهه، معصوميت سان جواب ڏنو: سائين اسم گرامي ڪونه ٿو اچي، باقي درود شريف چئو ته ٻڌايانو.“

استاد (هڪ همراهه کي چيو) ”توهان جو پٽ اسڪول ۾ ڪمزور آهي، همراهه جواب ڏنو: سائين، گهر ۾ کير مکڻ جام آهي، پر پوءِ به الائي ڇو ڪمزور آهي، شايد ناناڻن تي ويو آهي، اهي به سڀ ڪمزور آهن.“

جمشيد علي ميمڻ، ماتلي.

* پيءُ (پٽ کي چيو) ”پٽ، وار، ڪوڙائي ڇڏ، ڇو ته وڏا وار رت پيئندا آهن.“

پٽ (پيءُ کي چيو) ”بابا، توهان جا وار اڇا آهن، ڇا اهي کير پيئندا آهن؟

سراج احمد شيخ، ڊرٻ مهر شاهه.

* استاد (هڪ شاگرد کان پڇيو) ”سج ۽ چنڊ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“

شاگرد چيو: سائين سج ڏينهن جو اڀرندو آهي ۽ چنڊ رات جو.“

امام علي ڪابورو دادو

* هڪ همراهه کان ڪنهن پڇيو، آسماني بجلي ۽ پاور هائوس ۾ ٺهندڙ بجلي ۾ ڪهڙو فرق آهي.

همراهه جواب ڏنو: آسماني بجلي مفت جي آهي ۽ هي بجلي پئسن جي آهي، آسماني بجلي جو بل ڪونه ايندو آهي، پر هن بجليءَ جو بل ايندو آهي.

راجا ڪريم داد، قاسم آباد.

خط

 

ادا سائين! آئون  گل ڦل رسالي جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، مگر خط پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان، اميد ته مانائتي موٽ ڏيندا. هينئر فيبروري وارو پرچو منهنجي هٿن ۾ آهي. مرحوم انور هالائي جي موت جو پڙهي تمام گهڻو ڏک ٿيو دعا آهي ته الله تعالى مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي. (آمين) ڪهاڻين ۾ آزادي ۽ ٻڌي، لالچ جو نتيجو، وفادار ڪتو، ڏاهو ڪاٺير ۽ هاٿي سائيڪل تي تمام گهڻو پسند آيون، سائنسي مضمونن ۾ بجلي، لهورايو بوزردار ۽ ٽامو بهترين لکڻيون هيون. مستقل سلسلن ۾ قلمي دوستي، کل ته سهي، رنگ ڀريو ۽ خالي ڀريو پنهنجو مٽ پاڻ هئا. باقي خط ته هميشه رسالي جي جان هئي ۽ خاص ڪري پڙهڻ جوڳا هئا. مان اوهان جي رسالي ۾ پهريون ڀيرو ڪجهه مواد اماڻي رهيو آهيان، انهيءَ اميد سان ته شايع ڪري همت افزائي ڪندا.

اوهانجو: راجا عبدالمجيد بوزدار

ڀاءُ فيبروري وارو گل ڦل مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، جنهن ۾ رمضان رحمت جو ڪَڪَرُ، آزادي ۽  ٻڌي، ڏاهو ڪاٺير، لالچ جو نتيجو، وفادار ڪتو، بکر جو قلعو، ڪڪڙ جي صلاح، هڙ ۾ مستقبل، ڪوڙ جي سزا ۽ سائين انور هالائي جو مضون 8=12x8 به پڙهيوسين، شاعري ۾ زاهد شيخ، خاموش موريجو، اياز پاٽولي، روشن ڪنڀر ۽ راهي چنا جي شاعري تمام گهڻو متاثر ڪيو. سلسلن ۾ خط، قلمي دوستي، خال ڀريو، رنگ ڀريو ۽ سلسلو کل ته سهي پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڀاءُ خال ڀريو رنگ ڀريو سلسلن ۾ جيڪي به ٻار حصو وٺن ٿا تن جا نالا ڏيندا ڪريو. رسالي ۾ سلسلا گهٽ آهن، انڪري سلسلا وڌ کان وڌ رکو.

اوهانجو: رجب علي ڪنڀر

ادا، آئون گل ڦل باقاعدگيءَ سان ڪتاب گهر تان خريد ڪري پڙهندو آهيان، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. انشاءَ الله سدائين گل ڦل جهڙا ڪتاب ڪڍندا رهو. ادا آئون هي ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪندا.

اوهانجو: اسحاق مهراڻ سجاولي

ادا، اميد ته خوشين سان خوشحال هوندا (آمين)

ڀائڙا! هر مهيني گل ڦل“ پڙهندو پيو اچان، مواد جي لحاظ کان ڦٽا ڦٽ اهي، اهڙي سُهڻي مواد سهيڙڻ تي مون پاران مبارڪون قبول ڪندا.

ٻيو ته خاص مبارڪ اوهان کي اها ته اوهان هاڻي باقاعدي پورين تاريخن تي گل ڦل ڪڍو ٿا، اها خاص مبارڪ قبول ڪندا.

سائين! توهان مان ننڍڙي ليکڪ کي جيڪو لکڻ تي اُتساهيو آهي، مان اُن لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان، توهان مون مسڪين کي به گل ڦل ۾ جاءِ ڏئي وڏو وَڙُ ڪيو اٿو. ان لاءِ ايترا ته لفظ نه آهن، جو ٿورو لاهيان، پر سائين جي هن بيت سان ڪجهه شڪريو بجاءِ آڻيان ٿو. ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا ڇاپي مهرباني ڪندا.

اوهانجو: ناز ڀٽو (نئون ديرو)

* ادا، مون پهريون دفعو گل ڦل ورتو، ڏاڍو پسند آيو مون ته خط موڪلڻ جو ارادو ڪيو فيبروري جو رسالو ڏاڍو پسند آيو، خاص ڪري رمضان رحمت جو ڪڪر، وفادار ڪتو، ڪڪڙ جي صلاح، ڪوڙ جي سزا، انمول موتي ۾ ٻارن جون فرمائشون ۽ پٿر هڻي ڇڏيائون ڏاڍا پسند آيا. ان کان سواءِ ناني جي پاروٿي ماني، خط، گل ڦل قلمي دوستي، کل ته سهي، رنگ ڀريو ۽ خال ڀريو تمام گهڻا پسند آيا. مون کي نه ڪهاڻي اچي ٿي نه وري بيت، تنهن لاءِ مون ارادو ڪيو تهگل ڦل ۾ شروعات گل ڦل قلمي دوستي سان ڪريان. خدا ڪري هي خط ردي جي ٽوڪري ۾ نه وڃي.

نعمان احمد، احمداڻي، سانگهڙ.

* ادا، آئون توهان جو رسالو گُل ڦل هر مهيني وٺي پڙهندو آهيان، پر توهان ڏانهن پهريون ڀيرو خط لکان پيو ٿو، اميد ته ضرور شامل ڪندا. ۽ مايوسي کان بچائيندا.

 ادا سائين ٻيو عرض ته گل ڦل رسالو اسان وٽ ڪافي دير سان پهچندو آهي سو ڇو ادا، مان جي ڪو مواد موڪليان ته رسالي ۾ شايع ڪندا يا نه.

گل ڦل رسالي ۾ مزاحيه شاعري به شامل ڪيو ته بهتر ٿيندو، باقي توهان جون من موهيندڙ ڪاوشون قابل تعريف آهن.

اوهانجو: صوفي غلام حيدر خاصخيلي.

* ادا، گل ڦل تمام وڻيو هي خط مان پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪري حوصله افائي ڪندا ته جيئن مان مسلسل خط توهان ڏانهن لکي سگهان، جيئن ته مان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو آهيان، انڪري مان هي سٺو رسالو گل ڦل خريد ڪرڻ لاءِ بوڪ اسٽال ويندو آهيان، مان هر مهيني گل ڦل جو تمام گهڻو انتظار  ڪندو آهيان، مان ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، اميد ته شايع ڪندا.

اوهانجو: عاشق علي ابڙو پنجو ديرو

* ادل، فيبروري جو گل ڦل ڪنوار جيان سينگار ڪري، ناز نخري ساڻ اسان جي هٿن تائين پهتو، دل ڌڙڪا ڪري نچڻ لڳي، جيئن ننڍڙو ٻار ٽافي ڏسي ٺينگ ٽپا ڏيندو آهي.

پنهنجو مواد نه ڏسي زندگي گاسليٽ ٿي وئي. بس تيلي ڏيڻ جي ضرورت هئي. آئون اهو بيان ڪرڻ نٿو چاهيان ته مون ڇا موڪليو؟ مهرباني ڪري منهنجو مواد ردي ۾ نه اڇلائجو نه ته آئون ٻارن وانگر روئي پوندس پوءِ مواد شايع ڪرڻ مان ڇا ملندو؟

اوهانجو: خادم“ ارباب کپرو.

* ادا، مون اوهان جو رسالو گل ڦل پڙهيو ڏاڍو پسند آيو، ادا مان پهريون ڀيرو خط لکي رهيو آهيان، اميد ته ضرور شايع ڪندا. ادا مون گهڻن رسالن ۾ پڙهيو آهي، ته وڏن وڏن ماهن جا قول آهن، ته شاعري ڪونهي ۽ جيڪڏهن شاعري آهي ته قول ڪونه آهن، اوهان جو رسالو به ائين آهي، ڏسو ائين اڌ ڇوڪرا خوش آهن، ته اڌ ڪونهن.

اوهانجو: وزير حسين لغاري، ڳوٺ، قاضي نور محمد لغاري.

* ادا، گل ڦل سٿ سمورن ٻالڪن کي عيدالفطر ۽ هولي جون واڌايون، فيبروري 1995ع وارو گل ڦل مليو، جنهن ۾ اڳوڻي گل ڦل جي ايڊيٽر انور هالائي جي اوچتي رحلت جو پڙهي ڏک ٿيو، اوهان پاران خاص ڀيٽا پسند آئي، انور هالائي صاحب جن جون سنڌي ساهت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه امر رهنديون.

هن پرچي ۾ حافظ عثمان، انور هالائي، زاهد شيخ، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، الطاف شيخ، الهورايو بوزدار، اسد الله منگي ۽ ٻين جون لکڻيون گل ڦل جي سندرتا (سونهن) آهن.

ڀاءُ اڪبر: گل ڦل کي مقرر تاريخ تي شايع ڪرڻ جا جاتن ڪريو ته سٺو منهنجا خط گل ڦل ۾ گهٽ ٿا شامل ڪريو. لڳي ٿو اوهان وٽ پراڻن پڙهندڙن جو ڪوبه قدر ناهي؟

اوهانجو: تيجوُ رام سُوٽَهڙِ، ميرواهه گورچاڻي

* ادا، فيبروري جي سوکڙي گل ڦل جي شڪل ۾ منهنجي هٿن ۾ آهي، مطالعو ڪرڻ کان بعد لکڻ تي مجبور ٿيس، اميد ته ٿڌي دل سان غور ڪندا.

ڪهاڻين ۾ سالگرهه جو تحفو، ڏاهو ڪاٺير، رمضان المبارڪ جي مهيني بابت ڄاڻ، بکر جو قلعو، وفادار ڪتو، ڪوڙ جي سزا تي لکڻي تمام گهڻي پسند آئي ۽ ٻيا سلسلا ۽ خط وغيره تمام سٺا هئا.

وڏن اديبن جون ڪهاڻيون شايع ڪريو ته بهتر ٿيندو، جڏهن ته گل ڦل رسالو ٻارڙن جو آهي، ۽ ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻارڙن جون تحريرون شامل ٿيڻ گهرجن، انهن ۾ لکڻ جو وڌيڪ شوق پيدا ٿئي.

اوهانجو: محمد يعقوب سنگهڙ پيرل ڳوٺ گهوٽڪي

* ادا، جيئن ته فيبروري وارو سمارو، اسان جي هٿن ۾ آهي، جنهن کي پڙهي دل کي ڏاڍي خوشي مهسوس ٿي، هن ڀيري جيڪي خاص ڪهاڻيون هيون، جن ۾ لالچ جو نتيجو ،وفادار ڪتو ڪڪڙ جي صلاح ۽ سالگرهه جو تحفو تمام بهترين هيون، شاعري ۾ راهي چنا، زاهد شيخ ۽ خير محمدخاموش موريجو پسند آئي، يعني سچو شمارو سونهري رنگن روپن سان ڀريل هو. اسان توهان کي هڪ عرض ڪنداسين ته آئينده لاءِ به هن شماري کي تمام سينگاري اسان ڏانهن موڪلجو.

اوهانجو حاڪم علي بروهي فريد آباد.

نتيجو رنگ ڀريو-17

 

هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا، سمورا چتر محترم طارق عالم ابڙ ڏٺا، پهريون نمبر آيو: صفدر علي ڀٽو معرفت: داتا ڪريانه مرچنٽ ملڪ محلو ڪنڌڪوٽ.

هن ڀاءَ کي رسالي گل ڦل جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

 

نتيجو خال ڀريو -17

 

هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا، هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا.

جواب (1) 1917ع (2) 1936ع (3) 1934ع (4) ڀوڄسنگهه (5) 14 مئي 1943ع.

1- شبير احمد چنا ڪلاس چٿون، پرائمري اسڪول ڪارياڻي ڀان سيد آباد.

2- علي مردان معرفت حاجي نصير احمد ڀٽو پوسٽ وسايو ڀٽو تعلقو رتوديرو

3- رابيل سولنگي پوسٽ بهادر ملان وايا محرابپور جنڪشن ضلع نوشهروفيروز.

هنن ڀائرن کي گل ڦل جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.

رنگ ڀريو- 19

 

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي اعزازي موڪلبي.

موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس

خال ڀريو-19

 

 هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح خال ڀري موڪليو، جن ٻارن جا سمورا جواب صحيح هوندا، انهن کي گل ڦل رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي.

1- حضرت عيسى عليہ السلام فلسطين جي علائقي ............. ۾ پيدا ٿيا هئا.

2- حصور جن سان، حضرت ابوبڪر صديق .............. غار ۾ گڏ هئا.

3- آمريڪا جو رهندڙ.............. چنڊ تي پهريون قدم رکندڙ پائليٽ آهي.

4- جمهوريه پلي جي دارالحڪومت جو نالو .............. آهي.

5- بريڊ فورڊ ................ ملڪ جو صنعتي شهر آهي.

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com